نائين تراويح
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
اڄ جي تراويح يارهين سيپاري سان شروع ٿي ٻارهين سيپاري جي چوٿين جي تلاوت تي شامل آهي.
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو تہ گهڻا ماڻهو زڪاة کي پنهنجي مٿي بار سمجهندا آهن ۽ نبي ﷺ جي حق ۾ زماني جي گردش جو انتظار ڪري رهيا آهن تہ جيئن موقعو ملندي ئي ڦري وڃن. اهڙن ماڻهن جو چڪر خود انهن تي حاوي آهي. الله تعاليٰ سڀ ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. اُهي مهاجر ۽ انصار جن سڀني کان پهرئين اسلام جي دعوت قبول ڪئي ۽ نيڪ ماڻهو جيڪي سندن پويان آيا، الله تعاليٰ انهن سڀني تي راضي ٿيو ۽ انهن جي لاءِ جنت جي بشارت آهي. ان کان پوءِ مسجد ضرار جو بيان آهي، جنهن کي منافقن، مسلمانن ۾ ڦيٽارو وجهڻ لاءِ ٺاهيو هو. الله تعاليٰ انهيءَ جي مذمت ڪئي ۽ اها ڊاٺي وئي. انهيءَ کان پوءِ ٽن اصحابن جو ذڪر آهي، جيڪي جهاد ۾ ڄاڻي واڻي شريڪ نہ ٿيا ۽ انهن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو. پنجاهه ڏينهن کان پوءِ الله رب العالمين انهن جي توبه قبول فرمائي.
هاڻي سورة يونس ۾ فرمايو ويو آهي: قرآن حڪمت ۽ دانش جو ڪتاب آهي، هيءَ ڪا عجيب ڳالهه ڪونهي. اسان توهان منجهان ئي هڪ شخص کي هدايت جي لاءِ پيغمبر ٺاهي توهان جي وچ ۾ موڪليو. جيڪو شخص بہ سندس هدايت قبول ڪندو، ڇوٽڪارو نصيب ٿيندس. منڪرين جي حق ۾ ڪا سفارش ڪم نہ ايندي.
ان کان پوءِ الله تعاليٰ دوزخ کان ڊيڄاريو آهي ۽ جنت جي نعمتن جي خوشخبري ڏني آهي. ناشڪرن ماڻهن جو ذڪر ڪندي الله تعاليٰ فرمائي ٿو تہ: ”جڏهن مٿن ڪا مصيبت اچين ٿي تہ اهي هر وقت الله تعاليٰ جي حضور گڙگڙائيندو آهن، پر جڏهن سندن مصيبت پري ٿي ويندي آهي، الله تعاليٰ انهن تي رحم فرمائيندو آهي تہ اُهي ماڻهو ناشڪرا ٿي وڃن ٿا، ڄڻ انهن تي ڪو برو وقت آيو ئي ڪونہ هو.“
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو تہ: ”قرآن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي، جيڪا الله جي وحي کان سواءِ ڪنهن پاڻ تصنيف ڪري ڇڏي هجي ۽ جيڪڏهن اي ماڻهؤ! توهان کي تِر برابر بہ شڪ آهي تہ انهيءَ جهڙي هڪڙي سورة ٺاهي آڻيو ۽ پنهنجي لاءِ جنهن کي گهرو، سڏي وٺو. ڪڏهن بہ توهين ڪامياب نٿا ٿي سگهو. اي نبي ﷺ! توهان ماڻهن کي چئي ڇڏيو تہ توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان حق اچي ويو آهي. هاڻي جيڪو سڌي راهه اختيار ڪندو، انهيءَ جي سچائي انهيءَ جي لاءِ فلاح جو ڪارڻ ٿيندي ۽ جيڪي گمراهه آهن، انهن جي لاءِ گمراهي تباهي جو سبب ٿيندي. صبر ڪريو، ايستائين جو الله فيصلو ڪري ۽ الله ئي بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهي.“
هاڻي سورة هود شروع ٿئي ٿي.
سورة هود ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي تہ: ”قرآن مجيد هڪ حڪم ۽ هڪ نظام آهي ۽ انهيءَ جو نازل ڪرڻ وارو دانا ۽ باخبر آهي. ڪنهن غير الله جي بندگي نہ ڪريو، بندگيءَ جي لائق صرف الله جي ذات ڪافي آهي ۽ الله جو نبي ﷺ، الله جي طرفان خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو آهي.
منڪرؤ! توهين پنهنجي ڪيئي جي معافي چاهيو ٿا تہ الله جي طرف موٽي اچو، نہ تہ توهان کي خوفناڪ خوفناڪ عذاب جي تنبيهه ڪئي ٿي وڃين. زمين تي هلڻ وارا ڪي بہ جاندار اهڙا نہ آهن، جن جو رزق الله جي ذمي نہ هجي. ماڻهو ڏاڍا ناشڪرا آهن. پريشاني ۽ مايوسي جي حالت ۾ الله تي الزام هڻن ٿا ۽ جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي نعمتن کي نوازي ٿو تہ اڪڙجڻ لڳن ٿا ۽ مغرور ٿي وڃن ٿا.
هن سورة ۾ بہ الله تعاليٰ منڪرن سان چيلنج ڪيو آهي. جيڪڏهن توهين سمجهو ٿا قرآن مجيد پاڻ مرادو ڪتاب آهي تہ توهين بہ انهيءَ جهڙيون سورتون ٺاهي اچو ۽ (الله کان سواءِ) پنهنجي مددگار کي گڏ رکي اچو. يقينًا توهين ائين نٿا ڪري سگهو.
شال الله پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)