شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

خلق جي ڄاڻڻ واري حق جو قلمبردار- اسحاق مڱريو: حسن مجتبيٰ

”واريءَ منجهہ وڃايا تنھنجا پيرا مون“…

اسحاق مڱريو، جڏهن بہ هن جو نالو منھنجي آڏو آيو تہ هن لاءِ ٽي لفظ منھنجي ذهن تي تري آيا، بي ڊپو، سچو ۽ تحقيقي. جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ شاھہ لطيف ڀٽائي سرڪار (مان رڳو سرڪار سائين کي ئي مڃان) جي سر رام ڪلي جي کاهوڙين کي کڻي ڳولبو تہ صحيح معنيٰ ۾ انھن ٿورڙن ڳاڻ ڳڻين انسانن ۾ جن جو ڳاڻيٽو سون ۾ هو، تن ۾ اسحاق مڱريو بہ هڪ هو. سچو پچو سيلاني مسافر، بي ريا ليکڪ سنڌ جو کاهوڙي صحافي. هو حر هو، هو نہ فقط پير پاڳاري جو حر هو پر هو دوستي ۾ بہ حر هو، محبت توڙي عاشقي ۾ بہ. صحافت بہ هو حر هو، آئون هن لاءِ مرد حُر تہ نہ چوندس جو عورتون بہ وڏيون حرياڻيون آهن، ڪي تاريخي ڪردار حرياڻيون اسحاق جي پنھنجي خاندان ۾ بہ هيون، جن ۾ سندس پڦي سان تہ اسان بہ مليا هئاسين. مرد حُر جھڙو عجيب ۽ فضول لفظ بس آصف زرداري ۽ کيس اهڙو لقب ڏيندڙ کي ئي سونھين ٿو.
مونکي ياد ناهي تہ اسحاق سان پھرين ملاقات ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي. جي وسري نہ ٿو تہ اها ملاقات بہ هن سان پھريون ڀيرو ڊاڪٽر کاٽائو ئي ڪرائي، ڊاڪٽر کاٽائو سڄي ملڪ جي سٺن ماڻھن کي ملائڻ ۾ هڪڙي پل آهي، ڊاڪٽر مبارڪ علي کان وٺي منھنجي دوست ۽ اڄ جي دور جي وڏي ليکڪ محمد حنيف تائين. سو مان ڀانيان ٿو تہ اسحاق سان منھنجي پھرين ملاقات تڏهن کان آهي، جڏهن هو اڃان صحافي نہ بڻيو هو. شايد سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ هو. عابد حسين منٽو ۽ سي آر اسلم واري. سانگهڙ جي ڪامريڊ حسن عسڪري واري پارٽي، مون لاءِ سانگهڙ معنيٰ اسحاق مڱريو.
سانگهڙ سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ڏاڍي پراڻي آ. ننڍي هوندي پنھنجي شھر کانپوءِ جيڪو پھريون شھر ڏٺو هو، اهو سانگهڙ هو. جتي مان پنجهٺ جي جنگ کان ڪجهہ سال پوءِ ويو هوس، جو اتي منھنجو چاچو نوڪري ڪندو هو، مان ۽ منھنجو سئوٽ اونھاري جي گرمين ۾ ويا هئاسين. انھن ڏينھن جي ئي منھنجي ننڍپڻ واري سانگهڙ جي يادگيري ۾ اتي جو عظيم هاري اڳواڻ ’قاضي فيض محمد‘ بہ آهي، جيڪو اتي نوابشاھہ مان ڪيس هلائڻ ايندو هو ۽ هن پنھنجي واڪس ويگن، واڪسي صابڻ داني ڪار ۾ اسان کي، معنيٰ منھنجي بابا، منھنجي سئوٽ ۽ مونکي ڳوٺ واپس وڃڻ لاءِ شھدادپور ريلوي اسٽيشن تائين لفٽ بہ ڏني هئي. مونکي قاضي فيض محمد جو وڪيلاڻو لباس ۽ نيري رنگ واري واڪسي ڪار اڄ بہ ياد آهي. هڪ عجيب دلبر درويش انسان هو.
اتي سانگهڙ ۾ منھنجي چاچي جي ڪٽنب جي سڪ واري دوستي هڪ حرياڻي ’امان جندو‘ سان ٿي هئي، جيڪا انگريزن خلاف حرن جي ويڙهاند، پير پاڳاري ۽ هن جي حرن ۽ حرياڻين جا قصا ٻڌائيندي هئي. پير پاڳاري لاءِ ڪافي ڏندڪٿائون اسان غير حرن ۾ هُليل هونديون هيون تہ هو برقعي يا پردي ۾ ٻاهر نڪرندو آ، ورلي ڪو حرن کي ديدار ڪرائيندو آ، پوءِ هن جي ديدار مھل حر عورتون پنھنجا ڳھہ ڳٺا ڏانھنس اڇلائينديون آهن.
حرن ۽ سندن پير بابت اهي ڏندڪٿائون يا حرياڻي امان جندو يا پوءِ گهڻن سالن پڄاڻان اچي اسحاق دور ڪيون ۽ مون ۽ منھنجي تڏهن ساٿي صحافي نفيسہ شاھہ پنھنجين اکين سان بہ حقيقتون ڏٺيون. جڏهن اسان (مان، نفيسہ شاه ۽ اسان جو دوست فوٽوگرافر جمشيد مسعود) اسحاق ساڻ گڏ هڪڙي ستاويھين رجبي حرن حرياڻين جي عيد تي پير ڳوٺ وياسين. تڏهن هاڻوڪي کان اڳئين لاجواب شخصيت پير پاڳاري سان بہ انٽرويو ڪيو هو سين.
ان ڏينھن اسان اسحاق سان سانگهڙ کان پيرڳوٺ ڏانھن جمڙائو ڏيئي نارا ويلي وايا چونڊڪو سفر ڪيو هو (اسان سان پيارو ڀڪشو يعني بخشڻ مھراڻوي بہ گڏ هو) انھي حر بيلٽ کان جتي رستي ۾ انھي ٿاڻي ۽ پوليس ڪئمپ بنگلي جا آثار بہ هئا، جتي حرن سندن مٿان ظلم ڪندڙ پوليس انسپيڪٽر غلام رسول شاھہ کي قتل ڪيو هو.
شام ناري جي واريءَ ۾ لھي رهي هئي. جيئن شيخ اياز چيو ’واري منجهہ وڃايا تنھنجا پيرا مون، شام لٿي آهي. ‘ ۽ اسان اتان ڊسمبر جي انھن آخري ڏهاڙن واري انھي شام لھندڙ سورج جو نظارو ڪري رهيا هئاسون. حرن تي انگريزن جي ظلم ۽ ان خلاف مزاحمت وارن کنڊرن واري ڊٺل ڏاڪڻ تان، مونکي اتي لھندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ۾ ناري ۾، ننڍپڻ ۾ سانگهڙ ۾ ملندڙ قاضي فيض محمد ياد آيو، جنھن پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ ۾ لکيو آهي تہ سيد غلام رسول شاھہ جو ساڻس ڏاڍو پيار هوندو هو.
جڏهن پير ڳوٺ پھتاسين تہ آڌي رات وهامي چڪي هئي، پر شھر ۾ ميلو لڳل هو، چنڊ رات وارو. مون اسحاق سان سنڌ ۾ ڪئين سفر ڪيا هئا. سندس گهر ڳوٺ سريوال کان وٺي جهمپير ۾ اعظم گوپانگ جي پڌر تي رات لڙي لھندڙ چانڊوڪين ۾ ڪچھرين کان وٺي خطرناڪ اسٽورين پويان عمرڪوٽ، ٺٽي تائين. هڪڙو ڀيرو هو مونکي سانگهڙ ۽ ميرپور خاص جي ان پٽيءَ ۾ اسٽوري ڪرڻ وٺي ويو هو، جتي وڏيرن هيٺ هارين جون بيگار ڪئمپون هيون. هن مون سان اتان جي ڪجهہ ماڻھن سان تعارف ڪرايو هو تہ هي هڪ اتر جو ننڍڙو زميندار آهي، جيڪو سندس زمينن تان ڀڄي آيل هارين جي ڳولا ۾ آيو آهي.
منھنجي شاديءَ کانپوءِ لاڏائو شڪاري قبيلي بابت اسٽوريءَ پويان سانگهڙ جي ميدانن ۾، جتي هڪڙي شڪاري عورت سان ملاقات ٿي. جيڪا پنھنجي گهر ۾ ئي ڀنگ پوکيندي هئي، هر سال لاهوت ويندي هئي، چرس پيئندي هئي ۽ ڏهاڙيءَ جي ڊائري بہ لکندي هئي. مونسان منھنجي جيون ساٿياڻي سيما بہ گڏ هئي، جنھن کي ڏسي هن چيو هو، ”توکي پٽ جو اولاد ٿيندو. “ ڪي مھينا پوءِ هن جي ڊاڪٽر بہ هن جي الٽرا سائونڊ رپورٽ کيس ڏيکاريندي اها ڳالھہ ٻڌائي هئي.
اسحاق پنھنجي دور جي انھن نوجوانن مان هو جيڪي نظرياتي توڻي افسانوي ادب جا پڙهندڙ هئا. هن ۽ هن جي سانگهڙ جي هڪڙي دوست جي جڏهن اڃان ڪالھوڪو سوويت يونين هو، سندن اسڪالرشپ ماسڪو جي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ٿي ويئي هئي. پر پوءِ ستت ئي اڳوڻو سوويت يونين يا عرف عام ۾ روس ٽُٽي ويو. روس ٽٽڻ کانپوءِ ڪئين سياسي بيروزگار ٿي ويا. پر ٻن قسمن جا نوجوان فارغ ٿيا، هڪڙا اهي جن اين جي اوز ڏانھن رخ ڪيو. ٻيا اهي جن صحافت ڏانھن. اسحاق شروعاتي طور صحافت ڏانھن. جي روس گهڻو پھرين ٽُٽي ها تہ اسحاق جھڙا سٺا صحافي اڃان پھرين سنڌي صحافت کي ملن ها. اڻويھہ سئو اسي جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ روسي مداخلت کان پھرين توڻي پوءِ اين جي اوز ملڪ پاڪستان ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھہ ۾ کلڻ شروع ٿيون هيون. منھنجو هڪڙو ڏاهو دوست اين جي اوز لاءِ تڏهن چوندو هو تہ اهي ٽين دنيا جي ذهين پر ڪنگلن نوجوانن کي امير ڪرڻ جو طريقو آهن.
اسحاق اين جي اوز کان بہ گهڻو اڳ ماحوليات ۽ ماحولياتي انصاف لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو علم پنھنجي سر کنيو هو. پوءِ اهو ٿر، توڙي سانگهڙ ۾ تلور جو شڪار هجي، يا هن ناري ۽ سامونڊي پٽيءَ ۾ عرب شڪارين جون سنڌ جي پکي پکڻ، ماڻھن توڙي وڻ ٽڻ سان ارھہ زورايون هجن تن خلاف هن اسحاق انگن اکرن ۽ دليلن سان آواز اٿاريو. سنڌ ۾ مادر فطرت جا هاڃا هجن يا ماڻھو جا هٿرادو، اسحاق انھن کي عام تائين پھچايو. هو سنڌي توڙي ملڪي صحافت ۾ آڱرين تي مس ڳڻڻ جيترن تحقيقاتي صحافين مان هڪ ناميارو صحافي هو. هن جي تحقيقاتي صحافت جو دائرو تہ ڏسو سنڌ ۾ پيار جي نشانيون موڪليندڙ عاشقن کان وٺي، موسمن جون اڳڪٿيون ڪندڙ لوڪ ڏاهن، ڌراڙن، پيروڍن، سنڌو ڊيلٽا جي تباهي کان وٺي ناري جي تباهي، چوٽياريون ڊيم ۾ ڪرپشن کان وٺي ايل بي او ڊي ڪرپشن کان وٺي افغانستان ۾ ڏوڏيءَ جي پوک، هيروئين جي فيڪٽرين تائين. پنھنجي هڪڙي اسٽوري ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي دهشتگردي ۾ گهربل اسامه بن لادن لاءِ هن قبائلي علائقي مان لکيو، ”هتي هڪ چوڻي مشھور آهي تہ هڪڙي عرب عيوض ويھہ ارب جو سودو ڪو مھانگو نہ آهي. “
اسحاق صحافت ۾ نہ ڪو رولاڪ هو، نہ ڪو سامي جوڳي، نہ وري ڪو مشنري هو، هو بنھہ ’عام جي ڄاڻڻ‘ واري حق جو قلمبردار صحافي هو. هو جڏهن اسٽوريءَ تي نڪرندو هو تہ پنھنجا نظريا عقيدا گهر رکي ايندو هو. قلم واري هٿيار کانپوءِ هن وٽ هڪ ٻيو هٿيار سندس سگهارو حس مزاح ۽ ٽھڪ هئا.
جڏهن مان خلق اخبار جو ايڊيٽر ٿيس تہ هو مون سان ملڻ آيو تہ مون کيس خلق ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هو ان ڪٽ جو حصو هو، جيڪا اسان اتي خلق ۾ ٺاهي هئي ’خلق انويسٽيگيشن ٽيم. ‘ اسحاق، مومن بلو، حسن درس ۽ عزيز جان بلوچ ڪٽ جي ٽيم جا ميمبر هئا. هونئن تہ ڪوبہ خلق جي عملي مان خبر جي تحقيقي نوعيت جي هجي مقامي نمائندن تہ ڇا خلق جي آفيس جي عملي مان ٽپ يا خبر ڪٽ ۾ ڏيئي سگهندو هو ۽ اسان انھن کي اڳتي رپورٽر بڻجڻ جي همت افزائي ڪندا هئاسين. ڪٽ جي خبر ڇنڊيل ڇاڻيل انتھائي تحقيق ٿيل، اخبار جي پھرين صفحي جي هيٺين اڌ تي تڏهن پنج ڪالمي لڳندي هئي. جيئن نفيسہ شاھہ نيوزلائين وارن ڏينھن لاءِ چيو تہ اتي مزو نوي سيڪڙو، گهٽ ڏھہ سيڪڙو هو، خلق ۾ پڻ اسان وٽ ڏينھن ۾ ائين هو.
اسحاق ’خلق‘ اخبار لاءِ ڪئين تحقيقي اسٽوريون ڪيون. انھن ۾ هڪڙي اسٽوري هن اڇڙي ٿر ۾ انڊيا کان هيروئين ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل جي اسمگلنگ بابت ڪئي هئي، جنھن کي مقامي اسمگلر ڪارو سون چوندا آهن. انھي ڪاري سون جي اسمگلنگ ۾ اڇڙي ٿر توڙي ملڪ جا ڪيترا با اثر شامل هئا. ان ڏينھن جڏهن اسحاق جي اها خبر ڇپي خلق اخبار هٿو هٿ وڪامي وئي هئي، جڏهن اخبار جون اتي ڪاپيون ختم ٿي ويون تہ اها خبر فوٽو ڪاپي ٿي وڪاڻي هئي. ڪيترن مقامي ماڻھن اهي فوٽو ڪاپيون بہ مھانگي اگهہ وڪيون هيون. ائين اسحاق سانگهڙ ۾ زميندار ’مريد حسين مري‘ جي هارين جي خانگي جيلن تي بہ اسٽوري ڪئي هئي، جنھن تي اسحاق کي ۽ شڪيل پٺاڻ کي قتل جون ڌمڪيون بہ مليون هيون. هن لال ڏني مڱريي جي قبضي ۾ قيد ڪيل هارين جي بازيابيءَ تي بہ اسٽوري ڪئي هئي. اسحاق اهو بہ ٻڌايو هو تہ لال مڱريي تي لال نالو ڪيئن پيو. اسحاق پاڻ سان گڏ تحقيقاتي رپورٽرن جي هڪ ٽيم تيار ڪئي، انھن ۾ عزيز جان بلوچ ۽ صادق ابڙو شامل هئا. افسوس سنڌ جا اهي اورچ انسان ۽ کاهوڙي صحافي هاڻ هن دنيا ۾ نہ آهن. نہ مومن بلي جھڙو سنڌ ۾ پنھنجي نسل جو بھترين دماغ آهي. اسحاق مڱريو انڊين آرٽ فلمن ۾ صحافين واري سندن ڪلھي لڙڪايل ٽوٽ بئگ کان بہ گهڻو اڳ اها بيگڙي کنئي هئي. منھنجي دوست اشفاق چواڻي ’گودڙي وارو... ‘
هو جيڪڏهن چاهي ها تہ هو بہ حر جماعت ۾ ڪيترن ٻين ماڻھن وانگر پنھنجو گهر ڀري پئي سگهيو. هو سانگهڙ جو هو، ڄام صادق علي جي سنڌ تي حڪومت مان هو ڪجهہ حاصل ڪري پئي سگهيو. پر هو سچ جو ساٿاري هو، ڄام جي اڻويھہ سئو نوي وارين چونڊن ۾ ڌانڌلين تي کيس بہ ڌمڪيون مليون هيون، شايد گرفتار بہ ٿيو هو. سانگهڙ جي هڪ دوست ٻڌايو تہ بابري مسجد واري واقعي وارن ڏينھن ۾ جڏهن سانگهڙ جھڙي شھر ۾ بہ هڪ ڀيرو ردعمل جي آڙ ۾ شھر ۾ هڪ ميڙ ۾، ابن شاھہ ٿيوري هيٺ سانحو ايوڌيا ڀارت ۾ ٿئي تہ ملبو سنڌ جي هندن تي ڪيرايو وڃي، جڏهن هڪڙو ڪٺ ملو اسٽيج تي چڙهي اهڙي چوچڙي دکائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ اسحاق وڃي اسٽيج تي کيس جهليو هو تہ ’ميان تعارف تہ ڪراءِ تہ تون آهين ڪير جو هن شھر جو سک سانت ڦٽائڻ نڪتو آهين. ‘
اهو مکي جو مور مري ويو. حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن واي پاڙي جي هڪڙي جاءِ ۾ رهندڙ اسحاق، امداد سومري، امر لغاري، سندس پيارن پٽن صالح ۽ حسن سان منھنجا جيڪي ڏينھن ۽ راتيون گذريا، جتي دلبر اي جي چانڊيو ۽ ارشاد لغاري بہ اڪثر اچي نڪرندا هئا. اتي اسان ڪيتريون راتيون ڪچھريون ۽ بحث ڪندي اڇا صبح ڪري ڇڏيا. ٻيو جيڪي سفر هن سان گڏ ڪيا هئا، مون لاءِ وڏي وٿ هئا.

(’پنھنجي اخبار‘ 26 جون 2024ع جي شماري ۾ شايع ٿيل)