مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

چوويهين تراويح

اول نالو الله جو، مٺو موچارو
سخي سونهارو، ترس وند تمام گهڻو

اڄ جو هي بيان اٺاويهين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”زالن کي ماءُ چئي سڏڻ ڏاڍي اڻ وڻندڙ ڳالهه آهي. جيستائين هن جو مقرر ڪيل ڪفارو نہ ادا ڪيو وڃي، زال مڙس تي حرام آهي. ان جو ڪفارو هڪ ٻانهي يا ٻانهو آزاد ڪرڻ يا ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکڻ يا سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي.“ هن کان پوءِ مجلس جي آداب جي تعليم ڏنل آهي تہ: ”پنهنجي سرگروشين ۾ پيغمبرن جي مخالفت، گناهه ۽ ڏاڍائي جون ڳالهيون نہ ڪريو. ڪنن ۾ ڦُسُ ڦُس ڪرڻ شيطاني فعل آهي. محفل جي شروع ۽ ختم ٿيڻ جي ادب جو لحاظ رکيو وڃي.“
هن کان پوءِ سورة حشر شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”سچا ۽ ايماندار ماڻهو اُهي آهن، جيڪي پنهنجي پيغمبر ۽ الله جي راهه ۾ هجرت ڪرڻ وارن جي مدد ڪن ٿا، جڏهن تہ پاڻ بہ حاجتمند هوندا آحن ۽ انهيءَ جي دستگيري تي پنهنجي دل سوڙهي نٿا ڪن ۽ ان جي برخلاف منافق ماڻهو شيطان جهڙي فطرت جو مظاهرو ڪن ٿا. پهرئين برن عملن تي اڀارين ٿا ۽ پوءِ اُهو چئي جدا ٿي وڃن ٿا تہ: اي گمراهؤ! هاڻي توهان جو اسان سان ڪو بہ واسطو ڪونهي. توهين ڄاڻو ۽ توهان جا اعمال. اي انسانؤ! قرآن کان نصيحت حاصل ڪريو، جيڪڏهن هي صحيفو ڪنهن جبل تي نازل ٿئي ها تہ هو بہ الله جي خوف کان ذرو ذرو ٿي وڃي ها.“
هن کان پوءِ سورة ممتحنه شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: هاڻي ڳجهن واسطن ۽ لاڳاپن ذريعي رابطو نہ رکو. اُهي دين جا دشمن آهن، ڪڏهن بہ توهان جا دوست نٿا ٿي سگهن. ڪافرن تي اعتبار ڪرڻ غلط آهي، ڇوته اُهي توهان جي ٻيهر ڪافر بڻجڻ ۾ دلچي رکن ٿا. پاڪ صاف مؤمن عورتون جيڪر هجرت ڪري اچن تہ آزمائش کان پوءِ انهن کي پنهنجي معاشري ۾ داخل ڪري ڇڏيو، نہ تہ اهي ڪافرن کي واپس موٽائي ڏيو.“
هن کان پوءِ سورة صف شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”مؤمنؤ! توهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا چئو، جيڪي ڪيون ناهن. الله اهڙين ڳالهين تي سخت ناراض ٿئي ٿو. توهين اهڙي ڳالهه چئو ٿا، جيڪا ڪريو نٿا. الله جا محبوب بندا اُهي آهن، جيڪي سيهي جي ديوار جيئان ڄمي جهاد تي ثابت قدم رهن ٿا.“ پوءِ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪا عيسيٰ ؒ، نبي ﷺ جي ظهور قدسي ۽ سندن اسم مبارڪ ”احمد“ جي باري ۾ ڏنل آهي. الله تعاليٰ مؤمنن کي يقين ڏياري ٿو تہ ڪافر الله جي ڏيئي جي روشني ڦوڪ ڏيئي اجهائي نٿا سگهن. مؤمنؤ! سگهوئي توهان کي فتح نصيب ٿيندي.
هن کان پوءِ سورة جمعہ شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي تہ: ”اي مؤمنؤ! جمعہ جي ٻانگ ٻڌڻ کان پوءِ نماز ۾ مشغول ٿي وڃو، پوءِ زمين ۾ پکڙجي وڃو. الله بهترين رزق ڏيڻ وارو آهي.“
هن کان پوءِ سورة منافقون شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! منافقن کان هوشيار رهجانءِ. انهن جي ظاهر ۽ باطن ۾ فرق آهي ۽ هي ڪوڙا قسم کڻِ پنهنجي ايمان جو يقين ڏيارين ٿا، ڇاڪاڻ تہ اُهي ايمان کان خالي آهن.“
هن کان پوءِ سورة تغابن شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”الله تعاليٰ توهان سڀني کي پيدا فرمايو، پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي، ڪو مؤمن. توهان جي اولاد ۾ بہ توهان جا دشمن آهن، تنهن ڪري انهن کان بچندا رهو. ها، پر اُهي سڌي راهه تي اچي وڃن تہ کين معاف ڪري ڇڏيو. بيشڪ توهان جو مال ۽ اولاد آزمائش آهن.“
ان کان پوءِ سورة طلاق شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”جيڪڏهن عورتن کي طلاق ڏيڻي آهي تہ پاڪ ٿيڻ جي حالت ۾ انهن کي طلاق ڏيو ۽ عدت جي ڏينهن جو حساب رکو. عدت جي اندر انهن جو ٻاهر نڪرڻ بي حيائي آهي. عدت جي مدت ٽي مهينا آهن ۽ حاملہ عورتن جي عدت حمل ٿيڻ (ٻار ڄمڻ) تائين آهي. جيڪڏهن اها عورت حامله هجي تہ کيس ٻار ڄمڻ تائين جو خرچ ڀري ڏيڻو پوندو.“
پوءِ سورة تحريم شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! پنهنجين زالن جي خاطر الله جي نعمتن کي نہ ٽاريو ۽ اهڙو وعدو ڪرڻ قسم جي برابر هوندو، جنهن جو ڪفارو ادا ڪرڻو پوندو.“ اهڙي طرح پيغمبر جي زالن کي هدايت فرمائي وئي تہ: ”جيڪڏهن پيغمبر کي ڪو تڪليف رسائڻ جي ڪوشش ڪري تہ پيغمبر جي مدد لاءِ الله ۽ جبرائيل ۽ نيڪ ڪردار مسلمان ۽ فرشتا موجود آهن.“
شال الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي. (آمين)
***