ڏهين تراويح
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
اڄ جو بيان ٻارهين سيپاري جي پهرين پاءُ کان تيرهين سيپاري جي اڌ جي تلاوت تي مشتمل آهي.
الله تعاليٰ ماڻهن جي عبرت وٺڻ لاءِ سيدنا هود ؑ ۽ ڪيترين ئي نافرمان امتن تي عذاب جي واقعن جو ذڪر فرمايو آهي. الله تعاليٰ پنهنجي نبي ﷺ کي ارشاد فرمائي ٿو تہ ”توهان جو رب جڏهن ڪنهن ظالم ڳوٺ جي پڪڙ ڪري ٿو تہ واقعي انهيءَ جي گرفت ڏاڍي سخت ۽ دردناڪ هوندي آهي. اي نبي ﷺ! اسين جيڪي توهان کي پيغمبرن جا واقعا ٻڌايون ٿا ۽ اهڙي ريت توهان جي دلين کي مضبوط ڪندا آهيون، توهان کي ان طرح سان حقيقت کان آگاهي ملندي آهي ۽ ايمان آڻڻ وارن کي نصيحت ۽ بصيرت حاصل ٿئي ٿي.“
هاڻي سورة يوسف جي شروعات ٿئي ٿي.
نبي ﷺ، سيدنا يوسف ؑ جي واقعي کان واقف نہ هئا. يهودين بحيثيت نبي اوهان جو امتحان وٺڻ لاءِ هن قصي جي باري ۾ سوال ڪيو ۽ گمان ڪيو تہ نبي ﷺ نا واقفيت جي ڪري جواب نہ ڏيئي سگهندو، پر الله تعاليٰ وحي جي ذريعي هي قصو نبي ﷺ جي زبان مبارڪ تي جاري ڪري ڇڏيو. سيدنا يوسف ؑ جو واقعو هن طرح آهي ان خواب ۾ ڏٺو تہ يارنهن تارا، چنڊ ۽ سج مون کي سجدو ڪري رهيا آهن. سيدنا يوسف ؑ جا سڳا ۽ ويڳا ڪل يارنهن ڀائر هئا. سج ۽ چنڊ مان مراد سندس ماءُ ۽ پيءُ هئا. سيدنا يعقوب ؑ هي خواب ٻڌي کيس هدايت ڪئي تہ هُو هي خواب پنهنجن ڀائرن کي نہ ٻڌائي، نہ تہ هو سندس جاني دشمن ٿي ويندا. ويڳا ڀائر مٿس پهرئين کان ئي حسد ڪندا هئا. آخر هڪ ڏينهن ان کي هڪ انڌي کوهه ۾ وجهي ڇڏيو ۽ سندن والد سان اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي تہ کيس گدڙ کائي ويا.
قافلي وارن کوهه کان ڪڍي مصر جي حڪومت جي هڪ اعليٰ عملدار کي غلام جي حيثيت ۾ وڪيو. انهيءَ عملدار جي زال يوسف تي موهجي ويئي ۽ کيس بدڪاريءَ ڏانهن مائل ڪرڻ لڳي. سيدنا يوسف ؑ جي انڪار تي کيس قيد ڪيو ويو. قيد خاني ۾ ٻن قيدين سان ملاقات ٿي، جن جي خوابن جي تعبير حضرت يوسف ؑ صحيح ٻڌائي. ان مان هڪ قيديءَ جي ذريعي بادشاهه تائين حضرت يوسف ؑ جي قابليت جو اطلاع پهتو. بادشاهه کي بہ پنهنجي خواب جي تعبير گهربل هئي. سيدنا يوسف ؑ ان خواب جي مشڪل بہ حل ڪري ڇڏي. پوءِ ڇا ٿيو، بادشاهه کانئس متاثر ٿي کيس پنهنجو وزيرِ خاص بڻايائين. عملي طرح سيدنا يوسف ؑ مصر تي حڪومت ڪري رهيو هو. ان سال مصر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏڪار پئجي ويو، پر مصر ۾ سيدنا يوسف ؑ جي ٻڌايل تدبير مطابق اناج جمع ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري ڀر پاسي جي ملڪن مان ماڻهو اناج لاءِ مصر اچي رهيا هئا. ان ۾ سيدنا يوسف ؑ جا ڀاءُ پڻ مصر ۾ اناج وٺڻ خاطر اچي نڪتا. حضرت يوسف ؑ پنهنجن ڀائرن کي سڃاڻي ورتو. ٻئي ڀيري سيدنا يوسف ؑ جي سڳي ڀاءُ بن يامين کي گهرايو ويو، جنهن کي سيدنا يوسف ؑ هڪ اٽڪل سان روڪي ورتو. باقي سندس ٻيا ڀاءُ اناج وٺي واپس موٽي ويا. پوءِ سيدنا يعقوب ؑ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ مصر ۾ اچي پنهنجي پٽ سيدنا يوسف ؑ سان مليو ۽ سڀني گڏجي کيس سجدو ڪيو ۽ اهڙي طرح خواب جي تعبير پوري ٿي.
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو تہ انبياء عليهم السلام جا اُهي واقعا سمجهه وارن لاءِ وڏي عبرت آهن ۽ قرآن جي اندر درج ٿيل اُهي واقعا مؤمنن لاءِ باعثِ هدايت ورحمت آهن.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ماڻهن جي سرڪشي جي باوجود اسين انهن کان درگذر ڪندا آهيون، حالانڪه اسان سخت عذاب بہ ڏيڻ وارا آهيون. الله کي ٻانهن جي عملن جي مڪمل خبر آهي. هو هڪ هڪ ڳورهاري جي پيٽ کان واقف آهي تہ ان ۾ ڇا بڻجندو آهي ۽ ڇا ڪمي پيشي هوندي آهي. الله تعاليٰ هن نموني سندس، قدرت سان آگاهه فرمائيندو آهي تہ الله ڪنهن قوم جي حالت نٿو بدلي، جيستائين اُها قوم پنهنجي حآلتن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش نٿي ڪري.
اي انسانو! برائي کي ڀلائيءَ سان پري ڪريو، آخرت جون نعمتون توهان لاءِ آهن.
الله تعاليٰ شال اسان کي ان تي عمل جي توفيق ڏي. (آمين)