گودڙيءَ ۾ گوھر رکندڙ اسحاق مڱريو: فاروق سومرو
پندرنھن سال کن صحافت ڪندي اسحاق صاحب سان ڪڏھن بہ سڌيءَ ريت ڪم ڪرڻ جو موقعو نہ مليو، پر شناسائي ضرور رھي. جڏھن سنڌ ايڪسپريس جي ايڊيٽرشپ جي ذميواري ملي تہ اسحاق صاحب انھن ھڪ ٻن ماڻھن منجهان ھو، جن کي گڏ کڻي ٽيم ٺاھڻ جو سوچي چڪو ھئس. پوءِ ايئن ئي ٿيو تہ اسحاق سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ انھي نئين اخبار جو نيٽورڪ ٺاھڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اخبار جي جيڪا بہ ڪھاڻي آھي، انھي کان سڄي سنڌ نہ تہ بہ سنڌ ايڪسپريس جا ان وقت جا پڙھندڙ ۽ صحافت ۾ دلچسپي رکندڙ ضرور واقف ھوندا ۽ ان ۾ اسحاق صاحب جو وڏو ھٿ ھو. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ جڏھن بہ اسحاق صاحب کي ڪا اسائنمينٽ ڏيندو ھئس، پوءِ بي فڪر ٿي ويھي رھندو ھئس. ياد ڪرائڻ جي بہ ضرورت نہ هوندي ھئي. اسحاق صاحب پنھنجي صحافتي گودڙيءَ مان اھڙا گوھر ڪڍي زماني آڏو رکيا، جن جي پرک زماني کي نہ ھئي. پوءِ اھو سماجي اڳواڻ جمعو خان ٻٻر ھجي يا ڪاري کھي جا ملاح يا آرٽسٽ مانگي لال. سنڌ جو اھڙو ڪھڙو ھنڌ آھي، جنھن جو پنڌ ھن جي پيرن نہ ڪيو ھجي. اڄ بہ واھيءَ جا دوست شاھد آھن تہ اسحاق انھن ڪجهہ ماڻھن ۾ شامل ھو، جن واھيءَ کان گورک تائين پنڌ سفر ڪري انھي ھنڌ کي رپورٽ ڪيو ھو. ھن ھر پنڌ مان ھر ھنڌ جون اھڙيون ڪھاڻيون ڳولي آنديون، جيڪي روزاني ھر ماڻھوءَ جي اکين آڏو ھوندي بہ اوجهل ھونديون ھيون. جڏھن ھن جي قلم اُھي ڪھاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون تہ انھن ماڻھن کان بہ ڇرڪ نڪري ويندا ھئا، جيڪي انھي ڪھاڻيءَ جي چؤطرف ھوندا ھئا تہ ’مار؛ اسان تہ انھي اک سان نہ ڪڏھن ڏٺو ۽ نہ ذھن اھو سمجهيو، جيڪو اسحاق جي قلم ڏيکاريو ۽ سمجهايو. ‘ ھو نج نبار ۽ فطرت سان عشق رکندڙ صحافي ھو، تنھن ڪري ھن جي صحافت جا موضوع بہ دريا، ٻيلا، زراعت، جهنگلي جيوت ۽ مٽي ھاڻا ماڻھو ھوندا ھئا. ايئن بہ ناھي تہ ڪو سياست يا سماجيات تي ھن ڪم نہ ڪيو، پر ھن کي جيڪو مزو ۽ چس انھن شين کي رپورٽ ڪرڻ ۾ ايندو ھو، جيڪي فطرت جي ويجهو ۽ روايتي صحافت کان پري ھونديون ھيون.
ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اسحاق صاحب کي جڏھن ڪم ڪندي ڏسندو ھئس تہ مونکي ايئن لڳندو ھو، ڄڻ ڪو الھڙ عاشق پھريون دفعو محبوبا سان ملاقات لاءِ پنڌ پيو ھجي. بي ڊپو بہ اھڙو جو جڏھن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀڻ جي سلسلي ۾ تيزي آئي تہ اخبار طرفان ھڪڙي تفصيلي اسٽوريءَ جو سوچيوسين ۽ اسحاق صاحب اھو ڪم پنھنجي ھٿ کنيو. ’کنڀيل ڪارڪنن جو تعداد، ڪڏھن کان گم آھن، انھن جي خاندان جي ڪيفيت ۽ حالت، ڪھڙي نظريي سان لاڳاپيل آھن. ‘ اسٽوريءَ تي ڪم ڪندي شايد وڌيڪ ماڻھن جي خبر هئي، جيڪي گم ٿيل ھئا ۽ انھن جو ذڪر نہ ٿيڻ برابر ھو. مونکي چڱيءَ طرح تہ ياد ناھي، پر تقريبن پنجاھ کن سياسي ڪارڪن ھئا، جن کي کنڀيو ويو ھو. انھي کانپوءِ ڪجهہ دوستن گڏجي حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي ڪڍي ھئي، جنھن جي اڳواڻي جامي چانڊيو، مھيش ڪمار، امداد چانڊيو ۽ ٻين دوستن ڪئي ۽ تقريبن سڀني سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي ھئي.
اسحاق سائين سان ٻہ ڏهاڪا ايئن گذريا جيئن گهرڀاتي ھروقت گڏ ھجن. ھن سان تعلق رڳو صحافتي نہ ھو. گهر آمھون سامھون ھجڻ ڪري بہ ڏينھن رات گڏ رھياسين. خاندان توڙي سماجي خوشين کي ٻنھي خاندانن گڏجي انجواءِ بہ ڪيو تہ ڏکن ۾ ھڪٻئي کي آٿت ڏيڻ لاءِ ٻانھون کليل ھونديون ھيون.
جڏھن ڪجهہ سال اڳ اسحاق صاحب جو نوجوان پٽ گذاري ويو تہ انھي جي جنازي نماز ۾ وڃڻ وقت سوچڻ لڳس تہ ھڪ پيءُ کي نوجوان پٽ جي وفات تي ڪيئن ۽ ڇا تہ دلاسو ڏجي!انسان زماني جو ھر بار مسڪرائي پنھنجي ڪلھي تي کڻي سگهي ٿو، پر نوجوان پٽ جي مڙھ جو بار دنيا جي ھر بار کان ڳرو آھي ۽ انھي بار بہ شايد ھن کي جهوري وڌو ھو، پر دنيا کي لکا نہ ڏنائين ۽ اندر ئي اندر ڳرندو رھيو، جنھن جي خبر دنيا کي سندس موڪلاڻيءَ سان پئي. اسحاق صاحب پٽ جون تعزيتون وصول ڪري رھيو ھو. مونکي ڳالھائڻ ۽ آٿت ڏيڻ جي ھمت نہ پئي ٿي. ڪجهہ دوست آيا، دعا گهريائون ۽ اسحاق صاحب ان وقت ھڪ جملو چيو، جيڪو اسحاق صاحب جي ھن دنيا مان موڪلاڻيءَ بعد منھنجي ڪنن ۽ ذھن ۾ ٻري رھيو آھي. اسحاق صاحب چيو ھو تہ ’اولاد اکين جو ڍئو ھوندو آھي. ‘
(پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿيل)