مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ٻاويهين تراويح

اول نالو الله جو، جو ڏيهن جو ڏاتار
جو ڏيئي نہ ڪري پچار، سٻاجهو سڀن پرين

اڄ جو بيان ڇويهين سيپاري جي باري ۾ آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اسان ڪائنات عالمَ کي هڪ مقرر وقت لاءِ تخليق ڪيو آهي. نظامِ ڪائنات اسان جو حڪيماڻو نظام آهي، پر ڪافر حق کي ڪوڙو سڏڻ کان باز نٿا اچن.“
ارشادِ رباني آهي تہ: ”اسان انسانن کي والدين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سندس ماءُ کيس حمل کان وٺي پيدائش تائين ۽ پيدائش کان وڏي ٿيڻ تائين ڪيترين تڪليفون سهي پالي ٿي، ايتري تائين جو هو وڃي جواني تي پهچي ٿو. جيڪڏهن هو سڌي راهه اختيار ڪري، الله جي نعمتن جو شڪرگذار ٿي ان جي فرمانبردارن ۾ شامل ٿئي ٿو تہ الله سندس نيڪ اعمال قبول فرمائي سندس ڪمزورين کي معاف ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن نافرمان اولاد ماءُ پيءُ سان جهيڙيندو آهي تہ اهڙن ماڻهن تي عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي ويندو آهي.“
هن کان پوءِ الله تعاليٰ جنن جو واقعو بيان فرمايو آهي، جڏهن انهن نبي ﷺ جي زبان مبارڪ تان تلاوت ٻڌي پنهنجي قوم کي خوشخبري ٻڌائي.
هن کان پوءِ سورة محمد شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿئي ٿو: ”انهن ماڻهن جا اعمال برباد ٿي وڃن ٿا. جيڪي پاڻ بہ ڪفر ۾ پيل آهن ۽ ٻين کي بہ الله جي راهه کان روڪين ٿا، جڏهن تہ ايمان آڻڻ وارن ۽ دين جي هدايت تي عمل ڪرڻ وارن جي حالت الله سڌاريندو آهي.“
پوءِ جهاد جي باري ۾ حڪم ڏنو ويو آهي تہ: ”ڪافرن سان مقابلو ٿي وڃي تہ انهيءَ وقت تائين کين قتل ڪيو وڃي، جيسين تائين اُهي هٿيار ڦٽا نہ ڪن. حقيقت اها آهي تہ جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ ۽ هدايت حاصل ڪرڻ کان پوءِ جهاد کان پري ڀڄن ٿا، اُهي شيطان جا ڀٽڪايل آهن، ڇوته شيطان ماڻهن جي بُرن عملن کي ڏاڍو خوش نما ڪري ڏيکاريندو آهي ۽ انهن کي ڊگهي عمر جو دوکو ڏيندو آهي. آخرڪار سندن عمل ناس ڪيا وڃن ٿا.“ ارشاد ٿيو آهي تہ: ”قرآن جي آيتن تي غور ڪريو، توهان جي دل ودماغ روشن ٿي ويندا.“
هن کان پوءِ سورة فتح شروع ٿئي ٿي. هن سورة ۾ الله تعاليٰ صلح حديبيہ جي مسلمانن لاءِ هڪ وڏي فتح جو ارشاد فرمايو آهي. :”جن ماڻهن نبي ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪئي، دراصل الله جي بيعت آهي. البتہ وعدو ٽوڙڻ وارا ۽ جهاد کان منهن موڙڻ وارا عذاب جا حقدار آهن. ها! معذورن کي معافي آهي. محمد ﷺ الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي پاڻ ۾ نهايت رحم دل ۽ ڪافرن جي باري ۾ نهايت سخت آهن.“
هن کان پوءِ سورة حجرن شروع ٿئي ٿي. هيءَ سورة مبارڪ اخلاق جي باري ۾ آحي. مسلمانن کي مجلس جا آداب و خوش گفتاري جي تهذيب سکاري وئي آهي. خاص طور تي هدايت فرمائي وئي آهي تہ نبي ﷺ جي مجلس ۽ نبي ﷺ جي حجرات جي آداب جو پورو پورو لحاظ رکيو وڃي، نہ تہ نيڪ اعمالن جي ضائع ٿيڻ جو پڻ خطرو آهي. اهڙي طرح مؤمنن کي هڪٻئي جي معاملن ۾ بہ تهذيب، اخلاق، نيڪ دلي، خير انديشي ۽ خوش گوئي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. غيبت (گلا) کي مردار کائڻ سان تشبيهه ڏني وئي آهي. پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ ڪوٺيو ويو آهي
هن کان پوءِ سورة ق شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”اسان توهان جي شهه رڳ کان بہ وڌيڪ ويجها آهيون ۽ اسان توهان جا عمل نامه لکڻ لاءِ ٻه فرشتا مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ عمل نامه حساب واري ڏينهن پيش ٿيندا.“
هن کان پوءِ سورة الذاريات شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي تہ: ”قيامت ضرور برپا ٿيندي ۽ ڪافرن کي پنهنجي ڪئي جي سزا ملندي. پرهيزگار ماڻهو جنت جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيندا. اهلِ ايمان رات جو ٿورو حصو سمهن ٿا ۽ اوقاتِ سحر ۾ الله جي بخشش طلب ڪن ٿا ۽ پنهنجي مال مان گهرڻ وارن ۽ نہ گهرڻ وارن ٻنهي جي مدد ڪن ٿا.“ هن کان پوءِ پيغمبرن جا واقعا مختصر طرح بيان فرمايا ويا آهن.“
الله پاڪ اسان کي قرآن حڪيم جي هن سربستي احوال ٻڌڻ کان پوءِ عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)