اسحاق مڱريو مون سان گڏ رهڻو آهي: راشد لغاري
اسحاق مڱريي جو من انھن ڏينھن اداس ٿي ويو هو، جن ڏينھن ۾ چار ماڻھن هن دنيا مان موڪلاڻي ڪئي هئي. پھرين سندس جوان پٽ اسان جو دوست حسن، پوءِ محمد علي شاھہ، جان خاصخيلي ۽ وري دادا علي بخش سندس هٿ مان هٿ ڇڏرائي جدائي ڪئي هئي. پوءِ آئون ۽ اسحاق سائين ڪي ٻن سالن کان رڳو هنن جون ئي ساروڻيون ۽ ڳالھيون ويٺا ڳائيندا هئاسين. اسحاق مڱريو سنڌي صحافت ۾ اصولن جا بنياد وجهندڙن مان هڪ هو. هن جي تربيت ۽ صحافتي اسڪول مان پڙهي نڪتل ماڻھن سچ بہ صحافت ئي ڪئي هئي. هو هڪ صحافي لاءِ فيلڊ ۾ هجڻ ۽ سرزمين تي پھچڻ لاءِ سدائين لاءِ زور ڀريندو هو. هن هڪ دفعي مونکي هڪ انگريز صحافيءَ جو قول ٻڌايو هو تہ ’صحافيءَ کي هميشہ اڳتي وڃڻ ئي گهرجي. ڀلي ڪجهہ نہ هجي، اڳيان کڻي ديوار ئي ڇو نہ هجي، اها بہ تہ ڏسي ايندو نہ. ‘ هن ڪوئٽا ۾ جڏهن هڪ اخبار لاءِ رپورٽنگ ڪئي هئي تہ ڪوئٽا جي صحافت جا قصا ڏاڍي دلچسپيءَ سان ٻڌائيندو هو. هن پاڪستان مان افغانستان جي شھر ڪابل ۽ ايران ۾ تهران شھر تائين صحافت جا ڪڻا ڏسڻ لاءِ سفر ڪيو هو. اسحاق سائين افغانستان ۾ ڏاج نہ هجڻ تي شادي لاءِ ننڍي ڄمار جي ڇوڪرين کي وڪرو ڪرڻ جا ڇرڪائيندڙ قصا بہ ٻڌائيندو هو. اڃان هتي انگريزن ميڊيائي ماڻھن ۽ اين جي اوز کي ايڪو سسٽم ۽ ماحوليات سمجهائڻ لاءِ سانباها پئي ڪيا تہ ان کان هڪ 2 ڏهاڪا اڳ اسحاق مڱريو ماحوليات تي دسترس رکي چڪو هو. ’ايل بي او ڊي‘ جي تباهڪارين کان وٺي منڇر ۽ ڪينجهر کي ميرو ڪرڻ سبب مڇين ۽ پکين جي ٿيل موت جو پھريون نوحو بہ اسحاق مڱريو لکيو هو. جڏهن سنڌ جي زمين فارمننگ لاءِ وقف ڪئي پئي وئي تہ اتي جي ماڻھن جي تڪليفن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ بدين تائين سفر بہ اسان گڏجي ڪيو هو. هو ڪارونجهر جي ڪترڻ تي جتي ڏکارو ٿيو هو تہ اتي نوابشاھہ ويجهو هارين جي قتل تي بہ اکيون آليون ڪرڻ سان گڏ قلم کڻي ديده دليريءَ سان لکيو هو. ماڙي جلباڻيءَ ۾ ڳوٺاڻن جي قتل واري واقعي کي بہ تفصيل سان رپورٽ اسحاق مڱريو ئي ڪيو هو. ٿرڪول منصوبي جي تباھہ ڪارين کي عالمي ميڊيا کي پھرين نقطو ٺاهي ڏيڻ وارن صحافين مان اسحاق مڱريو بہ هڪ هو. هو لوڪ ڏاهپ ۽ عام ماڻھن جون ڳالھيون سادي انداز ۾ بيان ڪندڙ پھريون سنڌي صحافي هو، جنھن کي ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو سوشل انٿراپالاجسٽ جو لقب ڏنو هو. اسحاق صاحب اخبار ۾ لکيل ليک ئي سمورو سچ سمجهندو هو. پوءِ چوندو هو جيڪو لکيو اهو لکجي ويو. ان لاءِ صحافي جيڪو مواد ڏين هزار بار ڏسي پوءِ ڏين.
هو جوڳين، سامين سان ملي جلي رهندڙ صحافي بہ هو. هو قاسم آباد ۾ جوڳين لاءِ وقف ڳوٺ ۽ زمين تي قبضو ٿي وڃڻ واري ڪھاڻيءَ کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهيو هو. اڄوڪي ڏينھن تي ڏهاڪو کن سالن کان آئون ۽ سائين اسحاق مڱريو حسن درس جون ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ورسي بہ ملھائيندا هئاسين. اسحاق سائين چوندو هو ”حسن درس جو ڏينھن هجي شينھن جو کير نہ هجي تہ پوءِ حسن درس کي ڪئين ياد ڪبو. “ اسان کي اڃان موئن جي دڙي واري گيسٽ هائوس تي رات رهي موئن جي دڙي تي تحقيق واري رهيل ڪم تي بہ اسٽوري ڪرڻي هئي. ڪراچيءَ ۾ مھراڻ شاھہ وٽ وڃي ڳوٺ ابراهيم حيدريءَ جي گهٽين کي ڏسڻ سان گڏ هوڙي ۾ ويھي سمنڊ جو سير بہ ڪرڻو هو. بس اهو ساٿ هٿ اڄ ڇڏرائجي ويو آهي. اسحاق سائين موڪلايو ناهي. اهو مونسان گڏ رهڻو آهي.
(سنڌ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيل)