مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

اٺين تراويح

اول نام الله جو، برڪت بي شمار
سو ڏيئي نہ ڪري پچار، سو سٻاجهو سپرين

هيءَ تراويح نائين سيپاري جي ٽن حصن کان ڏهين سيپاري جي آخر جي تلاوت تي مشتمل آهي.
سورة انفال ۾ مال غنيمت جي باري ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”مالِ غنيمت جو پنجون حصو بيت المال ۾ جمع ڪيو وڃي. هي الله ۽ سندس رسول ﷺ جو حصو آهي، جيڪو مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جي ڪم اچي. باقي پوري فوج ۾ تقسيم ڪيو وڃي.“
الله تعاليٰ فرمائي ٿو: ”اي ايمان وارؤ! الله جي رسول ﷺ جي حڪم جي خلافي نہ ڪريو ۽ الله جي رسول ﷺ جي آواز تي لبيڪ چئو، الله انسان ۽ سندس روح جي وچ ۾ آهي ۽ اسين سڀ انهيءَ جي طرف موٽي وڃڻ وارا آهيون.“ ان کان پوءِ الله تعاليٰ جهاد جي تلقين فرمائي ٿو. ”اي ايمان وارؤ! ڪفارن سان جنگ ڪريو، ايستائين جو فتنو باقي نہ رهي. ها جيڪڏهن اُهي فتني کان مُڙي وڃن تہ الله تعاليٰ عملن کي ڏسڻ وارو آهي. يقينًا الله تعاليٰ جي ويجها اُهي بدترين ماڻهو آهن، جيڪي ان کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا.“
”اي نبي ﷺ! مؤمنن کي جهاد جي تلقين ڪر ۽ جيڪڏهن تنهنجو عزم پُختو آهي ۽ تون صابر بہ آهين تہ تون پاڻ کان ڏهه دفعا وڌيڪ تعداد وارن دشمنن تي غالب رهندي. جنگ جي قيدين کي رڳو فديو حاصل ڪرڻ خاطر قيد ۾ رکڻ مناسب ڪونهي. وقت ۽ موقع جي تقاضا انهن جي هلاڪت ئي آهي تہ انهن کي ختم ڪرڻ ئي بهتر آهي.“ ان کان پوءِ مهاجرن ۽ انصارن جي باري ۾ ارشاد ربي آهي تہ: ”جن ايمان آندو ۽ الله جي راهه ۾ گهر ٻار ڇڏي هجرت جون تڪليفون رضا خوشيءَ سان برداشت ڪيون ۽ ٻي طرف انهن کي جنهن پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي، اُهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن جي لاءِ بخشش ۽ بهترين رزق آهي. مهاجر ۽ انصار پاڻ ۾ ڀائر آهن، مگر هڪ ٻئي جا وارث ڪونهن.“
هاڻي سورة توبه شروع ٿئي ٿي.
هن سورة کي شروع ڪرڻ وقت بسم الله نٿي پڙهي وڃي، ڇوته نبي ڪريم ﷺ جو اُهو ئي طريقو آهي. هن سورة ۾ صلح حديبيھ جو ذڪر ڪيو ويو آهي تہ: ”ڪافرن قريشن سان حسد جي نتيجي ۾ صلح حديبيه جو صلح نامو ٽوڙي ڇڏيو هو.“ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو تہ: ”الله جي رسول جي طرفان انهن مشرڪن جي ذميواري ختم ٿي وئي، جن معاهدو ٽوڙي ڇڏيو هو. حج اڪبر جي ڏينهن الله ۽ سندس رسول ﷺ جي طرفان هي اعلان ڪيو ويو تہ الله ۽ سندس رسول مشرڪن جي ذميواري کان آزاد آهن.“ ان کان پوءِ حڪم ٿيو تہ مشرڪَ الله جي مسجدن جا مجاور نٿا ٿي سگهن. تنهن ڪري مشرڪن جو حرم شريف ۾ داخلو بند ڪيو ويو ۽ بيت الله جو اگهاڙو طواف ڪرڻ جي منع ڪئي ويئي. مسلمانن کي هدايت ڪئي وئي تہ توهان جو پيءُ ۽ ڀاءُ ڪفر جي حالت ۾ هجن تہ کين پنهنجو رفيق نہ بڻايو. الله تعاليٰ نبي ﷺ کي ارشاد فرمائن ٿا تہ: ”جهاد جي سلسلي ۾ ماڻهن جو عذر قبول نہ ڪيو وڃي، هي ڪوڙا آهن ۽ بهانا ڳولين ٿا.“
اي نبي ﷺ! فاسق ۽ منافق جي قسمن تي اعتبار نہ ڪريو. منافق مرد توڙي عورتون سڀ هڪ آهن. انهن کي جڏهن بہ موقعو ملندو، هو اوهان کي ڇڏي ڀڄي ويندا. انهن تي الله جي لعنت آهي. انهن جي نماز جنازه تائين جي منع ڪئي ويئي آهي. هن سورة ۾ زڪوات جا اٺ مصرف ٻڌايا ويا آهن، جيڪي هي آهن: (1) غريبن لاءِ (2) محتاجن لاءِ (3) نظامِ زڪوات ڪارنن جي لاءِ (4) اهي شخص جن جي دل وٺڻي آهي (5) غلامن جي آزادي لاءِ (6) قرضدار جي مدد لاءِ (7) الله جي واٽ ۾ (8) مسافرن جي مدد جي لاءِ.
***