اداري پاران
الحمد لله رب العالمين والصلوٰة والسلام عليٰ رسوله الکريم و عليٰ اٰلهٖٖ و اصحابه اجمعين والعاقبة اللمتقين. امام بعد
مسلمان أمت وڏي خوشقسمت ۽ ڀاڳن واري آهي جو وٽن الله تعاليٰ جو ڪلام ۽ ٻنهي جهانن جو وسيلو پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود آهي. انهن آيتن، اچارن ۽ لهجي ۽ قرات ۾ پوري طرح محفوظ آهي. ٻئي پاسي ڏسجي تہ افسوس ٿئي ٿو جو امت محمدي ۾ ناظرہ پڙهيل بہ پنجاهه سيڪڙي کان وڌ ناهن. وري قرآن مجيد جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهڻ وارا تہ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ئي آهن. ۽ وري قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ جي لحاظ سان ڏسجي تہ اڃان ٿورا بلڪ تمام ٿورڙائي آهن.
قرآن شريف پنهنجي باري واضح فرمايو. وَ لَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۰۰(القمر 54:17) بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ تمام سولو ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.
اهوئي ڪارڻ آهي جو قرآن پڙهڻ، سمجهڻ، ان ۾ غور فڪر ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ان جي تعليم کي ٻين تائين پهچائڻ جي ترغيب ڏيارڻ ۽ تبليغ لاءِ چيو ويو. ان مقصد لاءِ روزانو تلاوت ڪرڻ، معنيٰ ۽ ترجمو پڙهڻ لاءِ ترغيب ڏنل آهي.
رمضان المبارڪ قرآن مجيد جو مهينو آهي جنهن لاءِ نبي اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو: جنهن شخص رمضان جي راتين ۾ قرآن ٻڌو تہ ان جا گناهه بخشيا ويندا. وري ارشاد آهي تہ قرآن مجيد قيامت جي ڏينهن پنهنجي پڙهندڙ لاءِ الله تعاليٰ وٽ شفاعت ڪندو ۽ اها شفاعت قبول پوندي.
رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مهينن کان وڌيڪ ٿي پئي.
اسلامي ڀائرو! الله تعاليٰ هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي. ڏينهن جا روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون.
تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ اسان جي نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. وري غزالي اڪيڊمي کي اها توفيق ملي جو ڇپرائي پڌرو ڪري ۽ توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو.
اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.
والسلام
توهان جو ديني ڀاءُ
امير الدين مهر