مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

يارهين تراويح

اول نالو الله جو، مٺو موچارو
سخي سونهارو، ترس وند تمام گهڻو

هيءَ تراويح تيرهين سيپاري جي اڌ کان چوڏهين سيپاري جي ٽئين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ ڪافرن تي سندن ڪرتوتن جي ڪري ڪا نہ ڪا آفت ايندي رهندي ۽ اُهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو.
منڪرين وڏيون اٽڪلون ڪندا، پر اصل فيصلو ڪندڙ تدبير الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ۽ ان کي حساب وٺندي دير ڪونہ لڳندي آهي.
هن کان پوءِ سورة ابراهيم شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”اي نبي ﷺ! منهنجي جن ٻانهن ايمان آندو آهي، انهن کي چئي ڇڏ تہ نماز قائم ڪن، الله جي راهه ۾ پنهنجي مال مان خرچ ڪن. ان کان پهرئين جو اُهو ڏينهن اچي وڃي جڏهن نہ وڪڻڻ ۽ وٺڻ ۽ نہ ئي دوست نوازي هلندي.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي انسانو! مون جيڪو رزق توهان کي ڏنو آهي ۽ سج ۽ چنڊ، سمنڊ ۽ درياء، رات ۽ ڏينهن جو جيڪو سلسلو توهان لاءِ قائم ڪيو آهي ۽ اُهو سڀ ڪجهه جيڪو گهريو، پر حقيقت ۾ انسان وڏو بي انصاف ۽ ناشڪرو آهي. قرآن سڀني انسانن لاءِ هڪ پيغام آهي. ان لاءِ ماڻهو ٻڌي وٺن تہ اَللّٰهُ وَحْدَهٗ لَا شَرِيْکَ آهي ۽ اُهو ئي معبود حقيقي آهي. اي عقل رکڻ وارؤ! نصيحت وٺو.
ان کان پوءِ سورة حجر شروع ٿئي ٿي.
هن سورة ۾ الله تعاليٰ اُنهن ماڻهن کي تنبيهه فرمايو آهي، جيڪي نبي ﷺ جي دعوتِ دين ۽ اسلام جو مذاق ڪن ٿا ۽ نبي ﷺ تي ديوانگي جي تهمت هڻن ٿا.
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو تہ: ”اي منڪرؤ! توهان کي معلوم هئڻ گهرجي تہ قرآن الله جو ذڪر آهي، جيڪو هُن پنهنجي نبي ﷺ تي نازل ڪيو ۽ اُهو ان جو پاڻ محافظ ۽ سنڀال ڪندڙ آهي.“
الله تعاليٰ نبي ﷺ کي تسلي ڏيندي چوي ٿو تہ اوهين منڪرين جي ڳالهين سان دل برداشته نہ ٿيو ۽ انهن جي ڌمڪين جو اثر نہ وٺو. جيڪي ماڻهو ڀٽڪيل آهن، اُهي ابليس جا پيروڪار آهن ۽ اُهي ئي جهنمي ٿيندا.
اي نبي ﷺ! ٻڌائي ڇڏ ماڻهن کي تہ الله تعاليٰ رحيم ۽ درگذر فرمائڻ وارو آهي، پر سندن عذاب سخت ۽ دردناڪ پڻ آهي.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! اسان کي خبر آهي تہ اوهان کي مڪي جي ڪفارن جون ڳالهيون اڻ وڻندڙ لڳن ٿيون ۽ اوهان کي تڪليف ٿئي ٿي تہ اي نبي ﷺ! انهيءَ جو علاج هي آهي تہ اوهان پنهنجي رب جي حمد وتسبيح ۾ مصروف رهو ۽ سندس عبادت وبندگي ۾ وقت گذاريو.“
ان کان پوءِ سورة نحل شروع ٿئي ٿي.
ارشادِ باري تعاليٰ آهي تہ: ”اي مشرڪؤ! الله تعاليٰ جي ذات پاڪ توهان جي شرڪ کان مٿانهين آهي. نادانؤ! توهين عذاب گهري رهيا آهيو. ياد رکو، اُهو وقت هاڻي پري ڪونهي، جڏهن توهين پنهنجي سرڪشي ۽ بداعمالي جي سزا چکندؤ. توهين ناشڪرا آهيو، حالانڪه توهين پنهنجي رب جي نعمتن کي اکين سان ڏسو ٿا. ان توهان جي آرام لاءِ، توهان جي رزق لاءِ، توهان جي پوشاڪ لاءِ، توهان جي باربرداري (بار ڍوئڻ) لاءِ اهڙيون شيون ۽ جانور پيدا ڪيا آهن، غور ڪرڻ وارن لاءِ ان ۾ الله تعاليٰ جون وڏيون نشانيون آهن.“
اي مشرڪؤ! ٿورڙو گهمي ڦري ڏسو! نہ مڃڻ وارن جو ڪهڙو انجام ٿيو. انهن جون بستيون الله تعاليٰ ڪهڙي طرح اٿلائي ڇڏيون.
الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن شيءِ لاءِ چاهي ٿو تہ هو ٿي تہ ٿي پوندي آهي.
انهيءَ کان پوءِ الله ڌيئرن سان ڪيل بدسلوڪين جي باري ۾ مشرڪين کي دڙڪو ڏئي ٿو تہ جڏهن ڇوڪري پيدا ٿئي ٿي تہ ذلت محسوس ڪريو ٿا ۽ ان کي شرم جي وچان دفن ڪري ڇڏيو ٿا. توهين گمراهه ۽ سنگدل آهيو. انهيءَ گمراهيءَ سان گڏ ديده دليري سان فرشتن کي الله جون ڌيئون قرار ڏيو ٿا ۽ هيءَ نهايت جهالت ۽ شرڪ جي ڳالهه آهي.
شال الله پاڪ قرآن مجيد جي هن پيغام سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

***