مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ستين تراويح

اول نالو الله جو، ڏيهن جو ڏاتار
جو ڏيئي نہ ڪري پچار، سٻاجهو سڀني کي سپرين

اڄ جي تراويح ۾ بيان اٺين سيپاري جي اڌ کان نائين سيپاري جي ٽن حصن جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي ماڻهؤ! پنهنجي رب کي ڇڏي ٻين سرپرستن جي پويان نہ لڳو. قرآن جي پيروي ڪريو. قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ضرور ٿيندي، جن ڏانهن پيغمبر موڪليا ويا آهن ۽ پيغمبرن کان بہ پڇيو ويندو تہ توهان پنهنجو فرض ڪيتري قدر نڀايو ۽ انهن ماڻهن جي طرفان توهان کي ڪهڙي موٽ ملي؟ ماڻهن کي قيامت ۾ ميزان جي مرحلي مان ضرور گذرڻو پوندو.“
”اي انسانو! توهان کي زمين تي سڀ اختيار ڏئي آباد ڪيو ويو. توهان جي پيدائش جي وقت توهان کي فرشتن کان سجدو ڪرائي عزت بخشي سين ۽ توهان کي نعمتن سان مالا مال ڪيوسين، پر توهين گهٽ ئي شڪرگذار ٿيندا آهيو. اي بني آدم! الله جي مقرر ڪيل حد کان نہ وڌو، الله حد کان وڌڻ وارن کي پسند نٿو ڪري. الله حرام ڪري ڇڏيا بي شرمي جا ڪم، ظاهر هجن يا لڪل. الله سان گڏ ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ حرام آهي. الله جو نالو وٺي اهڙي ڳالهه ڪرڻ جنهن جو توهان کي علم نہ هجي تہ الله تعاليٰ اُها ڳالهه ارشاد فرمائي بہ آهي يا نه. الله تعاليٰ سان سرڪشي ڪرڻ وارن جو جنت ۾ داخل ٿيڻ ائين ناممڪن آهي، جيئن اُٺ جو سُئي جي ناڪي مان لنگهڻ. پر نيڪ عمل ڪرڻ وارن لاءِ جنت جي خوشخبري آهي. اي ماڻهؤ! توهين الله کي سڏيو خوف ۽ اميد سان الله تعاليٰ جي رحمت ماڻهن جي ويجهو آهي.“
ان کان پوءِ الله ڪيترن ئي پيغمبرن ۽ انهن جي امتن جي حالتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي سرڪشي ۽ بد اعمالين جي ڪري انهن تي الله جي طرفان مٿن مختلف عذاب نازل ٿيندا هئا. انهن جو ذڪر ان ڪري فرمايو ويو آهي تہ جيئن ماڻهو انهن مان نصيحت ۽ عبرت حاصل ڪن ۽ دعوت ورسالت قبول ڪري هدايت حاصل ڪن.
هي عبرت انگيز واقعا ٻڌائڻ کان پوءِ الله تعاليٰ نبي ﷺ کي ارشاد فرمائي ٿو: ”اي نبي ﷺ! ماڻهن کي ياد ڏيار تہ پهرئين ڏينهن کان سڀني انسانن جي روحن کي جمع ڪري پڇيو ويو: ”ڇا مان توهان جو رب ناهيان؟“ تہ سڀني جواب ڏنو: ”بيشڪ تون ئي اسان جو رب آهين. اسين سڀ انهيءَ جي شاهدي ڏيون ٿا.“ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو تہ: ”ڇا ماڻهو هاڻي انهيءَ اعلان کي ڀلجي ويا آهن جو شرڪ ۾ مبتلا ٿيا آهن؟“
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي تہ: ”نفس پرستي جي ڪري ماڻهن جي حالت ان ڪُتي وانگر آهي، جنهن جي زبان لالچ جي ڪري ٻاهر لڙڪندي رهندي.“ اهڙن ماڻهن کي جهنم لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، ڇوته انهن وٽ دل آهي پر سمجهن نٿا، انهن وٽ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، انهن وٽ ڪن آهن پر ٻڌن نٿا. اُهي جانورن وانگر آهن، بلڪه انهن کان بہ ويل آهن. هي ئي اهي ماڻهو آهن، جيڪي غفلت ۾ پيل آهن.“
الله تعاليٰ نبي ﷺ جن کي ارشاد فرمايو تہ: جيڪڏهن منڪرين توهان کي جادوگر يا مجنون چون تہ اوهين انهيءَ جي ڪا پرواهه نہ ڪر. توهان اهو فرمايو تہ آءٌ خوشخبري ٻڌائڻ وارو آهيان انهن ماڻهن کي، جن منهنجي ڳالهه مڃي.“ آخر ۾ نبي ﷺ کي تبليغ جي حڪمت خصوصيت سان ٻڌائي ويئي تہ مخالفين جو مقابلو صبر ۽ تحمل سان ڪر تہ جيئن جذبات جي ڪري ڪو اهڙو واقعو پيش نہ اچي، جنهن سان تبليغ جي ڪمن ۾ رڪاوٽ پيدا نہ ٿئي. الله تعاليٰ نبي ﷺ کي ارشاد فرمايو تہ: ”تو نرمي ۽ درگذر جو طريقو اختيار ڪر ۽ جاهلن سان بحث نہ ڪر. اي نبي ﷺ! تو پنهنجي رب کي صبح وشام ياد ڪر ۽ عاجزي ڪر ۽ خوف سان دل ئي دل ۾ بہ ۽ هيڻي آواز سان پڻ.“
شال الله پاڪ اسان کي اڄ جي ٻڌل ڪلام پاڪ جي هن بيان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***