پندرهين تراويح
ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين
هيءَ تراويح ارڙهين سيپاري جي اڌ کان اوڻيهين سيپاري جي ٽين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. منافقن نبي ﷺ جن کي تڪليف رسائڻ لاءِ ام المؤمنين سيدہ عائشہ صديقہ تي الزام تراشي ڪئي هئي، جنهن جي الله تعاليٰ سورة النور ۾ ترديد ڪري ڇڏي ۽ بيهودہ بڪواس ڪرڻ وارن تي ملامت فرمائي ۽ خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن توهين مؤمن آهيو تہ آئيندہ اهڙي حرڪت نہ ڪجو. الله تعاليٰ زمينن ۽ آسمانن جو نور آهي ۽ مؤمن تہ اُهو ئي آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي نور کي پنهنجي لاءِ رهنمائي سمجهي ۽ دل سان رسول ﷺ جي پيروي ڪري. رسول ﷺ جي مخالفت توهان کي ڪنهن فتني ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿي.
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! تنهنجو رب تنهنجي مدد لاءِ ڪافي آهي. تون ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ توهان کان دين جي تبليغ جي ڪا مزدوري (اجرت) ڪونہ ٿو وٺان. منهنجي اجرت تہ بس اها آهي تہ توهان سڌو رستو اختيار ڪريو ۽ اهڙا نيڪ ٻانها ٿيو، جيڪي زمين تي نيڪ چال هلن ٿا. جهالت جي ڪمن کان بچن ٿا ۽ ڪو جاهل سندن منهن پوندو آهي تہ سلام ڪري جدا ٿي ويندا آهن. مؤمنن لاءِ اعليٰ اجر مقرر آهي ۽ نہ مڃيندڙن کي اهڙي سخت سزا ملندي جو جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندن.“
هن کان پوءِ سورة الشعراء شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ايمان نہ آڻين تہ توهين انهن جي غم ۾ جان جوکي ۾ نہ وجهو. بيشڪ اسين اهڙيون نشانيون نازل ڪري سگهون ٿا، جن جي سامهون منافقن جا ڪنڌ جهڪي ويندا، پر ڇاڪاڻ تہ هي ماڻهو حق کي ٿڏو هڻي چڪا آهن، انهيءَ لاءِ کين پنهنجي ڪيئي جي سزا عنقريب ملي ويندي.“
هن کان پوءِ الله تعاليٰ حضرت موسيٰ ؑ ۽ ڪيترن ئي ٻين نبين جي واقعن جو ذڪر فرمايو آهي ۽ هر واقعي ۾ هدايت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. پر منڪر! گهڻو ڪري نہ ٿا مڃين. انهن کي جلد ئي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي ويندي، جنهن جو اُهي مذاق ڪن ٿا. اُهي قرآن حڪيم کي ڇو نہ ٿا ڏسن، جيڪو سندن ئي زبان ۾ نازل ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي نبي ﷺ ۽ سندن ساٿي اهڙا ئي نظر اچن ٿا، جهڙا شاعر ۽ انهن جا ساٿي هوندا آهن؟ ڇا واقعي قرآن مجيد توهان کي ڪنهن شاعر جو ڪلام لڳي ٿو؟ شاعرن جي پيروي تہ ڀٽڪيل ماڻهو ڪندا آهن. اي ماڻهؤ! ڇا توهان نٿا ڏسو شاعر هِتي هُتي ڀٽڪندا رهندا آهن. جيڪي چوندا آهن، اُهو ڪندا ناهن.“
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي تہ: ”قرآن مجيد جي هدايت ۽ بشارت ايمان آڻڻ وارن لاءِ آهي. جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ آخرت تي پورو يقين رکن ٿا، بنا ڪنهن شڪ جي قرآن مجيد هڪ حڪيم وعليم هستي جي طرفان نازل ڪيو ويو. اسان منڪرن جا اعمال انهن جي پنهنجي نظرن ۾ وڻندڙ ڪندا آهيون، جيئن اُهي گڏيل جهالت ۾ وڪوڙيل ۽ هميشه خساري ۾ رهن ۽ آخرت ۾ هرگز نجات نہ حاصل ڪري سگهن.“
***