ٻي تراويح
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
اڄ جي تراويح ٻئي سيپاري جي چوٿين حصي کان ٽئين سيپاري جي اڌ تائين ڪيل تلاوت تي مشتمل آهي. سورة بقره ۾ گهڻي حد تائين اسلامي دعوت، حقوق الله، حقوق العباد، زندگي جي نظام ۽ معاشرتي تعليم جو نچوڙ آهي.
نماز، روزي ۽ حج جا حڪم بہ موجود آهن. زڪواة، صدقات، گڏيل مشاورت، شادي، طلاق، عدت، وصيت، ڏيتي ليتي ۽ قرض جي باري ۾ تعليم ڏنل آهي.
وياج، شراب ۽ حرام وحلال شين جي بابت هدايت ڪئي وئي آهي. امر ونهي يعني جائز ۽ ناجائز ڳالهين جي تعليم جو بہ وڏو حصو شامل آهي، جنهن کي اسلامي ضابطه حيات چوندا آهن.
اڄ جي تلاوت جي سلسلي ۾ ايمان جو شرط ٻڌايو ويو آهي تہ: ”ايمان آڻيو الله تي، الله جي رسول تي، قيامت جي ڏينهن تي، فرشتن تي، پيغمبرن تي ۽ انهن سڀني ڪتابن تي، جيڪي مختلف پيغمبرن تي نازل ڪيا ويا.“
۽ حڪم ڏنو ويو: ”پنهنجي مال مان والدين، مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ غلام جي مدد ڪرڻ ۾ خرچ ڪريو.“
قتل جي باري ۾ خون جي بدلي خون ۽ جيڪڏهن مقتول جا وارث راضي هجن تہ خون بها يعني معاوضي جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ شراب ۽ جوا بلڪل منع ڪيو ويو آهي.
مشرڪ ۽ مسلم مرد عورت جو نڪاح ناجائز قرار ڏنو ويو آهي.
ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو يا غير عورت جو کير پيارڻ جي اجازت ڏنل آهي.
وياج جي ڏيتي ليتي سختيءَ سان حرام ڪئي وئي آهي.
هن سورة مبارڪ ۾ پيغمبرن جي دل جي اطمينان جي لاءِ مُردن ۽ جانورن کي زنده ڪري ڏيکارڻ جو ذڪر ٿيل آهي.
پوءِ آخر ۾ الله تعاليٰ پنهنجن بندن کي دعا ڪرڻ جا الفاظ ۽ طريقا سيکاريا آهن. هن سورة ۾ ڪيترا ئي دفعا قرآني آيتن تي غور ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي. (ان لاءِ ضروري آهي تہ قرآن مجيد جو مڪمل ترجمو پڙهجي ۽ ٻڌجي، جيئن قرآن جي ڏنل تعليم جو مقصد پورو ٿي سگهي)
سورة آل عمران جي پهرئين ارڙهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ عبادت جي لائق صرف الله جي ذات آهي ۽ هي تہ قيامت ضرور برپا ٿيندي ۽ عملن جي جزا ۽ سزا ضرور ملندي. قرآن مجيد ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي تہ حق ۽ باطل کي الڳ الڳ ڪري ڇڏي ۽ اهو ٻڌايو ويو آهي تہ جنگ بدر ۾ الله تعاليٰ جهڙي طرح مسلمانن کي فتح عطا ڪئي، ان ۾ سمجهڻ وارن لاءِ نشانيون ۽ غور ڪرڻ وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. ارشاد ٿيو تہ: ”اهلِ ايمان مشڪل حالتن ۾ صبر ڪن ٿا، الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ رات جي پوئين حصي ۾ الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا.“
شال الله پاڪ اسان کي هن هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***