مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ٻارهين تراويح

اول نالو الله جو، مٺو موچارو
سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو

اڄ جو بيان چوڏهين سيپاري جي چوٿين حصي کان پندرهين سيپاري جي آخر تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي مسلمانؤ! جڏهن توهين قرآن جي تلاوت شروع ڪريو تہ شيطان کان بچڻ لاءِ الله جي پناهه گهرندا ڪريو. اي نبي ﷺ! توهان ماڻهن کي دعوت دين مبين نهايت حڪمت ۽ بهترين طريقي سان ڏيندا رهو ۽ مخالفن جي حرڪتن سان رنج نہ ٿيندا ڪريو. الله توهان جو حامي ۽ مددگار آهي.“
هن کان پوءِ سورة بني اسرائيل شروع ٿئي ٿي.
الله تعاليٰ نبي ﷺ کي معراج جو شرف بخشيو ۽ اتي ان کي پنهنجي قدرت جا وڏا وڏا مشاهدا ڪرايا.
هي پهريون موقعو هو، جنهن تي پنج وقت نماز ٽائيم ۽ پابنديءَ سان فرض ٿي. هن سورة مبارڪ ۾ الله تعاليٰ چوڏهن نڪتا بہ عطا فرمايا، جن سان مسلمان معاشري جي مهذب ترين تشڪيل عمل ۾ آئي.

1. عبادت صرف الله جي ڪريو.
2. والدين سان سهڻو سلوڪ ڪريو.
3. مٽن، مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن کي انهن جا حق ڏيو.
4. فضول خرچي نہ ڪريو.
5. جيڪڏهن ڪنهن جي حاجت پوري نہ ڪري سگهو تہ کيس نرميءَ سان جواب ڏيو.
6. نہ ڪنجوسي ڪريو، نہ فضول خرچي ڪريو، اعتدال جي راهه اختيار ڪريو.
7. پنهنجي اولاد کي مفلسي جي خوف کان قتل نہ ڪريو.
8. زنا جي ويجها نہ وڃو.
9. بغير ڪنهن قانوني جواز جي ڪنهن کي قتل نہ ڪريو.
10. قانوني حدن کان ٻاهر يتيمن جي مال جي ويجهو نہ وڃو.
11. قول وقرار جي پابندي ڪريو. ماپ تور ۾ گهاٽي واڌي هرگز نہ ڪريو.
12. جنهن شيءِ جو توهان کي علم ڪونهي، ان جي پويان نہ پئو.
13. غرور ۽ تڪبر جي چال نہ هلو.
هي حڪمت جون ڳالهيون جيڪي الله تعاليٰ پنهنجي نبي ﷺ تي وحي ذريعي فرمايون. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”حق اچي ويو، باطل مٽجي ويو.“ اي نبي ﷺ! منهنجي ٻانهن کي چئي ڇڏ تہ ڳالهه اُها ڪريو، جيڪا بهتر ۽ پسنديده هجي. نبي ﷺ تي تهجد ان موقعي تي فرض ٿي.
هن کان پوءِ سورة ڪهف شروع ٿئي ٿي.
هن سورة ۾ اصحابِ ڪهف ۽ ملاقات خضر وموسيٰ ؐ جو ذڪر آهي.
قصو ذو القرنين انشاء الله پوءِ بيان ٿيندو.
اصحابِ ڪهف جو واقعو هي آهي تہ ڪجهه نوجوان پنهنجي مشرڪ ۽ الله کان باغي معاشري کان تنگ ٿي، بستي کان نڪري ٻاهر بيٺا ۽ جبلن جي هڪ غار ۾ پناهه ورتائون. الله تعاليٰ انهن تي ڊگهي ننڊ طاري ڪري ڇڏي ۽ غار جي منهن تي سندن ڪتو حفاظت ڪندو رهيو.
ڪيترن سالن کان پوءِ ظالم ۽ جابر حڪومت تبديل ٿي چڪي هئي ۽ معاشرو بدلجي ويو هو. الله تعاليٰ انهن کي ننڊ مان سجاڳ ڪيو ۽ غاز جي ٻاهر وارين حالتن کان کين واقف ڪيو، جنهن کان پوءِ اُنهيءَ غار ۾ مٿن موت طاري ڪئي هئي. هاڻي اُهي قيامت جي ڏينهن اٿاريا ويندا.
ان کان پوءِ سيدنا موسيٰ ۽ سيدنا خضر ؐ جي ملاقات جو ذڪر آهي. دنيا جو نظام الله تعاليٰ جي جنهن مشيت تحت هلي رهيو آهي، انهيءَ جون ڪجهه نشانيون موسيٰ ؑ کي ڏيکاريون ويون. سيدنا خضر سٺين ۽ ڀلين ٻيڙين کي ناڪاره ڪري ڇڏيو هو. پوءِ سُٺي، ڀلي راند روند ڪندڙ ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ ڪجهه ناشڪرن، گهٽ ذهين خلق ماڻهو جي ڪِريل ديوارن کي ٽيڪ ڏين ٿا. موسيٰ ؑ کان اُهي ڳالهيون برداشت نہ ٿي رهيون هيون، ان ڪري اعتراض ڪندا رهيا. سيدنا خضر ؑ خدائي مشيت انهن تي ظاهر ڪري ٿو تہ الله جي طرف کان هن عمل غيبي ۾ ان جو انجام خير آهي، شر ناهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ اسان قرآن ۾ ماڻهن کي طرح طرح سان سمجهايو، پر انسان ڏاڍو جهيڙي ڪرڻ وارو آهي. الله جي طرفان جيڪا هدايت وٽن ايندي آهي، انهيءَ تي وڙهن ٿا ۽ مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا. قرآن ۾ ٺيڪ ٺيڪ ۽ سڌيون ڳالهيون آهن. عقل رکڻ وارا ۽ آيتن تي غور ڪرڻ وارا هدايت حاصل ڪندا.
الله شال عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

***