شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

الوداع اسحاق مڱريو... ڪنھن پَر روئان پِرينءَ کي، روئي نہ ڄاڻان: مشتاق راڄپر

عيد جي ڏينھن سنڌي صحافت جي ماڻڪ موتي اسحاق مڱرئي جي وفات جي خبر ڏاڍي ڏکوئيندڙ ھئي. ھو ڪجهہ وقت کان بيمار ھو، پر مون سميت ڪافي دوستن کي اها خبر نہ ھئي. ان ڪري اسان ذھني طور ان حادثي لاءِ تيار نہ ھئاسين. ڪيتريون ئي موتمار بيماريون ڌرتيءَ کان پنھنجو صالح فرزند وقت کان اڳي کسيو وڃن.
اسحاق مڱريو صرف پيشي جي حساب سان صحافي ۽ ليکڪ نہ ھو، بلڪہ اھي ٻئي ڪم سندس زندگي ھئا، سندس سڃاڻپ ھئا. گڏوگڏ، جيئن ڪيترن ئي دوستن ھن لاءِ لکيو آهي تہ ھو ’سنڌي لوڪ ڏاھپ جو امين ۽ آواز ھو. ‘ ھو تمام سٺو ۽ صاف ڳالھائيندو ھو، ھو ھڪ ڄاڻو مقرر بہ ھو. منھنجو ساڻس ڏھاڪن جو تعلق رھيو، ھميشہ پنھنجائپ، احترام، صلاح مشوري، رھنمائي، ۽ دوستيءَ جو رشتو رھيو. مون سنڌ جي جن کاھوڙي صحافين جو دل سان احترام ڪيو، اسحاق مڱريو انھن منجهان ھو، ڇو تہ وٽس ڪردار ھو، ھن صحافت کي زندگيءَ جي قدرن جيان سمجهيو، ھن ان کي ڌنڌي ۽ ڪاروبار ۾ تبديل نہ ڪيو. ڇو تہ اسان جي سامھون ڪيترائي صحافي صحافت جي آڙ ۾ ڌنڌوڙي ٿي پيا، اخلاقيات ۽ صحافتي اصولن توڙي ايمانداريءَ کي پاسي تي رکي وڃي ٺيڪيدارين ۽ ڪاروبارن ۾ حصيدار بڻيا، جن لاءِ ’ڳاڙھي ٻوڙ ۽ ڀائرن جھڙو پوليس آفيسر توڙي وڏيرو‘ جھڙا دوستيءَ وارا جملا حوالا بڻجي استعمال ٿيا. اسحاق جھڙو لکندو ھو، اھڙو ئي مدلل انداز سان ڳالھائيندو ھو.
گذريل سال جڏھن مان سانا جو جنرل سيڪريٽري چونڊيس تہ فاروق سومري ۽ مھيش ڪمار کي چيم تہ، ”جي ھاڻي بہ سانا جي تقريبن ۾ اسحاق جھڙا ماڻھو نہ آيا تہ پوءِ ڪڏھن ايندا. “ ٻين لفظن ۾ چوڻ جو مطلب ھو تہ اسحاق جھڙا صحافي جيڪي نہ سفارشي آھن، نہ ئي پي آر ذريعي اڳتي وڌڻ جا جتن ڪن ٿا، اھڙن ماڻھن جي ڪمن جو ادراڪ جن کي ھوندو، سي ئي سندن قدر ڪندا، سندن پرک ڪندا. ان ئي خيال سان گذريل سال شڪاگو جي سانا ڪنوينشن ۾ کيس اسپيڪر طور دعوت ڏنيسون تہ ھو ’فلڊ ڊائريز‘ جي موضوع تي لکين ٻار، عورتون، ڄڻ تہ اڌ سنڌ روڊن تي ھئي، ڪئمپن ۾ ھئي، سا ڪھاڻي اچي پنھنجي زباني ٻڌائي، پر بدقسمتيءَ سان سندس ويزا دير سان اچڻ ڪري ھو شريڪ نہ ٿي سگهيو. اھا حسرت رھجي وئي تہ اسحاق، جنھن کي اسان سڀ پيار مان ’چاچو‘ چوندا ھئاسين، آمريڪا ياترا نہ ڪرائي سگهياسين.
منھنجي لاءِ ذاتي حوالي سان صحافتي ميدان ۾ پير پائڻ ۾ سندس بنيادي ھٿ ھو. 1990 جي ڏھاڪي ۾ جڏھن برسات اخبار شروع ٿي ھئي تہ چاچو اسحاق سانگهڙ پريس ڪلب ۾ نمائندن جي مقرري لاءِ انٽرويو ڪرڻ لاءِ آيل ھو، مون انٽرويو سان گڏ کيس ڪن ۾ سفارش ۽ ڌمڪي بہ ڏني تہ، ”استاد لکمير ڏاھريءَ موڪليو آهي. مونکي چيو اٿس تہ جي مشتاق کي نمائندو مقرر نہ ڪيئي تہ سانگهڙ اچي نہ سگهندين. “ استاد لکمير ڏاھري شاھپور چاڪر جي سرخن ڪامريڊن جو ڏاھو سرواڻ ھو، نوجوانن جي تربيت توڙي مالڪي ڪرڻ ھن لاءِ ايئن جيئن ڪو ماڻھو فصل جي حفاظت ڪري. سجاڳ ٻار تحريڪ جا سڀ ٻارڙا سائين لکمير لاءِ ڄڻ ڪنھن باغ جا گل ھئا، جن جي سنڀال سندس ڪم ھو. مان سوچيان ٿو تہ جي اسحاق مڱريو منھجي شوق جو قدر ڪندي ھڪ ننڍي شھر ۾ مونکي برسات جو نمائدو مقرر نہ ڪري ھا تہ شايد اڳتي ھلي سنڌي اخبارن سان ايئن جند نہ جڙي ھا. مان برسات اخبار جو نمائندو مقرر ٿيس شاھپور چاڪر ۾، چاچي جي ٿورن سان. گهڻن سالن بعد ڪراچيءَ ۾ برسات ۾ نوڪري دوران يوسف شاھين کي اھو قصو ٻڌايو ھيم، پر ظاھر آهي شاھين صاحب کي تہ ياد نہ ھوندو تہ وٽس ڪير ڪم ڪندو ھو.
گذريل سال سانا طرفان پھريون ڀيرو سورھيہ بادشاھ جي ياد ۾ سيشن ڪيوسين پئي تہ کوڙ نالا ذھن ۾ ھئا تہ مقررن ۾ ڪنھن کي سڏيون، جيڪي موضوع سان انصاف ڪري سگهن. انگلينڊ مان پروفيسر ڊاڪٽر سارہ انصاري، تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي هئا، اتي چاچي اسحاق جو خيال آيو، ڇو تہ سندس خاندان ان حر تحريڪ جو حصو ھو. پاڻ خوشيءَ سان ھا ڪيائين. سندس گفتگو حقيقي واقعن تي ٻڌل ھئي. ڳالھيون، واقعا، حوالا سڀ تاريخ جا اصلوڪا حوالا ھئا. مونکي خبر ھئي تہ اسحاق جڏھن پنھجي ھڪ اخباري ڪالم لاءِ تحقيق ۽ سڀ پاسا جاچي پوءِ لکندو ھو تہ ھن وڏي موضوع تي اسان کي مايوس نہ ڪندو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪچھرين سان گڏ ساڻس ٿر، مٺي، ننگر جو گڏ سفر ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو، جنھن ۾ ھڪ ٻيو مرحوم صحافي دوست جعفر ميمڻ پڻ گڏ ھو. ان سفر ۾ ڪارونجهر جبل جي چوٽيءَ تي ڪولھين جي ٻارن سان ڪچھريون بہ ڪيون سين.
چاچي اسحاق سان دل ۽ دماغ جو رشتو ھو. ھو ماڻھن کي پنھنجي ڪردار، ڪم، انداز بيان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لھجي سان پنھجو ڪندو ھو. ايڏيون مفصل، بامقصد ڪچھريون. سندس اوچتو لاڏاڻو اسان سڀني لاءِ ھڪ ڀيرو وري اھو پيغام ڇڏي ويو آهي تہ زندگيءَ جو سفر ختم ٿيڻو آھي، اھو جيڪو وقت آھي اسان پوئتي ڪھڙو ڪم، ڪردار ۽ ‘ميراث’ ڇڏي ٿا وڃون. توڻي جو ’ميراث‘ ڇڏي وڃڻ ھر ماڻھوءَ جي وس جي ڳالھ ناھي، پر اسان جو سنڌي سماج جنھن ڪردار جي اڻھوند جي بحران مان گذري رھيو آھي، اتي اسحاق جي صحافت ۽ زندگي اتساھہ ۽ حوصلي جو باعث ھئي.
اسان جيسين جيئرا آھيون، اسحاق مڱريو اسان جي زندگيءَ جو حصو رھندو، ڇاڪاڻ تہ ھو اسان جي شعور، ياداشت ۽ زندگيءَ جو حصو ھو. ھو اسان جي ذھنن تي ھڪڙا اڻ مٽجندڙ ٽھڪن جا پڙاڏا ڇڏي ويو آھي، جيڪي گونجندا رھندا ۽ سندس صحافتي ڪم، بقول امداد سومري (لاھور واري جي) تہ ھو صرف خبرون نہ ڳولي لھندو ھو، بلڪہ انھن مان ڪھاڻيون ڳولي کڻي ايندو ھو، سي ڪھاڻيون ۽ قصا سندس لکيل ڪالمن ذريعي موجود رھندا. سندس وفات سان ھڪ سڦل زندگي پڄاڻيءَ تي پھتي. الوداع چاچا اسحاق مڱريو. mush. rajpar@gmail. com
(پنھنجي اخبار۾ شايع ٿيل)