آزاد ماڻھو، مڪمل ۽ منفرد صحافي: جامي چانڊيو
منھنجي اسحاق صاحب سان ملاقات 1992ع ۾ سانگهڙ ۾ ٿي، منھنجو سانگهر ۾ ڪامريڊ حسن عسڪري، حسن وساڻ، معصوم سانگهڙائي ۽ ٻين دوستن سان گهڻو تعلق هوندو هو.
92ع ۾ روس ٽٽي ويو هو، مون کي ياد آهي تہ سائين الھہ ورايو بھڻ سانگهڙ ۾، روس جي ٽٽڻ کان پوءِ شايد پھريون نھايت شاندار سيمينار ڪوٺايو هو، جيڪو سوشلزم جي مستقبل بابت هو. سائينءَ مون تي ذميواري رکي هئي تہ آئون پروفيسر فريد الدين شيخ، جيڪو فلسفي جو استاد هو، منھنجو بہ استاد هو، ۽ نھايت وڏو نالو هو، تہ ان کي پاڻ سان گڏ سانگهڙ وٺي اچان. پوءِ مان سائين فريد الدين شيخ صاحب کي پاڻ سان سانگهڙ وٺي ويو هوس، ان وقت مٺا خان مري بہ حيات هو، ان پروگرام ۾ ان بہ شرڪت ڪئي هئي. منھنجي سائين اسحاق مڱريو صاحب سان اتي ملاقات ٿي هئي، اڃان هو حيدرآباد لڏي ڪو نہ آيو هو. پوءِ ائين ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن موقعي تي ملاقات ٿي ويندي هئي. ۽ پوءِ پاڻ حيدرآباد لڏي آيو تہ حيدرآباد جي هڪ دنيا آهي، اسان سڀ ان جو حصو رهيا آهيون. ان ڪري ڪچھريون هميشہ قائم رهيون.
مان صرف ٻہ ڳالھيون ٿو ڪريان تہ ذاتي طور تي، جيئن توهان دوست چئي ويا آهيو تہ اسحاق صاحب ذاتي طور تي وڏو باڪردار، صاف شفاف، ارڏو ۽ بھادر انسان هو. هو سادن معاملن ۾ نھايت سادو ۽ ڏکين معاملن ۾ نھايت ڏکيو هو. هن سان اسان جا بحث ٿيندا هيا، ڪيترين ئي شين تي اختلاف ڪندا هياسين ۽ ڪيترين ئي شين تي ٻڌي ڪندا هياسين، هميشہ محبت جو تعلق ائين قائم رهيو.
هن کي ڪڏهن بہ ان ڳالھہ جي پرواھہ نہ هوندي هئي تہ ماڻھو هن سان متفق ٿيندا يا نہ. پر هو پنھنجي راءِ تي قائم رهندو هو. هو صاحبِ راءِ هيو، ان ڪري هو ڪڏهن بہ پنھنجي راءِ ڏيڻ حجاب نہ ڪندو هو. ۽ اها ئي هن جي حسناڪي هئي. صحافت ۾ جيئن دوست چئي ويا آهن تہ يقينن سنڌي صحافت ۾ تمام وڏا ڪردار رهيا آهن، پر اسحاق مڱريي کي هنن ٽن ڏهاڪن جي صحافت ۾ پنھنجي جدا حيثيت رهي آهي. ماحول هن جو خاص موضوع هو ۽ ماحول سان وابستہ جيڪا بہ زندگي ٿي سگهي ٿي؛ پاڻي ڍنڍون، درياءَ، پکي، مور، ٻيا جانور، جبل، جهنگ، ٿر، ڪارونجهر، اهي سڀئي هن جا موضوع هئا. هن پنھنجي سڃاڻپ حيدرآباد اچڻ کان اڳ، سانگهڙ ۾ رهڻ دوران ٺاهي ورتي هئي. جاڳو اخبار ۾ جيڪا هو رپورٽنگ ڪندو هو، ان ۾ لڳندو هو تہ هي ڪو مختلف ۽ منفرد ماڻھو آهي. حقيقت اها آهي تہ اسحاق مڱريو پنھنجي صحافتي ڪيريئر ۾ روزمرہ جي رپورٽنگ بہ ايمانداريءَ سان ڪئي، پر روزمرہ کان هٽي ڪري هن جيڪو ڪم ڪيو، جن موضوعن تي ڪيو، اهو نھايت شاندار رهيو. هن تي لکيل ليک شايع ڪرائڻ سٺي ڳالھہ آهي، پر هن کي اصل خراج پيش ڪرڻ اهو هوندو تہ هن جون جيڪي پنھنجون لکڻيون آهن، اهي فيچر ۽ چونڊ ڪالم گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا وڃن.
توقير چغتائي تمام مختصر، پر نھايت خوبصورت نظم اسحاق تي لکيو. ان جو لب و لباب اهو آهي تہ ’هو هڪڙو آزاد ماڻھو هو، آزاد سوچيندو هو، پل ۾ جيئندو هو. ۽ هن جي زندگيءَ جو انداز بہ اهڙو هو.‘
صحافت جي جيستائين ڳالھہ آهي تہ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ پروفيشنل صحافت دنيا ۾ مرندڙ جھان آهي، جيئن ڪيترائي شعبا اسان جي اکين اڳيان مرندا رهيا آهن، ائين صحافت بہ دنيا مان موڪلائي رهي آهي. ممڪن آهي تہ پنجويھہ ٽيھہ سالن بعد اهو سڀڪجهہ نہ هجي، جيڪو هاڻي باقي ڏسون ٿا، تہ اسحاق مڱريو ان حوالي سان صحافت جي ويندڙ دور جي آخري سپاهين منجهان هڪ ماڻھو هو، جيڪو پنھنجي زندگيءَ ۾ نج نبار ۽ مڪمل صحافي هو، ۽ ايماندار صحافي هو، يعني پنھنجي اسٽوريءَ تي گهربل پورهيو ڪندو هو. اسان شاهد آهيون تہ اسحاق پنھنجي دور جو نھايت منفرد ۽ مڪمل صحافي هو، ۽ هن ملڪ جي ۽ سنڌ جي انھن چند صحافين منجهان هڪ هو، جن جي وجود لاءِ توهان چئي سگهو ٿا تہ هي سچا پچا نب نبار صحافي هئا. هو خوش رهڻ وارو ماڻھو هو، 69 سالن جي عمر ۾ بہ هن آزاد ۽ باڪردار زندگي گذاري. اسان کي ان ڳالھہ جي وڏي خوشي آهي تہ هڪڙو آزاد ماڻھو هن ھہڙي سماج ۾ پنھنجي آزاد ۽ بامقصد حياتي گذاري، پنھنجو مدو پورو ڪري اسان کي يادون ڏئي ويو آهي.
(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)