مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ٽيويهين تراويح

اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو

هي بيان ستاويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشادِ رباني آهي تہ: ”اسان جنن ۽ انسانن کي ان لاءِ پيدا ڪيو آهي تہ اسان جي بندگي ڪن. اسين سڀني کي رزق ڏيڻ وارا آهيون ۽ ڪنهن کان بہ رزق جا طالب ناهيون.“
هن کان پوءِ سورة طور شروع ٿئي ٿي. منڪرين کي قيامت جي باري ۾ خبردار ڪيو ويو آهي تہ اُهو اهڙو سخت وقت هوندو جو زمين ۽ آسمان ڏڪي رهيا هوندا، جبل اُنَ جيئان اڏامي رهيا هوندا، ڪافرن کي دوزخ جي طرف ڌڪيو ويندو. اُهو ڏينهن نہ مڃيندڙن لاءِ سخت عذاب جو ڏينهن هوندو. نادان (بي سمجهه) نصيحت ڪرڻ وارن ۽ پيغام پهچائڻ وارن پيغمبرن کي ڏک رسائين ٿا ۽ انهن جي باري ۾ بي بنياد ڳالهيون ڪن ٿا. دراصل منڪرين فطرتًا آهن ئي شرير. اي نبي ﷺ! اوهان صبر ڪريو، اسين اوهان سان گڏ آهيون.
هن کان پوءِ سورة نجم شروع ٿئي ٿي. الله تعاليٰ نبي ﷺ جي معراج جو واقعو بيان فرمائي ٿو تہ پوري سفر ۾ اوهين نہ ڪٿي ڀليا ۽ نہ ڀٽڪيا. اوهين تجلين جي ايتري ويجهو رهيا، جو صرف ٻه گز فاصلو رهيل هو. بلڪه ان کان بہ گهٽ. جڏهن الله پنهنجي بندي کي وحي پهچايو جيڪي وحي پهچائڻو هو. الله تعاليٰ ڪامل قدرت جي نشانين جو اهڙي ريت مشاهدو ڪرايو ڪيو جو پاڻ سڳورن ﷺ جي اک هيڏانهن نہ وري، نہ ڀٽڪي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي ماڻهؤ! توهان معراج جي سفر جي صداقت تي پنهنجي پيغمبر سان وڙهو ٿا. ياد رکو تہ اوهان جو پيغمبر اُهي ئي ڳالهيون پهچائي ٿو، جيڪي اسين کيس وحي ۾ فرمايون ٿا. هو پنهنجي نفس جي خواهش مطابق پنهنجي منهن مان ڪا ڳالهه نٿا ڪڍن. دل جون ڳالهيون گهڙڻ ڪافرن جي عادت آهي. اسان جو پيغمبر وهم ۽ گمان تي نٿو هلي.“
هن کان پوءِ سورة قمر ۾ شق قمر(چنڊ جي چيرجڻ) جو ذڪر فرمايو ويو آهي ۽ هن واقعي کي ڪافرن جي شڪست جي نشاني ٻڌائي وئي آهي. اُهي نبي ﷺ کي جادوگر سمجهن ٿا ۽ اُهي پنهنجي روش کي مٽائڻ وارا ڪونهن. سگهوئي اُهي هار کائي پُٺي ڏئي ڀڄي ويندا.
ان کان پوءِ سورة رحمان شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو تہ: ”اي انسان! مون توکي پيدا ڪيو ۽ توکي ڳالهائڻ سيکاريو ۽ سج ۽ چنڊ کي تنهنجي فائدي لاءِ بڻايو. ايتري وسيع دنيا تنهنجي جدوجهد جي لاءِ خلقي سين. ڇا خشڪي، ڇا پاڻي سڀ تنهنجا تابعدار ڪياسين. هر قسم جي نعمت تنهنجي لاءِ مهيا ڪئي سين. تہ اي انسان! ڇا تنهنجو هي طريقو نہ رهيو آهي جو تون پنهنجي رب جي نعمتن کان انڪار ڪرين ٿو ۽ ناشڪري ڪري، پنهنجي رب جي احسانن کي وساري ويٺين؟ پڪ سان اهڙن ماڻهن جي لاءِ جهنم جي باهه ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻي آهي.“
هن سورة ۾ الله تعاليٰ پنهنجون نعمتون جيڪي ٻانهن کي ڏنيون آهن، اُهي ڳڻائي فرمائي ٿو تہ توهان رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار يا ناشڪري ڪندا؟
هن کان پوءِ سورة واقعہ شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو تہ: ”قيامت برپا ٿيڻ ۾ ڪو شڪ ڪونهي. انهيءَ ڏينهن سندن نيڪن جا اعمال نامه انهن جي ساڄي هٿ ۾ ڏنا ويندا. برن ماڻهن جا عمل ناما سندن کٻي هٿ ۾ ڏنا ويندا. بد اعمالن جي عذاب لاءِ ٿوهر جو زهريلو وڻ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻي هوندو. ڪوڙو سمجهڻ وارا خيال رکن تہ قرآن مجيد الله جي وڏي نعمت آهي ۽ اُن جو رتبو بلند وبالا آهي. اُهو لوح محفوظ ۾ درج آهي.“
هن کان پوءِ سورة حديد شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي تہ: ”ڪائنات عالم ۾ جيتري بہ مخلوق آهي، اُها الله تعاليٰ جي تسبيح بيان ڪري ٿي. الله تعاليٰ غالب ۽ دانا آهي. اي مسلمانؤ! خرچ ڪرڻ ۾ بخل نہ ڪريو، الله جي راهه ۾ ڏيڻ گويا الله کي قرض ڏيڻ آهي، جيڪو توهان کي ڏهه دفعا وڌيڪ ڏيئي واپس ٿو ڪري. نيڪ ماڻهو نہ نقصان ۾ هاءِ گهوڙا ڪن ٿا ۽ نہ ئي فائدي جي حالت ۾ آڪڙ ۽ وڏائي ڪن ٿا. انهن ئي ماڻهن ۾ پنهنجي اعتبار جي حساب سان صديق ۽ شهيد بہ ٿيندا آهن. اهلِ ڪتاب چٽيءَ ريت سمجهي وٺن تہ فضل وڪرم صرف الله جي اختيار ۾ آهي. هُو جنهن کي جيترو گهري، عطا فرمائي ڇڏي.“
شال الله پاڪ قرآن پاڪ جي هن هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***