اسحاق جي انوکي ڳالھہ: ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو
سندس جنم ڏينھن تي هڪ دفعو مون کيس سندس پروفيشنلزم، همت ۽ بھادري تي هيٺين ڀيٽا پيش ڪئي ھئي. اڄ سندس وڇوڙي تي، کيس ساريندي پڙهندڙن اڳيان ان کي وري ٻيھر ورجايان ٿو.)
پنجويھہ سال کن اڳ لياقت علي خان جتوئي جي وڏ وزارت ٰ واري دور ۾ سندس مھربانيءَ سان مون کي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو. پاڪستان کي، تعليم جي ترقي لاءِ، دنيا جي امير ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن مان قرض ۽ امداد سولائي سان ۽ جلدي ملي ويندي آھي. سنڌ صوبي جي پرائمري تعليم جي ترقي، ڇوڪرين جي تعليم جو پراجيڪٽ، خواندگي شرح وڌائڻ، ڪتابن جي ڇپائي ۽ مفت ورهاست، اسڪولن جي سروي ۽ ايس ايم اي نمبر الاٽ ڪرڻ جھڙا پراجيڪٽ انھن مالياتي ادارن جي مدد ۽ قرض سان مڪمل ٿيا آھن.
انھن سالن ۾ سوويٽ يونين جو تازو خاتمو ٿيو هو، ترقي پسند نظريا ۽ آدرش وکرجي هوائن ۾ اڏامي چڪا هئا. پاڪستان جا سڀ انقلابي دوست جن انقلاب آڻڻ ۽ ايشيا کي سرخ بنائڻ جي لاءِ جدوجھد پئي ڪئي ۽ مختلف مورچن ۽ محاذن تان سامراج سان مھاڏو اٽڪايون پئي آيا، اوچتو ئي اوچتو سياسي بيروزگاريءَ جو شڪار ٿي ويا هئا. انھن ئي ڏينھن ۾ اسانجي ڪامريڊ لڏي جي ڪجهہ سڄاڻ ساٿين گڏجي هڪ روزاني اخبار ’سنڌ‘ جاري ڪئي هئي، جنھن ۾ اسانجو پيارو ساٿي ڊاڪٽر امداد چانڊيو بہ حال آھر شريڪ هو.
مان جڏهن ڊپٽي سيڪريٽري ٿيس تہ امداد صاحب اڪثر مون وٽ ڪراچي ايندو رهندو هو. امداد جي معرفت ارشاد گلاباڻيءَ سان محبت جو رشتو جڙيو. دودي چانڊيي سان ويجهڙائپ ۽ گھرائپ ٿي. جيڪي سنڌ سيڪريٽريٽ جو چڪر هڻڻ کان پوءِ اڪثر منھنجي آفيس ۾ اچي ٿڪ ڀڃيندا هئا.
مان شايد غلط هجان، پر منھنجو مشاهدو آھي تہ امداد چانڊيي کي جڏهن بہ ڪا سفارش ڪرڻي هوندي آھي يا ڳالھ چوڻي هوندي آھي تہ پھريان ان جو ٿلھ ٻڌندو آھي. مثال طور بوٽ نئون وٺڻو هوندس تہ پھريان توهان ڏانھن تڪي نھارڻ شروع ڪندو ۽ هڪ هٿ سان پادر کي پير مان گهرگهلو ڪندي، چوندو:
”ير ڳالھہ ٻڌ.“
موچڙي ۾ ھٿ ۽ زبان سان ڳالھ ٻڌ، جھڙو لائيو ايڪشن ڪنھن اوپري ماڻھوءَ کي في الحال ڊيڄاري وجهندو، پر امداد جي اهڙي منفرد عمل جو ڪلائيمڪس نئون جوتو وٺڻ جي تياري سمجهڻ گهرجي. پر ان لاءِ پھريان دوستن کي سندس پراڻي پادر جي تعريف ۽ تاريخ ٻڌڻي پوندي تہ هن اهو جوتو ڪڏهن، ڪيئن، ڪيترن پئسن ۾، ۽ ڪٿان خريد ڪيو هو. ”ير ڳالھ ٻڌ...“ کان پوءِ جوتو لاهي هٿ ۾ جهلي هينئن مخاطب ٿيندو:
”استاد! هي ڏس مون وارو بوٽ اصل نج چمڙي جو ٿئي. هليو بہ گهڻو آ. پالش بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪرائيندو هومانس، تڏهن بہ چمڪ ختم ڪانہ ٿيس. تازين برساتين جي بہ وڏي دٻ جهلي اٿائين، پر هاڻي جهونو ٿي ويو آ. دل چوي ٿي تہ اڃان هلايانس، پر تنھنجي ڀاڄائي ۽ ٻار زور ٿا ڀرن تہ نئون وٺجي. ڀلا تون صلاح ڏي. ٿي جائي بہ صفا جنھر ويو آ . هل تہ ڀلا تہ نئون وٺون، ٻيو ڇا ڪريون.“ ۽ آخر پوءِ نئون جوتو خريد ڪبو.
هڪ دفعو امداد چانڊيو مون وٽ سنڌ اخبار جي مالي خساري تي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ڪھي اچي نڪتو. مدد لاءِ ٿلھہ ٻڌندي ڏيڍ ڏينھن گذرڻ کان پوءِ اچي ان تي بيٺو تہ مان سرڪاري اشتھار ڏيارڻ لاءِ اخبار جي مدد ڪريان. امداد صاحب جڏهن پنھنجي ڳالھہ مون تي واضح ڪئي، تڏهن مونکي بہ ياد آيو تہ تعليم کاتي جو هڪ اشتھار ٻن ڏينھن کان پوءِ سيڪريٽري تعليم جي ايپروول لاءِ موڪلڻو آھي جيڪو ان وقت منھنجي ٽيبل تي پيل هو. اهو فائيل مون ڪالھہ کان تيار ڪري رکيو هو، جنھن جي امداد کي خبر ئي ڪانہ هئي. وڏي ڳالھ تہ ان فائيل ۾ سنڌ اخبار کي اشتھار ڏيڻ جي سفارش ٿيل بہ ڪا نہ هئي. امداد جي حڪم کان پوءِ مون ان ئي مھل سيڪشن آفيسر کي سڏي فائيل واپس ڪيو ۽ تيار ڪيل نوٽ ۾ سنڌ اخبار جو نالو شامل ڪري کڻي اچڻ لاءِ چيو. ٻئي ڏينھن فائيل سيڪريٽريءَ کان صحيح ٿي واپس پھتو، جنھن کي سيڪشن آفيسر ذريعي هٿوهٿ سيڪريٽريٽ جي بيرڪن ۾ قائم اطلاعات کاتي جي آفيس ۾ پھچرايم. اشتھار ڇپجڻ کان پوءِ سنڌ اخبار کي ساڍا ست لک مليا هئا.
هاڻي وري ٻيو فيز شروع ٿيڻ وڃي رهيو هو. ساڳي طريقي سان ساڳو فائيل سيڪريٽريءَ وٽ پھتو. سيڪريٽري ڀلو ماڻھو ھو. ڪڏهن تغلق هائوس واري آفيس ۾ رش ھجڻ سبب پنھنجي آفيس ڇڏي اسان ڏانھن اولڊ ڪي ڊي اي بلڊنگ واري پاسي هليو ايندو هو، جتي بہ هڪ ننڍڙي آفيس سندس لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، ڪجهہ اهم فائيل هُو اتي ويھي ڪڍندو هو.
اڄ انھيءَ آفيس ۾، اوچتو مونکي سڏايو هئائين. مان اندر داخل ٿيس تہ ويھڻ جو اشارو ڪيائين. مون ڏٺو تہ منھنجي نوٽ سان موڪليل اشتھارن وارو فائيل سندس اڳيان ٽيبل تي کليو پيو هو. سيڪريٽري مخاطب ٿيندي چيو تہ؛
”چانڊيا صاحب هن سنڌ اخبار جي ڪا ايڏي وڏي سرڪيوليشن تہ ڪانھي، ان کي ڇو ٿا ڏيو اشتھار؟“
منھنجي تصور ۾ امداد تري آيو. هيڏو وڏو ماڻھو. شاگرديءَ جي دور جو دوست ۽ پروفيشنل ڪليگ.
سيڪريٽري کي سڌو سادو جواب ڏنم تہ؛
”سائين سرڪيوليشن شايد گهٽ ھجيس، پر اخبار ڪڍندڙ سڀ وڏا ماڻھو آھن.“
”... ڪھڙا؟“ سيڪريٽري پڇيو...
”امداد چانڊيو، غلام رسول سھتو، غلام حسين شر، صالح بلُو.“
اڃا نالا کڻندو پيو وڃان تہ سيڪريٽريءَ ڳالھہ ڪاٽيندي پڇيو؛
”ڇا ڪندا آھن؟“
”سائين سڀ ڪامريڊ ھِن، ۽ قربانيون ڏيندڙ دوست. اسان کي ڪامريڊن جي مدد ضرور ڪرڻ گهرجي سر.“
مان يڪ ساهي چئي ويس. منھنجي ڳالھہ تي هو ٿورو مشڪيو ۽ پڇيائين.
”توهان جا دوست آھن تہ پوءِ انھن ۾ اسحاق مڱريو سڃاڻو.“
”نہ سائين، مان نہ سڃاڻان!
ڇو سر ان جو پڇو ٿا!؟“
”ادا انھي مڱرئي ۽ هن تنھنجي ڪامريڊن واري اخبار اسان جي لاءِ باھہ ٻاري ڏني ھئي. توهانجي جوائن ڪرڻ کان اڳ ۾ اسحاق مڱريو تعليم کاتي جي پراجيڪٽن خلاف ڏاڍو لکندو رهيو آھي. هاڻي تعليم کاتو انھيءَ اخبار کي اشتھار نہ ڏيندو. باقي ٻين اخبارن جا نالا مون منظور ڪيا آھن، جيڪي اوهان تجويز ڪيا آھن. فائيل کڻو ۽ اطلاعات وارن ڏانھن موڪلي ڏيو.“
مون ان وقت اها ماجرا فقط امداد کي ٻڌائي هئي ۽ اشتھار جو ٻيو فيز نہ ملڻ تي معذرت ڪئي هئي.
پر ان انوکي ڳالھہ مون وٽ اسحاق مڱرئي لاءِ دلي محبت، ادب ۽ احترام پيدا ڪيو هو، جيڪو عزت ۽ سچائيءَ سان صحافتي ۽ قلمي پورهيو ڪري رهيو هو. جنھن سان اڃا روبرو منھنجي ملاقات ڪانہ ٿي ھئي. اڄ سندس جنم ڏينھن تي هن يگاني دوست کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو.
(سوشل ميڊيا تان کنيل)