مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

پنجويهين تراويح

اول نالو الله جو، جو ڏيهن جو ڏاتار
ڏيئي نہ پچاري پار، سٻاجهو سڀن کي

هي بيان اوڻيهين سيپاري جي باري ۾ آهي. سورة الملڪ ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اسان بيشمار نعمتون انسان کي عطا ڪيون آهن. جيڪر اسين واپس وٺون تہ ڪير آهي اُهو جيڪو هي نعمتون ٻيهر آڻي ڏيندو. ان لاءِ انسانو! رب العالمين تي ڀروسو ڪريو.“
پوءِ سورة قلم ۾ فرمايو ويو تہ: ”اي نبي ﷺ! اوهان تي الله جو گهڻو فضل وڪرم آهي جو هُن اوهان کي اخلاق جي اعليٰ درجي تي فائز ڪيو آهي. اوهان پنهنجي رب جي حڪم ۾ انتظار ۾ صبر ڪريو ۽ يونس ؑ وانگر (قوم جي انڪار تي بي صبرا) نہ ٿيو.“
پوءِ سورة الحاقہ ۾ ارشاد ٿئي ٿو: ”قرآن ڪريم برحق ۽ ڪامل يقين ڪتاب آهي. هي ڪتاب نہ ڪنهن شاعر جو ڪلام، نہ ئي ڪنهن جي پاڻ مرادي تصنيف آهي، پر گهٽ ئي ماڻهو ايمان آڻين ٿا.“
پوءِ سورة معارف ۾ ارشاد فرمايو ويو تہ: ”انسان نهايت ئي گهٽ همت پيدا ٿيو آهي. تڪليف ۾ بي چين ٿيو وڃي ۽ آسائش ۾ بخيل. جيڪي ماڻهو مال کي سانڍي سانڍي ڍير ڪري رکن ٿا ۽ اُهي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن، اُهي آخرت جي عذاب کان بي پرواهه نہ رهن، جڏهن تہ الله جي عذاب جي باهه سندن کل ساڙي ڇڏيندي.“
ان کان پوءِ سورة نوح ۾ ارشاد ٿيو آهي تہ: ”نوح ؑ پنهنجي قوم کي هدايت ڪئي، پر بد اعمال ماڻهن نہ نصيحت حاصل ڪئي، نہ ئي نوح ؑ کي ڪوڙو چوڻ کان رُڪيا. آخرڪار انهن پنهنجي قوم جي حق ۾ بد دعا ڪئي ۽ ماڻهو هڪ سخت طوفان جي وڪڙ ۾ اچي ويا. ايمان وارن کان سواءِ پوري قوم غرق ٿي ويئي.“
پوءِ سورة جن شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ جنن جي هڪ جماعت جو ذڪر فرمايو ويو آهي، جن قرآن مجيد ٻڌي چيو: ”قرآن تہ ڀلائيءَ جو رستو ٿو ڏيکاري.“ جنات قرآن تي ايمان آڻي رب العالمين جي توحيد جو اقرار ڪيو. ارشادِ رباني آهي تہ: ”غيب جو علم تہ صرف الله کي آهي. ها، هو جنهن پيغمبر کي چاهي ٿو تہ ان تي غيب جون ڳالهيون وحي جي ذريعي نازل ڪري ٿو.“
پوءِ سورة مزمل ۾ نبي ﷺ کي هدايت ڪئي وئي آهي تہ: ”چادر ويڙهيندڙ! اڌ رات گهٽ وڌ عبادت ڪندا ڪريو ۽ تلاوت ترسي ترسي ڪندا ڪريو. رات جي عبادت تزڪيہ نفس جو وڏو ذريعو آهي ۽ هيءَ عبادت مقبول بارگاهه ٿئي ٿي. نماز، زڪوات ۽ خيرات جاري رکو. جيڪو نيڪ عمل اڳتي موڪليو ويندو، اُهو آخرت ۾ ڪم ايندو.“
پوءِ سورة مدثر ۾ نبي ﷺ کي چادر ويڙهڻ وارو چئي خطاب فرمايو ويو تہ: ”اُٿي ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪر ۽ پنهنجي رب جي بزرگي ۽ ڪبريائي بيان ڪر. پنهنجن ڪپڙن کي پاڪ رک ۽ ناپاڪي کان بچ. احسان ڪري انهيءَ جي بدلي جي خواهش نہ ڪر ۽ صبر کان ڪم وٺ. قرآن بيشڪ نصيحت جو ڪتاب آهي. صرف اُهي ئي ماڻهو ان مان هدايت حاصل ڪن ٿا، جن کي الله هدايت جي توفيق عطا فرمائي ٿو.“
هن کان پوءِ سورة قيامة ۾ ارشاد ٿيو تہ: ”اي نبي ﷺ! جڏهن اوهان تي وحي جو نزول ٿئي ٿو تہ اوهين ان کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ورجائڻ ۾ مشغول نہ ٿي وڃو، پور غور سام ٻڌندا ڪريو. قرآن اوهان جي حافظي ۾ محفوظ رکڻ اسان جي ذميداري آهي.“
پوءِ سورة الدهر ۾ ارشاد ٿيو تہ: ”اسان انسان تخليق ڪري کيس سٺي ۽ خراب جي تعمير ڏني. هاڻي هو چاهي شڪرگذار بندو ٿئي، چاهي ناشڪرو رهي. ڪافرن لاءِ جهنم جو عذاب ۽ نيڪوڪارن لاءِ بهشت جو ابدي عيش آهي. نيڪ ماڻهو باوجود پاڻ حاجتمند ٿيڻ جي، فقيرن، يتيمن ۽ قيدين کي کاڌو کارائين ٿا. اهو سڀ ڪجهه هي الله کي راضي رکڻ لاءِ ڪن ٿا ۽ ڪنهن جي بدلي ۽ شڪرگذاري لاءِ نٿا ڪن.“
ان کان پوءِ سورة مرسلات ۾ ارشاد ٿيو تہ: قيامت برپا ٿي رهندي. اُهو فيصلي جو ڏينهن هوندو. ڪوڙو سمجهڻ وارا چپ بہ نہ چوري سگهندا. بس جيڪو چاهي الله جو فرمانبردار بندو (ٻانهو) ٿئي ۽ جيڪو بدبختي ۾ پيل آهي، اُھو نافرماني ۾ ڦاٿل رهي. هر شخص کي پنهنجي اعمال جو صلو ملندو.“
الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.
***