مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

ڇهين تراويح

اول نالو الله جو، برڪت بي شمار
سو ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين

اڄ جو بيان ستين سيپاري جي چوٿين حصي کان اٺين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. الله تعاليٰ سيدنا عيسيٰ ؑ کي فرمايو تہ: ”مون توکي ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ۽ پوءِ ڪهڙا ڪهڙا معجزا توکي عطا ڪيا ۽ ڪهڙيون نعمتون توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي ڏنيون ۽ ڪهڙي طرح تنهنجي قوم کي نوازيو، تہ هاڻي توهين سڀ جواب ڏيو، توهان ماڻهن کي چيو تہ الله کي ڇڏي توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي پنهنجو رب ٺاهيو؟ اُهي جواب ڏيندا: هرگز نه! اوهين دلين جا حال ڄاڻڻ وارا آهيو. مون تنهنجي ڏنل حڪم جي مطابق صرف تنهنجي بندگي جي هدايت ڪئي هئي. هدايت جي باوجود جيڪڏهن ماڻهن ڪفر ڪيو تہ اي الله! تون انهن کي سزا ڏين يا معاف ڪرين، تون غالب ۽ دانا آهين.“
هاڻي سورة انعام شروع ٿئي ٿي.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو تہ: ”ڪفارن جي تہ طريقو ئي اهو آهي تہ پيغمبرن جو مذاق ۽ ٺٺوليون ڪن ۽ انهن کي جادوگر ٺاهين، پر الله تعاليٰ جو دين مٿن غالب ٿي رهندو. نہ مڃڻ وارن جو انجام برو آهي. الله تعاليٰ ۽ بناوتي خدائن ۾ هي فرق آهي تہ الله رزق ڏئي ٿو، وٺي نٿو. جڏهن تہ غير الله پنهنجي پوڄارين کي رزق ڏيڻ بدران وٺڻ جا محتاج آهن.“
الله تعاليٰ نبي ﷺ جن سان فرمائي ٿو تہ: ”ڪافرن جي منهن موڙڻ کان پريشان نہ ٿيو، بلڪه صبر ڪريو، الله تعاليٰ جي مدد توهان کي اچي پهچندي.“ ڪنهن جي اعمالن جو پڇاڻو ٻئي کان نہ ٿيندو. هر شخص پنهنجي اعمال جو پاڻ ذميدار هوندو. ڪافرن کي پنهنجو انجام معلوم ٿي ويندو. الله تعاليٰ حشر جو ڏينهن برپا ڪندو. هو دانا ۽ باخبر آهي.“
الله تعاليٰ سيدنا ابراهيم ؑ جي معرفت الاهي جو واقعو ٻڌائيندي ارشاد فرمائي ٿو تہ: ”اي اهلِ قريش! جهڙي طرح توهين پنهنجي پيغمبرن کي ڪوڙو چوندا رهيا آهيو، اهڙي طرح ابراهيم ؑ جي قوم بہ ان جي منڪر هئي. اي ماڻهؤ! ان شخص کان وڏو ظالم ڪير هوندو، جيڪو الله تعاليٰ تي ڪوڙا بهتان هڻي ۽ اُن جي آيتن جي مقابلي ۾ سرڪشي ڪري؟ الله قيامت جو وعدو فرمايو آهي ۽ قيامت يقينًا اچڻ واري آهي. ظالم ڪڏهن فلاح حاصل ڪري نہ سگهندا. الله تعاليٰ نبي ﷺ کي ارشاد فرمائي ٿو تہ: ”ايمان آڻڻ وارن کي چئي ڇڏ. جيڪڏهن منڪرين الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پڪارين تہ اُن جي معبودن کي گاريون نہ ڏيو. ڪٿي ائين نہ ٿي پوي جو جواب ۾ الله تي گستاخي ڪرڻ لڳن. الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو تہ: ”اي محمد ﷺ! چئي ڇڏ، مون کي منهنجي پروردگار سڌو رستو ڏيکاريو آهي. منهنجي نماز، منهنجي عبادت، منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ، سڀ الله لاءِ ئي آهي، جنهن جو ڪو شريڪ ڪونهي.“ فرمايو ويو:
1. الله تعاليٰ سان ڪو شريڪ نہ ڪريو.
2. والدين سان سهڻو سلوڪ ڪريو.
3. پنهنجي اولاد کي مفلسي جي ڊپ کان قتل نہ ڪريو.
4. بي حيائي ۽ بي شرمي جي ڪمن جي ويجهو بہ نہ وڃو.
5. ڪنهن جي جان کي هلاڪ نہ ڪريو، پر حق سان.
6. ماپ تور ۾ پورو انصاف ڪريو.
7. ڳالهه انصاف جي ڪريو، معاملو کڻي ويجهي رشتيداري جو ڇو نہ هجي.
8. يتيمن جي مال کي ويجهو نہ وڃو.
9. قول وقرار پورو ڪريو، کڻي الله سان هجي يا بندن سان هجي.
شال الله تعاليٰ عمل جي توفيق ڏي. (آمين)