چوٿين تراويح
ڏيئي پچاري نہ پار، مڙنيان مهربان گهڻو
هي بيان چوٿين سيپاري جي ٽن حصن کان پنجين سيپاري جي ختم ٿيڻ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي.
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”جيستائين افواهن جي ڪري چڱي ريت معلوم نہ ڪيو وڃي، ان وقت تائين ان جي اشاعت کي روڪيو وڃي، ڇوته منافقين غلط افواهه پکيڙي مسلمانن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“ مسلمانن کي هيءَ هدايت ڏني وئي آهي تہ پنهنجي ڪردار ۽ اخلاقي سطح کي مٿانهون رکن، جيئن ڪفار جي مقابلي ۾ توهان پنهنجي گهٽ تعداد هوندي ڪاميابي حاصل ڪريو. پر يهودين، عيسائين ۽ مشرڪن جا مذهبي ساڙ ۽ اخلاق وعمل تي تنقيد ڪئي ويئي آهي ۽ انهن کي دينِ حق جي طرف اچڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”توهان آدم جو اولاد آهيو، انهيءَ لاءِ معاشري کي خراب نہ ڪريو.“
حڪم ٿيو تہ: ”يتيمن جو مال انهن کي واپس ڪريو. انهن جي سٺي مال سان پنهنجو خراب مال نہ بدلايو.“
هن سورة ۾ تيمم جي اجازت پڻ ڏني وئي آهي ۽ نماز قصر ڪرڻ، نماز خوف ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. پوءِ زالن جي تعداد مقرر ڪندي ارشاد فرمايو ويو آهي تہ: ”جيڪڏهن توهان زالن سان انصاف نہ ڪري سگهو تہ هڪ زال سان گذاريو ۽ ٻين زالن جو مهر خوش دلي سان موٽايو.“
ملڪيت مرد ۽ عورت جا حصا مقرر ڪيا ۽ قرض جي واپسي کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
بدڪار عورت تي چار شاهدن لازمي قرار ڏنو ويو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد ۾ رکڻ جو حڪم مليو. بدڪار مردن لاءِ سخت سزا جو حڪم ٿيو، پر توبه ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي. پر آخري وقت جي توبه قابلِ قبول نہ آهي.
ان کان پوءِ رشتن جو تفصيل آهي، جن سان نڪاح جائز آهي. مقرر ڪيل مهر ۾ زالن جي رضامندي سان گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. متعو ڪرڻ محض شهوت کي پورو ڪرڻ آهي، ان ڪري حرام آهي. ڪاروبار ۾ گڏيل رضامندي سان مناسب منافع جائز آهي. پر ظلم ۽ هيرا ڦيري ناجائز آهي، جنهن جي سزا جهنم آهي. وڏن گناهن جي بچڻ جي ڪوشش سان ننڍن گناهن جي شرط توبه معاف ٿي وڃي ٿي. عورتون جيڪڏهن نافرمان ۽ قابو کان ٻاهر هجن تہ کين سزا ڏيئي سگهجي ٿي. پر سزا ڏيڻ جو بهانو ڳولڻ سخت گناهه آهي. زالن ۾ جيڪڏهن ناراضگي ٿي وڃي ۽ گڏيل فيصلو نہ ٿي سگهي تہ ٽياڪڙي مقرر ڪيو وڃي.
بخيل ۽ ناشڪرن ماڻهن لاءِ ذلت جو عذاب آهي. نشي ۽ ناپاڪيزگي جي حالت ۾ نماز جائز ڪونهي. پاڻي نہ هجڻ جي صورت ۾ غسل، ناپاڪي ۽ وضو جي بدلي تيمم جائز آهي. مسلمانن کي امانتون واپس ڪرڻ، انصاف ڪرڻ ۽ خيانت نہ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي، جهاد جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ گواهي جو رتبو اعليٰ رکيو ويو آهي. مسلمان لاءِ موت کان ڊڄڻ بزدلي آهي. مسلمانن کي جهاد جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ شاهدي صاف لفظن ۾ ڏيڻ گهرجي. منجهيل شاهدي ناجائز آهي. ايتري حد تائين سچي شاهدي جا نقصان توهان جي ذات يا پنهنجي ڪنهن عزيز جي ذات تي بہ اچي رهيا هجن، تہ بہ شاهدي سچي ڏيڻ گهرجي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: شرڪ کي هرگز معاف نہ ڪيو ويندو ۽ خطائون ان جي رحمت سان معاف ٿي سگهن ٿيون.
شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي پيغام تي عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)