شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

اسحاق مڱريو ۽ سنڌي صحافت جو دور: الھبچايو راھوڪڙو

ھن دور کي صديون بہ نہ گذريون آهن جو ھن دور جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ تاريخ جي ڪتابن کي پڙهڻ جي تڪليف ڪجي. ھيءَ تہ ڪالھ جي ڳالھہ آهي، ڪيترن ئي حقيقي صحافين جي ذھنن تان اڃان ھٽي بہ نہ ھوندي، پر آئون سمجهان ٿو انھن مان جيڪي بہ اڄ لکي رھيا آهن، ان دور جي تسلسل ۽ انجي موٽي اچڻ جي اميد تي لکي رھيا آهن. تڏهن صحافت جي گاڏيءَ کي ويوئل جي جدت جي پوئين بتي اڃان نہ لڳي ھئي، جيڪا بريڪ تي ٻرندي آهي ۽ نہ ئي سوشل ميڊيا جي ڇتي گدڙ جو تصور ھو، جيڪو بگهڙن وانگر ڇتو ٿي باھوڙي رھيو آهي، پر ھي سنڌي صحافت جو اھو دور هو جڏهن ھي صوبيدار کي پٽ ڄمڻ وارين خبرن تي لت رکي آبجيڪٽو سوچ ۾ اڀري ھئي. ھن دور ۾ سنڌ ضياء جي ذليل گهڙين ۾ وقت گذاري گذاري ڏاڍو بور ٿي پئي ھئي. سنڌ چاھيو ٿي قلم کولي ۾ آريسر وانگر سگريٽ جو سوٽو ھڻي دونھن کي يا تہ نازيا حسن جي وارن وانگر سڌو ڇڏي يا تہ طالب المولي جي محبوب وانگر ڇلڙا ڇلڙي ڪري ڇڏي. تڏهن اسحاق مڱرئي کان وٺي رشيد راڄڙ تائين، فقير محمد لاشاري کان وٺي ارشاد گلاباڻيءَ تائين ٻين حقيقي قلم ڌڻين تائين سڀني سوچيو ٿي تہ ڪيئن بہ ھجي ڪھڙيون بہ حالتون ھجن، پر سنڌ جي درد جي سگريٽ کي تيلي ڏجي. ۽ پوءِ ھنن تيلي ڏئي لکيو. ھنن قلم کي ڪيمرا بڻائي لکيو، ھنن صحافت ۾ جدت آڻي ھن جي مدي خارج شڪل تبديل ڪري فيچر کي اسٽوريءَ جو نالو ڏئي، اسٽوري کي وري ڪالم ڪھاڻيءَ جي صورت ڏئي لکيو ۽ سنڌ ۾ پوليس اسٽيٽ بڻيل اجاراداري جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا. ھي سنڌي صحافت جو دور هو، جڏهن سنڌي ماڻھو دانھن ڪوڪ لاءِ پريس ڏانھن مائل ٿيا، جيڪي اڳي وڏيرن جي بنگلن تائين محدود ھئا. جڏهن سنڌي صحافت ان سھڻي دور جي درياءَ مان تري نڪتي تہ سنڌ جا ليکڪ بہ صحافت ڏانھن لڙي پيا. اسحاق مڱريو سميت سڀني قلم کي ڀالو بڻائي عطائي طاقتن جي سوئرن جا پيٽ چيريا. ان دور ۾ جڏهن سنڌ جي سٽينگ وزير اعلي ف م لاشاريءَ کي سوال پڇڻ دوران ماءُ تي گار ڏني تہ ھن ٻئي ڏينھن سندس اخبار ۾ ايڊيٽوريل جي عنوان ۾ وزير اعليٰ جو نالو کڻي لکيو تہ ”انھي جي“ ماءُ جو ڊيش ڊيش.
تڏهن ئي ھڪ تقرير دوران سياسي اديب عبدالواحد آريسر چيو هو تہ ”ھن وقت جيترو ننڍي شھر جو صحافي بھادر آهي ايترا بھادر اڳ پرڳڻن جا مھاراجا بہ نہ ھئا. “
سنڌ جي قلم جي جرئت جڏهن بيوروڪريسي ۽ ڀوتارن جي ديرن جون ٿوڻيون لوڏي ڇڏيون تہ ھنن بہ صحافت ۾ سيڙپ ڪرڻ شروع ڪئي. جنھن ڪري اڄ جيڪي عطائي ڊاڪٽر ۽ ڀوتارن جي واٺن جي کيپ سنڌي صحافت ۾ شامل ٿي وئي آهي، انھن ٻگهہ بڻجي صحافت جي ڪينجهر کي نہ رڳو ڪِنو ڪيو آهي، پر ھنن کي تہ خبر جي خبر ناهي. ھي پرائي لکيل خبر تي نالو لکي چينلن ڏانھن واٽسپ ڪن ٿا ۽ وزيرن جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪاٽن پائي چمچاگيريءَ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ھنن کي ڪھڙي خبر تہ ماحول ڇا آهي، مانڊاڻ ڇا آهي، وڻ ڇا آهن ولھار ڇا آهي، حر ڇا ھئا، سانگهڙ ڇا آھي، ان سانگهڙ جي نيري گگن تي وھائو تاري جھڙي مکي ڍنڍ ڇا آھي؟ ھنن کي اسٽوريءَ جي مائنر ۽ ميجر اشوز جي خبر ناهي. ھنن کي ڪھڙي خبر تہ نثار کوکر جي ڪالم ڪھاڻي ’سياست جي ڊسٽ بن ڇوڪري‘ جو پسمنظر ڇا آهي؟
اسحاق مڱريا تون رڳو نہ ويو آھين، پر سنڌ کان ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھاڻي بي داغ صحافت جو دور موڪلائي رھيو آهي.


(سوشل ميڊيا تان کنيل)