مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ٽين تراويح

اول نام الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو

اڄ جو بيان ٽئين سيپاري جي اڌ کان چوٿين سيپاري جي ٽئين حصي تائين جي تلاوت تي مشتمل آهي. هن ۾ جنگ بدر ۽ جنگ احد ٻنهي جو ذڪر آهي. جنگ بدر ۾ مسلمانن جي تعداد 313 هئي، جن وٽ مناسب بنيادي هٿيار بہ نہ هئا، جڏهن تہ ڪافرن جي تعداد هڪ هزار هئي ۽ اُهي پوري ريت هٿياربند هئا. الله تعاليٰ فرشتن جي مدد سان مسلمانن جي اهڙي ريت مدد فرمائي جو کين فتح نصيب ٿي. هيءَ جنگ اچڻ وارين گهڻين جنگين جو سبب ٿي. جنگ بدر ۾ شڪست کان پوءِ مڪي جي سڀ کان وڏي لشڪر مديني تي چڙهائي ڪئي ۽ اُحد جي ميدان ۾ مسمانن سان جنگ ڪئي. هن جنگ ۾ فتح ٿيندي ٿيندي مسلمانن کي شڪست ٿي، ڇوته فوج جي هڪ حصي نبي ڪريم ﷺ جي هدايت ۽ حڪم جي خلاف عمل ڪندي ڀڄي ويل دشمنن جو مال ڦرڻ شروع ڪيو. مسلمانن جي انهيءَ حرڪت جي ڪري فتح، شڪست ۾ تبديل ٿي وئي. ايتري حد تائين جو حضور اڪرم ﷺ جي چهري مبارڪ تي زخم آيا. منافقين پڻ مسلمانن سان دوکو ڪيو ۽ فتني برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. الله تعاليٰ مسلمانن جي غلطين جي نشاندهي ڪري اصلاح جي متعلق هدايت ڏني. ارشاد ٿيو: ”ڏنگي ذهن وارا ماڻهو قرآن سان پنهنجي مرضي جا مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهڙا ماڻهو انهيءَ عذاب ۾ گرفتار ٿيندا.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”غير مذهب وارن کي پنهنجو رازدان نہ بڻايو.“ يهودين وانگر عيسائي بہ اسلام جي دعوت جا سخت مخالف هئا، ڇاڪاڻ تہ نبي ڪريم ﷺ ۽ عيسائين جي وچ ۾ معاهدو رکيو ويو تہ ٻئي ڌريون پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪندا. جيڪو ڪوڙو ٿيو، انهيءَ تي الله جي لعنت هجي. پر عيسائي انهيءَ تي قائم نہ رهيا. الله ڪوڙين قسمن جي کائڻ جو سخت منع ڪيو آهي.
الله ڌن، دولت کي ٻانهي لاءِ الله جي آزمائش قرار ڏنو آهي ۽ بخل کان منع فرمايو آهي. ڌن، دولت ۽ اولاد ڇٽڪاري جو ذريعو ڪونهي، پر ڇٽڪاري جو ذريعو تقويٰ ۽ پرهيزگاري آهي. مؤمن قرآن تي يقين رکي ٿو ۽ عاجزي، انڪساري سان الله جي بارگاهه ۾ دعا گهري ٿو. اُهي قرآني سورتن جو معاوضو نٿا وٺن. مؤمن جي نيڪ اعمال جو صلو سندس رب وٽ آهي. تاڪيد فرمائي وئي: ”اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان جو ڪفارن سان مقابلو ٿئي تہ ميدان ۾ ثابت قدم رهو ۽ پنهنجي مورچن تي پير ڄمائي بيهي رهو.“
شال الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***