ايڪيهين تراويح
ڏيئي نہ پچاري، ترس وند تمام گهڻو
اڄ جو بيان پنجويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشادِ باري تعاليٰ آهي تہ: ”قيامت ڪڏهن ايندي؟ ان جو علم صرف الله تعاليٰ کي آهي. انسان ڪيترو نہ ناشڪرو آهي جو جڏهن الله پنهنجين نعمتن سان کيس نوازي ٿو تہ اُهو غرور ڪري اڪڙجي هلڻ لڳي ٿو ۽ جڏهن مٿن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي تہ ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرڻ لڳندا آهن. جيڪي ماڻهو قيامت برپا ٿيڻ ۾ شڪ ڪن ٿا، اهي حقيقي ۾ سمجهي وٺن تہ الله هر شيءِ تي قادر آهي.“
هن کان پوءِ سورة شوريٰ شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”ان ۾ تعجب جي ڪا ڳالهه ڪانهي. اسين وحي جي ذريعي پيغمبرن کي پنهنجي ڪتاب جو علم عطا ڪريون ٿا. توهين شڪ ڪريو ٿا ۽ شڪ ۾ پيل آهيو تہ اي مشرڪؤ! توهان جو گناهه ايتري قدر وڏو آهي، جو جيڪڏهن آسمان توهان تي ڦاٽي پوي، تہ بہ پري ڪونهي. منڪرين خبردار رهن تہ انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، جتي انهن جو ڪو مددگار نہ هوندو. اي نبي ﷺ! (مڪي جي قريشن کي) چؤ تہ دين جي تبليغ جي ڪم ۾ توهان کان ڪا اجرت ڪونہ ٿو گهران، البتہ مائٽي جو حق ضرور گهران ٿو (جيئن ستايو نہ وڃان). ڀلائي ڪرڻ وارن لاءِ ڀلائيءَ جو اجر الله جي ذمي آهي.
جيڪو شخص صبر ڪري ۽ درگذر سان ڪم ڪري تہ هيءَ وڏي حوصلي جي ڳالهه آهي. ڪنهن بشر جو اهو رتبو ڪونهي جو الله جي آمهون سامهون ڳالهائي. الله تہ وحي جي ذريعي يا پردي جي اوٽ ۾ ڳالهائي ٿو.“
هن کان پوءِ سورة زخرف شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”مشرڪ انهيءَ غلط فهميءَ ۾ پيل آهن تہ انهن جي شرارتن جي ڪري وحي جو نزول رڪجي ويندو، پر الله تعاليٰ شرارت پسندن جي فتنن جي ڪري نہ ڪڏهن پيغمبر موڪلڻ بند ڪيا آهن، نہ ئي ڪڏهن وحي جو نزول روڪيو ويو آهي. پر اٽلندو فتنو پکيڙڻ وارن کي هلاڪ ڪيو ويو آهي. الله جو نہ ڪو اولاد آهي، نہ ئي هن ڪائنات ۾ جدا جدا رب آهن، نہ ئي هن کان سواءِ ڪو هتي شفاعت ڪرڻ وارو آهي. جيڪو ڄاڻي ٻجهي گمراهين جي عذاب کان بچائي وٺي، الله تعاليٰ پاڪ آهي انهن سڀني جاهلن وارين نسبتن کان، جيڪي هي نادان ماڻهو انهيءَ جي طرف منسوب ڪن ٿا.“
هن کان پوءِ سورة دخان شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي تہ: ”قرآن مجيد کي اسان مبارڪ رات ۾ نازل ڪيو. هيءَ اهڙي رات آهي، جنهن ۾ هر حڪم جي ڳالهه، حڪمتاڻا فيصلا صادر ڪيا وڃن ٿا. قرآن ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ الله جي رحمت آهي، بشرط هي تہ ماڻهو ان تي ڪامل يقين رکندا هجن. هر طرف الله جي بادشاهي آهي. زندگي ۽ موت الله جي طرفان آهي، پر ماڻهو شڪ ۾ پيل آهن. انهن ماڻهن کي پنهنجي بداعمالين جي ڪري هاڻي جڏهن تہ عذاب نازل ٿيو تہ هو دانهون ۽ ڪوڪون ڪن ٿا، پر جيڪڏهن عذاب ختم ڪيو وڃي تہ اُهي ايمان نہ آڻيندا.“
الله تعاليٰ فرمائي ٿو تہ: ”اُهي ماڻهو ضدي آهن، جڏهن عذاب ٽري وڃي ٿو تہ ڪفر ڪرڻ لڳن ٿا. هي عذاب مان سبق وٺڻ وارا ڪونهن. فيصلي جي لاءِ قيامت جو ڏينهن مقرر آهي، جتي گناهگارن جي لاءِ ٿوهر جو وڻ عذاب هوندو ۽ ٽهڪندڙ پاڻي کين ملندو.“
ان کان پوءِ سورة جاثيھ شروع ٿئي ٿي. الله ڪائنات، عالم ۾ پنهنجي قدرت جي ڪيترين ئي نشانين جو ذڪر فرمايو آهي. انسانن ۽ جانورن جي تخليق، ڏينهن ۽ رات جو اڀرڻ ۽ لهڻ، زمين جي قوت، هوائن جي رخ جو تبديل ٿيڻ، دريائن تي قابو، انهن ۾ ٻيڙيون هلائڻ ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي، انهيءَ سڀ کي انسان جي ڪم تي مامور ڪرڻ الله جي قدرت جون پڌريون نشانيون آهن. شرط اهو آهي تہ ماڻهو ان تي غور ڪن. سڀ تعريف الله جي آهي، جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اُهو غالب آهي ۽ اُهو ئي داناءُ آهي، پوري ڪائنات جي ڪبريائي انهيءَ جي لاءِ مخصوص آهي.“
شال الله پاڪ پنهنجي هن موڪليل ڪلام جي هدايت نصيب فرمائي. (آمين)