مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ستاويهين تراويح

اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو

اڄ جي تراويح جو بيان 26 سورتن جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”انسانو! توهان مال ۽ دولت جي لالچ ۾ اهڙي طرح مبتلا آهيو جو ميراث جو مال تائين هضم ڪري وڃون ٿا. نہ توهين يتيمن جي مدد ڪريو ٿا، نہ ئي مسڪينن جي. بيشڪ توهان جو پروردگار توهان جي تاڙ ۾ آهي. اسان انسان کي جسماني صحت سان گڏ اهڙي صحيح سمجهه بہ عطا فرمائي آهي جو هو بدي کان بچي سگهي ٿو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪري سگهي ٿو. تہ جنهن ضمير کي پاڪ رکيو، انهيءَ فلاح ماڻي ۽ جنهن نفس جي پيروي ڪئي، اُهو خساري ۾ رهيو.“
ارشاد ٿيو تہ: ”خيرات ۽ صدقا الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيڻ گهرجن پر نہ احسان ڪرڻ ۽ صلو وٺڻ لاءِ. بي لوث دستگيري جي توفيق الله تعاليٰ ڏئي ٿو ۽ بخيل و بي پرواهه ماڻهن لاءِ آخرت جو عذاب آهي. اي نبي ﷺ! اسين سگهوئي اوهان تي اهڙي نعمت ڪنداسين جو اوهين خوش ٿي ويندا. جيڪڏهن نعمت جي عطا ۾ دير آهي تہ ان ۾ اوهين اُنهيءَ غلط فهميءَ ۾ نہ پئو، اسان توهان کي وساري ڇڏيو آهي ڇا؟ اسان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ اوهان جي دستگيري ڪونہ ڪئي آهي ڇا؟ اسان اوهان کي روشن ضميري نہ عطا ڪئي؟ اوهان جي پريشانين کي پري ڪيوسين ۽ اوهان جو ذڪر بلند ڪيوسين. مشڪلن سان گڏ آسانيون بہ ٿين ٿيون. اوهين فڪر نہ ڪريو ۽ پنهنجي رب جي طرف متوجهه رهو.“
هن کان پوءِ ارشاد ٿئي ٿو تہ: ”اسان انسان کي بهتر شڪل ۾ پيدا ڪيو. بد اعمالن جي ڪري هو آهستي آهستي ڪرندو ويو، پستي جي حالت ڏانهن هليو ويو. پر نيڪ ماڻهن لاءِ الله وٽ وڏو اجر آهي.“
ان کان پوءِ سورة العلق جي پهرئين کان پنجين آيت غارِ حرا ۾ نبي ﷺ تي نازل ٿيڻ وري پهرئين وحي جي ذڪر تي ٻڌل آهي. ارشاد ٿيو تہ: ”اي محمد ﷺ! اوهان پنهنجي رب جو نالو وٺي پڙهو، جنهن ڪائنات کي پيدا ڪيو، علم عطا ڪري انسان کي ڳالهيون سيکاريون، جيڪي هو ڪونہ ڄاڻندو هو. پر دولت جو نشو هن کي انڌي گهوڙي تي سوار ڪري سرڪش بڻائي وجهي ٿو. جيڪڏهن هي نہ مُڙيو تہ اسين ان کي وارن مان جهلي ڇڪينداسين.“
ارشاد ٿيو تہ: ”اسان قرآن مجيد کي شب قدر ۾ نازل ڪرڻ شروع ڪيوسين. هيءَ اهڙي برڪت واري رات آهي، جيڪا هزار مهينن کان بهتر آهي. هن رات ۾ فرشتا الله جو حڪم کڻي لهن ٿا ۽ انهن جون برڪتون صبح ٿيڻ تائين جاري رهن ٿيون.“
ارشاد ٿيو: جيڪي ماڻهو حاضر آهن يعني اهل ڪتاب ۽ مشرڪ، اُهي سڀني کان بدتر مخلوق آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا، اُهي خلقت کان بهتر آهن ۽ اُهي هميشه جنت ۾ رهندا. اها بهترين خلق آهي، جن سان الله راضي ۽ هو الله سان راضي آهن.
حساب واري ڏينهن اسين اهڙي نموني انصاف ڪنداسين جو نہ ڪنهن جي ذري برابر نيڪي ضائع ٿيندي، نہ ڪنهن جي ذره برابر بُرائي لڪندي. دراصل انسان ناشڪرو بہ آهي ۽ پنهنجين ڪمزورين کان واقف به، پر مال جي محبت ان کي بي پرواهه بڻائي ڇڏي ٿي. ماڻهؤ! قيامت جي دهشت کان ڊڄو. توهين اندازو نٿا ڪري سگهو تہ دوزخ جي شعلا ڪڍندڙ باهه جو عذاب ڪهڙو هوندو؟ دولت جي خوشي اوهان کي الله کان پري ڪري ڇڏيو آهي. قيامت جي ڏينهن توهان کان تمام نعمتن جي پڇا ڳاڇا ٿيندي ۽ اوهين ضرور دوزخ کي ڏسندا سواءِ نيڪ ماڻهن جي، انسان عام طور تي خساري ۾ رهي ٿو. ارشاد ٿيو آهي تہ: چغل خور ۽ بخيل کي ضرور ڀڙڪندڙ باهه ۾ اڇلايو ويندو. ڇا توهان ڏٺو ڪونہ ڪافر بادشاهه ابرهه خانه ڪعبه تي هاٿين سان حملو ڪيو تہ الله پنهنجي پکين جي وسيلي پٿريون وسائي انهيءَ تمام لشڪر کي تباهه وبرباد ڪري ڇڏيو. اي اهلِ قريش! هاڻي جڏهن اسان توهان جي تجارتي رستي تي امن قائم ڪري ڇڏيو تہ توهان کي شڪرگذار بڻجي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي.
ارشاد ٿيو: يتيمن ۽ مسڪينن کي نندڻ وارا رياڪار، بدبخت آهن. اُهي نماز جي غرض ۽ غايت کان خالي رهن ٿا.
اي محمد ﷺ! توهان دشمنن جي طعنن (مهڻن) جو اثر نہ وٺو. دشمن جو اولاد ئي گمنام ٿي ويندو. اوهان نماز قائم ڪريو ۽ قرباني ڏيو. حوضِ ڪوثر اسان جو اوهان لاءِ عطيو آهي.
ان کان پوءِ سورة ڪافرون ۾ الله ڪافرن ۽ مؤمنن جون واٽون الڳ الڳ ٿو ڪري ڇڏي، جيئن هڪ ٻئي کان ڇٽل ۽ جدا رهن.
سورة نصر ۾ (مڪي جي فتح کان پوءِ) دين اسلام جو ذڪر فرمائي حمد رب جليل جي هدايت فرمائي. سورة لهب ۾ ابو لهب ۽ سندس زال تي الله تعاليٰ لعنت ڪئي. انهن ٻنهي نبي ﷺ کي گهڻو ستايو هو. ٻئي جهنم ۾ ويندا. ان کان پوءِ سورة اخلاص ۾ ارشاد ٿيو تہ اعلان ڪري ڇڏيو تہ بس الله يڪتا آهي، اُهو بي نياز آهي. نہ هن جو ڪو اولاد آهي، نہ هو ڪنهن جو اولاد آهي ۽ نہ ئي سندس ڪو همسر آهي.
پوءِ سورة فلق ۽ سورة الناس ۾ حاسدن جي حسد ۽ شرپسندن جي شر، جادو ۽ شيطاني وسوسن کان بچڻ لاءِ الله دعا سيکاري آهي تہ توهان الله جي پناهه گهرندا ڪريو، جيئن محفوظ ۽ مامون رهو.
شال الله پاڪ ڪلام پاڪ جي هن سربستي احوال کي سمجهڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)