مذهب

خلاصہ تراويح

رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مھينن کان وڌيڪ ٿي پئي. رب ڪريم هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون. تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.

Title Cover of book خلاصہ تراويح

چوڏهين تراويح

اول نالو الله جو، جو برڪت بي شمار
ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين

اڄ جو بيان سترهين سيپاري جي چوٿين حصي کان شروع ٿي ارڙهين سيپاري جي اڌ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي.
سورة انبياء جي باقي آيتن ۾ الله تعاليٰ جناب ابراهيم ؑ کان عيسيٰ ؑ تائين جي ڪيترن پيغمبرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پوءِ نبي ﷺ جو ذڪر مبارڪ انهيءَ خاص وصف سان گڏ ڪيو آهي تہ: ”اي نبي ﷺ! اسان توکي سڄي جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو.“
هن کان پوءِ سورة حج ۾ مشرڪن کي الله جي غضب کان ڊيڄاريو ويو آهي تہ پنهنجي ضد ۽ هوڏ کان رڪجي وڃن. پوءِ ڪمزور مسلمانن کي خبردار ڪيو ويو آهي تہ پنهنجي ايمان ۽ اعمال ۾ پختگي پيدا ڪريو، نہ تہ بي يقيني سان توهان جي دنيا ۽ آخرت ٻئي برباد ٿي وينديون، جيڪو پڌرو خسارو آهي. هن کان پوءِ اهلِ ايمان کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي تہ هاڻي توهان جو نالو مسلم آهي ۽ توهان جو اُهوئي نالو حضرت ابراهيم ؑ جي امت ۾ بہ هو.
مسلمانن کي حج جا احڪام ڏنا ويا ۽ هي ارشاد فرمايو تہ: ”جيڪا اوهين قرباني ڏيو ٿا، ان جو رت ۽ گوشت اسان تائين نٿو پهچي. اسان وٽ تہ توهان جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري ٿي پهچي.“
هن کان پوءِ سورة مؤمنون شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”عبادت جي ادائيگي دل جي خلوص سان ڪندا ڪريو ۽ بي حيائي جي ڪمن کان پري رهو. اها ئي دنيا ۽ آخرت جي فلاح جي راهه آهي. ڇوٽڪارو رسول جي اتباع (تابعداري) ۾ آهي. اهلِ ايمان غرور ۽ وڏائي سان پنهنجن عملن کي ضائع نٿا ڪن. انهن جا دل ان ڪري ڊڄن ٿا تہ انهن کي پنهنجي رب جي طرف موٽڻو آهي. اُهي نيڪي جا ڪم ڪن ٿا.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي تہ: ”اسان ڪنهن شخص تي ان جي همت کان وڌيڪ بار نٿا وجهون. اي نبي ﷺ! مخالفين پنهنجي حرڪتن کي ڇڏڻ وارا ڪونہ آهن، ايتري تائين جو کين موت اچي وڃي. تنهنڪري ان وقت پڇتائڻ شروع ڪندا، پر هي آخرت وقت ۾ پڇتائڻ سندن ڪنهن ڪم جو ناهي.“
هن کان پوءِ سورة نور شروع ٿئي ٿي.
هن سورة ۾ مسلمان معاشري جا اخلاقي اقدار بيان ڪيا ويا آهن ۽ معاشرتي ضرورتن جي لاءِ اخلاقي ۽ قانوني ضابطه بيان ڪيا ويا آهن. ارشاد باري تعاليٰ آهي:

1. زنا جي سزا خواهه مرد هجي يا عورت، سؤ ڪوڙا لڳائڻ آهن.
2. بدڪارن خواهه مرد هجي يا عورت، انهن سان مقاطعه (بائيڪاٽ) ڪيو وڃي ۽ انهن سان نڪاح بہ نہ ڪيو وڃي.
3. زنا جو الزام هڻڻ واري ۽ ثبوت نہ پيش ڪرڻ واري کي 80 ڪوڙا آهن.
4. زال ۽ مرد مان جيڪڏهن ڪو هڪ ٻئي تي بدڪاري جو الزام مڙهي ۽ ثبوت پيش نہ ڪري تہ چار ڀيرا الله جو قسم کڻي تہ جي هو/هوءَ سچو/سچي آهي ۽ پنجين ڀيري چوي تہ جيڪڏهن هو/ هوءَ ڪوڙو/ ڪوڙي آهي تہ ان تي الله جي لعنت هجي.
5. نيڪ مرد نيڪ عورتن جي لاءِ ۽ نيڪ عورتون نيڪ مردن لاءِ آهن. اهڙي طرح خبيث مردن ۽ خبيث عورتن سان گڏ آهن تہ جيڪي فحش ڳالهيون مشهور ڪن تہ اُهي سزا جا حقدار آهن.
6. جيستائين ڏوهاري جي خلاف ثبوت نہ ملي، تيستائين کيس بي گناهه سمجهيو وڃي.
7. بنا اجازت جي هڪٻئي جي گهرن اندر داخل نہ ٿيڻ گهرجي.
8. عورتون هار سينگار ڪري نامحرمن جي سامهون نہ اچن ۽ انهن کي پنهنجي ڇاتي ڍڪڻ گهرجي.
9. اسلام ۾ ڇڙائي واري زندگي ناپسند آهي.
10. مرد ۽ عورتون هڪٻئي کي گهوري نہ ڏسن ۽ نہ ئي هڪ ٻئي ڏانهن جهاڻن
11. اڪيلائي جي وقت گهرن جي اندر، ڪمري جي اندر وڏا تہ ڇا پر ننڍا بہ داخل نہ ٿين.
12. عزيز رشتيدارن، دوستن، احباب ۽ ڀروسي جهڙا ڪجهه ماڻهو جن ۾ اپاهج ۽ معذور بہ شامل آهن، جيڪڏهن کائڻ جي شيءِ بغير اجازت جي کائي وٺن تہ ان جو شمار چوري ۽ خيانت ۾ نہ ٿيندو.