مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ارڙهين تراويح

اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيھہ ساري
ڏيئي نہ پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو

اڄ جو بيان ٻاويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي نبي ﷺ جون زالون! توهان جو مرتبو عام عورتن کان مٿي آهي. ڳالهه سڌي ڪريو ۽ زيب وزينت جي نمائش نہ ڪريو.“ پوءِ عام ماڻهن کي خطاب لاءِ ارشاد ٿيو آهي تہ: ”اي ماڻهؤ! محمد (ﷺ) مردن مان ڪنهن جو پيءُ ڪونهي. پر هُو الله جو آخري نبي آهي. ان کان پوءِ ڪوبہ نبي نہ ايندو. اسان، پنهنجي نبي کي هدايت جو ٻرندڙ ڏيئو ڪري موڪليو آهي ۽ اسان ۽ اسان جا فرشتا انهيءَ تي درود موڪلين ٿا. اي ايمان وارؤ! توهين بہ ان تي درود ۽ سلام موڪليو.“ هن کان پوءِ نڪاح، عدت ۽ پردي جا حڪم نازل ڪري منافقن تي لعنت فرمائي وئي آهي.
هن کان پوءِ سورة سبا شروع ٿئي ٿي. ”الله تعاليٰ جي ذات پاڪ ۽ هر تعريف جي لائق آهي. اُهو داناءِ ۽ باخبر آهي. منڪرن جي دليل جهالت تي ٻڌل آهي. انهن جي ايمان نہ آڻڻ جي ڪري مٿن الله جو عذاب ڇو نٿو نازل ٿئي. اي نبي ﷺ! خبردار ڪريو. الله جو عذاب انهن تي اچي رهندو. اُهي ڀٽڪيل آهن. اسان چاهيون تہ انهن کي گذريل عذاب ۾ ورتل امتن وانگر زمين جي اندر غڙق ڪري ڇڏيون ۽ انهن تي پٿر جا مينهن وسائي ڇڏيون. ايمان وارن لاءِ ان ۾ الله جون نشانيون آهن.“
ان کان گذريل نبين جي ذڪر جي باري ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو آهي: ”اسان داؤد ؑ لاءِ لوهه، ميڻ جيئان نرم ڪري ڇڏيو هو. اُهو پنهنجي لاءِ سامان تيار ڪري ۽ جبلن ۽ پکين کي ان جي تابع ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح سليمان ؑ لاءِ ٽامي جو چشمو بڻايوسين ۽ جنات کي انهن جي تابع ڪري ڇڏيو. آل سبا تي ان جي ناشڪري ۽ ڪفران جي بدلي ۾ عذاب نازل ڪيو ۽ انهن کي سيلاب سان هلاڪ ڪيوسين.“
ان کان پوءِ سورة فاطر شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي: ”اسان فرشتن کي پنهنجو پيغام رسائيندڙ مقرر ڪيو آهي. اسان جنهن تي رحمت جا دروازا کولي ڇڏيا، انهن کي ڪو بند ڪونہ ٿو ڪري سگهي ۽ نہ ئي انهن کي ڪوئي کولي سگهي ٿو. انسانو! توهين شيطان جي ڪوڙي دولاب کان بچو. اُهو توهان کي توهان جا براعمل خوش نما ڪري ڏيکاري ٿو. يقينًا هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. توهين بہ ان کي پنهنجو دشمن ئي سمجهو. انسانو! توهين جيڪو منهنجي مال مان خرچ ڪريو ٿا، الله تعاليٰ توهان کي ان جو پرو پورو اجر ڏئي ٿو، بلڪه ان کان بہ گهڻو ڏيندو. الله تعاليٰ غني ۽ تعريف جي لائق آهي. ها، بيشڪ توهين الله جا محتاج آهيو. الله کي هر شيءِ تي قدرت آهي. جيڪڏهن اُهو ماڻهن کي پنهنجي بداعمالين جي ڪري سزا جي گرفت ڪري ها تہ روءِ زمين تي ڪو ساهه وارو زنده باقي نہ رهي ها، پر اهو پنهنجن بندن کي هڪ مقرر وقت تائين جي مهلت ڏئي ٿو.“
هن کان پوءِ سورة يسين شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! اسان توکي پيغمبر بڻائي موڪليو آهي ۽ توهان تي قرآن ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي تہ توهين ماڻهن کي هدايت پهچايو. ڪجهه انهن مان اهڙا آهن، جن جي عقل تي پردا چڙهيل آهن ۽ انهن کي نصيحت ڪرڻ، نہ ڪرڻ برابر آهي. اُهي الله جي عذاب جا مستحق ٿي چڪا آهن.
نصيحت ۽ هدايت کان تہ اُهي فائدو حاصل ڪن ٿا، جيڪي بغير ڏسڻ جي الله کي مڃين ٿا ۽ انهن جي پيروي ڪن ٿا. جيڪي پنهنجي خدمت جو صلو نٿا گهرن.“
شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي هن (بنيادي) پيغام تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)