ڪتاب جو نالو: عشق اونداھو سج
مصنف: عاشق بلوچ
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 03 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 654 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 218 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نوجوان ليکڪ عاشق بلوچ جو لکيل ناول آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”هڪ شاعراڻي مزاج جي مالڪ نوجوان ناول نگار عاشق بلوچ جي پهرين تخليقي پورهئي ۾ سندس ڪردارن سان نڀاءَ، مڪالما ۽ ڪلائمڪس سنيهو ڏيندڙ ۽ سبق آموز ان ڪري به آهي جو هن ناول جو پلاٽ/ڪهاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاس آهي، جن ۾ نوجوان پڙهندڙ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن پڙهندي پنهنجو پاڻ سان گفتگو جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ته پڪ ڄاڻجي ليکڪ پنهنجي مقصد ۾ سڦلتا ماڻي ورتي آهي، عاشق بلوچ جو هي مختصر رومانوي ناول به هڪ اهڙي ڪاوش آهي، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي سگهه ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڇڪي آڻي بيهاري ٿي. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • پنھنجي پاران
  • ڄامشوري جي فطرت جي جماليات جهڙو نثر !
  • ھڪ سچو آرٽسٽ
  • ڪاريگر ناول نگار
  • سگھارو ناول
  • عشق اونداھو سج

  • (1)
  • (2)
  • (3)
  • (4)
  • (5)
  • (6)
  • (7)
  • (8)
  • (9)
  • (10)
  • (11)
  • (12)
  • سمبارا پبليڪيشن جا 2017ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عشق اونداھو سج“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نوجوان ليکڪ عاشق بلوچ جو لکيل ناول آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
    ”هڪ شاعراڻي مزاج جي مالڪ نوجوان ناول نگار عاشق بلوچ جي پهرين تخليقي پورهئي ۾ سندس ڪردارن سان نڀاءَ، مڪالما ۽ ڪلائمڪس سنيهو ڏيندڙ ۽ سبق آموز ان ڪري به آهي جو هن ناول جو پلاٽ/ڪهاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاس آهي، جن ۾ نوجوان پڙهندڙ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن پڙهندي پنهنجو پاڻ سان گفتگو جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ته پڪ ڄاڻجي ليکڪ پنهنجي مقصد ۾ سڦلتا ماڻي ورتي آهي، عاشق بلوچ جو هي مختصر رومانوي ناول به هڪ اهڙي ڪاوش آهي، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي سگهه ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڇڪي آڻي بيهاري ٿي. “
    ھي ڪتاب 2018ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail. com
    www. sindhsalamat. com
    books. sindhsalamat. com


    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 141
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: عشق اونداهو سج
    موضوع: ناول
    ليکڪ: عاشق بلوچ
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2018ع
    ڪمپوزنگ: محمد حسين مهر
    ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    مٺو ٽاور سامهون عبرت پريس ويجهو دوابا پوليس لائين گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 200



    ISHQ ONDHAO SIJJ
    (Novel)
    By: ASHIQUE BALOCH
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    سمورن هڪ طرفو
    عشق ڪندڙن
    جي نانءٌ


    اداري پاران

    موجوده دور اندر سنڌي ادب ۾ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ خاص طور تنقيد ۽ ناول جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي، جيتوڻيڪ ان جي پڙهندڙن ۾ وڌندڙاضافو قابل ستائش آهي، نوجوان نسل جي سنڌي ادب ۾ دلچسپي ۽ پڙهڻ جي وڌندڙ رجحان اڻ ڳڻيا ليکاري ته پيدا ڪيا آهن، پر انهن جي فني ۽ فڪري پرک ڪندڙ الائي ته ڇو پنهنجي عملي اظهار کان اڻ ڄاڻ آهن، جنهن سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ صحتمند ادب جي سرجڻ جو ڪاٿو ڪٿڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي، ان باوجود نوجوان ليکاري وت آهر پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به طرح پاڻ کي پُٺِ تي نه ٿا ڀائين، جيئن اسان جو هي نوجوان ليکاري عاشق بلوچ پنهنجي رومانوي ناول” عشق اونداهو سج“ سان پاڻ کي متعارف ڪرائيندي اهو باور ڪرائي ٿو ته هر ايندڙ ٽهي پاڻ سان گڏ پنهنجا اسلوب ۽ پنهنجا رستا پاڻ ٺاهڻ جي صلاحيتن کان ڪنهن به طرح غافل ناهي. نوجوان ناول نگار عاشق بلوچ پنهنجي هن ناول ۾ ٻن رومانوي ڪردارن ساجد ۽ سنبل جي پيار ڪٿا کي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جي روپ ۾ پسي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش کي ضرور ساراهي سگهجي ٿو.
    هڪ شاعراڻي مزاج جي مالڪ نوجوان ناول نگار عاشق بلوچ جي پهرين تخليقي پورهئي ۾ سندس ڪردارن سان نڀاءَ، مڪالما ۽ ڪلائمڪس سنيهو ڏيندڙ ۽ سبق آموز ان ڪري به آهي جو هن ناول جو پلاٽ/ڪهاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاس آهي، جن ۾ نوجوان پڙهندڙ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن پڙهندي پنهنجو پاڻ سان گفتگو جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ته پڪ ڄاڻجي ليکڪ پنهنجي مقصد ۾ سڦلتا ماڻي ورتي آهي، عاشق بلوچ جو هي مختصر رومانوي ناول به هڪ اهڙي ڪاوش آهي، جنهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي سگهه ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڇڪي آڻي بيهاري ٿي.پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي آڌار احساساتي اندر سان لفظن ۾ روح ڦوڪيندڙ عاشق بلوچ جو هي قلمي پورهيو” عشق اونداهو سج“ جي روپ ۾ ڪيتري مڃتا ماڻي ٿو، اهو ته ايندڙ وقت تي ڇڏجي ٿو پر هن نوجوان ليکڪ جي هن ڪاوش تي ڀليڪار چئي سندس ڳل تي شاباش جي ٿڦڪي ضرور هڻڻ کپي.


    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد


    پنھنجي پاران

    جاويده عشق کي دوام بخشڻ
    ميری باتوں ميں ہے تاثير کہ ميں،
    دل پہ لکہتا ہوں قلم سے پہلے..
    عشق جي قفس ۾ ڀڳل پيرن سان رقص ڪندڙ عُشاقن جي ڇالن سان چِٿيل پيرن جا نقش مايوسين جي مقتل گاھ ڏي وڌندا رھن ٿا،عشق وجود جي وجد ۾ گِھڙي ذات جي مادي حيثيت جا اسرار کوليندو رھي ٿو ۽ ماڻھو وجود جي ماھيَت ۾ انيڪ رمزون ڄاڻڻ جِي فيصله ڪُن آگاھي کانپوءِ پاڻ سان مخاطب ٿي پنھنجي اظھار جي قالب ۾ چوي ٿو ته ھر ماڻھو پنھنجي قيد پاڻ اُڻي ٿو ۽ خود ماڻھو پاڻ ئي پنھنجي فطري آزادي جو جٽادار ضامن ھجي ٿو.
    جيتوڻيڪ پيدائشي طور تي ھر قيدي آزاد ڄمندو آھي،وقت ۽ حالتن جو اَخطلاط اُن کي اسيري جو اِذن ٻڌائي انيڪ عقوبتن سان دامنگير ڪندو آھي.عشق حقيقي معنا ۾ پاڻ ارپڻ جو نالو آھي ،پاڻ ارپڻ مان مراد ھڪ ٻئي وجود ۾ پاڻ کي محلول ڪري پاڻ کي اُن جي ذات جي دائراءِ اختيار ۾ محصور ڪري ڇڏڻ آھي ڇو ته مطلوب جي ذات کي دوام بخشڻ طالب جي جاويدہ عشق جو شيوو ھوندو آھي.
    عشق ۾ خلوصِ دل جن جي ايمان جي سرڪردگي ڪندو آھي اُنھن لاءِ ڀٽائي جو ھي بيت عشق جي تجديد ھوندو آھي.
    "اکين ۾ ٿي ويھه، ته واري ڇَپَر ڍڪيان،
    تارن ۾ ڪر تڪيو، پنبڻين ۾ ڪر پيهه،
    تو کي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پَسان ڪِي ٻيو."
    يادگيرين جي تتل صحرا ۾ ھڪڙي ماضي بعيد جي ڳنڍ کلي ٿي ته ڪيتريون ئي يادون گُل افشاني ڪندي اِھو احساس ڏيارين ٿيون ته ھڪ لِڱا بارشن ٿر تي وسڻ کان نابري واري ڇڏي ھئي، خُشڪسالي جي زَد ۾ ٿر جي گرم واري تي ٻاٻيھن جا لاشا ڪثير تعداد ۾ موصول ٿيڻ لڳا ھئا،بي سواد زندگي صحرا جو جارھاڻو ڏيک ڏئي رھي ھئي،ھر طرف ماٺار،مايوسين ۽ ھيڪلائي جو سناٽاخيز بيابان ھو جنھن ۾ کڄندڙ ساھ ھن ماھ(جسم/ماس جو وجود)کي جيئرو رکڻ جي اجائي مشق لڳي رھيا ھئا،گويا زندگي جا اُٻاڻڪا لمحا حياتي جي ڪلھن تي غيرضروري بوج لڳي رھيا ھئا.
    پنھنجي وجود کي مصلوب ٿيندو ڏسي روح دھلجي ويو ھو..
    اُنھن ڏينھن محسوسات جي سنگباري ۾ مونکي لڳو ته منھنجو پاڇو منھنجي وجود کي گرھ گرھ ڪري کائي رھيو آھي،منھنجي آھ سان سڄو آسمان ڦوڪجي ويو آھي،بحرِ عرب منھنجي لڙڪن جو ذخيرو ٿي ويو آھي،وڻ ھجرت جي خوف کان توائي ٿي چڪا آھن،آسمان کي ڪانگ پَٽي رھيا آھن،زمين کي ڪوريئڙو سوڙي ڪري رھيو آھي ۽ ماڪوڙيون سمونڊ پي رھيون آھن.
    نراسائي جي انھي اداس لمحن ۾ منھنجي ڪرنگھي تان مايوسي جي ريل مٽي رھي آھي ۽ آئون ڌرتي جي پُڙ جو بار پنھنجي مٿي تي محسوس ڪندي پير کُپائي بيٺل آھيان.
    مون اُن وقت محسوس ڪيو ھوائون ننڌڻڪي ٻار جي عُريانيت کي ڇُھي سينه ڪوبي ڪري رھيون آھن ،جيتن جي عالمي نمائش ۾ پوپٽن کي ڪوجھو قرار ڏئي تڙيو ويو آھي.
    مون اُن ڏينھن شدت سان محسوس ڪيو ته قبر جي پراڻي پڙن تي وسندڙ چانڊوڪي ڪيڏي نه اداس ٿي چڪي آھي؟
    دردن جي دونھين ۾ گھريل اُنھي ڪرڀناڪ لمحن ۾ ھُو ملي ھئي ڄڻ سُڪڙجندڙ زندگي جي رڳن ۾ حياتي متحرڪ ٿي موٽي آئي ھئي ۽ دريا ڌرتي جا دڳ لتاڙي سمونڊ سان ٻَکين پئجي ويا ھئا...
    ھُو منھنجي اکين جي ماڻڪين ۾ خدا جو پرتوو ٿي سمائجي وئي ھئي...
    ھڪڙو دور ھوندو آھي ماڻھو ڀرپور جيئندو آھي،ھڪڙو دور ايندو آھي جو ماڻھو کي جيئڻو پوندو آھي.وقت حالتن جا تضاد آڻيندو آھي ته زندگي جي جيئڻ جا لاڙا تبديل ٿي ويندا آھن ۽ حالاتن جو بدلجڻ سوچن جي ارتقا ۾ نوان تَصنع پيدا ڪندي آھي جنھن سان زوردار عشق جي اُجاره داري وجود تان ختم ٿي ويندي آھي ۽ ماڻھو پنھنجي ساڳي جُسي جي قبا ۾ واپس موٽي ايندو آھي.
    منھنجي ھي ناول "عشق اونداھو سج" جي لکجڻ کي ھڪ خيال جي تلميح جو ادبي سَعيو سمجھڻ گھرجي.
    مون حتي الامڪان ڪوشش ڪئي آھي ته ناول جو اسلوب تبديل ھجي، ڇو ته ناول جو موضوع ممڪن آھي نئون نه ھجي پر قدرن ڪوشش ڪئي آھي ته ناول جي اسلوب کي نرالو رکجي.
    ھتي آئون اھو اعتراف ٿو ڪريان ته ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل منھنجي ڪَلا جي سواري پنھنجي حدف کان گھڻو پوئتي مرڻينگ حالت ۾ پيل آھي انھي جو سبب بيان نٿو ڪري سگهجي.
    لاش تي ويٺل مَکي جھڙي سماج ۾ تخيُل جي ديوي تي خاموشي محصور آھي پر تنھن ھوندي به تخليق جي ٻڏندڙ سفيني مان ھٿ اُڀا ڪري پنھنجي ھجڻ جو احساس ڏيارڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آھي.
    خودثنائي کان پري ڀڄڻ منھنجي شعور جو جُز آھي اھو ئي سبب آھي جو آئون اڃان تائين ادب ۾ گوشانشين تخليقارن جي سٿ جو حصو آھيان.آئون ھن ناول بابت ڪنھن به ادبي خوشفھمي ۾ رھي پاڻ کي ڪا شيءِ ھجڻ جو تعيُن ڪرڻ واري شرڪ کان پاڻ کي پري عدم ھجڻ جو داعي سمجھان ٿو ھا پر ڪڏھن ڪڏھن ،جڏھن ڪجھه مخصوص ڪيفيتن جِي باقيات جي پاڇي چُڀندي محسوس ڪندو آھيان ته اُنھن جي خلش کي سانت ڪرڻ لاءِ اکرن جا ڇنڊا ھڻندو آھيان.
    منهنجو هي ناول عرب شاعر امرءُالقيس جي هن قصيدي جي تتبح جو تشريحي ادراڪ آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي “عشق هڪ آتش فشان پهاڙ آهي ۽ منهنجي دل ۾ آڙاهه پيا ٻَرن، اگر هي باهه هڪ نيزي جي فاصلي تائين منهنجي ويجهو اچي ته هوند اُها به سڙي، ٻري، کامي خاڪ ٿي وڃي.”
    منھنجي ھن ناول جي ڇپجي پڌرو ٿيڻ ۾ ڪجھ دوستن جا دلي ٿورا آھن جن ۾ خاص طور تي ناول کي ڪمپوز ڪندڙ پياري دوست ۽ ڪلاس مئٽ محمد حُسين مھر جو ٿورائتو آھيان جنھن ناول جي ڌيان سان ڪمپوزنگ ڪئي.ان کان علاوہ منھنجي شفيق استادن ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ مئڊم ريحانه نظير جو ٿورائتو آھيان جن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل لاءِ راءِ لکي، اُن سان گڏ سنڌي شعبي جي ٻين مشفق استادن جن ۾ سر مخمور بخاري جي لڳاتار اتساھ جو مشڪور آھيان ۽ گڏوگڏ سر نواب ڪاڪا، سر نورمحمد شاھ ۽ ميڊم شازيه سفير جي اتساھ جو پڻ ٿورائتو آھيان.
    پياري دوستن ناشاد رضوان ،جعفر شاھاڻي،شھاب نھڙيو ۽ احساس سمون جي محبتن جو مقروض آھيان جن منھنجي ڪتاب تي راءِ ڏني.
    اداري پاران ٻه اکر لکڻ تي پياري ساجد سنڌي جو به شڪرگذار آھيان.
    ڪجهه منهنجي ڳوٺ ساڏوري جي ادبي دوستن جعفر شاهاڻي، پريتم چيتن، عرفان شاهاڻي، محسن شاهاڻي، زاهد حُسين، دين محمد، لياقت علي ۽ ذوالفقار شاهاڻي جون محبتون منهنجي ادبي سفر سان همسفر رهيون آهن ۽ ڪجهه يونيورسٽي جي دوستن ناشاد رضوان، بابو سومرو، ساگر مشتاق، اعزاز لغاري، انيل آزاد اوڏ جون محبتون به مون سان گڏ گڏ رهيون آهن.

    عاشق بلوچ
    قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ
    7ڊسمبر 2018ع
    Email:ashiquebaloch2018@gmail.com


    ڄامشوري جي فطرت جي جماليات جهڙو نثر !

    لفظن جي ادائگي ۽ ان ۾ خيالن جي پختگي وارو مونکي عاشق بلوچ جي لکڻ جو اهو نرالو انداز ايترو ته وڻندو آهي جو ايئن لڳندو آھي هن احساسن جي مصور وٽ خيالن کي اُڻڻ لاء اها سڄي Cosmeticology موجود آهي.
    عاشق بلوچ جو نثر پڙهندي ماڻهو پاڻ کي الاهي ڪٿي وڃائي ڇڏيندو آهي ۽ وري وري پاڻ پنهنجي وجود جي ڳولها ۾ اندر ڏانهن جهاتي پائيندو آھي .طالب محبوب سندس لکڻين جي سحر ۾ جڪڙجي ويندا آهن ۽ انهن خيالن جي سرمستي واري ڪيفيتن ۾ سندن تصور پنهنجي محبوب جي رخسارن کي ڇُهي وٺندو آهي.
    عاشق جي تخليقن ۾ مونکي اها خاصيت نظر اچي ٿي جو سندس لکڻيون بخوبي خود Convince ڪري سگهن ٿيون.
    هن ڄامشوري جي پهاڙين ۾ اُپسرائن جي پازيب جي ڇمڪار جي ڇم ڇم کي به قلمبند ڪيو آھي ته وڇوڙن جا ورلاپ ڪندڙ وجود جي الوداعي کي به سندءِ تخليقن جي سماءُ ۾ سميٽيو آھي.
    سندس هي ناول "عشق اونداهو سج"سموري جماليات جي علامت آهي.
    هن زماني جي ظرف کي پروڙي عشق لامحدود جي منزلن تي پاڻ وڃائڻ سان گڏ ان مجازي عشق جي انڌاري سج جي تشريح به ڪئي آھي.
    عاشق بلوچ جو هي ناول پڙهندي ايئن محسوس ٿيئي ٿو ته هن درد کي پرکڻ سان گڏ پاڻ ۾ جذب به ڪيو آهي ۽ هو درد کي Self-exressiveness ڪرڻ جو فن به ڄاڻي ٿو.
    هي موضوع اهڙو آهي جنهن تي دنيا جي هر هڪ تخليقڪار لکيو هوندو پر اصل ڳاله Diction جي هوندي آهي ۽ ڪامياب لکڻي اسلوب ذريعي ئي پاڻ متعارف ڪرائيندي آھي. عاشق جو اسلوب بنهه پختو ۽ ۽ ڏاڍو دل افروز آهي، جنهن ۾ احساسن جو Climax به وڻندڙ اٿس.
    هن ناول ۾ ليکڪ پنهنجي لفظن جي ڪُميتن کي صحراءِ جي پيچرن تي ڊوڙائيندي اولاڻي شهسواري ڪئي آهي، ۽ انهي اولاڻي سواري جو ايذاءُ سوار کي ڪيترو رسيو هوندو؟
    ناول ۾ تجريد جو ڪمال جو آرٽ نظر اچي رهيو آھي ڄڻ ڪنهن سندرتا سنڌي ناريءَ جي ڪنڌ ۾ ست سري دهري جو ڇاتيءَ کي چمڻ. هن ناول ۾ درد جي منظر نگاري به پرديس ۾ پرڻايل ان وياڪل ڪنوار جي نکيٽيءَ جي ٽاڻي اباڻي اڱڻ ۾ بيٺل وڻ جي ٽارَ ۾ ڇڏيل آخري نهار جي منظر جهڙو روح کي جهير ڏيندڙ درد آهي.
    جتي عشق پنهنجين سمورين مسافتن ۾ بنا حاصلات جي ٿَڪ ڀڃي اتي اهڙن نوجوانن جي قلم مان ههڙا ناول تخليق ٿيندا ۽ اهي ئي ناول هن سماج جي حقيقي رومانويت جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪندا.
    پياري عاشق بلوچ کي اهڙو شاهڪار ناول لکڻ تي دلي واڌايون اميد ته هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ ۽ منفرد مقام ٺاهيندو.

    ناشاد رضوان
    عاقلي / ٿر
    8ڊسمبر 2018ع


    ھڪ سچو آرٽسٽ

    هڪ سچو آرٽسٽ هڪ ڏينهن فطري طور آرٽ ڏانهن اَوس موٽندو آهي، ساڳي ڪيفيتون، حالتون، لهواريون اوڀاريون عاشق بلوچ سان به لاڳاپيل رهيون آهن،جنهن کي آئون هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندي شعوري اکيون کلڻ وقت کان نه صرف سڃاڻيندو پيو اچان پر زندگيءَ جي اڻ ڳڻين موڙن تي اسان هڪٻئي لاءِ مشڪل گهڙين ۾ نيڪ نيتيءَ سان سوچيو ۽ لوچيو پڻ آهي.
    اڄ انهي پيار پنهنجائپ جي ڀرم ڪارڻ کوڙ يادون اسان جي دلين ۾ آهن جيڪي ھت نٿو ڪريان ۽ اچان ٿو سندس تخليقي پورهئي طرف.
    جيتوڻيڪ ناول، ناوليٽ ۽ ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ ۽ فني حوالي سان ٿوري ڦيرڦار، ننڍ وڏائي جي فرق کي سامهون رکي 1853ع ۾ انگزيرن جي ڪرم نوازين سان سنڌي الفابيٽ جُڙڻ کانپوءِ سنڌي ساهت ۾ انهن نثري صنفن جو آغاز ٿيو. اڳتي هلي انهن متعلق ڪيترائي انومانَ سامهون آيا جنهن لاءِ انهن ٽنهي صنفن جي تاريخي پسمنظر ۾ وڃي قلب ۾ هٿ وجهبو ته، نه رڳو ڳالهه ڳچ ٿي ويندي پر ڪيترن ئي سوالن جو جنم پڻ اڻٽر ٿي پوندو، جنهن ڪري انهي قصيءَ کي به اتي ئي ڇڏيان ٿو.
    جيئن ڪنهن قوم جا رسمي طور طريقا، سماجي اُٿي ويٺي هوندي آهي، ائين دنيا جي ڪاروهنوارُ جا به پنهنجا قاعدا قانون هوندا آهن جن جي دنيا صدين کان پيروڪار آهي. اهو قانون قدرت به آهي ته، نظام جي بهتري ۽ پاڻ کي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جو اعليٰ نمونو به آهي، پر ڪو انهي قاعدن کان هٽي ڪري به ڪنهن غلط طريقي سان وڏي مقام تي پهچي ٿو ان جو قطعي اهو مقصد ناهي ته اهي طور طريقا، قاعدا قانون غلط يا اجايا آهن. اصل ۾ اهي سڀ ڳالهيون منهنجي خيال ۾ آرٽ جي زمري ۾ آڻجن ته به غلط نه ٿيندو جن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جو فيصلو تاريخ ۽ وقت کي ڪرڻو پوندو آهي جنهن جا ڀيانڪ مثال مون ۽ اوهان سامهون ڪيترن ئي صورتن ۾ آهن. ان داستان ڦلهورڻ جو مقصد ته ڪوبه ڪم ڪجي ته انهن ڳالهين کي مدنظر رکي ڪجي جيئن نام ۽ گام ٻنهيءَ جو نالو روشن ٿئي.
    عاشق بلوچ منهنجو دوست انهي حوالي سان مونکي سدائين نه رڳو متاثر ڪندڙ پر خوددار به لڳو آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن هُن پنهنجي ناول ”عشق اونداھو سج" چپجڻ جي ڳالھ ڪئي ته ڏاڍي خوشي ٿي.
    يقينً ڪو به تخليقي پورهيو ايڏو سؤلو ناهي ۽ اهو ڪنهن تخليقار کان راز ڳجهو به ناهي هوندو. ناول، ناوليٽ ۽ ڪهاڻي جون بنيادي فني گهرجون تقريبن ساڳئي آهن، سواءِ طوالت جي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ هڪ واقعي جي گرد ڦرندو آهي، جڏهن ته ناوليٽ يا ناول جي پلاٽ مک ڪردارن سان ڪيترن ئي واقعن کي سلهاڙي سگهجي ٿو. باقي ڪردارن جي ڳانداپي، پلاٽ جي ترتيب، گهاڙيٽي، ڊائلاگ، تشبيهون، دلچسپي، تجسس، پڄاڻي سميت سڀئي فني خوبيون ۽ فن ساڳيو آهي.
    عاشق بلوچ جي هِن ٻهراڙيءَ جي ڪردارن کان شروعات ٿيندڙ ناول جا مک ڪردار پلاٽ جي تربيب سان منڍ ۾ جن رستن تي، گهٽين ۾ رُسندي پرچندي، چرچا ڀوڳ ڪندي، پيار جي پيچرن تي هلندا نظر اچن ٿا اُتي پنهنجي فطري لاڙي جو عڪس به ظاهر ڪن ٿا. جڏهن اهي مک ڪردار ٻهراڙيءَ جي انهن گهٽين ۾ پنهنجو پيار پروان چڙهندي محسوس ڪن ٿا ته حادثاتي طور تي سندن رشتو ٽٽڻ جا امڪان هوندي به بچي پوي ٿو ۽ ساجد سنبل کان دل جي گهراين سان اجازت وٺي سنڌ يونيورسٽي وڃي وسائي ٿو. اُتي بظاهر پڙهندڙ جي ذهن ۾ صرف رومانوي خاڪو جڙڻ جا وڌيڪ امڪان محسوس ٿين ٿا پر عاشق سُهڻي اسلوب سان نه صرف رومانس واري تاثر کان پڙهندڙ کي آجو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي پر وڇوڙي جي وڍن کان بچائيندو تسلسل ۽ دلچسپي کي به برقرار رکيو اٿس.
    عاشق بلوچ جو هيءُ پهريون قلمي پورهيو جنهن ۾ ٻن پيار ڪندڙن جو داستان به آهي ته، لفظن جي ساحري سندس مطالعي جي گواهي به ڏئي ٿي. خاص طور تي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ شاگردن جي ننڍن وڏن مسئلن کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ سماج ۾ ٿيندڙ ستمن جي جهلڪ، تهذيبي عڪس، تشبيهن، ٻوليءَ سان پيار، ڳنڍيل واقعن جي ترتيب، طرزِ گفتگو، دلچسپي ۽ تجسس سان به ڀرپور نموني نڀايو اٿس.
    سنڌي ساهت جي پرگهور لهندڙ نالي چڙهيا اديب کڻي عاشق بلوچ جي هِن ناول کي ڪهڙي به نظر سان ڏسن پر “عشق اونداهو سج” مونکي وڻندڙ ۽ ليکڪ جي روشن ادبي شناس واري ڀرپور علامت ضرور محسوس ٿيو آهي.
    جيتوڻيڪ عاشق جنهن منزل جو مسافر آهي ان جو اڃا پنڌ گهڻو پري آهي، عاشق سان منهنجون ڪيتريون ئي اميدون وابسته پڻ آهن، جنهن لاءِ کيس پوئتي ناهي جانچڻو ۽ مسلسل مطالعي، مشاهدي ۽ دل لڳي سان پنهنجي منزل ڏانهن سفر جاري رکڻو آهي.
    مون کي ويساھ آهي جيئن پکي جي پهرين پرواز هُن جي حوصلي جي ضامن هوندي آهي، ائين عاشق بلوچ جو هيءُ قلمي پورهيو نوجوان ضرور پسند ڪندا.

    جعفر شاهاڻي
    8 نومبر 2018ع


    ڪاريگر ناول نگار

    ڪھاڻيون وڻن وانگي ھونديون آهن ۽ ناول جھنگل آهن، عاشق بلوچ نثر جي جھنگل جو ڪاريگر شڪاري آهي، هونئن ته ناول جي شروعات روسي ادب کان ٿي آهي، دنيا ۾ ڪيترا ئي اھڙا ناولسٽ آهن جن جا ناول ادبي کيتر ۾ پنهنجو مقام ۽ مرتبو رکن ٿا. سنڌي ٻولي ۾ جيتوڻيڪ ناول ترجمي جي صورت ۾ مليو آهي، پر پوءِ به سنڌ جي حالات ۾ ٻاھران ٿيندڙ حملن جي نتيجي ۾ سنسان ٿي ويل شھرن کان ويندي رسمن رواجن جي پروان چڙھيل دنيا ۽ شھر جي سياڻن واپارين وٽ ڪو پاڻ ڦرائي ويٺو جھڙي ماحول جڏهن جنم ورتو ته سماج م موجود ڪو عاشق بلوچ جھڙو احساس رکندڙ ماڻهو به آهي جنهن پنهنجي شعوري نگاهه جي گُھور سان سماج ۾ جنم وٺندڙ مسئلن کي فوڪس ڪيو آهي.
    ناول ھميشه پنهنجي اندر ۾ پڙهـندڙ لاءِ ھر موڙ تي وڏا سرپرائيز ڇڏيندو آهي، انهيءَ ڪري اھو چوڻ به درست ثابت ٿو ٿئي ته ناول جي پوري ڪھاڻي مان ھڪ سٽ جي حذف ڪئي وڃي ته سڄي ناول جو سواد ختم ٿي ويندو.
    انهيءَ ڪري ادب جي سڀني صنفن مان ناول پنهنجي منفرد مڃتا رکي ٿو. ناول ۾ جيڪڏهن ٻولي جو استعمال خوبصورتي سان ڪيو وڃي ته يقينن پڙھندڙ کي حيران ڪريو ڇڏي.
    عاشق بلوچ ناول جي دنيا ۾ اھو سَلو آهي جيڪو انگوران ڀلو آهي. ڪنري ۽ عمرڪوٽ جي وچ رستي تي ڳوٺ ساڏوري ۾ ھن ڏات ڌڻي جنم ورتو، اسان جي دوستي کي ڏھاڪو کن سال ٿي چڪا آهن، دوستي جي ھن دڳ تي عاشق ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ويندڙ بادل وانگي ملندو آهي. پنهنجي ادبي مطالعي مان انتھائي لاڀائتيون ڳالهيون ڪري ڊگهي ٽٻي ڏئي ھليو ويندو آهي، ھن وٽ ناول لکڻ جي رنگ ڍنگ جا زمين آسمان پنهنجا آهن، ھو پنهنجو پاڻي ڏئي پنهنجو ٻج ڇٽي ادبي کيتر ۾ پوک پوکڻ جو ھنر مند ھاري آهي.
    انهيءَ سلسلي جي ھڪ ڪَڙي توهان جي ھٿ ۾ موجود ناول "عشق اونداھو سج" به آهي، جنهن جو بنيادي محرڪ ته رومانس رھيو آهي پر ھن يونيورسٽي ۾ پيش ايندڙ شاگردن جي مسئلن کان ويندي سنڌي ٻولي جي آبياري لاءِ وزنائتا اکر لکيا آهن.
    عاشق بلوچ سنڌ ي ٻولي جو ھڪ بھترين قلمڪار آهي، شال سدائين پنهنجي لفظن جي گھاٽي ڇانوَ ۾ ٿڪ ڀڃڻ جو موقعو فراھم ڪندو رھي.

    احساس سمون
    ڪنري
    8 ڊسمبر 2018ع


    سگھارو ناول

    ناول سنڌي ادب جي اهم صنف آھي، سنڌي ادب ۾ ناول نويسي جو رجحان وڌي رهيو آھي. اسانجي دوست عاشق بلوچ جو ھي ناول "عشق اونداھو سج "سنڌي ادب ۾ ھڪ سگهاري ناول جو اضافو آھي .عاشق جي هن ناول جو سڄو نثر دل لڀائيندڙ آھي، فني ۽ فڪري خوبين ۽ خوبصورتين سان ڀرپور نثر سچ پچ دل جو پورهيو ٿو لڳي .
    خاص ڪري رومانوي رنگ روح ۾ راماڻا ڪري اترندڙ آھن ،هن ناول ۾ سهڻي نثر جون سموريون حسناڪيون موجود آهن ،عاشق ناول جي فني، فڪري گهرجن سان پوري ريت نڀايو آھي. مون کي هي ناول نوجواني جي نڪور نينهن وانگر محسوس ٿيو آھي ،جنهن ۾ هڪ حسين جهان جرڪي ٿو ،سندرتائون ساھ کڻن ٿيون، انڊلٺي احساس ڪر موڙين ٿا.
    ڪيفيتن جو سمندر ڇُلڪي ٿو ،ساروڻين جو دريا وهي ٿو، نشيلين نگاهن جون نيريون نديون گجگوڙ ڪن ٿيون ۽ عشق جي عجيب اتهاس جي آدرشن مان اتساھ جو ايمان ملي ٿو.
    عشق جيڪو ڪائنات جو هڪ اهڙو ديوتا آهي جنهنجون ڌرمي سرحدون ورهايل ناهن هر زنده روح سندس تابع آهي، سندس پوڄاري آهي.
    ان عشق جي عظمتن جي ڪٿا جي صورت ۾ پياري عاشق بلوچ ناول کي نوَن گسن تي پنڌ ڪرايو آهي . عاشق جو پُرڪيف، پُراثر نثر جيڪو وڻي به ٿو ۽ وڍ به ڏي ٿو .

    شھاب نهڙيو
    گونگيو ٿر
    7ڊسمبر 2018ع



    عشق اونداھو سج

    (1)

    (1)

    هر شام ٽاڻي وڍجِي ويل وڻن جي مرتيي جي تڏي تي نوحه گيري ڪندڙ پکين جا نوحا سڄي وايومنڊل کي سوڳ جي لهر ۾ لپيٽي رهيا هئا، شهيد جي لاش کي وينجهاريل ڳاڙهي پاڻي کي ٻڪ ۾ کڻي عشق قحبه خاني جي چائنٺ تي چوڏهين جي پويتر چانڊوڪي کي مَٿي ميري سان گُهوري رهيو هو، کير جهڙي اُجري چانڊوڪي اوچي محلن جِي پَستين کانسواءِ سڄي عالم ۾ پنهنجي حُسناڪي جو جلوو پَسائي رهي هُئي، جنهن جو غيرحاد ثاتي عشق چڪور تي فرض غُسل جيان فرض ٿي چُڪو هو.
    عشق.....جنهن جي تفسير ۾، تڪليفده ڪيفيتن جي قهر ۾، مُسلسل هڪڙي تسلسل سان ويراڳ جي راڳ جا آلاپ ٿيندي سندس سماعتن ۾ شيشي جُون ڪِرچيون ڀرجي ويون هُيون...
    عشق....جنهن جا باخته بڻجي ويل حواس باز جي چنبي ۾ آيل فاخته جِي بي ساخته ڳنڀير جِي ڪشمڪش جهڙا درد انگيز ٿي وياهُئا.عشق.....جنهن جي تشريح جي بيوفائي واري باب ۾ ويساهن جي واٽن تي کنيل ساهن جا سلسلا پنهنجي جياپي جي تسلسل جو رڌم ٽوڙي رهيا هُئا ۽ دڳن تي چمڪندڙ چانڊوڪي کي وقت جي اڏوهي کائي کُٽائي رهي هُئي....!
    بَزمِ خَلوَت جي چنڊ کي وڇوڙي جي گرهڻ،فراق جي ڪاراڻ جو راڳو ڏئي ڇڏيو هو....!
    عشق.....! جنهن جي ڪيفين جي ڪشڪول ۾ ياد گيرين جا سِڪا گَلي ۾ دَٻيل اوڇنگار جي صورت ۾ مڌم آواز ۾ ڇڻڪي رهيا هُئا.....!
    رَکي رَکي من ۾ ٻرندڙ ڪِن يادن جو لاوو جڏهن عشق جي وجود تي آتش فشان ٿي ڦاٽو ته ٽُڪرن ۾ تقسيم ٿي ويل عشق کان دردن جي دونهين بينائي کسي ورتي جنهن کانپوءِ اِهو لوڪ پهاڪو ٺهيو ”عشق انڌو ٿيندو آهي.“
    عشق ازل کان اوڄاڳن جي سرزمين ڇو آهي؟
    انساني عقل اڄ تائين انهي سوال جي جواب جا پيرا پيو کڻي پر محدود انساني سوچ ۽ ناڪافي انساني عقل عشق جي ازلي بيقراري بابت ڪا به حتمي راءِ قائم ناهي ڪري سگهيو....!!
    صدين جي سفر جي ڊگهي مُسافت تي مُحيط وقت جي ڍنڍ ۾ ڪيترائي عشق جا ڪنول ٽڙندا ۽ ڇڻندا رهيا آهن، بيشمار وجود عشق جي باهه ۾ رَک ٿي ويا آهن،انيڪ وجود عشق جي جهنگ ۾ رُلي رهيا آهن. عشق جي اهڙي غمناڪ وارتا جي تسلسل جي هي به هڪ ڪَڙي آهي جنهن ۾ عشق جي گهاڻي ۾ پيڙجي ويل ويراڳي وجودن جي درد ڪهاڻي کي بيان ڪرڻ لاءِ منهنجي قلم مَس مان وضو ڪري تڪبيرِ اُولى چئي اها ٻه سئو گهرن تي مشتمل هڪ ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ عشق جي درد ڪٿا آهي، جنهن ڳوٺ جي گهٽين ۾ عشق جي خوشبو اُٿي ٿي، روئي ٿي ۽ نيٺ درد جي هوا ۾ بي حسي جي واچوڙن ۾ سنگسار ٿي وڃي ٿي....!!
    دستور موجب قمري تاريخ جي هر سُهائي سومر تي سُنبل پنهنجي ماسي زرينه سان گڏ پنهنجي ماءُ جي مُقام(قبرستان) تي پاڻي ڇٽڪارڻ ۽ ختمو ڏيڻ ويندي هُئي، هن دفعي قمري چنڊ جي سُهائي سومر تي هُو ماسي سان گڏ درگاهه تي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ ٻين ٻارن سان گڏ ساجد به اچي هنن سان گڏاڻو ۽ زرينه ڳوٺ جي ٻين ٻارن سان گڏ ساجد ۽ سُنبل کي وٺي اولياءُ جي حاضري تي وڃي پهتي....!!
    پهرين سُنبل جي ماءُ بشيران جي قبر تي وڃي ان کي ختمو ڏنائون ۽ پوءِ روضي واري درگاهه ۾ حاضري لاءِ روضي اندر گهڙيون سُهائي سومر جي ڪري درگاهه تي وڏي رَش لڳل هُئي، هر ڪو پنهنجي مَن جون مُرادون پوريون ٿيڻ لاءِ اولياءُ الله کي وسيلو بڻائي پنهنجي دعائن جي قبوليت لاءِ ٻاڏائي رهيو هيو....!!
    زرينا باوضو جُتي لاهي پيرن اُڀراڻي اولياءُ جي احاطي ۾ ٻارن سميت داخل ٿي،انتهائي نياز ۽ نوڙت سان درگاهه شريف جي حاضري ڏئي ٻارن ۾ وِلڇ ورهايائين.
    ساجد پنهنجي حصي جي مليل وِلڇ جو اڌ حصو سُنبل کي ڏنو ۽ اڌ حصو پاڻ کاڌو.
    زرينه ٻارن جو پاڻ ۾ اهڙو قرب ڏسي خوش ٿيڻ لڳي هُئي.
    ٻارن کي ولڇ کارائي زرينه اُنهن کي وٺي واپس ڳوٺ ڏانهن موٽي وڃي ٿي....!
    جون جولائي جي وئڪيشن جي موڪلن کانپوءِ جئين ئي اسڪول کلن ٿا ته ذميوار والدين جا ٻار اسڪول وڃڻ شروع ڪن ٿا، ڪي ٻار وئڪيشن جي موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ اسڪول وڃڻ کان لنوائي رهيا هُئا، ڪي ٻار شوق سان اسڪول ٿي ويا ته وري ڪي ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ماسترن جي موچڙن جي ڊپ کان ڪي ٻار پڙهائي تان هٿ کڻي مال چارڻ جي ڪِرت ۾ لڳي ويا...!!
    اسڪول کلڻ واري پهرين ڏينهن تي سُنبل ۽ ساجد اسڪول ويا...!!
    ساجد هڪ ذهين، هوشيار، ڦڙتيلو ۽ سڀ کان اڳرو ٻار هو، سڄي ڪلاس ۾ چالاڪي ۽ هوشياري ۾ هُو سڀ کان اڳرو هوندو هو، جڏهن ته سُنبل هڪ ماٺيڻي ۽ خاموش مزاج نينگريءَ هُئي.
    ساجد ۽ سُنبل پاڻ ۾ سئوٽ هئا، ان ڪري هُو روزانو اسڪول به گڏجي ويندا هُئا.
    اسڪول کان واپس موٽي اچي هوم ورڪ به گڏجي ڪندا هُئا.
    ٻنهي جو پاڻ ۾ بيحد گهڻو پيار هوندو هو. ساجد وڏو شرارتي ٻار هوندو هو، هُو گهڻيون شرارتون سُنبل سان ڪندو هو، ڇو ته ٻيا ٻار هن سان شرارتن تان وڙهي پوندا هُئا، پر سُنبل هن سان نه وڙهندي هُئي...!
    هو سُنبل کي گهڻو تنگ به ڪندو هو ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تان شرارتون ڪري هُن کي روئاڙيندو هو ۽ پوءِ پاڻ وڃي اُن کي پرچائي ايندو هو.
    هنن جو هر روز پاڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو هوندو هو، خاص طور تي هِي جڏهن به ڪنهن اپاهج ماڻهو کي خيرات گُهرندي ڏسندا هئا ته هنن جو بحث جاري ٿي ويندو هُيو.
    ساجد چوندو هو:
    سُنبل! ڏس، ڪجهه ماڻهن جي مقدر جي ميخانن ۾ خوشين جا جام بنهه گهٽ هوندا آهن اُن ڪري اُهي اياڻا ماڻهو تدبير کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ تقدير جي لڪير جا فقير ٿي ويٺا هوندا آهن ۽ زندگي ڏکن جي ڪاڙهي ۾ گُذاري وڃي موت سان هوت ٿيندا آهن.
    سُنبل: نه ساجد نه رڳو ائين به ڪونهي، ڪجهه ماڻهو ڀاڳ جي آڳ جو حصو هوندا آهن ۽ اُهي ماڻهو تدبير جا قائل ناهن هوندا ڇو جو اُنهن جو مڪتبِ فڪر ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙي نه ٿئي،،واري بيت جي مصداق هوندو آهي، اُنهن لاءِ نصيب جي ريکائن ۾ نَصب ٿيل ڳالهيون حرفِ آخر هونديون آهن.
    اُهي سوچ ۽ لوچ جي با مُشقت جَبري ڪوشش کي غير ضروري مَشق سمجهندي سڀ ڪجهه بخت جي بازي کي سمجهندا آهن.
    ساجد: ائين ڪونهي سُنبل.
    سُنبل: ائين ئي آهي ساجد، ماڻهو جي نصيب ۾ جيڪو ڪجهه هوندو آهي اُهي تڪليفون، اُهي ذائقا، اُهي غم، اُهي پريشانيون ماڻهو ڀوڳي پوءِ مَرندو آهي..!!!
    تدبير جي حڪمت عملي تقدير جي اڳيان ائين فضول آهي جيئن ڪو ڪبوتر رات جو ٻلي کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي پنهنجي دانائي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪندي اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ هُو سمجهندو آهي ته اکيون بند ڪرڻ واري تدبير سان جهڙي طرح آئون ٻلي کي نٿو ڏسان اهڙي طرح ٻلو به مون کي نٿو ڏسي، تان جو ڪبوتر انهي تدبير جي خوشفهمي ۾ اچي ٻلي جو لُقمئهِ اَجل ٿي ويندو آهي..!!
    سُنبل جي مثال ڏئي سمجهائڻ کانپوءِ ساجد پنهنجو منطقي انداز اپنائيندي چيو:
    سُنبل! جيڪڏهن سڀ ڪجهه تقدير آهي ۽ تدبير لفظ بي معنى ايجاد ٿيل آهي ته پوءِ جڏهن ماڻهو روڊ ڪراس ڪندا آهن ته ٻنهي پاسن کان چڱي طرح نهار ڪري پوءِ روڊ ڇو ڪراس ڪندا آهن؟
    جيڪڏهن جيڪو تقدير ۾ لکيل هوندو سو ته ٿي رهندو اُهو تدبير اختيار ڪرڻ سان نه ٽرندو ته پوءِ ماڻهو روڊ ڪِراس ڪرڻ وقت بنا ڪنهن طرف نهارڻ جي سِڌوسنئون روڊ پار ڪن، جيڪڏهن نصيب ۾ ڪو حادثو لکيل هوندو ته ٿي رهندو جي نه ته ٽريفڪ جي هجوم مان ثابت بچي نڪربو.
    سُنبل: نه نه ائين ڪونهي
    ساجد: يقينن ائين آهي تون ويساهه نه ڪرين ته اها الڳ ڳالهه آهي.
    هنن جو اڪثر انهن ڳالهين تي پاڻ ۾ بحث و مباحثو ٿيندو هو، هُو ڪڏهن به هڪٻئي جي دليلن سان سهمت ٿي يڪراءِ نه ٿيا، انهي بحث و مباحثي جي ڪري هنن جا پاڻ ۾ رنج رساما ٿيندا هئا.
    وقت جو ريلو رِڙهندو رهيو، ڪئلينڊرن جا مُک تبديل ٿيندا رهيا، سياري مان بهار، بهار مان سرءُ ۽ سرءُ مان اونهارا ٿيندا رهيا...!!
    وِيچار جي وستين ۾ داخلي ڪيفيتن جو ڪاريهر جڏهن ڏنگيندو آهي ته محسوسات جي برسات ۾ ڀِڄندي ماڻهو سوچيندو آهي، دريا ڪڏهن ڪڏهن خُشڪسالي جي نظر ٿي ويندا آهن، سمونڊن جون لهرون ماٺ جي واٽ ۾ سانت ٿي وينديون آهن، چوڏهين جِي اُجري چانڊاڻ کي گرهڻ جي سياهي ڌُنڌلو ڪري ڇڏيندي آهي، گلشن اُجڙي پوٺو ٿي ويندا آهن، ڪنهن ڪنوار جي پوتي جهڙي امبر تي جڳمڳائيندڙ ثُريا جي سونهن کي به ڪاريون گهٽائون گهيري وينديون آهن...!
    ها ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڊٺل ڀتيون وري اڏجي وينديون آهن، ميلن جا ميل اُجڙيل صحرا کي برساتون وري ساوڪ سان ڀرپور شادابي جي رِدا ارپي وينديون آهن، چوڏهين جو چنڊ گهٽائن جي گهيري مان نڪري پنهنجي آب وتاب سان جَرڪي پوندو آهي، رات جي ڪاري چولي تي ڪتين جي سونهن وري نکري پوندي آهي، هر ڪمال کي زوال جي ضرب لڳندي آهي ۽ هر زوال کي ڪمال جو جمال به ملي ويندو آهي.
    وقت جڏهن پاسا مٽائيندو آهي ته حالات ۽ ڪيفيتون به ڪَروَٽ بدلي ساڳي ناهن رهنديون.
    ڦرندڙ وقت حالاتن کي تبديلي جا تمغا ضرور پهرائيندو آهي...!!
    بدلجندڙ وقت جي نظر هاڻي ساجد ۽ سُنبل به اچي جواني جي سرحد کي پهتا....!
    سُنبل جيڪا هاڻي انٽر جو امتحان پاس ڪري چڪي هُئي، انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ اڳتي نه پڙهي سگهي ۽ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽيچنگ شروع ڪيائين آهن.
    هاڻي سُنبل جي اها وَهي اچي وئي هئي جو جوڀن جي واهوندن هُن جي ساهن ۾ ويتر سُرهاڻ برپا ڪري ڇڏي هئي، هاڻي هن جي عمر جي اُها حد اچي وئي هئي جو ڏُور امبر ته چمڪندڙ ستارا هن جي گَج جون ٽِڪون ٿيڻ جا طالبو ٿيڻ لڳا هئا، چنڊ به چانڊوڪي جي فلائِنگ ڪِس ذريعي هن جي گلابي پنکڙين جهڙي ڪومل رُخسارن کي چمڻ لڳو هو، بهارن جي نهارن ۾ ڪيترائي پوپٽ گلشن جي شگفتگي جِي ڀُل ۾ صبح جو هن جي چپن جي چئوگرد گهمندا هئا.
    هاڻي هن جي سڳي ۾ سوين عيد جا چنڊ دل لڳي جون سرگوشيون ڪرڻ لڳا هئا، سندس ڪجل جي ڪاليڪ ڪويل جي رنگت جو عڪس بڻجڻ لڳي هئي، رات هن جي وارن ۾ پاڻ پناهه وٺڻ لڳي هئي، ڳاڙهي گلابن جي رنگت هن جي چپن ۾ پاڻمرادو محلول ٿيڻ لڳي هئي...!!
    هاڻي هن جي نيڻ کڻڻ تي سويرا ٿي پوندا هئا ۽ دنيا روشني سان روشناس ٿيندي هئي، هن جي نيڻ جهڪائڻ تي موسمن جي پيشاني تي گهنج پئجي ويندا هئا، پوپٽن ۽ ڀنئورن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ لڳندي هئي...!!
    سُنبل جي ٽور هاڻي ڊيلن کي حيرت ۾ بيهاري ڇڏيندي هئي، هن جي حُسن جي انتها اها هئي جو ماکي ڄڻ ته هن جي لُعاب جو جُز هئي، هن جي صندلي بدن جي مهڪ کي محسوس ڪري ڌرتي ساهه کڻي رهي هئي ۽ آسمان ڪڪرن جو بار کڻي پنهنجي جڳهه تي بيهڪ وٺي بيٺل هو، فضا ۾ هن جي سُڳنڌ سموري نباتات جو دائمي جياپو هئي...!!
    سُنبل جي پيءَ احمد علي هڪ پرائمري استاد هو، ننڍي سطح جو سرڪاري ملازم هئڻ باوجود هن اولاد کي پنهنجي حال سارو تعليم ڏياري ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري پنهنجي ٻارن جي بهتر تربيت ڪيائين.
    سُنبل جي ٻي ڀيڻ انيلا هئي جيڪا ستين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، سندس وڏو ڀاءُ اسحاق ايم.بي.اي ڪرڻ کان پوءِ هڪ بينڪ ۾ ملازمت ڪندو هو.
    احمد علي جي گهر ۾ هن کانپوءِ اسحاق گهر جو وڏو هو ۽ گهر جا اختيار هن کي هئا.
    هُو ڏاڍو حساس، نرم دل، با ادب ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو.
    اسحاق پنهنجي ننڍي ڀيڻ سُنبل جو خاص خيال رکندو هو، هُو حتي الامڪان ڪوشش ڪندو هو ته سُنبل جي هر هڪ خواهش پوري ڪري ان کي خوش رکجي.
    سُنبل به ننڍي ڀيڻ هئڻ جي ناتي سان اسحاق جو وڏو خيال رکندي هئي،اسحاق جا ڪپڙا لٽا ڌوئڻ، استري ڪرڻ وغيره سڀ سندس حوالي ڪم هوندو هو ۽ هو اهي سڀ ڪم خوشي سان احسن طريقي سان ڪندي هئي.
    سُنبل جي ماءُ بشيران انيلا کي جنم ڏيڻ کانپوءِ جلد ئي سرطان جي بيماري ۾ گذاري وئي.
    احمد علي پنهنجي گهر واري جي وفات کانپوءِ پنهنجي ٻارن جو وڌيڪ ذميواري سان ڀرپور خيال رکندو هو،اسحاق به پنهنجي ماءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ننڍڙي ڀينرن تي شفقت جو هٿ رکندو هو.
    چوندا آهن ته “ماءُ جي مرڻ کانپوءِ اولاد يتيم ٿي ويندو آهي” پر احمد علي ڪڏهن به پنهنجي اولاد کي اهو احساس ٿيڻ نه ڏنو ته ڪو هنن جي ماءُ مري وهي آهي ۽ هاڻي هو يتيم آهن.
    هُو پنهنجي ٻارن جي ننڍي وڏي ڳالهه جو خيال رکندو هو ۽ پنهنجي اولاد جو بهترين دوست ٿي رهيو پر تنهن هوندي به شايد هو ماءُ جي ڪمي پوري نه ڪري سگهيو ڇو ته اولاد لاءِ ماءُ دنيا ۾ خدا جي محبت جو پَرتوو هوندي آهي،ماءُ جو وڇوڙو اولاد جي اندر ۾ ناسور جيان ڏکندو رهندو آهي.
    جڏهن به ڪنهن ماءُ جو وڇوڙو سندس اولاد لاءِ دل اندر هميشه ٻرندڙ هڪڙي دائمي وڇوڙي جي درد جو لاوو ٿي وجود تي آتش فشان ٿي ڦاٽندو آهي ته اولاد جي زندگي ڪَسمپرسي جي قفس م قيد ٿي رهجي ويندي آهي.
    ابدي جدائي جي سوڳ ۾ رڳن ۾ هلندڙ رت ۾ اذيتن جي تيزاب جو اثر وڌي ويندو آهي، روح جي تحتُ الثرا کي فراق جو زلزلو چاڪ ڪري ڇڏيندو آهي، جيون جي صحرا تي اوهيرا ڪري وسندڙ اکيون سانوڻ جي موسمي برساتن کي مات ڏئي ڇڏينديون آهن، مسلسل چُڀندڙ فراق جي نه ٿي سگهندڙ وصال جو غم بليڊ جي ڌار تي اکيون وڇائڻ جهڙي سخت اذيتناڪ مَشق ڪرائيندو آهي جنهن جي تلخي محسوس ڪندي ڄڻ ته آڪاش جي پولارن کان زمين جي تري تائين سڄي وايومنڊل کي باهه گهيري وئي هجي ۽ موت جي دڳن تي لاوارث بڻيل زندگي بي يارو مددگار ٿي ڦٿڪي رهي هجي.
    تماشبين جو تاثر ڏيندڙ فطرت جي خاموشي جو ڀيد ڪهڙي ڪوس گهرن جي رت جي ريلن تي کُلي ٿو؟
    رات جو ديرسان ٿيندڙ روڄ جي مڌم سڏڪن تي پکي ڪهڙي خوف کان ڀڙڪو کائي اُڏامندا آهن؟
    انيڪ پوپٽن جي قاتل برسات تي گُلن جي فرياد جو مقدمو مظلومن جي ڪهڙي عدالت ۾ هلائجي؟
    گُهگهه اونڌاهه رات ۾ پاڻمرادو باهه ۾ ٽپو ڏئي سڙي ويل پتنگ جي جسم جي خاڪ کي وکيري هوائون ڪهڙي خون لڪائڻ جا پيرا ميسارينديون آهن؟
    ڇا قبرستان ۾ بهارون وڻن جي طبع پُرسي ڪرڻ اينديون آهن؟
    وڇوڙن جي وسيع ڌُٻڻ تي سانحن جي سيلاب جي زَد ۾ سينڪڙو سوال ويساک مُند جي واچوڙن جيان ذهن جي فضا ۾ اُڏامي رهيا هوندا آهن جن جو جواب ڇِتي خاموشي جي بحِر ظلمات ۾ مُستغرق هوندو آهي...!!


    (2)

    (2)

    پرائيويٽ اسڪول ۾ ٻار پڙهائيندي سُنبل کي هڪ مهينو پورو ٿي ويو هو... ساجد به انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي پِري انٽري ٽيسٽ ۾ اَپيئر ٿيو هو... ٽيسٽ ڪليئر ڪرڻ کانپوءِ هُو يونيورسٽي کلڻ جي انتظار ۾ ويٺو هو..!
    ساجد جي يونيورسٽي جا ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ هاڻي باقي ٿورو وقت بچيو هو، جنهنڪري ساجد يونيورسٽي وڃڻ جاسانڀاها ڪرڻ لڳو هو..!
    اُنهن ڏينهن دوران ساجد ۽ سُنبل جي محبت گهڻي شدت اختيار ڪري چڪي هُئي ۽ هنن جو عشق جنونيت جون سرحدون ارانگهڻ لڳو هو، بلڪل شاهه جي هن بيت واري ڪيفيت هُئي ٻنهي جي..
    سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿين اکيون ڌار،
    ته ڪَر سڀ ڄمار، ڏٺو سين نه ڪڏهن.
    سُنبل اسڪول ٽائيم کانپوءِ گهڻو وقت ساجد سان رهڻ لڳي هئي ساجد به يونيورسٽي جا ڏينهن ويجها اچڻ تي سُنبل کي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لڳو هو..! هڪ ڏينهن ساجد سُنبل کي چيو:
    ساجد: سُنبل!
    سُنبل: جي ساجد؟
    ساجد: تون سڄو ڏينهن مون سان گڏ هجين ٿي تنهنجا گهر وارا تو تي ڪنهن به قسم جو شڪ وغيره ناهن ڪندا؟
    سُنبل: منهنجا گهر ڀاتي ايترا تنگ ذهن ناهن جو هُو مون تي ڪنهن قسم جو شڪ ڪن..
    بابا کي مون تي وڏو اعتماد آهي ۽ هن کي اهو يقين آهي ته منهنجي ڌيءَ ڪڏهن به منهنجي عزت خراب نه ڪندي.
    بابا کي مون تي ڀروسو آهي ته آئون مائٽن جي لڄ رکنديس، بابا کي هر لحاظ سان مون تي اعتماد آهي، هُو مون تي هرگز شڪ نه ڪندو.
    سُنبل جي ڳالهه هلندي جي وچان ساجد پڇيو:
    ”۽ ادا اسحاق؟“
    سُنبل وراڻيو:
    ”ادا اسحاق کي به مون تي مڪمل ڀروسو آهي، هن ته هڪ ڏينهن مون کي چيو ته اَدي پنهنجو آئيديل ڳولهي وٺ نه ته اها وٺ پڪڙ به مون کي ڪرڻي پوندي.
    ساجد هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:
    انهي جو مطلب ته منهنجي رستي ۾ ڪابه رُڪاوٽ ناهي؟
    سُنبل: ڇا مطلب؟!
    ساجد: مطلب ته هاڻي آئون يونيورسٽي وڃڻ کان پهرين پنهنجي مڱڻي پَڪي ڪري وڃڻ گُهران ٿو!!
    ”سُنبل: پوءِ دير ڇا جي آهي؟
    ساجد: ها هاڻي دير نه ٿيندي آئون اڄ ئي منهنجي گهر وارن سان ڳالهايان ٿو..!!
    سُنبل: ساجد تو ۾ ايتري همت آهي جو تون پنهنجي گهر وارن سامهون اِها ڳالهه رکي سگهين؟
    ساجد: ها سُنبل ڇو نه؟ تون مونکي ايترو ڪمزور نه سمجهه، آئون ايترو بزدل ناهيان جو پنهنجي گهر وارن سان تنهنجي باري ۾ ڳالهائيندي لاهرايان..!!
    سُنبل: نه ساجد... توکي بزدل ڪير چوي تون ته صفا شينهن مُڙس آهين..!
    ساجد: جيڪڏهن شينهن مڙس ناهيان ته به ايتري همت اٿم تون اجايون ٽوڪون نه ڪر..!!
    سُنبل هن جي ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳي..!!
    ساجد: سُنبل تون ڀلي منهنجي ڳالهين تي کلي، مون سان مزاق ڪر، پر اُهو ڏينهن هاڻي گهڻو پري ناهي جڏهن تون ڳاڙهي جوڙي ۾ سميٽجي منهنجي ڪنوار بڻبئين..!!
    ساجد جي اها ڳالهه ٻُڌي سُنبل نيڻ جهڪائي شرمائڻ لڳي..!!
    ٻي ڏينهن ساجد پنهنجي ماءُ سڪينا سان ڳالهه ڪندي چوڻ لڳو:
    ساجد: امان..!!
    سڪينا: جيءُ پُٽ
    ساجد: امان هو چاچو احمد علي آهي نه؟
    سڪينا: ها پُٽ ڇا ٿيو ان کي؟
    ساجد: امان انهي کي ڪجهه ناهي ٿيو.
    سڪينا: پٽ پوءِ؟
    ساجد: امان چاچي احمد علي جي وڏي ڌي سُنبل آهي نه؟
    سڪينا: ها پٽ
    ساجد: امان اها مونکي پسند آهي ۽ ان سان آئون شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.
    سڪينا حيرت سان چيو
    ”هان... هي ڇا چيئي؟ تون سُنبل سان شادي ڪندين؟“
    ساجد ماڻس ڏانهن التجا واري انداز ۾ نهاريندي چيو
    ”ها امان آئون ان سان شادي ڪندس“
    ماڻس تسئلي ڪرڻ لاءِ وري ساڳي جملو ورجايو
    ”اڇا... ته تون سُنبل سان شادي ڪندين؟“
    ساجد: جيءِ... امان
    سڪينا: ٺيڪ آهي پٽ مونکي اهو رشتو منظور آهي.
    ساجد: مهرباني... اوهان جي وڏي مهرباني
    سڪينا: پٽ هونئن به سُنبل اسان جي گهر جي ڇوڪريءَ آهي، هو منهنجو ڏاڍو خيال رکندي آهي ۽ مونکي وڻندي آهي.
    ساجد انتهائي خوش ٿيندي چيو.
    ها امان هو ڏاڍي سٺي ڇوڪريءَ آهي.
    سڪينا: ها پٽ هو تمام گهڻي سٺي ڇوڪريءَ آهي، هو بلڪل سياڻي ۽ سمجهدار پارسا ڇوڪريءَ آهي.
    ساجد فڪرانگيز لهجي ۾ چيو:
    ”پر امان بابا؟“
    سڪينا: ان جو فڪر نه ڪر ان کي آئون پاڻي مڃائيندس هونئن به بابَهين اڳي ئي هڪ دفعا مونکي چيو هو سُنبل پنهنجي گهر جي ڇوڪريءَ آهي جيڪڏهن ساجد ان ۾ راضي هجي ته پاڻ ان کي پنهنجي گهر جي نُنهن بڻايون.
    ساجد خوشي مان چيو:
    واهه واهه امان اها ته خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو بابا کي سُنبل پسند آهي.
    سڪينا: اسان مائيٽن کي ٻيو ڇا کپي بس رڳو اوهين اسان جو اولاد خوش هجو.
    ساجد: امان اڄ دل خوش ڪري ڇڏيئي.
    ائين چئي ساجد اڳتي وڌي اچي خوشي مان سندس ماءُ جي پيرن تي هٿ رکيو ۽ ماڻس سندس پيشاني تي چمي ڏئي دعا ڪندي چيو:
    خوش هجين.
    دنيا ۾ ٻه هستيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي چاهينديون آهن ته اسان جو اولاد اسان کان هر ڳالهه ۾ اڳتي هجي، اسان جيڪي خوشيون نه ماڻي سگهياسين شل اهي اسان جي اولاد کي نصيب ٿين، شل اسان کان وڌيڪ اسان جو اولاد بخت وارو ٿئي.
    هن دولابن جي دونهين ۾ گهيريل دنيا ۾ ٻيو ڪو به اهڙو پُرخلوص رشتو نٿو ٿي سگهي جنهن ۾ هڪ ماڻهو چاهي ته ٻيو ماڻهو ان کان رُتبي ۾، درجي ۾،حيثيت ۾ مٿي هجي.
    رشتن ۾ خلوص جا اهي مثال صرف ماءُ پيءَ جي رشتي سان مشروط آهن....!!
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساجد جا گهر وارا سُنبل جو رشتو وٺڻ احمد علي جي گهر وڃن ٿا.
    احمد علي جي گهر پهچڻ سان احمد علي هنن کي ڀليڪار چئي هٿ ڏئي کٽ تي ويهڻ جو چئي ٿو.
    غلام عباس خوش خيرات کانپوءِ ڳالهه شروع ڪندي چيو:
    ادا احمد علي! اسين اڄ توهان جي گهر هڪ اهم ڳالهه کڻي آيا آهيون،اسان کي اوهان مان ڀرپور اميد آهي.
    احمد علي: جي ادا غلام عباس ٻڌايو؟
    غلام عباس: ادا ڳالهه اها آهي ته تنهنجي نياڻي سُنبل کي اسان پنهنجي گهر جي نُنهن بنائڻ لاءِ ان جو رشتو گهرڻ آيا آهيون.
    احمد علي غلام عباس جي اها ڳالهه ٻڌي وائيڙو ٿي ويو پر پاڻ سنڀاليندي چوڻ لڳو:
    ادا غلام عباس اهو ايڏو وڏو فيصلو آئون پنهنجي نياڻي ۽ اسحاق کان پڇڻ بنا نٿو ڪري سگهان، انهن سان ڳالهه ٻول کانپوءِ اوهان کي ورندي ڏيندس.
    غلام عباس: ها ادا بلڪل اهو بهتر به رهندو، توهان هنن سان صلاح مشورو ڪري پوءِ اسان کي آگاهه ڪجو.
    احمد علي: بلڪل ادا... مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته توهان پنهنجن کي سُڃاتو، الله اوهان کي خوش رکي.
    غلام عباس وڃڻ وقت چيو:
    اسان وري ٻن ڏينهن کانپوءِ توهان وٽ اينداسين پوءِ توهان آخري ورندي ٻڌائجو:
    احمد علي: بلڪل... ادا... بلڪل
    ائين چئي غلام عباس وارا احمد علي وارن جي گهران موڪلائي نڪرن ٿا..!!
    سنبل جڏهن اسڪول کان موٽي آئي ته احمد علي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، سُنبل جنهن کي اڳ ئي انهي ڳالهه جي خبر هئي اها ڳالهه ٻڌي شرمائڻ لڳي ۽ لڄي ٿيندي، احمد علي کي چيائين ته بابا.. اهو رشتو مونکي منظور آهي..
    ائين چئي سنبل پنهنجي ڪمري ڏانهن رواني ٿي..!
    احمد علي جيڪو سنبل جي خوشيءَ ۾ خوش هو، سو سنبل جو راضپو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
    غلام عباس وارا ٻن ڏينهن کانپوءِ اچڻا هئا انهي وچ ۾ احمد علي اسحاق سان به صلاح مشورو ڪيو اُن به سنبل جي خوشي تي پنهنجي رضا مندي ڏيکاري..!
    ٻي ڏينهان غلام عباس وارا جڏهن احمد علي جي گهر آيا ته هو اڳيئي هنن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هئا، اُهي سندن اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيا.
    حال احوال ۽ خوش خيرات کانپوءِ غلام عباس چيو.
    ادا احمد علي اوهان پاڻ ۾ صلاح ڪئي هوندي،
    اسان اڄ ورندي وٺڻ آيا آهيون، اوهان الائي ڇا سوچيو آهي؟
    احمد علي: ادا غلام عباس سوچڻ وري ڇا جو؟ اسان ته اڳ ئي راضي هئاسين ته پنهنجن ۾ رشتو ٿئي ته ان جهڙي ٻي ڳالهه ڪونهي بس... سنبل کان پڇڻو هو، ان جي رضا معلوم ڪرڻي هُئي، جڏهن اُها راضي آهي ته اسان اڳ ئي خوش آهيون.
    غلام عباس خوشي مان کٽ تان اُٿندي چيو.
    مطلب اوهان کي هي رشتو قبول آهي؟
    احمد علي: ها، ادا بلڪل اسان کي اهڙو ڀاڳن ڀريو رشتو قبول آهي.
    غلام عباس ۽ سڪينا خوشي مان اُٿندي سنبل کي پوتي اوڍائي ۽ مڱڻي جون رسمون ادا ڪري پاڙي ۾ مٺائي ورهائي...!!
    احمد علي جي گهر ۾ مٺايون ورهائجي ويون، هر طرف مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويوگهر ۾ کِل خوشي ۽ ٽهڪن جو ماحول جُڙي پيو.... هن پُر مُسرت موقعي تي ڄڻ ته گهر ۾ خوشين جو ميلو مچي ويو...
    سنبل ۽ ساجد جي نئين رشتيداري جو ذڪر ڳوٺ جي گهر گهر ۾ ٿيڻ لڳو، هر ڪنهن جي وات ۾ اها ڳالهه هئي ته واهه واهه جوڙي سلامت هجي، شل ڪنهن جي نظر نه لڳي.
    جڏهن کان ساجد ۽ سنبل جي محبت رشتيداري ۾ تبديل ٿي تڏهن کان هي پاڻ ۾ ويتر گهرا ٿي ويا هئا، ڄڻ ته هڪ جان ٻه جسم هجن...!!


    (3)

    (3)

    مڱڻي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کي اڃان چند ڏينهن مس گذريا هئا جو اوچتو وقت جي عزرائيل سڀني خوشين کي موت ڏئي فوت ڪري ڇڏيو، اوچتو فصلِ گُل تي خزان حاوي ٿي وئي، بارشن ٿر تي وسڻ کان نابري واري ڇڏي، هوائن جا ڪُلها پوپٽن جي لاشن سان سرشار ٿي ويا..!!
    ان ڏينهن سنبل اسڪول جي موڪل کانپوءِ واپس ڳوٺ ڏانهن موٽي رهي هُئي ته روڊ ڪراس ڪندي هن کي سامهون تيز رفتار ايندڙ ڪار زور دار ٽڪر هنئي، ٽڪر لڳڻ سان سنبل اڳتي کڄي وڃي ڪار جي اڳيان ڪِري ۽ ڪار سندس ٻنهي ٽنگن جي مٿان گذري وئي، ڪار هلائيندڙ شخص اوچتو ٿيل حادثي جي خوف کان گهٻرائجي ڪار کي گهڻي اسپيڊ ڏئي تيزي سان يڪدم روڊ تان الوپ ٿي ويو...
    سنبل جو زخمن سان چور وجود روڊ تي ڦٿڪندو رهيو ۽ روڊ هن جي وهندڙ رت سان لال ٿي ويو..!!
    سنبل کي رت ۾ لٿ پٿ بيهوشي جي حالت ۾ روڊ تي پيل ڏسي ماڻهن جو ميڙ اچي گڏ ٿيو جن ۾ ڪجهه اسڪول جو اسٽاف به شامل هيو جن سنبل کي کڻي اسپتال پهچايو...!
    اسڪول جي اسٽاف وارن احمد علي ۽ اسحاق کي فون ڪري حقيقت ٻڌائي ۽ اسپتال گهرايو...!
    سنبل جي گهر وارن کي جڏهن اسڪول جي اسٽاف اهو اطلاح ڏنو ته انهن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي ۽ گهر ۾ ماتم برپا ٿي ويو..!
    سڀ گهروارا يڪدم اسپتال پهچي ويا، اسپتال ۾ بيڊ تي بي حال پيل سنبل کي ڏسي احمد علي وڏيون اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ اسحاق هن کي پاڻ تي ضبط آڻڻ جي تلقين ڪندي خود به ڪنهن ڪنهن مهل ڳوڙهن کي روڪي نه پي سگهيو..!!
    جڏهن تقدير جي هن عجيب کيل جي خبر ساجد کي پئي ته هن کي لڳو ڄڻ ته هو ناڪام حسرتن جي لاشن تي پير رکي شمشان گهاٽ تي انيڪ تمنائن جي تعزيتن جا طوق پنهنجي جيون جي زخمي گردن ۾ لٽڪائي غمناڪ دل ۽ نمناڪ اکين سان ڪنهن مُقام ۾مدفون ٿي ويو آهي، هن کي لڳو ته زندگي پَستين جي انتها ڏانهن ڌڪجي وئي آهي،سڃ ۽ رُڃ جي ڊگهي مسافت زندگي ۾ زخمي پيرن جا ڇالا رت ڳاڙي رهيا آهن، ۽ ويا ڪل شامن جي ڪرڀناڪ هيڪلائي جي ڌار تي هلندڙ زندگي ٻيڻي اذيتن جي رات جي وات ۾ گرهه گرهه ٿي کاڄي رهي آهي...!!
    ساجد لڙ کڙائيندڙ قدمن سان جڏهن اسپتال پهتو ته اسپتال جي ڪمري ۾ سنبل کي بيڊ تي بيهوش ڏسي سندس صبر ۾ سِير پئجي وئي هن زور دار اوڇنگار ڏيندي چيو:
    هي... هي ڇا ٿي ويو سنبل توکي....؟
    چاچا احمد علي، هي سنبل کي ڇا ٿي ويو...؟
    پوءِ گهڻي ديرتائين هِن جي سڏڪن جي گونج اسپتال جي ڪمريءَ ۾ گونجندي رهي..!!
    احمد علي ۽ اسحاق اڳ ئي ڏک ۾ ساڻا ٿي ويٺا هئا ويتر جو ساجد جون رڙيون ٻڌائون ته وڌيڪ پريشان ٿي ويا...!!
    ساجد جي ماءُ سڪينا جڏهن اسپتال پهتي ته هن به سڀني جو حال ڏسي روئڻ شروع ڪيو...!!
    سڪينا ڪجهه دير روئڻ کانپوءِ پاڻ کي سنڀاليندي سڀني کي آٿت ڏيندي چيو:
    صبر ڪريو... نه روءَ... دل برداشته نه ٿيوالله بهتر ڪندو.
    ساجد روئندي ماءُ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو:
    امان هي سنبل کي ڇا ٿي ويو...؟
    سندس ماءُ ساجد جي مٿي تي هٿ گهمائندي چوڻ لڳي:..
    پٽ الله تي ڀروسو رک الله رحم ڪندو
    ٻي ڏينهن تي جڏهن سنبل هوش ۾ آئي ته هن پاڻ کي اسپتال ۾ بيڊ تي ليٽيل ڏٺو ته هي پريشان ٿي وئي ويتر جو سندس ٻئي ٽنگون ڪپيل ڏٺائين ته زور دار دانهون ڪري روئڻ لڳي..!!
    سندس دانهن ۽ آهن جي لپيٽ ۾ اسپتال تي سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي....!!
    بس.... ائين ئي ناڪاره بڻجي ويل وجود جا پيار نامان جيون لائبريري جو ناياب ڪتاب ٿيڻ کان اڳ ئي راهن جي اڏوهي جو کاڄ ٿي ويا...!!
    جڏهن وقت جو پکي اُڏامندو اچي شام جي لام تي ويٺو ته ان وقت اسپتال جي ڪمري م ساجد ۽ سنبل ٻه اڪيلا هئا...!
    بيڊ تي بي حال پيل سنبل جون نگاهون ساجد کي وڏي گُهور سان گُهوري رهيون هيون ۽ انهي گُهور ۾ الفت جا اسرار سمايل هئا،جيڪي هڪ بيوس وجود جا خاڪسار ارمان ۽ ان جو غمگين داستان هئا..!!
    ساجد سنبل جي ڀر ۾ ويهي سندس هٿ سنبل جي هٿن تي رکيو ته هن جي اکين مان سانوڻ جو مينهن اوڙڪون ڪري وسڻ لڳو..!!
    سنبل روئندي چوڻ لڳي:
    ساجد هاڻي آئون هميشه لاءِ معزور ٿي وئي آهيان، هاڻي منهنجي زندگي برباد ٿي وئي آهي.
    ساجد هن جا لڙڪ اگهندي هن کي دلداري ڏيندي چوڻ لڳو..!
    بس... بس سنبل تون ايترو پريشان نه ٿي، آئون تو سان هر وقت گڏ آهيان، اسين سڀ توسان گڏ آهيون، آئون تنهجي زندگي کي خوشگوار بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس، تون ايتري دلگير نه ٿي، وقت سان گڏوگڏ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
    سنبل بي چيني مان لڇندي وراڻيو:
    ها ساجد، اوهين واقعي مون سان گڏ آهيو، وقت سان گڏ ڇا هي منهنجو اپاهجپڻو به ٺيڪ ٿي ويندو؟ ڇا اوهين مونکي منهنجون ٽنگون واپس ڪرائي سگهو ٿا؟ ڇا هاڻي آئون ڪڏهن به پهرين جيان هلي گهمي سگهندس؟
    ساجد: اوهو... سنبل اهڙيون مايوسي واريون ڳالهيون نه ڪر، ماڻهو ۾ هر مسئلي کي منهن ڏيڻ جو حوصلو هئڻ گهرجي ڇو جو حوصلن جي هڙ ۾ جيون جا ڏينهن بسر ڪندڙ خود اعتماد شخص کي ڪڏهن به دلگيري جو دونهون غمزده ناهي ڪري سگهندو ۽ هڪ خود اعتماد ماڻهو زندگي جي هر دڳ تي ڀرپور زندگي گذاري سگهي ٿو، هي قسمت جي ڳالهه آهي، هن ۾ ڪنهن جو وس نٿو هلي.
    سُنبل: ها ساجد، قسمت لکڻ واري جي مرضي آهي،جنهن کي وڻيس جئين ڪري ڇڏي، شايد هن کي منهنجو روئڻ، رڙڻ وڻي ٿو، ان ڪري ئي هن مونکي هميشه روئڻ رڙڻ جي مشغلي ۾ مستقل طور هڻي ڇڏيو آهي، شايد هاڻي روئندي روئندي ئي هن دنيا مان رخصت ٿيئڻو پوي.
    ساجد: اڙي چري اهڙيون مايوسي واريون ڳالهيون نه ڪر، الله تي ڀروسو رک.
    سُنبل: ساجد ڇا هاڻي آئون ڪڏهن هلڻ ڦرڻ جي قابل ٿي سگهندس؟
    ساجد هن کي ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيو سنبل وري به اداسي جي آڳ ۾ جلندي چوڻ لڳي:
    هاڻي آئون پاند ۾ گل کڻي ڪڏهن به بهارن کي ڀليڪار نه چئي سگهندس ڇو ته هاڻي سرءُ ئي منهنجي ساهه جي سڳي ۾ ٻڌجي وئي آهي، هاڻي مون کي پن ڇڻ جي موسم سان گڏ ڇڻڻو پوندو.
    هاڻي.... هاڻي برساتن ۾ پُسڻ جي تمنا مون کي راس نه ايندي ڇو ته ايندڙ برساتن ۾ آئون صرف سرد شوڪارا ڀري سگهندس..!
    پر... ساجد تون مون کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏجا، ڇو ته تون هن جڏڙي جيءُ لاءِ ٿوڻي آهين، تو کانپوءِ آئون ڊهي پٽ تي ڪري پوندس، تنهنجو هجڻ مون لاءِ زندگي آهي، مون لاءِ هر خوشي آهي، تون صرف منهنجو آهين ۽ صرف منهنجو ٿي رهجان،آئون تو کانسواءِ جي نه سگهندس.
    تون رڳو منهنجي خوابن جي حَسين تعبير ناهين پر تون منهنجو سک، قرار منهنجو جياپو آهين..!
    ساجد هاڻي مون کي جيون جي صحرا ۾ اڪيلو نه ڇڏجان مون کي تقدير جون اذيتون قبول آهن پر آئون تنهنجي دُوري برداشت نه ڪري سگهندس.
    آئون جيستائين حياتي آهيان، تون منهنجي دل جي ڌڙڪن آهين، منهنجي مرڻ کانپوءِ تون منهنجي قبر جو ڪتبو آهين، تون مون سان گڏ آهين ته آئون آهيان نه ته هن جيون جي جهنگ ۾ ٻيو ڪجهه به نه آهي سواءِ سُڃ ۽ رڃ جي.
    تون منهنجي اونڌاهه ڪائنات جو روشن سج آهين، تو بن منهنجي دنيا ويڳاڻي ۽ ويچاري آهي، تون عمر ڀر منهنجو آهين ۽ منهنجو ٿي رهجا...!!!
    ساجد، سنبل جي پُرجوش ڳالهين ۾ جذباتي ٿيندي چوڻ لڳو:
    سنبل آئون صرف تنهنجو آهيان، صرف تنهنجو،تون منهنجي رڳن ۾ رت وانگر شامل آهين، آئون تو کي ڪٿي ٿو ڇڏي سگهان؟
    تون اجايو مايوس نه ٿي، تون اجايا وهم نه ڪر، آئون اڄ توسان واعدو ٿو ڪريان ته عمر ڀر تنهنجو ٿي رهندس، جيستائين منهنجي ساهه جو سلسلو جاري آهي تيستائين زندگي جو هر پل هر لمحو تنهنجي نالي ٿو ڪريان. مون پنهنجو سڄو جيون تنهنجي نالي سُنهن ساک سان لکي ڇڏيو آهي، توکانسواءِ ڪنهن ٻي ڏانهن نهارڻ مون لاءِ ڏوهه برابر آهي، تون منهنجو پهريون ۽ آخري پيار آهين، توکي وساريان ته ان ڏينهن پاڻ کي ٻوڙي ماريان.
    سنبل يڪدم ساجد جي وات تي هٿ رکيو ۽ ساجد جي اکين ۾ نهارندي چيو:
    مرڻ جون ڳالهيون نه ڪر، شل منهنجي عمر توکي لڳي، مون کي تنهنجي محبت تي پورو ويساهه آهي.
    ائين چئي سنبل ساجد جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي سندس ويساهه جي وڻ جي ڇانوري ۾ تسئلي حاصل ڪئي..!!
    هونئن به ويساهه ئي محبت جو ساهه آهي، ويساهه بنا محبتون روح بنا جسم وانگي بيڪار هونديون آهن..!!
    جيتوڻيڪ ويساهن جي ويران ٿي ويل واٽن تان سچ سِير جو زمانو گذري ويو، ڪوڙ، لالچ ۽ دغا جي دونهين اعتبار جي اُجري آئيني کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي، حِرس حَوَس ۽ لالچ لوڀ جي لُڙاڀ ۾ مخلصي جي اڻاٺ ايتري وڌي وئي آهي جو انسانيت ۽ اُلفت جي ساک ڪاٺ ۾ پئجي ماٺ اوڍي لحد ۾ ليٽي پئي آهي.
    آدميت جي عظمت جي بيقدرانه موت کانپوءِ جڳ ۾ احساس جي ڪنوار بيواهه بڻجي ظلم جي ماتمڪدي ۾ هي نوحا چئي رهي آهي ته دنيا جي گولي تان ختم ٿيندڙ محبتن جي مٽي تي انسانيت اوپرائپ جي اُس ۾ سڙي رهي آهي، رت رت کي لڳل باهه جو سيڪ اچي اتي پهتو آهي جو دور حاضر ۾ هر ماڻهو جو اهو تڪيه ڪلام ٿي ويو آهي ته “ڪوبه ڪنهن جو ناهي”
    اَجنَبيَت جي انهي قبرستان ۾ پنهنجائپ جي احساس جي چِتا زمانا ٿيا اوپرائپ جي آڙاهه ۾ جلي وئي، احساسن جي اک ۾ ٻير جا ڪنڊا چپوئڻ کانپوءِ ماڻهن جو خُشڪ ٿيل مزاج “جو ڪري ناڻو سو نه ڪري راڻو” واري چوڻي جي مصداق ٿي ويو آهي.
    مال ملڪيت ۽ پئسي ڏوڪڙ جي حاصلات لاءِ ماڻهن جا پڪا اصول ۽ ضابطه اخلاق مٽجي ويا، بد نظامي ۽ بد گماني جي باهه هن سماج جي ماڻهن کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي وئي آهي، ان ڪري ئي انسانيت جي اعتبار جي دک جي ڪهاڻي اُڀ جي پکيڙ جيڏي وسيع ۽ ڌرتي جي پُڙ جيتري ڳري ٿي وئي آهي.
    ٻن هفتن کانپوءِ سنبل اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر اچي ٿي، وهيل چيئر تي هلندي سنبل کي هاڻي گهر به بر جيان محسوس ٿئي ٿو ۽ هاڻي پڌر تي چمڪندڙ چانڊوڪي هن کي ڪوبه قصيدو نٿي ٻڌائي، نه ئي هلال جو چنڊ هن جي چوڙي جي ٽٽل ٽڪري تي رشڪ ڪري ٿو...!!
    بس رڳو احساسن جي قبر ۾ محسوسات جي پيڙا اهو ٿي بار بار محسوس ڪرائي ته اپاهج ماڻهو جي زندگي زنده مٽي جو چُرندڙ لاش هوندي آهي جنهن جي نصيب جي ريکائن ۾ صرف هي عبارت درج ٿيل هوندي آهي،
    ”آدُجڳاد کان قائم هن دستور جي تتل واري تي پيرن اُڀراڻو انيڪ پيڙائن جي پاند هيٺ گهايل بيٺل اياڻو وجود هميشه ڪنهن الوهيت شڪتي جي انتظار ۾ بي چين وجود هرروز هوا جي قاتلاڻي حملن سان انيڪ گلن جو قتلام ٿيندي ڏسي ٿو، بيشمار پنکڙيون مزارن جي ورکا ٿي پيرن ۾ چيڀاٽجو وڃن ٿيون، سينڪڙو ماتمڪده بحرِ ظلمات جي رات ۾ غمناڪ پڪارون ڪن ٿا، هر روز ڪيترائي نه ٿيڻ جهڙا ظلم زور شور سان ٿي وڃن ٿا پر المين کان وڌيڪ سانحو اهو ٿئي ٿو ته پر پَٽيل پکين جي بيوس کنڀڙاٽ ۽ ڪنهن مظلوم جي حق تلفي م ٿيل ڊاٺ جهڙو هي بي حس زمانو وري ساڳي تسلسل سان هلندو رهي ٿو...!!!
    سنبل جو هاڻي ڊرائنگ روم کان پنهنجي ڪمري تائين جو سفر ئي ڇيهه هجي ٿو، وهيل چيئر تي پنهنجو پاڻ کي گهيليندي هن کي پاڻ کان وحشت ٿيڻ لڳي هئي...!!
    هاڻي نه ته صبح جو سوير تيار ٿي اسڪول وڃڻ جا سانڀاها هجن ٿا ۽ نه ئي ڪپڙا “رائل مِرج پرفيوم” جي خوشبوءَ سان واسجن ٿا..
    چپن تي نه سُرخي جي لالائي هجي ٿي نه ئي نيل پالش کُلي ٿي، نه مسڪارن جا لشڪارا هجن ٿا ۽ نه ئي ڪجل اکين جي زينت بڻجي ٿو..!!
    سندس ڪٻٺ ۾ پيل ڪا سميٽڪس جو سامان مدي خارج دوائن جيان ناڪاره بڻجي وڃي ٿو.
    هن پنهنجا حال بي حال بڻائي ڇڏيا هئا...!!
    سندس اهڙو حال ڏسي احمد علي ۽ اسحاق گهڻو ئي سمجهائيندا هئا پر سنبل سدائين ويڳاڻي ويڳاڻي رهندي هئي ڇو جو جيئڻ تان هن جو من کڄي ويو هو....!!
    هڪ دفعا ته اسحاق سندس اهڙي حالت ڏسي روئي سمجهايو هئس ته:
    ”ادي تون ايترو زندگي مان مايوس ڇو ٿي وئي آهين؟ اسين سڀ توسان گڏ آهيون، توکي ڪابه تڪليف پهچڻ نه ڏينداسين، تون جيئن چوندين اسان تيئن ڪنداسين، تون جيڪو چوندين اسان توکي آڻي ڏينداسين، بس... ادي تون خوش رهو، تون حوصلو رک، اها خدا جي قدرت آهي ان جي اٽل فيصلن کي انسان ڇا ٿو ڪري سگهي؟
    هي ڏس...!!
    اسحاق پيڪ ٿيل دٻي مان ڪجهه ڪڍندي چيو:
    هي ڏس... ادي تو لاءِ اڄ رائل ميرج پرفيوم آندو اٿم، توکي هميشه رائل ميرج جي خوشبو ئي وڻندي آهي نه؟
    هي وٺ تو لاءِ آندو اٿم....!!
    اسحاق پرفيوم سنبل ڏانهن وڌائيندي چيو..!!
    سُنبل: هاڻي مون کي ڪابه خوشبو نٿي وڻي...!!!
    سنبل اکين ۾ لڙڪ لاڙيندي چيو.
    ائين چئي هو روئندي وهيل چيئر جي ڦيٿن کي ڊرائنگ روم ڏانهن ڇڪي ٿي وڃي...!
    اسحاق ڪمري ۾ اکين تي هٿ ڏئي روئڻ لڳو..!!


    (4)

    (4)

    ساجد سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي سوچي رهيو هو ته يونيورسٽي کُلي وئي آهي، ڪلاس به هلي رهيا آهن، هاڻي ڇا ڪريان؟ سنبل کي هن وقت منهنجي سهاري جي ڀرپور ضرورت آهي، هن کي اڪيلو ڇڏي يونيورسٽي ڪيئن وڃان؟
    ڇاڪريان، ڪيئن ڪريان؟ ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي يونيورسٽي نه ويس ۽ اٽينڊينس پوري نه هئي ته انتظاميه پيپرن ۾ ويهڻ ڪونه ڏيندي ۽ ڪلاس نه ورتا ته ڇا سمجهندس، پيپر ڪيئن ڏيندس؟ ساجد ٻُڏتر ۾ هو ته ڇا ڪريان؟ ڪيئن ڪريان هُو يونيورسٽي وڃي پڙهائي کي ترجيح ڏي يا سنبل جو ساٿ ڏي؟
    گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ آخرڪار هن فيصلو ڪيو ته سنبل کي راضي ڪري هن کان اجازت وٺي يونيورسٽي وڃي پڙهائي شروع ڪريان، ته جيئن تعليم پوري ڪري ڪنهن سٺي روز گار کي هٿ ڪجي نه ته سنبل ته جسماني طرح معزور آهي پر آئون معاشي طرح معزور ٿي ويندس.
    جيڪڏهن ڊگري نه هوندي ته ڪا سُٺي نوڪري به نه ملندي ۽ بغير نوڪري ۽ روزگار جي هن معاشري ۾ عزت واري زندگي هرگز نٿي گذاري سگهجي تنهنڪري تعليم کي ترجيح ڏئي ساجد سنبل کي راضي ڪري يونيورسٽي وڃڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو.
    ساجد پنهنجو فيصلو سنبل کي ٻڌائڻ لاءِ جڏهن سنبل وٽ وڃي ٿو، هو جيڪا ساجد جي اچڻ جي اڳ ئي راهه ڏسي رهي هئي..!!
    سنبل جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي ساجد هن کي گهري سوچ ۾ فڪرانگيز حالت ۾ ڏٺو ۽ سندس هٿ ۾ اُها ذاتي ڊائري هئي جيڪا هو گهڻي وقت کان لکي رهي هئي، جنهن ڊائري ۾ سنبل زندگي جا اهم واقعا لکندي هئي...!!
    “سنبل ڪيئن آهين؟”
    ساجد ڪمري ۾ داخل ٿي سنبل کي ويجهو ويهندي پڇيو.
    سنبل: تو کانپوءِ ڪيئن هوندس؟ بس ... تنهنجي اچڻ جي راهه پئي ڏٺم.
    ساجد ڊائري ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
    هي ڊائري ڏي مونکي ڏسان ڇا لکيو اٿئي؟
    سنبل: نه ساجد... ڊائري کي ڇڏي ڏي پليز ڊائري نه ڏس.
    ساجد: ڇو نه ڊائري ڏسان؟ مون کان به ڪا لِڪ آهي؟
    سنبل: نه... اهڙي ڳالهه ڪونهي... بس ڊائري نه ڏس.
    ساجد: نه... ڊائري اڄ پڙهندس.
    ائين چئي ساجد زوري سنبل جي هٿ مان ڊائري کسي ورتي ۽ ڊائري پڙهڻ لڳو...!!
    ڊائري تي ساجد کي ارپنا ڪيل هي اردو جو غزل لکيل هو.
    “دشتِ هجران مين،نه سايه نه صدا تيري بعد،
    ڪتني تنها هين، تيري آبله پا تيري بعد؟
    ڪوئي پيغام نه دلدار، نوا تيري بعد،
    خاڪ اڙاتي هوئي گذري هي صبا تيري بعد!
    لب په اِڪ حرفِ طلب ٿا،نه رها تيري بعد،
    دل مين تاثير ڪي خواهش،نه دعا تيري بعد!
    عڪس و آئينه مين اب ربط هو ڪيا تيري بعد؟
    هم تو ڦرتي هين خود اپني سي خفا تيري بعد!
    پيرهن اپنا نه سلامت، نه قُبا تيري بعد،
    هين وهي هم، هي وهي صحرا کي ردا تيري بعد!
    ايڪ قيامت ڪي خراشين ميري چهري په سجين،
    ايڪ محشر ميري اندر سي اُٺا تيري بعد...!!”
    (محسن نقوي)
    ڊائري تي لکيل غزل پڙهي ساجد ناراض ٿيندي چيو:
    هي ڊائري تي ڪهڙا ڏک وارا شعر لکيا اٿئي؟
    ڇو پئي پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪرين؟
    سنبل: مسئلا؟
    مسئلا منهنجي زندگي جو اهڙو موضوع ٿي ويا آهن جو انهن تي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٽائيم پاس ڪندي آهيان.
    ساجد! تو کي خبر آهي ته ڪلهه کان وٺي تنهنجي اچڻ جو ڪيتري شدت سان انتظار ڪري رهي آهيان، توکي انهي ڳالهه جو ڪو احساس به آهي؟
    سنبل تسلسل سان ڳالهائيندي ساجد کي ميارون ڏيندي چيو....!
    ساجد: اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي سنبل.... منهنجو سڄو وقت تنهنجي حوالي آهي، آئون اڄ به تو کان پري ٿي ويرانين جو واسو ٿي ويندو آهيان، مون وٽ تو لاءِ اڄ به اهو ئي پيار آهي اهائي محبت آهي،
    ڪلهه دراصل هڪ ڪم ۾ مصروف هئس ان ڪري تو ڏانهن ڪونه اچي سگهس ان لاءِ منهنجي جان مون کي معاف ڪريو.
    آئون معزرت ٿو ڪيان...!!
    ساجد پنهنجا هٿ ڪنن تي رکندي وڏي نيازمندي سان سنبل کان معافي وٺي کيس پرچائڻ لڳو...!!
    سُنبل: بس.... بس ٺيڪ آهي... گهڻي ايڪٽنگ نه ڪر مون پنهنجي
    ڪاوڙ ڇڏي پر ٻيهر ائين ديرون نه ڪجا، مون جڏي جي جيئڻ جو آخري سهارو آخري سبب تون ئي آهين، ڪٿي ائين نه ٿئي تنهنجي دير يا تنهنجي لاپرواهي منهنجي موت جو سبب بڻجي.
    ساجد ڇڙٻ ڏيندي چيو:
    هي ڇا ٿي چوين؟ چپ ڪر، هر ڳالهه تي اهي مرڻ واريون خبرون نه ڪندي وڃ ڇو ته هر ڳالهه تي اهڙيون خبرون ڪرڻ وارا سچ ۾ هڪ ڏينهن اهڙو موت مرندا آهن، جنهن جو ذڪر هنن جي ڇهين حَس اڳ ۾ ڪندي رهندي آهي ۽ ياد رکجان جيڪڏهن ائين ٿيو ته تنهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجو جنازو به جلد ئي کڄندو...!!
    اها ڳالهه ٻڌي سنبل جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ڀاڪرن ۾ پئجي روئڻ لڳا...!!
    لڙڪ بيوسي جو ڀرپور اظهار هوندا آهن، جڏهن ڪا ڳالهه ماڻهو جي دائراءِ اختيار ۾ ناهي هوندي ته انسان ان احساس محرومي جي احساس کي لڙڪن جي پاڻي سان ٿڌو ڪري اڳتي جيئڻ جا جتن ڪندو آهي ...!!
    لڙڪ جيڪي محض اکين جو نمڪين پاڻي ناهن پر ڏکن جي ڏولي تي کنيل حسرتن جا اداس ڄاڃي آهن جيڪي زندگي جي محرومين ۽ تلخين جي ترجماني ڪندا آهن...!!
    انسان بيوسي جي ڪُن ۾ ٻُڏندي جڏهن لاچارگي واري ڪيفيت ۾ روئندو آهي ته اکين جا بي زبان ڳوڙها ڳالهائيندا آهن جن جي گونگي زبان سمجهڻ جو گُر ڪنهن ڪنهن اهلِ دل انسان وٽ هوندو آهي.
    ٻي ڏينهن تي ساجد سنبل جي ڀر ۾ ويهندي سندس وارن ۾ آنڱريون ڦيريندي چيو:
    سنبل هڪڙي ڳالهه ٻڌ؟
    سنبل: ها ساجد ٻڌائي؟
    ساجد: منهنجي يونيورسٽي کلي وئي آهي ڪلاس شروع ٿي ويا آهن، آئون چاهيان ٿو ته ايندڙ سومر کان يونيورسٽي وڃي ڪلاس وٺان..!!
    تون جيڪڏهن اجازت ڏين ته يونيورسٽي وڃي پڙهائي مڪمل ڪريان...!!
    سنبل حيران ۽ پريشان ٿيندي چيو:
    مطلب ته تون مون کي هن حال ۾ وهيل چيئر تي اڪيلو ڇڏي وڃڻ مناسب ٿو سمجهين؟
    ساجد: نه...نه اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي واقعي مون کي به توکي هن حال ۾ اڪيلو ڇڏڻ مناسب ڪونه ٿو لڳي پر آئون چاهيان ٿو ته تعليم مڪمل ڪري ڪو بهتر روزگار حاصل ڪجي ته جيئن پنهنجو مستقبل معاشي طرح مستحڪم هجي، نه ته بي روزگاري واري زندگي پاڻ لاءِ ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي.
    سنبل مايوسي واري حالت ۾ ساڳيو جملو دُهرايو:
    مطلب مونکي ڇڏي وڃڻ مناسب ٿو سمجهين؟
    ساجد: اڙي چري! آئون توکي ڇڏيو ٿورو ئي ٿو وڃان؟ آئون هر وقت تو سان گڏ هوندس، هر وقت تو سان رابطي ۾ هوندس، هر هفتي تو وٽ ايندو رهندس، تون پريشان نه ٿي ۽ نه ئي پاڻ کي اڪيلو سمجهه، آئون هر وقت هر ويل تنهنجي يادن ۾ سمايل هوندس، تون منهنجي جسم جو ساهه آهين، ڀلاڪو ماڻهو ساهه کان بغير ڪيئن ٿو جيءَ سگهي؟ آئون يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ وڃان ٿو ۽ پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪري جلد ئي تو سان شادي ڪندس.
    سنبل ڏک واري لهجي ۾ چيو:
    مون جڏيءَ سان شادي ڪندين؟
    ساجد: ها، سنبل تنهنجي معزور ٿيڻ سان منهنجي محبت تي ڪوبه اثر نه پيو آهي، تون اڄ به منهنجي خوابن جي راڻي آهين، آئون اڄ به تو کي روح جي گهرائي سان چاهيان ٿو، آئون اڄ به تو کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهان ٿو، تون منهنجي زندگي جي حاصلات آهين.
    سنبل ساجد جي محبت ڀري ڳالهين جي سحر ۾کوئجي وئي ۽ نه چاهيندي به ساجد جي مستقبل جو سوچي پُرنم اکين سان نهاريندي يونيورسٽي وڃڻ جي موڪل ڏيندي روئندي روئندي چوڻ لڳي: ٺيڪ آهي تون يونيورسٽي وڃي پڙهائي مڪمل ڪر، آئون تنهنجي پڙهائي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نٿي چاهيان تون ڀلي وڃي پڙهائي مڪمل ڪر...!!
    پر...! هڪڙي ڳالهه ڌيان جي ڪنن سان ٻڌجا ۽ هيئين ۾ هنڊائي ڇڏجا ته تون يونيورسٽي صرف ۽ صرف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهين، متان اتي وڃي يونيورسٽي جي رنگينن ۾پنهنجي اصل مقصد تعليم کي وساري ويهين. متان اتي وڃي اهو وساري ويهين ته پٺيان وهيل چيئر تي ڪو اپاهج وجود تنهنجي انتظار ۾ راهون ڏسندي روئندڙ هوندو..!
    متان تون اتي وڃي اهو وساري ڇڏين ته زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي حياتي سان جنگ ڪندڙ هڪ ماڻهو صرف تنهنجي ڪري ئي حيات آهي، متان اتي وڃي اهو ياد نه رهنئي ته پٺيان منهنجا ڪنهن سان واعدا، قول، اقرار ڪيل آهن، ڪو منهنجي محبت جي ڪري زماني ۾ ساهه کڻي رهيو آهي ۽ ها، اهو به چڱي طرح ياد رکجان ته دردن جي ڌُٻڻ ۾ غرق ٿيندڙ هڪ اپاهج ڇوڪريءَ مون سان ملڻ جي ڪري منهنجي ٻانهن جو هار ٿيڻ جي ڪري ئي زنده آهي.
    ساجد: او... هو... سنبل
    ايڏا وڏا وهم نه ڪر، مون تي يقين ڪر، منهنجي محبت تي ويساهه ڪر، آئون تو کانپوءِ ٻي ڪنهن جو به نه ٿيندس، آئون سڄو تنهنجو آهيان، ۽ تنهنجو رهندس جيترو جلد ٿي سگهيو توکي پنهنجو ڪري تو سان لائون لهي توکي هميشه لاءِ پنهنجو ڪندس.
    سُنبل: تون هميشه لاءِ منهنجو... صرف منهنجو ٿي رهجان...!!
    سنبل جذباتي ٿيندي چيو:
    ساجد: ها آئون تنهنجو آهيان صرف تنهنجو.
    هنن جي ڳالهين جو تذڪرو اڃان جاري هيو ته ڪمري ۾ اسحاق اچي ويو جنهن ساجد سان مخاطب ٿيندي ان کي چيو:
    ساجد! ٻڌو آهي ته تون هن سومر تي يونيورسٽي پيو وڃين؟
    ساجد: ها ادا منهنجي يونيورسٽي کُلي وئي آهي، ڪلاس شروع ٿي ويا آهن، ان ڪري آئون يونيورسٽي وڃان ٿو جيڪڏهن آئون ڪلاس نه وٺندس ته گهٽ اٽيندينس جي ڪري انتظاميه پيپرن ۾ نه ويهڻ ڏيندي ان ڪري آئون يونيورسٽي وڃي ڪلاس وٺان ٿو.
    اسحاق: ها ادا تون ڀلين يونيورسٽي وڃ ۽ باقاعده ڪلاس وٺ پر هڪ ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجان ته تنهنجي امانت اسان وٽ ڇڏيو پيو وڃين ان جي يادگيري ڪئجان، ان کي خوش رکجان ۽ ان جي توکي خاص پارت آهي.
    اسحاق هٿ ٻڌي ساجد کي ليلائيندي چيو:
    ساجد: ادا اسحاق هي ڇا ٿو ڪرين، هٿ ڇو ٿو ٻَڌين؟ آئون سمجهي سگهان ٿو ته سنبل منهنجي عزت آهي منهنجي مَڱ آهي، مون کي ان جو پورو احساس آهي. بلڪل آئون ڪڏهن به ان معاملي ۾ غافل نه ٿيندس، آئون سنبل کي هر طرح خوش رکندس ۽ ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪندس، جنهن سان هن جي دل آزاري ٿئي.
    آئون هن جو هر طرح خيال رکندس ۽ هر هفتي تي سنبل وٽ ايندو رهندس، اوهين ايترو فڪر نه ڪريو ۽ مون تي ڀروسو ڪيو، مون تي اجايا شڪ نه ڪريو.
    اسحاق: نه ادا نه.... اسان تو تي ڪنهن به قسم جو شڪ نٿا ڪريون پر ٻڌو آهي ته ڄامشوري جي سرزمين اهڙي آهي جتي شينهن هرڻين جي اکين جو نشانو ٿيو وڃن، جتي ڪيترائي عابد، زاهد، ڇوڪرا به حُسن جا بُت پرست ٿيو وڃن! چون ٿا ته ڄامشوري جون هوائون حُسن جي مستي سان سرمست هونديون آهن جن ڪيترن ئي جوانن کي عشق جي هٻڪار سان واسي بد حواس بڻائي ڇڏيو، ڪيترائي ڳڀرو حُسن ۽ عشق جي اثر هيٺ اچي پنهنجي مقصد تان هٽي راهن ۾ رلي ويا، تنهنڪري تون خاص خيال رکجان ۽ انهي حُسن جي وارن کان مُحتاط رهجان.
    ساجد: بلڪل...! ادا اسحاق بلڪل...!
    آئون ڀرپور طريقي سان پاڻ کي محتاط رکندس ۽ منهنجي توجه جو مرڪز پڙهائي تي هوندو، مونکي احساس آهي ته منهنجي پويان ڪا امانت ڇڏيل آهي، منهنجي مٿي ٻيڻي ذميواري عائد ٿي وئي آهي جنهن کي آئون سمجهي سگهان ٿو...!!
    اسحاق خوش ٿيندي چيو:
    ٺيڪ آهي ادا اها تمام بهترين ڳالهه آهي جو توکي هر هڪ ذميواري، هر هڪ ڳالهه جو پورو احساس آهي ۽ تون چڱي ريت سمجهي سگهين ٿو ته تون پويان ڇا ڪجهه ڇڏيو ٿو وڃين؟ اسان جون دلي دعائون ۽ نيڪ تمنائون توسان گڏ آهن شال ڪاميابي ماڻين.
    ساجد، سنبل ۽ اسحاق کي راضي ڪري پنهنجي گهر ڏانهن سامان پيڪ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو..!!


    (5)

    (5)

    نيٺ اهو سومر به اچي ويو ساجد يونيورسٽي وڃڻ جون سڀ تياريون مڪمل ڪري، سمورو سامان پيڪ ڪري کڻي اچي سُنبل جي گهر ان کان ۽ سندس گهر وارن کان موڪلائڻ لاءِ اُتي آيو....!
    گهر ۾ داخل ٿيندي ئي احمد علي ۽ اسحاق ملن ٿا، خوش خيرات کانپوءِ احمد علي ساجد سان مخاطب ٿيندي چيو:
    پٽ ساجد!
    تون پڙهڻ يونيورسٽي وڃين ٿو، اها ڳالهه ٻڌي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، ابا اسان جي دعا آهي ته شل پڙهي ڪنهن سٺي مقام تي پهچين...!!
    پر پٽڙا! هڪ ڳالهه هن بدنصيب پيءُ جي ياد رکجان ته سنبل تنهنجي امانت آهي، تون جڏهن به مناسب سمجهين ان کي وٺي وڃجان.
    پُٽ، ائين نه سمجهجهاءَ ڪو اسين پنهنجي ٻچي مان بيزار آهيون، حقيقت اها آهي ته سنبل توکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي آهي، هو توکي ڏسي پنهنجا سڀ غم وساري ويهندي آهي اسان هن جي خوشي لاءِ تو مان اها اميد ٿا ڪريون ته تون ان جو خوشيون سلامت رکندين، آئون هٿ ٻڌي اها التجا ٿو ڪريان ته هن جي توکي خاص پارت آهي.
    احمد علي هٿ ٻڌي ساجد کي چيو...!
    ساجد احمد علي جي هٿن کي جهليندي چيو:
    چاچا..... چاچا منهنجي اڳيان هي هٿ نه ٻڌو، ائين ڪري مون کي گنهگار نه ڪريو، آئون سنبل کي سمجهي سگهان ٿو، ان جي هر طرح جي خوشي جو خيال ڪندس، مون کي پوري طرح هن جو احساس آهي، هو منهنجي وجود جو هڪ حصو آهي جنهن کي آئون ڇڏي نٿو سگهان، آئون هن کي وساري نٿو سگهان.
    چاچا... اوهين فڪر نه ڪريو، آئون پنهنجي ذميواري چڱي نموني نڀائيندس.
    اهو ٻُڌي احمد علي جي اکين م لڙڪ تري آيا، هن پنهنجا لڙڪ اُگهندي وڏي اميد سان چيو:
    اسان کي تومان اهائي اميد آهي تون پنهنجائپ جي رشتن جو ڀرم رکندين.
    ساجد: انشاءَالله چاچا توهان فڪر نه ڪريو.
    ائين چئي ساجد اسحاق سان مخاطب ٿيو:
    ادا سنبل ڪٿي آهي؟
    اسحاق: هو پنهنجي ڪمري ۾ آهي.
    ساجد اتان اُٿي سنبل جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي مزاحيه انداز ۾ چيو:
    سرڪار! دل جي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت آهي؟
    سنبل ٺهه پهه جواب ڏنو:
    ساجد! دل جي ڪمري ۾ ته تون بنا اجازت جي اچي وئين ۽ اهڙو
    آئين جو هاڻي ان مان هڪ پل به ٻاهر نٿو نڪرين، ڪيترائي وس حيلا ڪيا اٿم پر تون دائمي طور دل ۾ مقيم ٿي ويو آهين.
    ساجد: ڇا واقعي؟
    سُنبل: يقين نٿو اچيئي ته ڪاتي کڻي دل چيري ڏس؟
    ساجد: آئون ايترو ظالم ناهيان، مون کي تنهنجي ڳالهين مان تنهنجي سچائي نظر اچي ٿي، مون کي تو تي تنهنجي پيار تي پورو پورو ڀروسو آهي.
    ساجد جي چهري کي تڪيندي سنبل سوال ڪيو.
    ساجد..! تون اڄ واقعي يونيورستي ٿو وڃين؟
    ساجد: ها اڄ روانگي آهي.
    سُنبل: وري واپس ڪڏهن ايندي؟
    ساجد: تو وٽ ته ايندو رهنديس.
    سنبل: اڇا....
    ساجد: ها سنبل.
    سُنبل: ساجد؟
    ساجد: جيءُ
    سُنبل: منهنجي اکين ۾ نهار؟
    ساجد سنبل جي اکين ۾ نهارڻ لڳو،
    سُنبل: ڇا هن اڻڀي اکين ۾ اڃان به توکي ڪويل جي ڪاراڻ جو عڪس نظر اچي ٿو؟
    ساجد: اجايا ۽ غير ضروري سوال نه ڪر.
    ساجد جي انهي جواب جو سنبل ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري وري ساڳيو سوال ٻيهر دهرايو...!
    سُنبل: ڇا هن اڻڀي اکين ۾ اڃان به توکي ڪويل جي ڪاراڻ جو عڪس نظر اچي ٿو؟
    ساجد: جيڪڏهن نه آهي تڏهن به آئون ته محسوس ڪريان ٿو ته هن اکين ۾ منهنجي لاءِ اڃان به اها مستي آهي جنهن جي عقابي سرمستي ۾ آئون وڃايل آهيان.
    سُنبل: ڇا واقعي ساجد سچ ٿو چوين؟
    سنبل خوشي مان حيران ٿيندي چيو.
    ساجد: ها بلڪل سچ ٿو چوان جي نه مڃين ته قسم کڻان؟
    سُنبل: تون ڏاڍو پيارو آهين، تون ڏاڍو عظيم انسان آهين.
    ساجد: ها، اهو ته تون اڳي به چوندي رهندي آهين، ان ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي.
    سُنبل: سچ ته تون مون لاءِ سدائين عظيم ۽ پيارو انسان رهيو آهين، تو لاءِ سدائين دل ۾ عزت ۽ احترام رهيو آهي ۽ سدائين بي لوث پيار رهيو آهي، ايترو وسيع پيار جيتري آسمان جي وسعت آهي.
    سنبل ساجد جي هٿن تي هٿ رکندي چيو:
    تون اڄ يونيورسٽي ٿو وڃين؟
    ساجد: ها بلڪل وڃان پيو.
    سُنبل: منهنجي هڪڙي خواهش آهي؟
    ساجد: ها ٻڌاءِ تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي؟
    سُنبل: پهرين اکيون بند ڪر پوءِ ٻڌايان ٿي.
    ساجد: اهڙي ڪهڙي خواهش جاڳي اٿئي جيڪا اکيون بند ڪرڻ سان پوري ٿيندي؟
    سُنبل: تون اکيون ته بند ڪر.
    ساجد: هل... هي اکيون بند ڪيون هاڻي ٻڌاءِ؟
    ساجد اکيون بند ڪندي چيو.
    سنبل ساجد جي ڳلن کي ويجهو ٿي ۽ هڪ چمي جو آواز اُڀريو...!
    ساجد چمي کي محسوس ڪري فورن اکيون کوليون ته سنبل سامهون نيڻ جهڪائي شرمائي رهي هئي....!!
    ساجد: اڇا ته اها هئي خواهش؟
    سنبل ڪوبه جواب نه ڏنو... بس جهڪيل نيڻن ۾ شرم جون مُکڙيون ٽڙيل هيون....!!
    ساجد: سنبل....؟
    سُنبل: جي؟
    ساجد: هاڻي آئون هڪ ڳالهه چوان؟
    سُنبل: تون هڪ ڇو؟ هزار ڳالهيون چئو
    ساجد: پهرين اکيون پور؟
    سُنبل: ڇو... اکيون ڇو پوريان؟
    ساجد: بس.... تون اکيون ته بند ڪر
    سُنبل: نه آئون اکيون ڪونه بند ڪندس
    ساجد: ڏس... اکيون بند ڪر منهنجو چوڻ ڪونه ٿي مڃين؟
    سُنبل: تون ائين ئي ڳالهه ٻڌاءِ؟
    ساجد: نه اکيون بند ڪر بس..
    سُنبل: او...هو... ساجد، هل هي اکيون بند ڪيون.
    سنبل هڪ پل لاءِ اکيون بند ڪري وري کولي ڇڏيون، هن جي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو ۽ هن کي ڪجهه محسوس ٿي رهيو هو...!
    ساجد: اُف.... سنبل تون ٿوري دير لاءِ ته اکيون پُور؟
    سُنبل: ڇا مسئلو آهي؟ منهنجي دل تيزي سان ڌڙڪي ٿي
    ائين چئي هن اکيون پوريون...!!
    ساجد پنهنجا چپ هن جي ڳلن کان ويندي گردن تي رکيا ۽ ٻئي وجود هڪ نه بيان ڪري سگهندڙ سحر ۾ کوئجي ويا...!!
    ٻن پهرن جو ساجد سڀني کان موڪلائي يونيورسٽي روانو ٿيو...!!


    (6)

    (6)

    25 جنوري تي ساجد جو يونيورسٽي ۾ پهريون ڏينهن هيو، هو يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ وقت ڏاڍو گهٻرايل ۽ اٻاڻڪو لڳي رهيو هو...!!
    هن جي چهري تي اٻاڻڪائي بَکي رهي هئي، هو فيڪلٽي ۾ اٻاڻڪو ٿي هلي رهيو هو، ڪجهه شرارتي ڇوڪرين هن کي اٻاڻڪو ڏسي هن سان ريگنگ شروع ڪئي.
    وڏي اکين واري اڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ هن سان مخاطب ٿيندي چيو.
    توهان فرسٽ ايئر جا آهيو، اسان فائنل واريون شاگردياڻيون هر نئين ايندڙ شاگرد کي يونيورسٽي ۾ اچڻ تي ڀليڪار چونديون آهيون ۽ گڏوگڏ نئين جونيئرز جي هر ممڪن مدد ڪري ان سان ڪئمپس ۾ ايندڙ مسئلن بابت ڀرپور تعاون ڪنديون آهيون، توهان سان ڪو مسئلو هجي يا توهان کي ڪابه تڪليف هجي ته ٻڌايو؟
    ساجد حيران ٿيندي چيو:
    اڄ منهنجو يونيورسٽي ۾ پهريون ڏينهن آهي، في الحال ته ڪوبه مسئلو ناهي.
    وڏي اکين واري اڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ ڳالهه وڌائيندي چيو:
    توهان ڪهڙي ڊپارٽمينٽ جا آهيو؟
    .ساجد: سنڌي ڊپارٽمينٽ
    ڇوڪريءَ: سنڌي لٽريچر توهان جي ڪهڙي چوائس هو؟
    ساجد: فرسٽ چوائس هو.
    وڏي اکين واري ڇوڪريءَ سنڌي ڊپارٽمينٽ فرسٽ چوائس هجڻ واري ڳالهه ٻڌي طنز ڪندي چيو:
    عام طورتي انٽري ٽيسٽ ۾ جنهن جون مارڪون سڀ کان گهٽ اينديون آهن، جنهن جون مارڪون ڪنهن به ڊپارٽمينٽ جي قابل ناهن هونديون ان کي ڪچرو مال سمجهي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ڏئي يونيورسٽي ۾ شاگردن جي اسٽينٿ ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي، انهي ڊپارٽمينٽ ۾ اهڙا شاگرد تمام گهٽ هجن ٿا، جيڪي عملي طرح به لٽريچر سان وابسته هجن.
    ساجد: ها بلڪل... پر منهنجو ته پسنديده شعبو آهي..!
    ڇوڪريءَ: ان جو ڪو خاص سبب؟
    ساجد: سبب ته اهو آهي جو مون کي ذاتي طور تي ذوق آهي ۽ آئون ادب سان وابسته آهيان.
    ڇوڪريءَ: اڇا.... ته توهان اديب آهيو؟
    ساجد: اديب ته وڏي ڳالهه هوندا آهن، آئون اديب ته ناهيان پر ادب جو طالبِ علم آهيان.
    ڇوڪريءَ: اڇا... هلو صحيح آهي...! هاڻي اچو توهان کي توهان جي ڊپارٽمينٽ ڇڏي اچون.
    شرارتي ڇوڪريون هن سان همدردي واريون ڳالهيون ڪري هن کي مطمئن ڪري ويون ۽ هن کي وٺي وڃي، پروفيسر خليق الزمان جي آفيس ۾ ويهاريائون. پروفيسر جي آفيس ۾ ويهاري هن کي چوڻ لڳيون:
    توهان سنڌي فرسٽ ايئر وارن جو ڪلاس هتي ئي هلندو آهي، شروع وارا ڏينهن آهن ڪلاس ديرسان هلندا ۽ شاگرد به گهٽ ايندا، توهان هتان کان ڪيڏانهن به ٻاهر نه وڃجو.
    ساجد: جي.... جي ٺيڪ آهي مهرباني توهان جي.
    شرارتي ڇوڪريون هن کي پروفيسر جي آفيس ۾ ڇڏي ٻاهر وڃي هن تي کلڻ لڳيون....!
    جڏهن سخت مزاج پروفيسر خليق الزمان آفيس ۾ آيو هن کي اڳ ئي آفيس ۾ ويٺل ڏسي هن کي هٿ ڏئي پڇڻ لڳو:
    جي ٻڌايو ڪم ڪار؟
    پروفيسر جو سوال ٻڌي هي وائڙو ٿي ويو ۽ گهٻرايل لهجي ۾ چوڻ لڳو:
    ڪم ڪنهن سان به نه آهي، ڪلاس وٺڻ آيو آهيان.
    پروفيسر سخت لهجي ۾ هن کي دڙڪو ڏيندي چيو:
    پوءِ وڃي ڪلاس وٺو، هتي آفيس ۾ ڇا ٿا ڪريو؟ وڃو.... وڃي ڪلاس ۾ ويهو.
    ساجد: ڪلاس.... ته ڇا هي ڪلاس نه آهي؟
    پروفيسر: توهان کي ڪنهن چيو آهي ته هي ڪلاس آهي؟
    ساجد: ٽي ڇوڪريون هيون انهن مون کي ٻڌايو ته هي سنڌي فرسٽ ايئر وارن جو ڪلاس آهي...!!
    پروفيسر ويتر رُعب ڪندي چيو:
    يونيورسٽي ۾ پهتو آهين اڃان ويٺو ڇوڪرين هٿان بيوقوف ٿئين؟
    هو توکي بيوقوف بڻائي ويون آهن هي منهنجي آفيس آهي ڪو ڪلاس ڪونهي، سنڌي جو ڪلاس فيڪلٽي جي فرسٽ فلور تي آهي وڃ اوڏانهن.
    هي وائڙن جيان هڪ رجسٽر ۽ ڪجهه ادب جا ڪتاب هٿ ۾ کڻي پروفيسر جي آفيس مان ڏاڍو لڄي ٿيندي ٻاهر نڪتو...!!
    ٻاهر نڪري دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو، يونيورسٽي جون ڇوڪريون ايتريون چالاڪ آهن ته يونيورسٽي جا ڇوڪرا ته وڏا لاهه هوندا، ڪٿي اُهي به مون کي فرسٽ ايئر جو اٻوجهه شاگرد سمجهي بيوقوف نه بڻائين...!!
    اهو سوچي هي آسپاس نهاري وڏي هوشياري سان هلڻ لڳو، ڳوليندي ڳوليندي نيٺ سنڌي فرسٽ ايئر وارن جي ڪلاس اٽينڊ ڪيائين...!!
    يونيورسٽي جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن کي يونيورسٽي ۾ بلڪل به سک نه ايندو هو، هن کي هر وقت سنبل جي يادگيرين جو گهيرو هوندو هو، هُو سنبل سان سڄو ڏينهن فون تي ڳالهائيندو رهندو هو..!!
    سنبل جي ياد هن کي ڪڏهن ڪڏهن ايترو تنگ ڪندي هئي جو هلندڙ ڪلاس ڇڏي ٻاهر نڪري سنبل سان فون تي ڳالهائيندو هو تڏهن هن کي سڪون ايندو هو...!!
    اڳتي هلي آهستي آهستي وقت گذرڻ سان گڏ ساجد يونيورسٽي جي ماحول ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو هو...!!
    آخرڪار هن يونيورسٽي ۾ پاڻ کي مطمئن ڪري ورتو، هاڻي هن کي يونيورسٽي وڻڻ لڳي هئي..!!
    پهرين ته هو هر هفتي گهر وارن ڏانهن ڳوٺ ايندو هو ۽ سنبل وٽ وڃي ملاقات ڪندو هو، هن جي سنبل کانسواءِ نه سرندي هئي، هن کي انتظار هوندو هو ته ڪڏهن ٿو ڇنڇر جو ڏينهن اچي جو هو ڳوٺ وڃي...!!
    پهريان هو هر ڇنڇر تي ڳوٺ لازمي ويندو هو، پر پوءِ آهستي آهستي هو يونيورسٽي جي رنگن ۾ رنگجڻ لڳو هو...!!
    هو هر هفتي ڳوٺ وڃڻ بجاءِ ٻن ٽن هفتن کانپوءِ ڳوٺ وڃڻ لڳو هو...!!
    سنبل دير سان اچڻ جو سبب پڇندي هئي ته ان کي چوندو هو:
    هاڻي اسان جو سيمسٽر ويجهو اچي ويو آهي تنهنڪري آئون گهڻو وقت پڙهائي ۾ مصروف هوندو آهيان، ڪڏهن ڪا اسائنمينٽ لکندو آهيان ته ڪڏهن ڪورس جي اسٽڊي ۾ رُڌل هوندو آهيان...!!
    هاڻي ڏينهون ڏينهن ساجد يونيورسٽي کي با رونق جڳهه جو اعليٰ نمونو سمجهڻ لڳو هو، فئڪلٽي آف آرٽس جا حسين منظر هن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري رهيا هئا، هو آهستي آهستي حُسن جي نظر جي تيرن جو نشانو ٿيندي پنهنجي حدف کان پوئتي هٽڻ لڳو هو...!!
    ان ڏينهن ٻولين جي عالمي ڏينهن تي عبدالجبار هال ۾ سنڌي ٻوليءِ ۽ ان جي قدامت جي حوالي سان ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ۽ استادن گڏجي پروگرام منعقد ڪيو هو، جنهن ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ ساجد به حصو ورتو هو..!!
    هو سنڌي ٻولي جي حمايت ۾ ڀرپور تقرير لکي آيو هو، پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ هو هال ڏانهن اچي رهيو هو ته اُهي ٽيئي ڇوڪريون ڏٺائين جن هن سان پهرين ڏينهن تي شرارت ڪندي هن کي پروفسر جي آفيس ۾ ويهاريو هو...!!
    ساجد وڏي اکين واري ڇوڪريءَ سان مخاطب ٿيندي چيو:
    ان ڏينهن توهان مون سان ريگنگ ڪري منهنجي سخت دل آزاري ڪئي، اهو توهان سراسر غلط ڪيو هو، هڪ سينئر تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو پنهنجي جونيئرز جي هر ممڪنه مدد ڪري ۽ ان سان علمي، ادبي ۽ اخلاقي حوالي سان ڀرپور تعاون ڪري پر توهان ان جي برعڪس سينئر هئڻ جي باوجود پنهنجي جونيئرز سان ٺيڪ ٺاڪ جُٺ ڪريو ٿا، اوهان جو اهو عمل غير اخلاقي ۽ قابلِ مذمت آهي، خاص طور تي اوهان ڇوڪرين کي ته اهو قطعي به ڪونه ٿو سونهين جو ڇوڪرن سان ريگنگ ڪريو، دل خوش ڪرڻ ۽ کِل ڀوڳ ڪرڻ جا ٻيا به گهڻائي طريقا آهن...!!
    ساجد پُر جوش طريقي انهن ڇوڪرين کي تنبيهه ڪندي چيو..!
    ڇوڪرين هن کي ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ کلندي انهي ساڳي هال ۾ وڃي ويٺيون جتي اڄ ٻولين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام طئه ٿيل هو..!!
    ساجد به انهي ڇوڪرين جي پٺيان اچي تقرير واري هال ۾ ويٺو...!!
    تقريرن جو سلسلو شروع ٿيو پهرين ۽ ٻي تقرير ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪمپيئر هن جو نالو کنيو ۽ هن کي تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو...!!
    هن سنڌي ٻولي جي حمايت ۾ فصيح زبان سان جذباتي انداز ۾ ڀرپور تقرير ڪندي چيوته:
    “ٻولي زنده قومن جي حيات هجڻ جي سگهاري علامت هوندي آهي، ڪنهن به ٻولي جو پنهنجي سموري سگهه سان جيئرو هجڻ سندس قوم جي جاويده حياتي جو کُليو کُلايو اعلان هوندو آهي، قدرت جيئن ئي انسان کي شعور عطا ڪيو ته، انسان ڳالهائڻ شروع ڪيو ان پنهنجا خيال ۽ جذبا ٻولي جي وسيلي لفظن جي صورت ۾ پيش ڪري اظهار ڪرڻ شروع ڪيو.
    جيئن جيئن زمين جي گولي تي انسان ذات جو واڌارو ٿيندو ويو تيئن تيئن قومون ۽ ٻوليون جُڙنديون ويون.
    در حقيقت قومون ٻولين سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ ٻوليون قومن جي تشخيص هونديون آهن..!!
    ٻولي جي عالمن جي چوڻ موجب ته ٻولي پنهنجي سماج جي گڏيل سوچ جي لفظي شڪل هوندي آهي، اهڙي ريت ٻولي اظهار جي وسيلي جي حيثيت ۾ پنهنجي سماج جي سڀاويڪ حالتن ۽ ان جي علمي ڪارگردگي جو حقيقي آئينو هوندي آهي..!!
    سنڌي ٻولي سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جي حقيقي ترجمان آهي،
    اسان کي فخر آهي ته اسان جي سنڌي ٻولي تمام گهڻي قديم ۽ پنهنجي وُسعت ۾ آسمان جيڏي پکيڙ رکي ٿي.
    سنڌي ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار ٻولي هجڻ جي باوجود اڃان تائين ڌارين ٻولين جي ملبي هيٺيان نه نڪري سگهي آهي، سنڌي قوم جي اها بدبختي چئبي جو اسان هن وسيع تر ۽ شاهوڪار ٻولي کي اڄ ڏينهن تائين دفتري ٻولي واري حيثيت ناهيون ڏياري سگهيا.
    جيتوڻيڪ هن ٻولي جي محل ۾ ڪيترن ئي اصطلاح، پهاڪن، چوڻين ۽ لفظن جا گوناگون علمي خزانا موجود آهن پر پوءِ به سنڌي ٻولي کي ثانوي حيثيت ڏئي ديوار سان لڳايو ويو آهي، جنهن جو عملي ثبوت غير سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي نه پڙهائڻ جي صورت ۾ موجود آهي...!
    سنڌ جا ڪيترائي اهڙا تعليمي ادارا آهن جتي سنڌي ٻولي کي ڊسٽ بن جي دٻي ۾ اُڇليو ويو آهي...!!
    سنڌي ٻولي سان غير سنجيدگي وارو اسان جو هي رَويو سچ ته سنڌين جي اجتماعي قومي شعور جي کوٽ جو هڪ وڏو الميو آهي...!!
    اها اسان سنڌين جي اجتماعي نا اهلي چئبي جو اسان اڃان تائين جديد دور جي ڪمپيوٽر ۽ ٻين مشينري آلات جي سهولتن هئڻ باوجود به سنڌي ٻولي کي باضابطا طور گلوبلائيز ناهيون ڪرائي سگهيا...!
    ويتر قهر اهو به آهي جو اسان جي ٻولي کي ڌاريون ٻوليون گرهه گرهه ڪري کائي رهيون آهن جنهن سان سنڌي ٻولي جي اصلي جٽادار حيثيت کي کاٽ لڳي رهيو آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڌارين ٻولين جي لفظن جي ڀرمار ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي پئي ۽ سنڌي ٻولي جا نج اصلوڪا پراڻا لفظ سنڌي سماج مان اُڏامي ويندڙ پکي جيان الوپ ٿيندا پيا وڃن...!!
    سچ ته هي اهم وقت آهي جو اسان سنڌي ٻولي خلاف ٿيندڙ هر هڪ سازش جو محاصرو ڪري سنڌي ٻولي جي باقي رهڻ لاءِ دل ۽ جان سان عملي ڪوشش ڪري پنهنجون سڀ صلاحيتون سنڌي ٻولي جي آبياري لاءِ صَرف ڪيون...!!
    “مورک دنيا جي ٻک ۾، وقت وڃي پيو تيزي ۾،
    نيڻ وڇايان اُردو ۾، ڇو عشق ڪيان انگريزي ۾؟
    سَرتي سنڌي جي ٻولي، مون وٽ ميندي جي ٻولي،
    مون وٽ لائون ٻولي جون، ساٿ چميون سڀ ٻولي جون،
    تسبيحن جا گل پوئي، گجرا ٺاهيان ٻولي جا،
    ٻولي منهنجي ڌرتي جي، ٻولي منهنجي ٻاٻاڻي...!!”
    (گلزارسيال)
    ساجد جي تقرير ختم ٿي ته هال ۾ تاڙين جو شور مچي ويو. سڀني ويٺل شاگردن خوب تاڙيون وڄائي داد ڏنو خاص طور تي وڏين اکين واري ڇوڪريءَ کي ساجد جي تقرير باقاعده موهي وڌو هن اٿي بيهه ساجد لاءِ ڀرپور تاڙيون وڄايون ۽ کيس تاڙين ذريعي داد ڏنو...!!
    ساجد تقرير ايتري ته پرجوش انداز ۾ ڪئي جو هال ۾ ويٺل سامعين تي جهڙو سحر طاري ٿي ويو هو.
    وڏي اکين واري ڇوڪريءَ هن کي گُهوري گُهوري ڏسي رهي هئي ۽ سندس تقرير پڙهڻ جي فصيح ۽ زيبائتي انداز کان گهڻو ئي متاثر ٿي ايتري حد تائين جو جڏهن تقرير ختم ٿي ته هن بيهه تاڙيون پئي وڄايون ۽ ساجد هن کي ڏسندو رهيو.
    پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀني ساجد کي “واهه واهه” چئي داد پئي ڏنو ته وڏي اکين واري ڇوڪريءَ به ساجد کي داد ڏيندي اهو چئي رواني ٿي:
    ”تقرير سُٺي ٿا ڪريو“
    ساجد ان کي ڪو جواب ڏي ها، ان کان اڳي هو ڪاريڊور مان گرلس ڪينٽين ڏانهن رواني ٿي وئي...!!


    (7)

    (7)

    ساجد جي رُخ ۾ بي رُخي ڏسي سنبل کي اهو احساس ٿيڻ لڳو هو ته ساجد هاڻي يونيورسٽي ۾ گهڻو خوش ٿي ويو آهي، شايد هن جي ڪٿي دل لڳي ٿي وئي آهي تڏهن ئي هن مون ڏانهن اچڻ ڇڏي ڏنو آهي...!!
    شايد هن جي دل مون سان گهٽجي وئي آهي، هن جي زندگي مون کان سواءِ خوش گذري پئي، شايد ان جو ڪو سبب هجي..!!
    سنبل سدائين اڪيلائي ۾ اهو سوچي روئندي هئي ۽ ساجد يونيورسٽي جي فضائن ۾ خوشين سان ڀرپور خوشگوار جيون گذاري رهيو هو...!!
    هاڻي ساجد کي سنبل وٽ آئي ٽي مهينا گذري ويا هئا، اهو ساجد جيڪو سنبل کان پري هڪ منٽ نه رهندو هو انهي کي هاڻي اچڻ ۾ ٽن مهينن جي وٿي لڳي وئي هئي...!!
    هڪ رات سنبل کي ساجد جي ياد شدت سان تڙپائي رهي هئي، ۽ هو يادگيرين جي بيابان ۾ ماضي جي مٽي ڦلهورڻ لڳي هئي..! سوچن جي سُرهاڻ ۾ هن جي اکين اڳيان ماضي جا اُهي منظر تري آيا جن لمحن دوران عشق جي وينگس وار کولي هنن تي ڇانورا ڪيا هئا...!!
    ماضي کي ياد ڪندي هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ هن ڊائري کڻي ان تي لکيو:
    “ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي سمونڊن جي گهرائي جي ڪا آنڌي ڪانڌي بڻجي ڪئين ساحلن کي صحرا ڪري ويندي آهي، وقت عقاب جيان اڏامي ويندو آهي پر دل ڪتاب تي لکيل ماضي جي محبت جا يا داشت نامان زندگي جو نه وسرندڙ باب ٿي ماڻهو کي دائمي طور ايذائيندا رهندا آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪي سفيد چانڊوڪي جهڙا اُجرا احساس بي قياس زماني جي گردش جي راهن ۾ ئي پيرن هيٺيان چيپاٽجي ويندا آهن ۽ پوءِ بي لوٽ ستم جي بستين ۾ باقي بچيل ماڪ جهڙي نفيس ارمانن جو واڪ لڳندو آهي جنهن کي وقت اڌملهه ۾ خريد ڪري ياد گيرين جون حَسين عمارتون مسمار ڪري ڇڏيندو آهي...!!
    شايد هن وٽ ڇڏيل منهنجي ياد گيرين جون خوبصورت عمارتون وقت هن جي دل تان ميساري ڇڏيون آهن تنهنڪري ئي هن کي منهنجي ياد نٿي اچي ۽ هن مون کي شايد ايترو باقاعدگي سان وساري ڇڏيو آهي”
    ڊائري تي اهو نوٽ لکي هن ڊائري رکي ڇڏي ۽ وهيل چيئر تي ويٺي ساجد جي بيوفائي تي سوچي روئيندي روئندي ڳرندي رهي هئي...!!
    هوڏانهن ساجد کي سنبل هوريان هوريان وسرڻ لڳي هئي، هن کي اُهي قول، اقرار ۽ واعدا، وچن وسرڻ لڳا هئا جيڪي هن سنبل سان ۽ ان جي گهر ڀاتين سان ڪيا هئا...!!
    ساجد سنبل کي وساري وڏي اکين واري ڇوڪريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو، هن کي بار بار خيالن ۾ هن وڏي اکين واري شرارتي ڇوڪريءَ جو اهو جملو ياد اچي رهيو هو جيڪو هن تقرير ختم ٿيڻ کانپوءِ ساجد کي چيو هو...!!
    سنبل هن کي هر روز فون ڪري چوندي هئي ته:
    ساجد تون هاڻي بدلجي ويون آهين، تون اچ مون ڏانهن، آئون توکاسواءِ پريشان آهيان. سنبل جا روز روز غم جا داستان ۽ ڏک ميارن جا قصا ٻڌي ٻڌي ساجد تنگ ٿي پيو هو، هن آخرڪار سنبل جي فونن ۽ ميسجز کان تنگ اچي پنهنجو موبائل نمبر تبديل ڪري ڇڏيو...!!
    ساجد کي انهي وڏي اکين واري شرارتي ڇوڪريءَ جي محبت ۾ ڦاسڻ کانپوءِ سنبل جي اپاهجپڻي کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي، هي سوچڻ لڳو ته آئون انهي معذور سان ڪيئن زندگي گذاري سگهندس، جيڪا پنهنجي جسم کي پاڻ کڻي نٿي سگهي؟
    جيڪا اڄ پنهنجو پاڻ تي بار آهي، اها صبح جو منهنجي زندگي ۾ ڪهڙيون خوشيون آڻي سگهندي؟ اها منهنجي لاءِ ڪهڙو سک جو سبب ٿيندي؟
    ويتر انهي جڏي کي سڄي زندگي مون کي ئي سنڀالڻو پوندو، ان جو هر هڪ بار مون کي ئي کڻڻو پوندو پر آئون آخر ڪيستائين ان جو بار کڻندس؟
    نه... نه! آئون هن جڏي سان شادي ڪونه ڪندس آئون گهر وارن کي جواب ٿو ڏيان...!!
    آئون پنهنجي زندگي هن معذور لاءِ قربان ڪري نٿو سگهان...!!
    جيئڻ لاءِ ته هتي وڏي خوبصورت دنيا موجود آهي پوءِ ڇو آئون پاڻ کي کوهه ۾ اُڇلايان...؟
    نه قطعي نه آئون انهي جڏي ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندس، آئون بابا وارن کي جواب ٿو ڏيان....!!
    ساجد اهو سوچي سنبل کي مڪمل طرح ڇڏڻ جو آخري فيصلو طئه ڪري ڇڏيو هو ۽ هوڏانهن سنبل ساجد جي اچڻ جي انتظار ۾ بي چين هئي..!
    ساجد جي بيرخي کي ياد ڪري هن جي اکين جا ڳوڙها پنبڙين جا لوڙها لتاڙيندا رهندا هئا...!!
    ڪافي وقت گذري وڃڻ کانپوءِ به ساجد سندس ڳوڙها اگهڻ ڪونه آيو، هو سخت اڪيلائي جي حالت ۾ پنهنجي وجود جو لاشو وهيل چيئر تي گهيلي گهيلي ٿڪجي پئي هئي.
    هڪ ڏينهن وهيل چيئر کي گهمائي جڏهن آئيني اڳيان بيٺي ته هن کي پنهنجي وڃائجي ويل سونهن تي ۽ ڳري ويل جسم تي وڏو ارمان ٿيو...!!
    هن کي پنهنجو بي حال حال ڏسي خود تي رحم آيو ۽ هو پاڻ تي روئندي رهي..!!!
    ان ڏينهن 14 فيبروري پيار ڪندڙن جو عالمي ڏينهن هيو، جيڪو ويلنٽائن ڊي جي نالي سان مشهور هيو...!!
    ويلنٽائن ڊي تي سنبل وهيل چيئر تي اداس ويٺي هئي، خاموشيون هن جي وجود ۾ گهرائي سان واسو ڪري چڪيون هيون، سخت تنهائي جي تلخي ۾ هو گذريل ويلنٽائن تي سوچي رهي هئي جڏهن ساجد هن سان گڏ هو ...!!
    ان ويلنٽائن ڊي تي ساجد هن لاءِ گلن جا تحفا ۽ رائيل مِرج پرفيوم وٺي آيو هو جنهن جي خوشبوءِ سنبل کي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ هو اهو پرفيوم استعمال ڪندي هئي...!!
    گل ۽ پرفيوم سنبل کي ڏيندي هن ويلنٽائن ڊي وڏي پيار سان وِش ڪيو هو..!
    سنبل کي ڀاڪر ۾ ڀري ٻنهي ڳلن تي چميون ڏئي هن جا وار سنواريندي چيو هئائين:
    سنبل ايندڙ ويلنٽائن ڊي کان اڳ ۾ آئون توکي پنهنجي ڪنوار بڻائي پنهنجي گهر وٺي ويندس ۽ ايندڙ ويلنٽائن ڊي آئون توکي پنهنجي ذاتي گهر ۾ وِش ڪندس جتي پاڻ ٻه اڪيلا هونداسين ۽ پنهنجي پيار جي هڪ الڳ ڀرپور دنيا هوندي، جتي توسان رڳو بس پيار ڪبو ۽ ايترو پيار ڪبو جو زمين آسمان هڪ ٿي ويندا ۽ وقت پِنڊ پهڻ ٿي ويندو ۽ تون منهنجي ڀاڪر جي آغوش ۾ پنهنجو ساهه منهنجي ساهه جي لمس ۾ کڻين،تنهنجي جسم جي ڀنل هٻڪار منهنجي حِس کي مهڪائي ڇڏي ۽ آئون تنهنجي جسم جي سُندرتا جي تحويل ۾ مڪان ۽ لامڪان جون سڀئي سرحدون اورانگهي مستي ۾ سر مست ٿي وڃان، تنهنجي جوڀن ۽ جمال جي رعنائين ۾ ڪائنات جي خوبصورتي جو سمورو موهه هجي ۽ تنهنجي نفيس چپن جي چمين جي پوسل دائمي حياتي جي سند ثابت ٿئي.
    ساجد جون ڳالهيون پاڻي تي ليڪن جيان هيون اڄ اهو ويلنٽائن ڊي ته اچي ويو هو پر نه ساجد آيو، نه ان جو پيار ۽ نه ئي ان جو الڳ گهر جنهن جا خواب هن سنبل کي ڏيکاريا هئا...!!
    هاڻي ته بس ڏکن ۾ چُور هڪ ويڳاڻو وجود هو، جنهن کي قسمت هر طرح سان ويران ڪندي رهي هئي، اڄ هوءَ پنهنجي اپاهجپڻي تي سخت بيزار هئي، هن هر هڪ ساهه گُهٽ ٻُوسٽ ۾ ٿي کنيو ۽ بس رڳو ٿڌا شوڪارا ڀري ٻئي هٿ مٿي تي ڏيئي زارو زار روئندي رهي هئي.
    اهو به تقدير جو تشدد چئبو جو هر ماڻهوءَ جي مقدر ۾ ماڪ ڀنل رابيل ٿيڻ ناهي هوندو، ڪجهه اڀاڳا ماڻهو خاڪ ٿي هوا ۾ اُڏري ويندا آهن. جڏهن انهن جي وجود جي مسيحائي ڪائنات جو ڪوبه مسيحا ناهي ڪري سگهندو ته لاوارثي لشڪر جي صورت ۾ انهن وجودن جي دل جي ريگستان تي تنهائي ۽ فنائي جا خيما هڻندي آهي جنهن کانپوءِ ان لاءِ مرڪ جا چپ ڪٽجي ويندا آهن، دردن جو هيبتناڪ دريا ڇوليون هڻندو رهندو آهي.


    (8)

    (8)

    هو ڏانهن يونيورسٽي ۾ ويلنٽائن ڊي تي پيار ڪندڙ جوڙن جو ميلو متل هو، ڪيترائي جوڙا آهون ڀري رهيا هئا ۽ ڪن ڀاڳ وارن سان سڄڻ ساٿ هئا ته انهن هن اهم ڏينهن کي يادگار بڻائڻ لاءِ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي هئي، ايتري قدر جو جيڪو ڪجهه نه چوڻو هو اهو چئي ڇڏيو ۽ جيڪي سرحدون پار نه ڪرڻيون هيون اهي به اُڪري ويا ۽ زوردار عشق جي پُرجوش وهڪري ۾ سڀ ڪري ڇڏيائون...!!!
    فيڪلٽي جي لان ۾ ڪوبه گل سلامت نه رهيو هو جيڪو ٻوٽي ۾ سلامت بيٺل هجي..!
    ان ڏينهن ويلنٽائن ڊي تي ساجد به ٿِري پيس سُوٽ پائي ڏاڍو حَسين لڳي رهيو هو ويتر جو بليڪ سن گلاسز اکين تي پاتائين ته هو وڌيڪ هوٽ لڳي رهيو هو.
    جنرل هسٽري ڊپارٽمنٽ جي اڳيان هن کي اها وڏين اکين واري ڇوڪريءَ ملي جيڪا هن کي ڏسي بيهه رهي..!!
    ساجد سلام ڪندي چيو:
    السلام عليڪم
    ڇوڪريءَ: وعليڪم السلام
    ساجد: توهان ڪهڙي ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهنديون آهيو؟
    ڇوڪريءَ: فلاسافي سيڪنڊايئر
    ساجد: اڇا... ڇا آهي فلسفي ۾؟
    ڇوڪريءَ: فلسفي ۾ فلسفو آهي
    ساجد: ڇا جو فلسفو آهي؟
    ڇوڪريءَ: هر هڪ شيءَ ڇو
    ساجد: هر هڪ شيءَ معنيٰ اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان به ڪو فلسفو آهي؟
    ڇوڪريءَ: اڄوڪو ڏينهن مطلب؟
    وڏي اکين واري ڇوڪريءَ اڻ ڄاڻ ٿيندي پڇيو:
    ساجد: اڄوڪو ڏينهن مطلب ويلنٽائن ڊي جيڪو پيار ڪندڙن جو عالمي ڏينهن آهي....!!
    ڇوڪريءَ: اڇا... اڇا انهي فلسفي بابت ته مئڊم اسان کي ڪونه پڙهايو آهي..!!
    ساجد هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:
    ساجد: زندگي جو اهم فلسفو ته اوهان ڄاڻو ئي ڪونه ٿا باقي ٻيا فلسفا پڙهڻ جو فائدو؟
    وڏي اکين واري ڇوڪريءَ ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ بس خاموش بيٺي رهي..!
    ساجد ڳالهه کي اڳتي وڌائندي چيو:
    توهان جو نالو ڇا آهي؟
    ڇوڪريءَ: اوهان ڇو ٿا پڇو؟
    ساجد: بس ائين ئي..
    ڇوڪريءَ: منهنجو نالو ياسمين آهي..!!
    ماشاءالله، نالو ته خوبصورت آهي، ان جو مطلب؟
    ياسمين خوشبودار گل کي چئبو آهي يا چنبيلي جو گُل..!
    ساجد: واهه... واهه تمام بهترين
    ساجد هن کي وڌيڪ ديرتائين بيهارڻ لاءِ ڳالهه جو موضوع مٽائندي چوڻ لڳو..!!
    توهان پهرين ڏينهن جڏهن مونکي پروفيسر خليق الزمان جي آفيس ۾ ويهاريو هو، ان ڏينهن توهان مونکي گهڻيون شرارتي لڳي رهيون هيون.
    ياسمين هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:
    دراصل... ان ڏينهن منهنجي هڪ شرارتي سهيلي مون سان گڏ هئي، ان چيو فرسٽ ايئر وارن ڇوڪرن سان ريگنگ ڪبي، ان ئي توهان سان سڀ شرارت ڪرائي، اها وڏي شرارتي آهي خاص طور ڇوڪرن سان وڏيون شرارتون ڪندي آهي ۽ ڇوڪرن کي بيوقوف بڻائڻ ان جو پسنديده مشغلو آهي...!!
    ساجد: هونئن به يونيورسٽي جا ڇوڪرا ڇوڪرين جي معاملي ۾ جلد بيوقوف بڻجي ويندا آهن انهي جو سبب هنن وٽ بي قابو جذبات هجن ٿا...!!
    ياسمين: بي قابو جذبات جي ٿوري وضاحت ڪريو؟
    ياسمين هن کان وضاحت پڇي...!!
    ساجد محسوس ڪيو ته ڳالهه بي زيبي چئي ويس ان ڪري پنهنجي ڳالهه تي پردو وجهڻ لاءِ جهٽ چيائين.
    مطلب ته بغير سوچڻ سمجهڻ جي جلد ئي ڇوڪرا جذباتي ٿي ويندا آهن...!!
    هنن جي ڳالهين جو سلسلو اڃان جاري هيو ته هڪ ڇوڪريءَ ياسمين کي سڏ ڪندي چيو:
    ياسمين! هيڏانهن اچ توکي آفيس ۾ سَر خليق ٿو سڏي..!
    ياسمين ان ڇوڪري کي ورندي ڏيندي چيو:
    ها ٺيڪ آهي بابا کي چئو ته گاڏي ٻاهرڪڍي آئون بس اچان پئي...!!
    ساجد اها ماجرا ڏسي حيران ٿيندي ياسمين کان پڇيو:
    سر خليق ڇا ٿو ٿئي توهان جو؟
    ياسمين چيو:
    اهو منهنجو والد آهي هاڻي ٽي ٿي رهيا آهن ان ڪري آفيس بند ڪري چوي ٿو ته اچ گهر هلون.
    هو مونکي صبح جو پاڻ سا گڏ گاڏي ۾ وٺي ايندو آهي ۽ موڪل مهل به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آهي.
    ساجد اها ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويو ته ياسمين پروفيسر خليق الزمان جي ڌي آهي..!
    هو پاڻ سنڀاليندي چوڻ لڳو:
    اڇا... اڇا صحيح آهي.
    ياسمين: ٺيڪ آهي پوءِ آئون هلان ٿي..!
    ساجد: ٺيڪ آهي توهان ڀلي وڃو توهان جو والد انتظار ڪندو هوندو ۽... ها توهان سان ملي خوشي ٿي..!
    ياسمين: مون کي به توهان سان ملي خوشي ٿي..!
    اهو چئي ياسمين فيڪلٽي جي مين گيٽ ڏانهن رواني ٿي...!!
    ساجد خوشيءَ سان ڪپڙن ۾ نه ماپي رهيو هو..!
    هو ڇوڪرين جي معاملي ۾ وڏو لَڪي هو ڇوڪريون اڪثر هن جي شخصيت کان متاثر ٿينديون هيون، هي جنهن به ڇوڪريءَ کي پرپوز ڪندو هو اها هن کي ڀرپور موٽ ڏيندي هئي، ان جو سبب هن جي هوٽ پرسنلٽي هئي..!
    هو اڪثر دوستن کي چوندو هو:
    مون ڏانهن ڇوڪرين جي ندي وهي اچي ٿي...!!
    ڇوڪرا هن کان ڇوڪريون ڦاسائڻ جا ٽپس پڇندا هئا ته انهن کي چوندو هو:
    ڇوڪرين کي متاثر ڪرڻ لاءِ ماڻهو شخصي طرح مڪمل تيار هجي، ڪپڙي، جتي ۽ شيو وغيره ۾ هميشه الرٽ هجي، ڇوڪرين کي راضي ڪرڻ لاءِ هميشه لُڪ شهزادن ۽ گهوٽن جهڙو هئڻ گهرجي، برانڊيڊ ڪپڙا، عمده جُتي ۽ اوچي ڪلاس جو پرفيوم ان ڳالهه سان مشروط شيون آهن..!!
    باقي غريب غُربا، گَرا گنجا ۽ اَڀرا سڀرا ڀلي پيا جتون گسائي اجايون شاعريون ڪن پر ڪجهه به ڪونه ٿيندو انهن کان، انهن جي اهڙي مشق فُروٽ ليس Fruit less آهي...!!
    هو اهي ڳالهيون ڇوڪرين کي متوجه ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته ٽپس طور ٻڌايندو هو...!!


    (9)

    (9)

    سنبل پنهنجي ڪمري ۾ سج لهڻ مهل سوچن جي ڪُن ۾ ڦيريون کائيندي رهي هن سوچيو پئي:
    ساجد اڄ ويلنٽائن ڊي تي مون وٽ ڪونه آيو هن کي... هن کي منهنجو ذرو به احساس ڪونه ٿيو:
    اڄ ويلنٽائڻ ڊي آهي...! اڄ ته ڪو رابطو ڪري ها..!
    ڪو فون يا ڪو خط نياپو موڪلي ها، وڏو پٿر دل ٿي ويو آهي، آخرڪار هن کي ڇا ٿي ويو آهي؟
    سنبل دل ئي دل ۾ اهو سوچي روئڻ لڳي هئي...!!
    ائين ئي پيار ڪندڙن جو عالمي ڏينهن ويلنٽائن ڊي هن لاءِ کوري ۾ کامندي گذري ويو..!!
    جڏهن تقدير تنها ڪري ڇڏيندي آهي ته هر تدبير نور وڃائي ويهندي آهي ۽ ماڻهو ڀاڳ جي آڳ ۾ جلي رک ٿي ويندو آهي..!
    سنبل بيڪار ٿي ويل زندگي جو بيزار لاشو کڻي جيءُ رهي هئي، ڪوبه ڏينهن ۽ ڪابه رات هن لاءِ خوشين جي خوشبو نه آڻيندي هئي..!!
    بس... رڳو هن جي جيو جهان ۾ چنڊ چانڊوڪيون وکيريندو ۽ هن جي دل دنيا کي يادن جا طوفان ارپي ويندو هو..!!
    ڏُک جو پورهيت هن جي اکين مان ڳوڙهن جو فصل لڻندو رهندو هو، ستارا هن جي بي حال حال جا بي زبان گواهه هئا يا تماشين بڻجي ويا هئا...!
    هاڻي دنيا هن لاءِ انڌيري جي علامت بڻجي وئي هئي.
    بيزارين جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ هن جو مايوس من هاڻي کيس زندگي کان فراريت لاءِ اُتسائڻ لڳو هو، ساجد جي ديدار لاءِ تڙپندڙ وجود صحرا جي اڃايل واري جيان پياسو بڻجي ويو هو..!!
    هن کي هاڻي زندگي کان وحشت ۽ موت کان خوف ٿيڻ لڳو هو...!
    هو هاڻي احساس ڪمتري جي محرومي ۾ ايترو گهيرجي وئي هئي جو هو هاڻي خودڪشيءَ جو سوچڻ لڳي هئي...!!
    ها! اهو سراسر سچ آهي ته درد سدائين وجود جون خوشيون ڀيليون آهن ۽ اهو به عالمگير سچ آهي ته نيڻن جون نديون وهائڻ جو ٺيڪيدار پُڻ درد آهي..!
    درد... جنهن جي کاٻي کُک مان عشق جو جنم ٿيو،
    عشق....جيڪو سدائين درد جي ردا ۾ ملبوس آهي..!!
    هاڻي سنبل صرف انهي آس تي جي رهي هئي ته بس صرف هڪ دفعو ساجد کي اکين سان ڏسان ۽ پوءِ زندگي کي فراريت جي رستي تي آڻي ساهه جي پکي کي وجود جي پڃري مان آزاد ڪري ڇڏبو..!!
    هڪ ڏينهن سنبل پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هئي ته هن کي ٻاهر ساجد جي ڀاءُ مبين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هي تڪڙي وهيل چيئر جا ڦيٿا ڦيريندي ٻاهر نڪتي، مُبين به هن کي ڏسي هن ڏانهن اڳتي وڌيو..!
    مبين اڳتي وڌي سنبل جي مٿي تي هٿ رکي ان کي کيڪاريو..!!
    سنڌي سماج ۾ مٿي تي هٿ رکي ڪنهن عورت کي کيڪارڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته هٿ هيٺ آيل عورت جي مٿي جي اهميت کيڪارڻ واري لاءِ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جهڙي مقدس هوندي آهي، مٿي تي هٿ رکڻ سان گڏ اهو تاثر به هوندو آهي ته هن هٿ هيٺ آيل عورت جو سِر مون کي منهنجي گهر جي ننگن جيان عزيز آهي ۽ ان جي آبرو ۽ عزت لاءِ جان جو نذرانو به ڏيندس...!!
    خوش خيرات کانپوءِ مُبين سنبل جا هيڻا حال ڏسي پريشان ٿي ويو، هن کي سنبل جي ڏٻري جسم ۽ ڏرا ڏئي ويل اکين کي ڏسي ڏاڍو رحم آيو..!!
    مُبين ڏک ۽ همدردي واري لهجي ۾ چيو:
    ادي سنبل! هي ڪهڙا حال بڻائي ڇڏيا اٿئي؟
    سنبل: بس... ادا اهو نه پڇ...!
    هاڻي زندگي بار ٿي وئي آهي... آئون زندگي مان بيزار ٿي وئي آهيان...!!
    ادا هاڻي هن مُرده ڍانچي جو بار نٿو کڄي...!!
    مُبين: ادي همٿ ڪر.. مايوس نه ٿي...!
    ادي آئون ساجد ڏانهن يونيورسٽي وڃان ٿو، ڪلهه هُن جو فون آيو ته مون ڏانهن پئسا ڏياري موڪليو آئون اچي نٿو سگهان، منهنجو سيمسٽر شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ آئون پڙهائي ۾ مصروف آهيان، سو اڄ آئون هُن کي پئسا پهچائڻ يونيورسٽي وڃان پيو جيڪڏهن توهانجو ڪو پيغام وغيره هجي ته ڏيو هُن تائين پهچائي ڇڏيندس.
    سنبل: ها ادا آئون هڪ چٺي لکان ٿي اُها ساجد کي ڏئي ڇڏجو...!!
    مُبين: جي بلڪل توهان چٺي لکو.
    سنبل: ٺيڪ آهي ادا.. جيستائين آئون انيلا کي چوان ٿي اها توهان کي چانهه ٺاهي ڏي ٿي...!!
    ساجد: ٺيڪ آهي بلڪل...!
    سنبل: پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آهه ڀريندي خط لکڻ شروع ڪيو:
    “بوج غمون ڪا ڪتنا ڀي هوتا مين اُٺا ليتا،
    مگر زندگي هي بوج بني تو اُٺائون ڪيسي؟
    مون لاءِ منهنجي ساهه جهڙا پيارا ساجد!
    شل منهنجي رت جو هر ڦڙو تنهنجي قلم جي مس بڻجي توکي ڪم اچي..!
    ساجد..! تون ايڏو بيوفا نڪرندين مون ڪڏهن سوچو ڪونه هو..!
    بي وفا! توکي ڇا ٿي ويو آهي جو تون ايترو پٿر دل، تون ايترو بي رحم ٿي ويو آهين؟
    آخر ڪهڙي سبب جي ڪري تون پنهنجا سڀ قول، اقرار وساري ڇڏيا آهن؟ آخر ڇو تو سڀ رابطا ختم ڪري ڇڏيا آهن؟
    تون مون بيوس کي ڪهڙي ڏوهن جي سزا پيو ڏين؟
    ساجد: ڇو... آخر ايتري بي رُخي ڇو آهي؟
    جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ اچي گهر اڏيو آهي ته صاف ٻڌاءِ؟
    توکي خبر آهي ته اڄ تو کي ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي جو تون مون وٽ ناهين آيو...!
    ڪيترو وقت گذري ويو آهي جو مون توکي ناهي ڏٺو ڄڻ ته هن اکين کان بينائي کسجي وئي آهي، ڄڻ ته دنيا ۾ صبح ٿئي ئي نٿو ڄڻ ته آئون مري وئي آهيان ۽ منهنجو چچريل لاش شهر جا ڪُتا کائي رهيا آهن..!
    ساجد! تنهنجي يادن جا طوفان مسلسل منهنجي دل جي گلشن کي پوٺو بڻائيندا رهن ٿا، تنهنجي واعدن جا ورلاپ اڄ تائين منهنجي سماعتن سان ٽڪرائجي دل ۾ ارمانن جون قيامتون برپا ڪن ٿا.
    تنهنجِي مُئا جيارڻ جهڙي مُرڪ جو قسم! تو کانپوءِ زندگي گذارڻ ڪاوَن ڀري راهه تان پيرن اُڀراڻو هلڻ برابر آهي.
    ساجد! هاڻي هي دنيا مون لاءِ دوزخ ۽ دلدل جي حقيقي علامت ٿي وئي آهي.
    او بي رحم! ڪڏهن اچ ته سهي انهن نماڻين اکين کي ڏسي وڃ جيڪي ڪڏهن توکي ڪويل جي رنگت جو عڪس لڳنديون هيون، اهي بدنصيب نيڻ هاڻي اُوڄاڳن جي آوي ۾ جلي رهيا آهن.
    اي پٿر دل انسان! هن دل جون دانهون ڪنهن کي ٻڌايان؟
    ڪڏهن ڪڏهن شديد تنهائي جو تيزاب دل جي گلابن کي ساڙي ڇڏيندو آهي ۽ ناڪام حسرتن جي باهه ۾ سڙي ويل ارمانن جي خاڪ هوائون تو ڏانهن اُڏائي کڻي وينديون آهن انهن ۾ منهنجا اهي ئي نياپا ڇڏيل هوندا آهن ته هاڻي تو کانسواءِ راتيون روح کي رهڙين ٿيون ۽ ڏينهن تنهائي جي شدت کان ڏنگين ٿا، يا تون هلي آءُ يا هي ساهه وڃي ٿو ان کي پنهنجي وطن وڃڻ جي موڪل ڏي.
    تو کانپوءِ هي زندگي ڊٺل حسرتن جي ڪاڪ جي خاڪ ٿي وئي آهي، توکي شايد هاڻي هي اپاهج نٿي وڻي اها منهنجي بدترين بد قسمتي چئبي، پر پرين! هن بدنصيب جي هاڻي صرف هڪ ئي آرزو آهي بس... صرف هڪ دفعو ملي وڃ.
    بس... صرف هڪ دفعو آئون توکي پنهنجي هن متلاشي اکين سان ڏسان ان کانپوءِ منهنجون نگاهون تنهنجي رستن جي دز ٿيڻ ڇڏي ڏينديون....
    پوءِ توکي هي اڀاڳي ڪا به ميار نه ڏيندي تون ڀلين وڃي ڪنهن وينگس سان لائون لهجان...
    بس... زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي هي اداس نگاهون تنهنجي درشن لاءِ سڪن ٿيون صرف هڪ دفعو موٽي اچ، هڪ دفعو ملي وڃ...
    صرف هڪ دفعو توکي هن جهان ۾ پنهنجي اکين سان ڏسان پوءِ دائمي جدائي جي رِدا اوڍي آئون هميشه لاءِ خاموش ٿي ويندس.
    هوش باقي رها تو جي نه پائينگي تيري بغير،
    التجا هي جب ڀي ڇوڙنا، زنده مت ڇوڙنا...
    تنهنجي بدنصيب، جيڪا سڄي تنهنجي هوندي به تنهنجي ٿي نه سگهي... سنبل“
    سنبل خط لکي لفافي ۾ بند ڪري مُبين کي ڏنو، مُبين چانهه پي خط کڻي موڪلائي روانو ٿيو...!
    شام ڌاري مُبين ساجد وٽ پهچي ويو، حال حوالن کانپوءِ مُبين ساجد کي سنبل جو خط ڏيندو چيو:
    ادا! هي خط تو لاءِ ادي سنبل ڏنو آهي، هينئر سندس طبعيت خراب آهي، هو ڏاڍي ويڳاڻي ٿي وئي آهي هن پنهنجا حال وڃائي ڇڏيا آهن، هو سُڪي سڙي صفا هڏن جو پڃرو ٿي وئي آهي.
    مُبين جي ڳالهه ٻڌي ساجد ڪاوڙ مان نفرت آميز لهجي ۾ منهن ڦٽائيندي چيو:
    پوءِ آئون ڇا ڪريان؟
    مُبين وري به ساجد کي التجا واري انداز ۾ چيو:
    تون هڪ دفعو هن وٽ هل، هن کي حوصلو ڏي هن سان هلي ڳالهائي، هو تمام بري حالت ۾ بري طريقي سان زندگي کي گذاري رهي آهي.
    ساجد بي رُخي سان تلخ لهجي ۾ ڇڙٻ ڏيندي چيو:
    توکي هن جڏيءَ جو ڏاڍو فڪر ٿي پيو آهي، توکي هن سان وڏي همدردي پيدا ٿي پئي آهي؟ هتي ڏسين نٿو مون تي پڙهائي جو ڪيترو ڪم آهي؟ هفتي کانپوءِ منهنجو سيمسٽر شروع ٿيڻ وارو آهي آئون ان جي تياري ڪيان يا ويٺو ڳوٺن جا چڪر ڪاٽيان؟ مون وٽ ايترو فارغ ٽائيم ڪونهي آئون ڳوٺ نٿو هلي سگهان.
    مُبين: ادا تنهنجي مرضي، باقي هروڀرو ڪنهن جي ايتري دل آزاري چڱي ڳالهه نه آهي.
    ساجد: اِن ۾ دل آزاري جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟
    آئون مصروف آهيان، مونکي پنهنجا ڪم آهن تنهنڪري آئون ڳوٺ نٿو هلي سگهان.
    مبين کي ڳوٺ روانو ڪري ساجد سنبل جو خط پڙهيو، خط پڙهڻ کان پوءِ هن نفرت ۽ وحشت آميز لهجي ۾ ڀُڻڪيو:
    چڱو ڦاٿو آهيان هن جڏيءَ مان...!


    (10)

    (10)

    ٻئي ڏينهن تيار ٿي ساجد يونيورسٽي روانو ٿيو، پنهنجي ڊپارٽمينٽ وڃڻ بدران سڌو فلاسافي ڊپارٽمينٽ ويو جتي ياسمين کي ڏسي سامهون پنڊپهڻ ٿي بيٺو رهيو، ياسمين هن کي سامهون بيٺل ڏسي سندس اکين ۾ مسلسل گُهوري رهي هئي ۽ هو ياسمين جي گُهور ۾ گهائجي ويو.
    هن جي چپن جي ڳاڙهاڻ ساجد جي تقدير جي سرهاڻ بنجڻ لڳي هئي، هن جو مرڪڻ ساجد کي نئين حياتي ارپڻ جو باعث بنجڻ لڳو هو...!
    ڪجهه ڏينهن جي چند ملاقاتن ۾ ئي ساجد ياسمين جي نينهن جي نشن ۾ مدهوش ٿيڻ لڳو هو..!
    هن جي مُرڪ ساجد جي ننڊ جو سُرڪ ڀري ڇڏيندي هئي جنهن کان پوءِ هو سڄي سڄي رات ننڊ جي ناوَ کان پري جاڳ جي جهان ۾ جاڳندو رهندو هو ۽ صبح جو اکيون ڳاڙهيون ڏسي دوست پڇندا هئا:
    ساجد! رات ستو ڪونهي ڇا، اکيون ڳاڙهيون اٿئي؟
    ساجد ڳالهه نٽائي ڇڏيندو هو.
    هڪ ڏينهن ياسمين کي ٽيچرس ڪيفي ڪينٽين تي اڪيلو ويٺل ڏسي موقعي جو فائدو وٺيندي هن سان گڏ وڃي ڀر واري خالي پيل ڪرسي تي وٺو ۽ ياسمين کي سلام ڪري ان سان مخاطب ٿيو:
    توهان جي پڙهائي ڪيئن پئي هلي؟
    ياسمين: پڙهائي صحيح ٿي هلي.
    ساجد: گذريل سيمسٽر ۾ ڇا پوزيشن هئي؟
    ياسمين: بس ايوَريج هئي.... نارمل هئي.
    ساجد: اڇا...؟
    ساجد هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي ياسمين کي سرگوشي ۾ چيو:
    مون کي تو سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.
    ياسمين: ها ٻڌاءِ؟
    ساجد: تون ڏاڍي خوبصورت آهين، تنهنجو حُسن دنيا جي لازوال ۽ بي مثل شيءِ آهي.
    ياسمين ساجد جي واتان پنهنجي ايتري تعريف ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ويتر ساجد جي هوٽ پرسنلٽي هن کي موهي رهي هئي..!
    ياسمين: تون منهنجي حواسن تي ڇانئجي وئي آهين مون کي توسان پيار ٿي ويو آهي..!!
    ياسمين اڳ ئي ساجد کي پسند ڪرڻ لڳي هئي انهي ساجد جي ڳالهه ٻڌي شرمائيندي نيڻ هيٺ جهڪايا ياسمين ساجد جي محبت کي قبول ڪري ساجد کي خوشين جي هڪ ڀرپور دنيا ارپي ڇڏي هئي...!
    هاڻي ساجد جي دنيا مُسرتن ۽ مسڪراهٽن جي خزاني سان سرشار ٿي وئي هئي..!!
    ساجد شيڊيول موجب جيئن ئي يونيورسٽي ايندو هو ته سڀ کان پهريان فلاسافي ڊپارٽمنٽ جو چڪر لڳائي ياسمين سان ملي پوءِ پنهنجا ڪلاس اٽينڊ ڪندو هو..!!
    ان ڏينهن معمول موجب ساجد يونيورسٽي اچي رهيو هو ته آرٽس فيڪلٽي جي مين گيٽ تي پوليس جي نفري ڏٺائين جيڪا شاگردن جي چيڪنگ ڪري رهي هئي..!!
    ساجد اڳتي وڌيو ته پوليس واري هن جي مڪمل چيڪنگ ڪئي، چيڪنگ دوران هن پوليس واري کان پڇيو:
    هي اڄ چيڪنگ ڇو پئي ڪئي وڃي؟
    پوليس واري چيو ته ڪلهه صبح جو فيڪلٽي ۾ ڪريڪر جو ڌماڪو ٿيو هو، انتظاميه کي شڪ آهي ته اُهو ڌماڪو شاگردن ڪيو آهي ان ڪري هاڻي اسان هر هڪ شاگرد جي چيڪنگ ڪري پوءِ فيڪلٽي اندر وڃڻ ڏينداسين.
    ساجد حيراني مان پوليس واري کان پڇيو:
    ڪهڙي ثابتي هٿ آئي آهي جو اوهان چئو ٿا ڌماڪو شاگردن ڪيو آهي؟
    پوليس وارن هن کي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ساجد کي هٿ جي اشاري سان وڃڻ جو اشارو ڏنائون...!!
    ساجد سوچڻ لڳو ته ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳالهه آهي جو شاگردن جي چيڪنگ ڪري پوءِ انهن کي يونيورسٽي اندر اچڻ ڏنو ٿو وڃي...!!
    يونيورسٽي هڪ اعليٰ تعليمي ادارو آهي ان جي شاگردن جي چيڪنگ هن اداري جي بدنامي جي زمري ۾ اچي ٿي..!!
    اسان يونيورسٽي جا شاگرد آهيون ڪو چور لوفر يا ڪرمنل قسم جا ماڻهو ٿورو ئي آهيون جو انتظاميه اسان سان اهڙي طريقي جو سلوڪ ڪري ٿي...!
    اهڙو نازيبا رَوَيو سچ ته افسوس جوڳو عمل آهي، هن اداري ۾ شاگردن جي تذليل ڪري هڪ مهذب اداري کي بدنام ڪيو پيو وڃي...!!
    ساجد انتظاميه تي افسوس ڪندو اچي فلاسافي ڊپارٽمينٽ پهتو جتي ياسمين اڳ ئي هن جي انتظار ۾ بيٺل هئي.
    هن ياسمين وٽ پهچڻ شرط پوليس جي رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو:
    ڌماڪا به شاگردن مٿان ٿين ۽ وري ردِعمل طور چيڪنگ ڪري تذليل به شاگردن جي ڪئي وڃي ٿي.
    ياسمين ڏس! اهو آهي اسان جي انتظاميه جو حال جو چور کي ڇڏي لڳا آهن ساڌ جي پويان...!
    ياسمين ڪو به جواب نه ڏنو بس خاموشي سان هن کي ٻڌندي رهي.
    ساجد وري انتظاميه تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو:
    يونيورسٽي ۾ هيڏي وڏي بدنظمي آهي اها هنن کي نظر ئي ڪونه ٿي اچي، يونيورسٽي ۾ نَوَن ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ رهائش جو مسئلو ڪيڏو اهم آهي، شاگرد رهائش لاءِ ڪيترو پريشان ۽ ذليل ٿين ٿا اهو هنن کي احساس ئي ڪونهي...!
    سِٽي(حيدرآباد) ۾ رهڻ وارا شاگرد پوائنٽن ۾ سٿجي اچن ٿا، هڪ هڪ پوائنٽ ۾ ايترا شاگرد سٿيل هوندا آهن جو ڄڻ مهاجر هندستان کان لڏو کنيو پيا اچن.
    ڪلاس هڪ بجي ختم ٿي ويندا آهن ۽ پوائنٽون روانيون ٿيڻ جو آفيشلي ٽائيم ٽي بجي آهي، گرمين ۾ شاگردن جا ويهي ويهي حال هيڻا ٿيو وڃن.
    هوڏانهن اي سي ٽو جي حالت ڏسو...!
    اي سي ٽو ۾ چالان جمع ڪرائڻ وڏي آزار جو ڪم آهي، سڄو ڏينهن گرمي ۽ ڪاڙهي ۾ شاگردن جي ڊگهي قطار بيٺل هوندي آهي جن مان ڪي شاگرد گرمي ۽ تيز اس جي ڪري نيم بيهوشي واري حالت ۾ اچيو وڃن، ڪن ڪمزور شاگردن جي اهڙي حالت ٿي وڃي ٿي جو لائين ۾ بيهه بيهه انهن کي چڪر اچي ويندا آهن ۽ پوءِ انهن جا شاگرد ساٿي انهن کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آڻي ٻيهر لائين ۾ بيهڻ جي قابل بنائيندا آهن.هيتري وڏي يونيورسٽي جا چالان جمع ڪرڻ وارا صرف ٻه ملازم آهن سي به هڪ اهڙي کُڏي ۾ ويٺل هوندا آهن جهڙوڪر هندستان ۽ پاڪستان جي سرحد تي چوڪي ۾ ويٺل ڊنل سپاهي هجن جن کي هر وقت اهو خوف هجي ته ڪٿان ٿي گولي اچي..!!
    اهي ٻه ملازم هزارن جي تعداد ۾ شاگردن جا چالان فارم ڀري ڀري جڏهن شام جو گهر ويندا هوندا ته ائين محسوس ڪندا هوندا ڄڻ جسم ۾ ساهه ئي ڪونهي...!!
    وري جو سي ايل تي ڏس پيپرن جي دوران ته پير رکڻ جي گهٽي ڪونهي..!
    شاگرد ويچارا گهڻي رش هجڻ جي ڪري ويهڻ ته ٺهيو پر سي ايل ۾ بيهه به ناهن سگهندا پوءِ لاچار ٿي سخت گرمي ۽ اُس ۾ ٻاهر وڻن هيٺيان پيا پڙهندا آهن..!!
    اهي ايتريون سڀ ڪوتاهيون انتظاميه کي نظر ئي ڪو نه ٿيون اچن باقي شاگردن سان هر هڪ ڏاڍائي ۾ اڳ کان اڳري آهي..!
    هن جي جذباتي ڳالهين کي ٻڌي ياسمين ڀت کي ٽيڪ ڏيندي چيو:
    ساجد تون صحيح ٿو چوين، اهو سڀ ڪجهه هن انتظاميه جي نااهلي جي ڪري آهي، جيستائين انتظاميه جو هر هڪ فرد پاڻ کي ذميوار تسليم ڪندي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان نه ڪندو ته سڀ ڪجهه ائين ئي بي ترتيب ۽ ڇڙوڇڙ رهندو..!!
    هنن جي ڳالهين جو سلسلو تڏهن ٽُٽو جڏهن ياسمين کي سندس سهيلي سڏ ڪندي چيو:
    اندر اچ هاڻي ڪلاس شروع ٿي ويو آهي.
    ياسمين ڪلاس وٺڻ لاءِ رواني ٿي ۽ ساجد پنهنجي ڊپارٽمينٽ ڏانهن روانو ٿيو..!!
    ٻئي ڏينهن تي معمول موجب ساجد جيئن ئي يونيورسٽي اچي ٿو ته ساڳي ريت فيڪلٽي جي مين گيٽ تي پوليس جي چيڪنگ جاري هئي، جنهن تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي پر پاڻ تي ضبط ڪندي هن پاڻ کي چيڪنگ لاءِ پيش ڪيو..!!
    پوليس وارن هن جو بيگ ڦلهوري ڏٺو، هن جي مٿي تي پاتل ڪيپ لهرائي چيڪ ڪئي، هن جا شوز لهرائي چيڪ ڪيا ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ڪاوڙ مان پوليس واري کي چيو:
    بيلٽ کولي پينٽ لاهي انڊرويئر به چيڪ ڪرايان متان ان ۾ ڪجهه لڪايل نه هجي؟
    توهان شاگردن جي کُلم کلي تذليل ڪري رهيا آهيو چيڪنگ اهڙي طريقي ڪريو ٿا جو ڄڻ اسان ڪو خطرناڪ ڏوهاري هجون..!!
    پوليس واري گرم ٿيندي هن کي دڙڪو ڏيندي چيو:
    ڪامريڊ جا پٽ! چپ ڪري هتان نڪري وڃ نه ته ڊيوٽي اٽڪاءُ جي ايف آءِ آر ۾ لاڪپ ۾ هڻي ڇڏيندو سانءِ..!!
    پوليس واري جي انهي جملي تي ساجد کي ويترڪاوڙ آئي هن چيو:
    ڇو... لاڪپ ۾ ڇو هڻندين؟ آئون ڪو ڏوهاري آهيان جو لاڪپ ۾ ڪندين؟
    پوليس واري ويتر رُعب ڪندي چيو:
    هاڻي چپ ڪري هتان نڪرين ٿو يا هڻون موبائل ۾؟
    ساجد ڪاوڙ مان ڀڻڪندي روانو ٿيو..!!
    اڄ هي فلاسافي ڊپارٽمينٽ وڃڻ بجاءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي محرم خان سيمينار لائيبريري ۾ وڃي ويٺو..!!
    پوليس وارن سان منهن ماري جي ڪري هن جو موڊ خراب ٿي ويو هو..!!
    لائيبريري ۾ ڪنهن سان ڳالهائڻ بجاءِ هي ڪتاب کولي ان ۾ منهن هڻي ويٺو هو..!!
    هو ڏانهن ياسمين هن جو انتظار ڪري رهي هئي ان جڏهن ڏٺو ته ڪلاس جو ٽائيم ٿيڻ وارو آهي ۽ ساجد اڃان تائين نه پهتو آهي ته هن ساجد جو نمبر ڊائل ڪيو پر ساجد جو نمبر بند هو..!
    هن کي کٽڪو ٿيو ته متان ساجد پوليس وارن سان منهن ماري ڪري ڪنهن مسئلي ۾ نه اچي ويو هجي، اهو سوچي هن ڪلاس ڇڏي ڏنو ۽ ساجد جي ڊپارٽمينٽ ڏانهن رواني ٿي..!
    ساجد جي ڊپارٽمينٽ جي سيمينار لائبريري ۾ هن ساجد کي اچي ڏٺو..!
    ساجد هن کي ڏسي مسڪرائيندي چوڻ لڳو:
    ياسمين اچو... اچو ويهو..!!
    ياسمين هن جي ڀر واري ڪرسي تي ويهندي هن کان پڇيو:
    ڇا ٿي ويو جو اڄ مون ڏانهن ڪو نه آئين؟
    ساجد مسڪرائيندي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ چيائين ته پوليس وارن جي رَوَيي جي ڪري ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هئس ان ڪري تو ڏانهن اچڻ مناسب نه سمجهيم...!!
    ياسمين: ڪاوڙ پوليس واري تي هئي پر مون ڏانهن ڇو ڪو نه آئين؟ مونکي به اهو ئي شڪ هو ته متان پوليس وارن سان ڪو مسئلو ڪيو هوندئي متان پوليس توکي کڻي نه وئي هجي، ان کٽڪي م آئون تنهنجي پٺيان هتي آئي آهيان..!!
    ساجد هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:
    پوليس وارن ته موبائل ۾ هنيو ٿي پر بچي ويس..!
    ياسمين چهري تي گهنج آئيندي فڪر ۾ چيو:
    تون مهرباني ڪري ان پوليس وارن سان نه اٽڪندو وڃ جڏهن پاڻ صاف آهيون ته هو ڀلي پيا چيڪنگ ڪن..!
    تون پليز آئينده هنن سان منهن ماري نه ڪجا..!
    ساجد: مسڪرائيندي چيو:
    ياسمين! اڄ هڪڙي ڳالهه جي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي..!!
    ياسمين: ڪهڙي ڳالهه جي؟
    ساجد: ڳالهه اها آهي هاڻي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته هتي ڪو آهي جنهن کي منهنجو فڪر رهي ٿو ڪو آهي جيڪو مون لاءِ سوچي ٿو..!!
    مهرباني ياسمين تنهنجي جو تون منهنجي فڪر ۾ منهنجي لاءِ هتي منهنجي ڊپارٽمينٽ آئين..!!
    ياسمين: نه ساجد، مهرباني چوڻ جي ضرورت نه آهي آئون پنهنجي دل هٿان مجبور هئس، مون کي منهنجي دل هتي وٺي آئي آهي..!
    ساجد ياسمين ڏانهن گهوريندي چيو:
    ياسمين...؟
    ياسمين: جي ساجد؟
    ياسمين ساجد ڏانهن ڏسندي چيو:
    ياسمين ٻاهر هل ڪچهري ڪيون..!!
    ياسمين: ٻاهر...؟ ٻاهر ڪٿي هلون....؟
    ساجد: ٻاهر سي ايل کان اڳيان اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ واري لان جي اولهندي ڪنڊ ۾ ٿا هلي ويهون...!
    ياسمين: هل! ايترو پري...؟
    ياسمين تعجب ۾ چيو:
    ساجد: هي ته پيو آهي ڪهڙو پري آهي..؟
    ياسمين: هلو ڀلي...
    ساجد ۽ ياسمين محرم خان سيمينار لائبريري ما نڪري ٻاهر فيڪلٽي جي مين گيٽ ڏانهن روانا ٿيا فيڪلٽي جي مين گيٽ وٽ ساڳي پوليس وارا بيٺا هُئا، جڏهن هي اُتان گذريا ته ياسمين پوليس وارن سان مخاطب ٿي انهن کي چيو ته آئينده هن ڇوڪري جي تلاشي نه وٺجو هن ڇوڪري ۾ آئون ضامن آهيان. پوليس وارا جيڪي ياسمين کي سڃاڻيندا هئا ته هي پروفيسر خليق الزمان جي ڌي آهي پوليس وارن ڏٺو ته هي ڇوڪرو ڪو وڏي ماڻهو جو پٽ ٿو لڳي جو هن جي شخصي ضمانت پروفيسر جي ڌي ٿي کڻي سويڪدم چيائون:
    ٺيڪ آهي هاڻي هن ڇوڪري جي تلاشي نه وٺنداسين..!
    ساجد ۽ ياسمين جڏهن اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ جي لان جي اولهندي ڪنڊ ۾ پهتا ته هنن هڪٻئي جي گوڏن سان گوڏا ملائي پلٿي هڻي ويٺا..!!
    ياسمين ويهندي ئي ساجد کان پڇيو:
    هيڏي يونيورسٽي ڇڏي تون مون کي هتي ڇو وٺي آيو آهين؟
    ساجد: اڙي يار، هي اهڙي مخصوص جاءِ اٿئي جتي لان ۾ ويٺل کي ٻاهريون ماڻهو نٿو ڏسي سگهي ان کان علاوه هن جڳهه جا ٽيئي پاسا ٻوٽن جي قطارن سان بند آهن، ٽن سائيڊن کان نه ڪو ماڻهو سولائي سان اچي ٿو سگهي ۽ نه ئي ڏسي ٿو سگهي باقي هڪ ئي پاسو ڊپارٽمينٽ جي سائيڊ وارو کليل آهي جتان پاڻ آيا آهيون اُتان جيڪڏهن ڪو ماڻهو آيو ته پري کان ئي ڏسي وٺبو...!
    هي جڳهه ايل ايس پي آهي.
    ياسمين: ايل ايس پي جو مطلب ڇا آهي؟
    ساجد: ايل ايس پي جو مطلب آهي.
    “lover`s secrect place”
    ياسمين: اڇا... اڇا
    ائين چئي ساجد ياسمين کي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لڳو ۽ سندس هٿ ياسمين جي سنهڙي آنڱرين ۾ ڦاسائي ان کي ڀاڪر ڏانهن ڇڪيائين..!
    ياسمين سميٽجي ڀاڪر ۾ چنبڙي وئي..!
    هو ڏينهون ڏينهن هڪٻئي کي وڌيڪ ويجها ٿيندا ويا هنن جي عشق جو قصو فيڪلٽي کان ويندي پوري يونيورسٽي ۾ مقبول ٿيڻ لڳو، هر ڪنهن کي هنن جي محبت جي داستان جي خبر پوڻ لڳي هئي، هي به ماڻهن جي پرواهه ڪرڻ کان بغير محبت جي چيچ جهلي هلڻ لڳا هئا..!
    ماڻهن کان لاپرواهه ٿي هي هڪٻئي ۾ سمائجڻ لڳا هئا،هنن جي ايتري محبت ڏسي هنن جي جوڙي تي فيڪلٽي جا ليلا مجنون نالو مشهور ٿي ويو هو، هنن جي جوڙي يونيورسٽي ۾ ايتريقدر مشهور ٿي وئي جو شاگرد هنن جي نالي منسوب ٿي ويل جڳهن جو ذڪر ڪندي مثال ڏئي چوندا هئا ته هلو ته هلي ايل ايس پي تي هلي ويهون جتي فيڪلٽي جا ليلا مجنون ويهن ٿا...!!
    هنن جي ويهڻ جون ٻه مشهور جڳهيون هيون، هڪ فيڪلٽي واري ٽيچرس ڪيفي ڪينٽين ٻيو اسٽيٽسٽڪس واري لان جيڪا ايل ايس پي جي نالي مشهور ٿي وئي هئي.
    هو اڪثر انهي ٻنهي جڳهن مان ڪنهن هڪ جڳهه تي دنيا کان لاتعلق ٿي پنهنجي مستي ۾ ويٺل هوندا هئا..!
    اها چوڏهين جي روشن رات هئي، دڳن تي چمڪندڙ چانڊوڪي فطرت جي حُسن جو شاهڪار منظر پسائي رهي هئي...!
    ساجد ۽ ياسمين جي فون تي ڳالهه ٻولهه جاري هئي، هو موبائل فون ذريعي هڪٻئي سان ڪئمپس ٽائمنگ کانپوءِ به ڳنڍيل رهندا هئا...!
    ان رات به مسلسل هو ڏيڍ ڪلاڪ لاڳيتو ڳالهائي چڪا هئا، اڃان هنن جي ڳالهين جو ڇيڙو نه آيو هو...!
    ڳالهيون جيڪي ڪنهن ماڻهو سان ڳالهائڻ ۾ کٽنديون ئي ناهن ۽ ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ ڪا به ڳالهه ملي ناهي سگهندي...!
    ٻڌ ياسمين!
    ساجد فون تي ڳالهائيندي ويهاڻي کي ڀاڪر پائيندي چيو.
    ياسمين: ها ساجد ٻڌاءِ؟
    ياسمين صوفي سيٽ تي ليٽندي چيو.
    ساجد: اڄ رات ڪيڏي نه دلڪش آهي، تون اچ ته اڄ رات گڏجي گذاريون...؟
    ياسمين: نه شادي کان اڳ ۾ رات گڏجي ڪو نه گذارينداسين شادي کان اڳ ۾ مائٽن جي عزت کي خراب ناهي ڪرڻو..!
    ساجد: پوءِ اچ ته شادي ڪريون...!
    ياسمين: شادي....؟ هينئر ئي...؟ ايترو جلد....؟
    ساجد: ها پوءِ ڇا آهي؟
    ياسمين: ڊگري ته ڪليئر ڪريون؟
    ساجد: ڊگري الائي ڪڏهن ملي؟ منهنجي تو کانسواءِ نٿي سري...!!
    ياسمين: منهنجو به تو کانسواءِ وقت نٿو گذري...!!
    سچ ته اهو آهي جو آئون پاڻ به چاهيان ٿي ته پاڻ هاڻي شادي ڪريون.
    ساجد: پوءِ دير ڇا جي آهي؟
    ساجد بي چين ٿيندي چيو.
    ياسمين: تنهنجا گهر وارا سخت مزاج آهن، پهرين تون انهن سان ڳالهاءِ، انهن کي راضي ڪر، پوءِ آئون بابا سان ڳالهائيندس مونکي پوري اميد آهي ڇو ته بابا مون کي ڪنهن به ڳالهه جو انڪار نه ڪندو آهي مون کي يقين آهي ته هو منهنجي خوشي ۾ خوش هوندو..!!
    ساجد: ٺيڪ آهي آئون پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائيندس ۽ تون به ڀلي پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائجانءِ....!!
    ائين چئي ساجد خدا حافظ چيو ۽ ڪال ڊراپ ڪئي...!!
    ٻئي ڏينهان ساجد صبح سوير ئي سندس ننڍي ڀاءُ مبين کي يونيورسٽي گهرايو...!!
    شام جو جڏهن مبين ساجد وٽ پهتو ته خوش خيرات کانپوءِ هن ساجد کان ايمرجنسي ۾ گهرائڻ جو سبب پڇيو:
    ساجد مبين سان مخاطب ٿيندي وڏي بي حسي سان ٻڌايو.
    ساجد: مبين توکي ايمرجنسي ۾ هتي تڪڙو گهرائڻ جو اهم مطلب آهي..!
    مبين: ها ادا ٻڌائي خير ته آهي نه ؟
    ساجد: پهرين تون مون کي ٻڌاءِ تون منهنجي هن ڪم ۾ مدد ڪيتري ڪندين؟
    مبين: ادا مدد ته ڇا تو وڏي ڀاءُ لاءِ سڀ ڪجهه حاضر آهي.
    ساجد ڳالهه شروع ڪندي چيو:
    مبين هڪڙو زندگي جو وڏو فيصلو ڪري ويٺو آهيان.
    مبين: ڪهڙو فيصلو ادا؟
    ساجد: فيصلو اهو ڪيو اٿم ته يونيورسٽي ۾ هڪ ڇوڪريءَ وٽ آئون تمام گهڻو مجبور آهيان آئون ان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان....!!
    مبين ساجد جي وات مان اهي شادي جا لفظ ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿي ويو ۽ جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳو:
    ساجد تو کي يونيورسٽي ۾ رهي سُرت ڇڏائي وئي آهي ڇا؟ هي تون ڇا پيو چوين؟ توکي خبر ڪونهي ته پويان ڳوٺ ۾ تنهنجي مڱڻي ٿيل آهي ۽ اها ويچاري جڏڙي ڇوڪريءَ تنهنجون ڏينهن رات راهون پئي ڏسي، هو صرف تنهنجي خاطر ئي زندهه آهي، هن کي جڏهن تنهنجي انهي عشق جي خبر پئي ته هو صفا مري ويندي، هن جو هينئون ڦاٿي پوندو.
    ساجد: ڪير به ڪنهن لاءِ ڪو نه ٿو مري تون اجايا وهم نه ڪر.
    مبين: آئون تو کي صحيح ٿو چوان اهو سراسر غلط آهي اها سراسر ويساهه گهاتي آهي ..!!
    ساجد: بس... جيڪو به آهي اهو منهنجو آخري فيصلو آهي..!
    مبين: نه ساجد... تون ائين نه ڪر ادا...!
    ساجد: اهو منهنجو حتمي فيصلو آهي جيڪڏهن اوهين انهي ڳالهه ۾ منهنجي مدد نه ڪندا ته آئون ڪجهه به ڪري سگهان ٿو...!!
    مبين: ڪجهه به مطلب؟
    ساجد: ڪجهه به جو مطلب ته جيڪڏهن اوهان منهنجي مدد نه ڪئي ته آئون هن ڇوڪريءَ سان ڪورٽ ميرج ڪندس يا پاڻ کي ماري ڇڏيندس..!!
    ساجد جا اهي لفظ ٻڌي مبين ماٺ ۾ پئجي ويو..!!
    مبين منهن لاهي ڳڻتي واري حالت ۾ چيو؟
    هن معزور جو ڇا ٿيندو جيڪا تنهنجي ڪري ئي زنده آهي؟
    ساجد: انهي جي قسمت انهي سان.
    مون ڪو ان جڏي جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ وڃي جيئي مري، منهنجو ڇا؟
    آئون هن جڏي سان شادي ڪري سڄي زندگي عذابن ۾ وجهڻ ڪو نه ٿو چاهيان...!!
    مبين هن جولهجو ڏسي سمجهي ويو ته ساجد پنهنجي وس ۾ ڪونهي ۽ هو هاڻي ڪا به ڳالهه نه مڃيندو.
    هن لاچارگي ظاهر ڪندي چيو.
    ساجد.... تنهنجي مرضي...
    باقي اهڙي ويساهه گهاتين جا نتيجا اڪثر پڇتاءُ تي کٽن ٿا..!
    ٻنهين جي وڃ ۾ ڪجهه دير خاموشي ٿي وئي...!!
    مبين مٿي تي ٻئي هٿ رکي سي _ سي جي لان تي چٻر پٽيندو رهيو...!!
    ڪجهه دير خاموشي کانپوءِ مبين چيو:
    توکي اندازو آهي ته تنهنجي انهي ڪم سان ڳوٺ ۾ ماڻهو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي ڇا چوندا؟
    ۽ هو چاچا احمد علي وارا ڇا سوچيندا تنهجي باري ۾؟
    ڪلهه تون انهن سان واعدا وچن ڪري آيو آهين؟
    ساجد: هو ڇا سوچيندا ڇا ڪندا،ان جي مونکي ڪا به پرواهه ڪونهي...!
    مون کي بس هن ڇوڪريءَ سان ڪنهن به حالت ۾ شادي ڪرڻي آهي ۽ انهي جي لاءِ آئون اوهان سڀني ۽ هن دنيا کي به ڇڏي سگهان ٿو...!!
    مبين ساجد جي حالت ڏسي سمجهي ويو ته هن سان ڳالهائڻ فضول آهي، هي پنهنجي وس کان ٻاهر نڪتل آهي ان ڪري هي چپ ڪري ويو..!!
    صبح جو سوير مبين ساجد کان بغير موڪلائڻ جي نڪري آيو ۽ گهر پهچي گهر وارن کي سڄي ماجرا ٻڌائيندي چوڻ لڳو:
    بابا! ساجد هڪ ڇوڪريءَ جي عشق ۾ ايترو انڌو ٿي ويو آهي جو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ان ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري...!!
    غلام عباس: هي... هي تون ڇا ٿو چوين مبين؟
    غلام عباس حيرت گاڏڙ غم ۾ ٻڏندي ترندي چيو،
    مُبين: بابا آئون بلڪل سچ ٿو چوان هن مون کي يونيورسٽي انهي ئي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ گهرايو هو...!
    بابا هو ڇوڪريءَ وٽ وڏو مجبور ٿو لڳي، ان ڇوڪري لاءِ چوي ٿو اوهان سڀني کي ڇڏي ڏينديس يا زهر کائي مرندس پر ان سان شادي ضرور ڪندس...!!
    غلام عباس: پوءِ ڇا هو پنهنجي مڱ سنبل کي ڇڏي ٿو؟
    مُبين: ها بابا ان لاءِ چوي ٿو ته اها جڏي آهي ۽ آئون جڏڙي سان شادي ڪونه ڪندس..!!
    غلام عباس اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ مان باهه ٿي ويو ۽ ڏڪندي چوڻ لڳو...!!
    هن جو ايترو دماغ خراب ٿي ويو آهي جو پنهنجي مڱ کي ڇڏي وڃي ڌاري عورت سان پرڻو ڪندو؟
    نه ائين ڪونه ڪرڻ ڏيندس....!!
    سڀاڻي آئون وڃان ٿو يونيورسٽي وڃي ٺيڪ ٿو ڪريانس...!!
    ساجد جي ماءُ غلام عباس کي سمجهائيندي چوڻ لڳي...
    غلام عباس ايتري ڪاوڙ چڱي ناهي، ڪجهه سوچ ويچار ڪر... اڪثر ڪاوڙ ۾ ڪيل فيصلن تي پڇتائڻو پوي ٿو...!
    تون ساجد کي زوري جيڪڏهن سنبل سان پرڻائيندي ته سڀاڻي جيڪڏهن هن سنبل کي نه نهاريو ته ان جو ذميوارڪير ٿيندو؟
    غلام عباس: ڇا مطلب آهي تنهنجو سڪينا؟
    سڪينا: منهنجو مطلب آهي ته زندگي ساجد کي گذارڻي آهي هو ٻار ڪونهي پنهنجو بُرو ڀلو خود سمجهي ٿو، ڀلي پنهنجي حياتي جو اهم فيصلو پاڻ ڪري سڀاڻي پاڻ کي ائين نه چئي ته بابا ۽ امان وارن منهنجي حياتي خراب ڪئي...!!
    سڪينا اڃان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳي:
    پاڻ ته گهڻو ئي چاهيون ٿا ته پنهنجن سان سڱاوتي ڪري پنهنجن سا گڏ جون پر قسمت ۾ ائين ٿيڻو ناهي ته پاڻ ڇا ٿاڪري سگهون؟
    منهنجي مڃين ته ساجد کي ڇڏي ڏي ان کي زوري نه پرڻائي متان تنهنجو ضد پنهنجي ٻچي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي...!!
    سڪينا جون ڳالهيون ٻڌي غلام عباس ماٺ ٿي ويو ۽ ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ چيائين:
    سڪينا پوءِ هن ويچاري جڏڙي ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيندو جنهن سان پُٽين اڳ مڱيو ويٺو آهي، ۽ هو احمد علي وارا ڇا سوچيندا؟
    انهن کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين جيڪي پنهنجي جڏڙي نياڻي جون سڀ اميدون پاڻ سان وابسته ڪريو ويٺا آهن؟
    سڪينا: بس... انهي جي قسمن انهي سان...!
    سڪينا ٿڌو ساهه ڀرندي چيو..!
    غلام عباس: صبح جو وڃان ٿو ساجد ڏانهن...!
    بس... صبح ٿئي وڃي ساجد سان ملان ٿو پوءِ ڏسان ڇا ٿو چوي ڪهڙو رُخ ٿو ڏي؟
    سڪينا: ها صحيح ٿو چوين .. تون وڃ پر خيال ڪجا متان جذبات ۾ اچي ڪا اهڙي ڳالهه ڪرين جو پوءِ ويٺا پڇتايون...!
    آئون ته وري به توکي چوان ٿي هن تي پنهنجو فيصلو زوري نه مڙهجان جيڪڏهن هو انهي ڳالهه ۾ خوش آهي ته پاڻ هن جي خوشي ۾ خوش آهيون...!!
    ساجد جا والدين سندس اهڙي ڳالهه ٻڌي سڄي رات فڪر ۾ نه سُتا...!!
    صبح جو غلام عباس ساجد سان ملڻ يونيورسٽي وڃي ٿو يونيورسٽي پهچي ساجد سان ملي ٿو، بوائز هاسٽل اڳيان سي _ سي لان تي ساجد سان مخاطب ٿي غم ۽ غصي واري حالت ۾ چيائين:
    ساجد! هي مبين جيڪي ڳالهيون ٻڌايون آهن اُهي سچيون آهن ڇا؟
    ساجد: ها بابا اهو سچ آهي...!!
    غلام عباس: پوءِ ڇا تون پنهنجي پهرين مڱ کي ڇڏي ڏيندي؟
    پڻس سخت ناراضگي واري انداز ۾ چيو.
    ساجد: ها بابا هن معزور سان گڏ آئون حياتي ڪونه ٿو گذاري سگهان، مهرباني ڪري مون کي مجبور نه ڪريو، منهنجي زندگي حرام نه ڪريو...!
    هن جڏي سان ڪيئن عمر گذاري سگهندس، جيڪا اُٿڻ ويهڻ کان لاچار آهي....!
    ڪير سڄي زندگي هن جي حاضري ڀريندو؟ سڀاڻي اهل اولاد آهي، ٻار ٻچا ٿيندا انهن جي ڪير ڪندو؟
    هو ته پنهنجي به نٿي ڪري سگهي ان جي اولاد جي ڪير ڪندو؟
    غلام عباس: ساجد هوش ڪر...!!
    هو جڏڙي تنهنجي مڱ آهي جنهن کي تو ڪڏهن حَسين خواب ڏيکاريا هئا، جنهن سان تو ساٿ نڀائڻ جا واعدا وچن ڪيا هئا، اڄ هو بدنصيب معزور ٿي پئي آهي ته تنهنجون سڀ همدرديون تنهنجا سڀ رشتا هن سان ختم ٿي ويا آهن؟
    واهه.... واهه تو ۾ واقعي وڏي انسانيت آهي واقعي تون وڏو رحم دل انسان آهين...
    واهه... واهه...!
    غلام عباس ائين چئي رومال سان پنهنجا لڙڪ اُگهڻ لڳو...!!
    ٿوري دير جي خاموشي کانپوءِ غلام عباس وري چوڻ لڳو..!
    تون هن معزور کي ٺڪرائي سٺو نٿو ڪرين اسين توکي هروڀرو مجبور نٿا ڪريون پر جيڪو ڪجهه تون ڪرين پيو اهو سراسر غلط آهي اهڙي ويساهه گهاتين جا نتيجا اڪثر پڇتاءُ تي کٽن ٿا...!!
    ساجد: بابا توهان خود سوچيو هن معزور جو بار آئون ڪيستائين کڻندس؟
    بابا! آئون توهان کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي زندگي خراب نه ڪريو ۽ مون کي پنهنجي زندگي جو هي اهم فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏيو...!!
    نيٺ غلام عباس اولاد جي اڳيان پنهنجي ڳالهه ڇڏي ۽ هن کي چوڻ لڳو:
    پُٽ... تنهنجي مرضي...
    تنهنجي خوشي انهي ڳالهه ۾ آهي ته ٺيڪ آهي اسان تنهنجي خوشي ۾ خوش آهيون، تنهنجي مرضي جيئن ڪر اسان تنهنجي پويان آهيون، تون ڀلي وڃي پنهنجي مرضي سان شادي ڪر...!
    اهو ٻڌي ساجد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڻس کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو...!
    مهرباني .... بابا.... وڏي مهرباني اوهان جي.....!
    غلام عباس ساجد کان موڪلائي ڳوٺ روانو ٿئي ٿو ته ساجد وڏي خوشي سان ياسمين کي فون تي چوي ٿو:
    ياسمين... تو کي لک لک مبارڪون هجن...!!
    ڇا جون مبارڪون.... ٻڌاءِ ته سهي...؟
    ساجد: پهرين تون مبارڪون ته جهل....!
    ياسمين: ها ساجد خير مبارڪ... هاڻي ته ٻڌاءِ؟
    ساجد: ڪلهه بابا هتي مون وٽ هاسٽل تي آيو هو.
    ياسمين: پوءِ؟
    ساجد: پوءِ مون ان کي پنهنجي شادي لاءِ راضي ڪري ڇڏيو آهي...
    آئون اڄ ڏاڍو خوش آهيان...
    اڄ مون کي ايتري خوشي ٿي آهي اڄ آئون ڪپڙن ۾ نٿو ماپان...!!
    ياسمين: سچي ٻڌاءِ تو واقعي گهروارن کي راضي ڪري ڇڏيو؟
    ساجد: ها.... ها سچ ٿو چوان...!
    ياسمين: واهه.... واهه پوءِ ته واقعي ڏاڍي خوشي جهڙي ڳالهه آهي، مون کي به ڏاڍي خوشي پئي ٿئي...!
    ساجد: هاڻي تنهنجو وارو آهي تون ٻڌاءِ تون پنهنجي گهر وارن سان ڪڏهن ٿي ڳالهائين؟
    ياسمين: منهنجو ته ڪو مسئلو ڪونهي، مونکي بابا وارن ۾ ڀرپور اميد آهي، هو منهنجي ڳالهه رکندا...!
    ساجد: پوءِ ته واهه واهه ٿي ويندي ياسمين...!
    تون بس... هاڻي جلدي ڪر پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائي ته جيئن شادي جي تاريخ پڪي ڪريون...!!
    ياسمين: ها بلڪل آئون جلد ئي بابا وارن سان ڳالهايان ٿي..!!
    ساجد ۽ ياسمين سندن شادي ٿيڻ جي خوشي ۾ بيحد خوش ٿيڻ لڳا...


    (11)

    (11)

    جڏهن اها ڳالهه واءُ ۾ ڦهلجندي سنبل جي ڪنن تائين پهتي ته ساجد يونيورسٽي مان شادي پيو ڪري ته هن پاڻ کي لحد م ليٽيل محسوس ڪيو، هن محسوس ڪيو ته ڌرتي تي هڪ اهڙي موسم غالب ٿي وئي آهي جو وڻ پاڻيهي ئي سُڪن پيا ۽ پکي خودڪشيون ڪري پنهنجون زندگيون پيا وڃائين، هر پونمي رات ۾ احساسن ۾ ڦٿڪو جاري ٿي ويو آهي، ڪٿي به ڪو ڇانورو ناهي، پري پري تائين ڦهليل نٽهڻ اُس ۽ وک وک تي چرڀيليون آهن جن تي آئون ڇالا ٿي ويل پيرن سان اڪيلي بيٺل آهيان ۽ فضا ۾ اهڙو زهر محلول ٿي ويو آهي جو ساهه رڪجي رڪجي تڪليف سان کڄي پيو، ڪيفيتن جي انهي قهر ۾ لڙهندي سنبل زندگي کان فراريت جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ هن مرڻ کان پهرين ساجد ڏانهن سڪرات جي آخري هڏڪي جو درد خط ۾ سمائي، آخري ميار جو روئندڙ لفظن سان هڪ المناڪ خط لکيو..
    هن لکيو:
    “محبت زنده باد
    ڀلي ڪيئي ڀلا پرين، توکي ائين نه مناسب هوءِ،
    لاءِ چِت چريو ڪري، پاڻ ڪڍي وئين پوءِ،
    توڙي حُب نه هوءِ، ته به هوت نه ڪجن هيڏيون...!
    ساجد! مبارڪ هجيئي نئين پيار جي...!
    بيوفا! توکان پوءِ رُلندڙ هي زنده لاش سدائين تو لاءِ انتظار ڪندي جاڳ جي آڳ ۾ جلندو رهيو آهي.
    تنهنجون لاپرواهيون اکين تي کڻي به آئون جيئندي رهيس جنهن جو سبب صرف توکي هڪ دفعا اکين سان ڏسڻ هو...!!
    مون کي ڏاڍو ڏک آهي ته آئون آخري دفعو توکي هن جهان ۾ پنهنجي اکين سان نه ڏسي سگهيس منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجي روح کي به تنهنجي ڏسڻ جي سِڪ رهندي...!!
    ساجد! مون تنهنجو ايترو انتطار ڪيو جو تنهنجي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ آئون رات ۽ ڏينهن جاڳي گذاريندي هُيس...!
    هوائون جڏهن به در کڙڪائينديون هيون ته مون کي لڳندو هو تون آيو آهين...!
    اوچتو ڪير دروازي تي دسڪ ڏيندو ته مونکي اهو گمان ٿيندو هو ته منهنجو ساجد آيو آهي....!!
    آئون سدائين انهي خوشفهمي ۾ رهندي هئس ته مون کي پنهنجي وجود جو ساهه سمجهندڙ منهنجو ساجد مون معزور کي ڪڏهن به نه ڇڏيندو ۽ هو هڪ ڏينهن مون وٽ ضرور ايندو، آئون هن ڌوڏن ۾ ويهي ويل ڪمزور اکين سان توکي ڏسي تنهنجي ديد جي اُڃ لاهينديس...!!
    سچ ته مون کي تنهنجي ديدار جي ايتري اُڃ هئي جو ڀٽائي چواڻي:
    “جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي”
    تنهنجي سڪ جو سمنڊ منهنجي من ۾ سدائين تنهنجي ديدار لاءِ ڇوليون هڻندو رهيو جيڪو اڄ هن آخري کنيل ساهن تائين به ڇوليون هڻي رهيو آهي...!!
    ساجد! ان سمي تنهنجو ملڻ سچ ته جيون ڌان جي ازلي بشارت سان پُنرجنم جي دائمي واڌائي جو مترادف ثابت ٿئي ها جڏهن جو زندگي جي سُڪڙجندڙ رڳن ۾ رت ڄمندو پئي ويو نگاهن جي چاندوڪي ۾ حسناڪين جي سڀيتا جا پُرڪش منظر اکين جي آڪاش جي وسعتن تان الوپ ٿيندا پئي ويا، اُڀ تي چمڪندڙ ستارن جي جهيڻي روشني کي اونڌاهه جا ڪانڌي دفنائي رهيا هئا، پرهه ڦُٽي جو گلن جي شائستگي جو طواف ڪندڙ پوپٽ نٽهڻ اُس سان ڀنئورن جي قبيلائي جهيڙي ۾ سخت ڪرڀناڪ حالت ۾ مارجي رهيا هئا، جنهن جي سوڳ ۾ هوائون سينه ڪوبي ڪري رهيون هيون ۽ خوشبوءِ جلاوطني جو عتاب ڀوڳي رهي هئي...!!
    لاڏاڻو قبيلن جي هجرت ويل اُڏايل ڌوڙ جهڙي هن زماني ۾ تنهنجو ملڻ سچ ته دردن جي بي حَس صياد جي قيد مان رهائي جو الهام ثابت ٿئي ها...!!
    تنهنجي بي پرواهه رَوَيي جي ڪٺورتا هميشه اهو سخت تڪليفده تاثر ڏنو ته هڪ طرقي محبت جا رت جي دريا مان گذرندڙ زوردار عشق جا سڀئي رستا شمشان گهاٽ تي ڇيهه ڪن ٿا....!
    ساجد! پرين کان پري رهي لمحا قيدي ڪيئن ٿين ٿا اهو به توکي پتو پئجي ويندو...!!
    توکي عنقريب خبر پئجي ويندي ته سچي محبت کي ٺڪرائي ويساهه گهاتي ڪرڻ وارن جو آخري انجام پڇتاءُ جي پاڻي ۾ ٻڏندي ٿيندو آهي ...!!
    هاڻي غم سهڻ جي ايتري ته عادي ٿي وئي آهيان جو هاڻي مون لاءِ ڪوبه غم اوپرو ناهي ڇو جو منهنجي دل ٽانڊن جي وڇاڻي تي ليٽيل آهي، آئون هاڻي غالب جي انهي سٽن تي عمل پيرا آهيان ته:
    “درد ڪا حد سي بڙه جانا هي دوا بن گيا”
    ساجد..... هاڻي وڌيڪ آئون نٿي جي سگهان... هاڻي وڌيڪ مون ۾ تنهنجي جدائي جا سور سهڻ جي همٿ نه آهي تنهنڪري الوداع.... ساجد هميشه لاءِ الوداع.....!!
    هاڻي هي اپاهج وجود توکي ڪابه ميار نه ڏيندو تون پنهنجي نئين جيون ساٿي سان سدائين خوش رهجان....!
    هي خط تو وٽ پهچڻ کان اڳ ئي منهنجي ساهه جو پکي هن جسم جي پڃري مان هميشه لاءِ اُڏامي چڪو هوندو، جيڪڏهن نئين پيار مان ڪجهه گهڙين لاءِ فرصت مليئي ته اچي منهنجو ڪانڌي ٿيئجا ته جيئن منهنجي روح کي تسڪين ملي ته ساجد منهنجي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيو پر جيڪڏهن تون ان تي به نه پهچي سگهين ته منهنجي قبر تي اچي نه روئجان ڇو جو آئون توکي هميشه کلندو ڏسڻ چاهيان ٿي تنهنجو روئڻ منهنجي تڪليف ۾ اضافي جو سبب بڻبو...!!
    جيڪڏهن تنهنجي دل رنجائي هجيم ته معاف ڪري ڇڏجان...
    تنهنجي بدنصيب
    سنبل....!!”
    سنبل هي خط لفافي ۾ بند ڪري ٽپال ذريعي ساجد ڏانهن موڪليو ۽ پوءِ پاڻ زندگي کان فراريت واري رستي تي نڪري پئي...!!
    هن آخري ڀيرو پنهنجي ڪمري ۾ نظرون ڦيرايون ۽ ڪمري ۾ ساجد سان گڏ گذاريل ڏينهن هن جي ذهن تي تري آيا ۽ انهي سوچ جي تسلسل ۾ هن الائي ڪيترا ڳوڙها اکين مان هاري ڇڏيا...!!
    الائي ڪيترا سڏڪا پيار جي آخري ميار ٿي ڪمري ۾ گونجندا رهيا...!!
    آخري ڀيرو هي پنهنجي ذاتي ڊائري کڻي پڙهڻ لڳي جنهن ۾ هڪ هنڌ تي ساجد جي هٿ اکرن سان هي نوٽ لکيل هو:
    ”سنبل منهنجي زندگي آهي... منهنجي زندگي جي هر خوشي آهي، جيڪڏهن آئون هن کي وساريان ته ان ڏينهن پاڻ کي ٻوڙي ماريان“
    ساجد جي هٿ اکرن سان لکيل نوٽ پڙهي سنبل اوڇنگارون ڏيندي چپن ۾ ڀڻڪيو...
    اها سنبل اڄ توکان وسري وئي آهي....!
    اها اڄ تو لاءِ هميشه هميشه لاءِ مري چڪي آهي ....!
    ائين هو ڪمري ۾ مسلسل روئندي رهي....!
    روئندي روئندي هن انهي نوٽ هيٺيان اردو جو هي شعر لکيو.
    مرتي هين تيري عشق مين، مرني ڪي بعد ڪيا هوگا؟
    ڪفن اٺها ڪر ديکهنا، لبون پر تيرا نام هوگا...!!
    ڊائري تي اهو شعر لکي هن ڊائري کُليل ئي ڇڏي ۽ وهيل چيئر جي ڦيٿن کي ڦيريندي احمد علي جي ڪمري ڏانهن رواني ٿي جتان شوڪيس ۾ پيل هڪ خاني مان احمد علي جي الماڙي جي چاٻي کنيائين...!!
    چاٻي کڻي الماڙي کولي الماڙي ۾ پيل پسٽل کڻي چيمبر ۾ گولي وجهي، پسٽل ڪاڪ ڪري پنهنجي لونڻي تي فائر ڪنيائين...!
    ٺڪا سان سڄو ڪمرو وڄي ويو ۽ هو وهيل چيئر تان وڃي هيٺ پٽ تي ڪِري....!!
    سندس رت اکين ۽ وات مان ٿيندو فرش تي ريلا ڪندي وهڻ لڳو...!
    پسٽل جو ٺڪاءُ ٻڌي ڪجهه گهڙين ۾ ئي سڀ گهر ڀاتي ڊوڙي ڪمري ۾ پهتا جتي پٽ تي ڪريل رت ۾ لٿ پٿ سنبل جو لاش ڏسي گهر ۾ قهرام مچي ويو، روڄ راڙو آهه و زاري شروع ٿي وئي ۽ گهر جو سڄو ماحول ماتم ۾ تبديل ٿي ويو...!!
    جڏهن ڳوٺ ۾ اها ڳالهه پکڙي ته سنبل پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو آهي ته ماڻهو آهه و زاري ڪندي ان ڪمري ۾ آيا جيڪو رت سان ڳاڙهو ٿيل هو...!!
    چئني پاسي هاءِ گهوڙا جا دُکدائڪ آواز هئا سڄو ڳوٺ ان درد ناڪ واقعي جي سوڳ جي لهر ۾ ٻڏي ويو هو...!!
    جڏهن اها ڳالهه واءُ ۾ اُڏندي وڃي ساجد جي سماعتن تائين پهتي ته... اڄ صبح جو سنبل پاڻ کي گولي سان ماري ڇڏيو آهي، ته وقتي طور هن کي ٿورو ڏک ٿيو پر وري ياسمين سان شادي واري ڳالهه سوچي هن انهي المناڪ واقعي کي درگذر ڪري ڇڏيو...!!
    هن سوچيو ته انهي واقعي کانپوءِ ڳوٺ وارا متان مون کي فون ڪري تنگ نه ڪن سو هي پنهنجو موبائل فون بند ڪري سمهي پيو...!!
    سنبل جا مائٽ پنهنجي ڌي جو لاش رکي ساجد جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا ته متان جيئري ته ڪونه آيو پر مرڻ کانپوءِ اچي ڪانڌي ٿئي...!!
    سڄو ڏينهن لاش هن جي اچڻ جي انتظار ۾ پيو رهيو پر هو موبائل بند ڪري لاپرواهه ٿي ستو پيو هو...!!
    جڏهن شام ٿي سج لهڻ وارو هو ته سنبل جي گهر وارن ساجد جي اچڻ جو آسرو لاهي هن جو مڙهه مٽي حوالي ڪيو...!!
    سنبل جي تدفين کانپوءِ سڀئي ڪانڌي موٽي آيا پر غلام عباس قبر تي اوڇنگارون ڏئي روئندو رهيو ۽ پنهنجي پُٽ جي ظلمن جي معافي وٺندو رهيو...!!
    ڪافي وقت تائين قبر تي روئي پِٽي اُهو به گهر ڏانهن موٽي آيو...!
    ساجد گهر وارن جي فونن ۽ ميارن جي ڪري نمبر بند ڪري سويل سمهي پيو هو..!
    صبح جو سوير ساجد يونيورسٽي آيو، ڪلاس ۾ هڪ نئين نمبر تان هن کي ڪال آئي...!

    هن ڪال اٽينڊ ڪئي...!
    السلام عليڪم، جي ڪير ساجد؟
    ساجد: جي... جي ساجد...!!
    ٽپالي: آئون ٽپالي نعيم ٿو ڳالهايان، توهان جي نالي هڪ لفافو آيو آهي، اُهو توهان کي ڪٿي پهچائي وڃان؟
    ساجد: آئون آرٽس فيڪلٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ آهيان اُتي اچي ڏئي وڃو...!!
    نعيم: جي بلڪل ٺيڪ آهي آئون اچان ٿو..!!
    ڪجهه دير ۾ ٽپالي اچي ٿو ۽ ساجد کي اهو لفافو ڏئي ٿو جنهن ۾ سنبل جا آخري جذبات تحرير ٿيل هئا...!!
    ساجد لفافو کولي خط پڙهڻ لڳو...!!
    سنبل جو آخري ميار وارو انتهائي جذبات سان سرشار خط پڙهيائين ته هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي...!!
    هن کي سنبل جي لامحدود محبت جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ پڇتاءُ جي طوفان ۾ هن پاڻ کي بليڊ جي ڌارتي بيٺل محسوس ڪيو...!!
    هن محسوس ڪيو ته سندس وجود طوفانن جي زد ۾ اچي ويو آهي...!!
    سنبل جي هن سان ايتري حد تائين جنونيت واري محبت ڏسي هاڻي هن کي اهو احساس شدت سان ٿيڻ لڳو واقعي مون کان عظيم غلطي ٿي وئي آهي...!
    غلطي جي احساس ٿيڻ کانپوءِ هن پاڻ تي سخت ملامت ڪئي...!!
    غم جي گهٽائن جي گهيري ۾ هن سنبل کي ۽ سنبل جي محبت کي ياد ڪندي اوڇنگارون ڏيڻ شروع ڪيون...!
    روئندي اوڇنگارون ڏيندي چوڻ لڳو...!
    سنبل... تو هي ڇا ڪيو...؟ تو هي ڇو ڪيو....؟
    واقعي مون کان عظيم غلطي ٿي وئي، آئون توکي وقت تي سمجهي نه سگهيس ....!!
    مون کي معاف ڪر...!!
    هن جي روئڻ جو آواز ٻڌي هن جا ڪلاس فيلوز ڊوڙي آيا ۽ هن کان پڇڻ لڳا:
    ساجد ڇا ٿيو..؟ ڇو ٿو روئين؟
    ساجد ڪنهن کي به ڪو به جواب نه ڏنو ۽ بس روئندو رهيو...!
    هڪ ڇوڪري ڊوڙندي وڃي فلاسافي ڊپارٽمينٽ ۾ ياسمين کي ٻڌايو:
    ساجد کي الائي ڇا ٿيو آهي؟ هو رڳو ويٺو روئي ۽ ٻڌائي ڪجهه به نٿو....!!
    ياسمين اهو ٻڌي گهٻرائجي وئي ۽ ڪتاب اُتي ئي ڇڏي تڪڙي تڪڙي ساجد ڏانهن آئي....!!
    ساجد کي ڏسي حيراني مان پڇڻ لڳي...!!
    ساجد ڇا ٿيو آهي....؟
    تون....
    تون ايترو روئين ڇو پيو؟
    ساجد ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ هٿ ۾ جهليل خط ياسمين کي ڏيندي وري اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو...!
    ياسمين ساجد کان خط وٺي تڪڙي تڪڙي پڙهڻ لڳي...!!
    ياسمين خط پڙهي ساجد کان حيرت مان پڇيو:
    هي ڪنهن جو خط آهي؟
    هي سنبل ڪير آهي؟
    هن سان ڪهڙو ظلم ڪيو اٿئي؟
    ساجد: ياسمين....
    اها سنبل منهنجي مڱ هئي...
    منهنجي انهي سان مڱڻي ٿيل هئي...
    ياسمين حيران ۽ پريشان ٿيندي چوڻ لڳي....
    هي..... هي تون ڇا پيو چوين؟
    ساجد: ها.... ياسمين سچ ٿو ڇوان....!
    اها سنبل منهنجي مڱ هئي، مون ان سان ويساهه گهاتي ڪئي، مون ان سان ظلم ڪيو، سنبل سان منهنجي مڱڻي ٿيل هئي ۽ هو مون سان بي حد پيار ڪندي هئي....!
    هڪ روڊ حادثي ۾ هن جون ٻئي ٽنگون ڪپجي ويون ۽ هو معزوز بڻجي وئي.....!
    مون هن کي هن جي معزور هجڻ جي سبب ٺڪرائي ڇڏيو هو، هن جي لامحدود پيار کي ٿُڏي ڇڏيو هو....!
    اهو خط هن خودڪشي ڪرڻ کان اڳ ۾ مون ڏانهن لکيو هو...!
    آئون هن جي وفائن کي وقت تي سمجهي نه سگهيس، مون کي هن کي سمجهڻ ۾ گهڻي دير لڳي وئي....!
    ياسمين مون کان وڏي ڀُل ٿي وئي...!
    مون کان وڏي خطا ٿي وئي...!!
    ائين چئي ساجد زارو زار روئندو رهيو....!!
    ياسمين سخت ڪاوڙ مان چيو:
    مڪار..... دوکيباز..... تو هيڏي وڏي ويساهه گهاتي ڪئي؟
    تو هي هيڏي وڏي ڳالهه مون کان ڇو لڪائي رکي؟ تو ڇو مونکي اڳ ۾ هن معاملي بابت نه ٻڌايو؟
    ساجد: مونکي ڊپ هو ته منهنجي مڱڻي جو ٻڌي تون مونکي ڇڏي ويندين تنهنڪري تو کان اها ڳالهه لڪايم...
    ساجد روئندو به رهيو ۽ ياسمين کي التجائون به ڪندو رهيو...
    ياسمين: تو هيڏو وڏو ظلم ڪيو؟
    تو ايترو قهر ڪيو پنهنجي مڱ سان...
    سا به هڪ معزور ۽ جڏڙي سان؟
    تون وڏو ظلم آهين.... تون وڏو توکيباز آهين....
    تو هن جي ۽ منهنجي ارمانن جو قتل ڪيو آهي، تون وڏو قاتل آهين، تون انسان آهين پر انسان جي کَل ۾ جانور آهين،تو ۾ انسانيت جو ذرو پُرزو ڪونهي....
    ياسمين روئندي ميارون ڏيندي سخت ڪاوڙ مان چوڻ لڳي هئي....
    ساجد: بس... هاڻي وڌيڪ مون تي ملامتون نه ڪر...!
    آئون واقعي تنهنجو ڏوهاري آهيان، مون کان وڏي غلطي ٿي آهي.
    ياسمين: تو غلطي نه پر تو قتل ڪيو آهي، سنبل جي خودڪشي جو تون ذميوار آهين....!
    هن تنهنجي بيرُخين، تنهنجي بيوفائين جي ڪري پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو...
    تو وڏو بي رحم قاتل آهين...
    تو منهنجي جذباتن، منهنجي احساسن سان به کيڏيو آهي....
    تون منهنجي ارمانن جو به قاتل آهين...!
    جيڪو ڪنهن معزور ۽ معصوم کي ڌوڪو ڏئي ٿو سگهي اهوپٿر دل انسان ڪنهن سان به سچو نٿو ٿي سگهي....
    ساجد تون بيوفا آهين.... بي مرَوت آهين...
    ظالم آهين... حيوان آهين... درندو آهين.... تون انسان نه بلڪه جانور صفت وحشي انسان آهين....
    ائين چئي ياسمين روئندي روئندي رواني ٿي وئي...
    ساجد رڙ ڪندي چيو...
    ياسمين .... ياسمين.... مونکي هن حال ۾ ڇڏي نه وڃ...
    مون کان غلطي ٿي آهي، مون گناهه ڪيو آهي...
    مون کي ڇڏي نه وڃ... تون نه وڃ ياسمين...
    آئون ايترا صدما نه سهي سگهندس...
    تون نه وڃ....
    ساجد روئندي رڙندي ياسمين کي سڏيندو رهيو پر ياسمين نه مُڙي ۽ هو ويندي رهي....
    ساجد منهن گوڏن ۾ هڻي ڪنڌ هيٺ ڪري روئندو رهيو....
    ڪجهه دير روئڻ کانپوءِ هن ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ لڙڪن سان وهنتل اکيون صاف ڪري ڳوٺ روانو ٿيو...


    (12)

    (12)

    ساجد گهر پهچي مبين سان گلي ملي اوڇنگار ڏيئي روئندي چوڻ لڳو...
    ادا هي سڀ ڇا ٿي ويو.....؟
    هي سڀ ڪيئن ٿيو؟
    مبين هن کي ڪابه ورندي نه ڏني ۽ مٿي تي هٿ ڏئي چُپ ڪري ويٺو رهيو.....!!
    ساجد: ادا واقعي مون کان اهڙي غلطي ٿي وئي آهي جو آئون پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي به هن گناهه جو ڪفارو ادا نه ڪري سگهندس...!
    مون واقعي سنبل سان وڏي ناحق ڪئي....!!
    آئون واقعي هن جو گنهگار آهيان....!!
    مون بي حسي جو بدترين مظاهرو ڪيو آهي...!1
    ائين چئي ساجد لڳاتار روئڻ لڳو....!!
    هو پنهنجي ڪيل گناهه کي لڙڪن جي ڀيٽا ڏئي سنبل جي گهر ڏانهن روانو ٿيو....!!
    سنبل جي گهر ۾ داخل ٿيو ته سڀني گهر ڀاتين جي ويڳاڻي حالت ڏسي هي ويتر اجهامي ويو...!!
    هو زندهه لاش جهڙو وجود کڻي اڳتي وڌڻ لڳو...!!
    احمد علي وارا هن کي سخت ڪاوڙ ۽ نفرت سان ڏسڻ لڳا هئا.
    ساجد خشڪ چپن سان ڳيت ڏيندي چوڻ لڳو...
    چاچا... هي سڀ ڇا ٿي ويو....؟
    هي سڀ ڪيئن ٿيو...؟
    احمد علي وڏي ڪاوڙ مان چيو:
    ظالم... به رحم... هتي ڇو آيو آهين؟
    نڪري وڃ هتان کان....
    اسان جي اکين کان ٽري وڃ....
    وڃي تو واري هن شهزادي سان لائون لهه...
    هن گهر ۾ هاڻي مرڻ گهڙي تائين تو لاءِ ڪابه جاءِ ڪونهي...
    تون قاتل آهين.... منهنجي معصوم نياڻي جو قاتل آهين....
    خبر اٿئي هن کي تنهنجي اچڻ جو ڪيتري شدت سان انتظار هوندو هو...؟
    هو روز مون کان پڇندي هئي ته بابا اڄ ساجد اوهان کي فون ڪونه ڪيو؟
    اڄ ساجد جو اوهان وٽ ڪو ميسيج ڪونه آيو؟
    هو هر روز تنهنجا رستا ڏسندي هئي....
    ۽ تون... تو ته اهڙو ظالم نڪتين جو هن جي جنازي کي به ڪلهو ڏيڻ ڪونه آئين...!!
    ڇا ڇڏيو آهي تو اسان ۾؟
    اسان کي جڳ جهان ۾ خوار ڪري اسان جي نياڻي کي ڇڏي ڏنئي...
    احمد علي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو ۽ زارو زار روئڻ لڳو...
    ساجد اکين ۾ لڙڪ لاڙي هٿ ٻڌي چوڻ لڳو...
    چاچا مون کي معاف ڪريو.... مون کي معاف ڪريو...
    مون کان عظيم غلطي ٿي وئي آهي...
    آئون پنهنجو گناهه تسليم ڪريان ٿو...
    مون کي معاف ڪريو...
    ساجد لڳاتار روئندو رهيو ۽ سنبل جي گهر وارن کان معافي وٺندو رهيو پر کيس ڪنهن به ڪا ورندي نه ڏني...
    سڀني جي لٿل منهن تي ويتر مايوسي ڇائنجي وئي ۽ وري انهي گهر ۾ ٻيهر ڳوڙهن جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو هو...
    ساجد روئندي سنبل جي ڪمري ڏانهن روانو ٿيو...
    ڪمري ۾ داخل ٿي سڄي ڪمري ۾ چئو طرف نظرون گهمايائين...
    ڪمري ۾ سنبل جي وجود جي خوشبو کي محسوس ڪري اکين مان وڏڦڙو مينهن وسڻ لڳيس...
    شوڪيس تي کُلي پيل سنبل جي ذاتي ڊائري تي نظر پيس ته اڳتي وڌي وڃي ڊائري کنيائين..
    ڊائري جي کليل ورق تي نظرون ڄمي ويس جنهن پني تي هن جو پنهنجي هٿ اکرن سان اهو نوٽ لکيل هو...
    “سنبل منهنجي زندگي آهي، منهنجي زندگي جي هرخوشي آهي...
    جيڪڏهن آئون هن کي وساريان ته شال ان ڏينهن پاڻ کي ٻوڙي ماري ڇڏيان.”
    جڏهن انهي نوٽ کان هيٺ سنبل جي هٿ اکرن سان اردو جو هي شعر لکيل ڏٺائين..
    مرتي هين تيري عشق مين مرني ڪي بعد کيا هوگا؟
    ڪفن اٺها ڪر ديکهنا لبون په تيرانام هوگا..!!
    ته ساجد جي ڪيفيت هارايل جواري جهڙي ٿي وئي...!
    ڪمري مان ٻاهر نڪري هي قبرستان ڏانهن روانو ٿيو...!!
    قبرستان پهچي سنبل جي قبر کي ڀاڪر وجهي ديوانن جيان زارو زار اوڇنگارو ڏئي روئندي چوڻ لڳو سنبل مون کي معاف ڪر...
    بيشڪ آئون تنهنجو وڏو گنهگار آهيان...!!
    مون کي معاف ڪر...
    سنبل... مون کي معاف ڪر....!!
    سڀ ڪجهه هارائڻ کانپوءِ هو قبر تي زارو زار روئندو رهي ٿو ۽ پنهنجي ڪيي جي معافي وٺندو رهي ٿو پر هن لاءِ بي چين روح هميشه لاءِ سانت ٿي چڪو هو..
    هن جو اوسيئڙو ڪندڙ اکيون هميشه لاءِ پورجي چڪيو هيون...
    هن جو آواز ٻڌڻ لاءِ پريشان رهندڙ سماعتون هميشه هميشه لاءِ مٽي ۾ دفنائجي چڪيون هيون...
    عشق جو اونداهو سج اُڀري چڪو هو، ڪائنات اونڌاهه جي سياهي سان دامنگير ٿي چڪي هئي، قبرون قبرون ٿي ويل دل جي ڌرتي سوين اڻپوري ارمانن جو شمشان گهاٽ ٿي چڪي هئي...
    هاڻي هن جي روئڻ پٽڻ جو هن کي قبرمان ڪوبه جواب نه مليو...!!
    سنبل جي قبر تي روئندي روئندي هن کي ڪافي دير ٿي چڪي هئي...
    ڌرتي تي رات پنهنجا ڪارا پر پکيڙي چڪي هئي، قبرستان ۾ اونڌهه ڇائنجي وئي هئي، رات جو سناٽو ڀوائتي منظر جو هيبتناڪ ڏيک پيش ڪري رهيو هو...
    هي رات جو ديرسان نيم بي هوشي واري حالت ۾ گهر موٽي آيو ۽ صبح جو بغير ڪنهن سان ڪجهه ڳالهائڻ جي يونيورسٽي روانو ٿيو...
    يونيورسٽي پهچي هن ياسمين جو نمبر ڊائل ڪيو...
    ان جو نمبر بند هو، وري ڪجهه دير کانپوءِ نمبر ڊائل ڪيائين ته وري به نمبر بند هو...!
    ياسمين جو نمبر بند هجڻ جي صورت ۾ هن ياسمين جي ويجهي سهيلي ميهوش جو نمبر لڳايو ۽ ان کان ياسمين بابت پڇتائين...!
    ميهوش هن کي ٻڌايو ته ياسمين ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪراچي هلي وئي آهي ۽ تو تي سخت ناراض هئي ۽ چيائين ته جيڪڏهن ساجد تو کي فون ڪري ته ان کي چوجا هاڻ پنهنجي وچ ۾ ڪو به تعلق نه آهي، منهنجا توسان سڀ واسطا ختم آهن ۽ مون کي هميشه هميشه لاءِ وساري ڇڏي مون کي تو کان سخت نفرت ٿي وئي آهي...!!
    اها ڳالهه ٻڌي ساجد ڪال اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي ۽ هن پاڻ کي موت ڏانهن روانو ٿيندي محسوس ڪيو...
    هن کي سنبل جي خط وارا جملا ذهن تي تري آيا ته “پرين کان پري رهي لمحا قيدي ڪيئن ٿين ٿا اهوتون هڪ ڏينهن ڄاڻي ويندين، تو کي خبر پئجي ويندي ته سچي محبت کي ٺڪرائڻ وارن جو آخري انجام پڇتاءُ جي پاڻي ۾ ٻڏندي ٿيندو آهي.”
    هو پڇتائو جي باهه ۾ ڀسم ٿيڻ لڳو هو ۽ زندگي جي آنڱر هن کان ڇڏائجي رهي هئي...
    هن کي شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ته محبت ۾ دوکيبازي جو انجام ڏاڍو برو ٿيندو آهي.
    هاڻي هن جي زنده رهڻ جا سڀئي سهارا ختم ٿي ويا، دنيا هن لاءِ کوکلي بڻجي وئي...!
    هن جون اکيون خوابن کان خالي ٿي چڪيون هيون، زندگي هر طرف کان بي رنگ ۽ بي مزي ٿي چڪي هئي...!!
    هن سوچيو ته مون پنهنجو سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو آهي...!!
    سنبل سان بيوفائي ڪيم...!
    ياسمين سان ويساهه گهاتي ڪيم...!
    ماڻهو پير تي ڪهاڙو هڻندا آهن پر مون ڪهاڙي تي پير هنيو آهي...!!
    مون هي ڇا ڪيو...!
    مون هي سڀ ڪجهه ڇو ڪيو؟
    مون کان هي ڇا ٿي ويو..؟
    آئون هر طرح سان برباد ٿي ويس...!
    هن مسلسل پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيا...!!
    هر سوال جو جواب هن جي پريشاني ۾ اضافي جو سبب بنجڻ لڳو هو.
    هو سخت پريشاني جي عالم ۾ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪندو لڙکڙائيندڙ قدمن سان اڳتي سنڌو ڏانهن وڌيو...!!
    شام ٽاڻي سنڌو جي ڪنارن تي بيهي هن آخري ڀيرو ڄامشوري تان لهندڙ سج ڏانهن نهاريو جيڪو غفائن ۾ گم ٿي رهيو هو...!
    پوءِ هن سنڌو جي وهندڙ پاڻي ۾ نهاريو جنهن ۾ سنبل جي محبت هن کي ٻانهون کولي سڏي رهي هئي...!!
    ڪجهه گهڙين کانپوءِ پاڻي ۾ وڏو آواز ٿيو ۽ ڪنارن تي ويٺل پکي اڏامڻ لڳا....!!


    سمبارا پبليڪيشن جا 2017ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب

    سمبارا پبليڪيشن جا 2017ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب

    • خالي آکيرو (شاعري) سعيد ميمڻ -/300
    • نيو ڇور کان نئين دهلي (ساروڻيون) مڪيش بارٿاڻي -/250
    • مکڙيون آس جون (گڏيل شاعري) سرويچ ناٿن شاهي -/200
    • اکين جي گلاس ۾ (شاعري) وشال -/200
    • قاضي نذرالاسلام (زندگي ۽ فن) منصور قادر جوڻيجو -/200
    • شيخ اياز جا دوها (شاعري) ڊاڪٽر فياض لطيف -/250
    • پيئي جن پرک (لطيفيات/تحقيق) غلام شبير پيراهين -/250
    • گڏاپ جا گل (لُغت) منصور ٿلهو -/250
    • شاهه جو رسالو-ڍاٽڪي (شاعري) استاد لغاري -/400
    • منجهان منهنجي روح (شاعري) ياسين چانڊيو -/200
    • عجيب داستان (سوانح عمري/شاعري) ربڏنو خاصخيلي -/100
    • نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبوءِ (شاعري) نور الدين نفيس -/300
    • سنڌ جون ريتون، رسمون ۽ رواج (تحقيق) محمد ابراهيم ڪنڀر -/150
    • تون ئي تون (شاعري) بخاري افضل -/200
    • شاهه جا شيدائي (حصو ٻيو) (تحقيقي جائزو) راهب علي لاڙڪ -/350
    • آخري ماڻهو (ڪهاڻيون) زيب سنڌي -/250
    • دل وراڪو دوست سين (ڏات ، ڏانءُ ، ڪرت ۽ ڪردار) انور سومرو -/120
    • اڃارا احساس (شاعري) شيخ نديم -/200
    • صحرا جهڙا خواب (شاعري) مخمور رضا -/250
    • سنڌيا شاهه جون ڪهاڻيون (ڪهاڻيون) شبانه سنڌي -/200
    • سونهن جا همسفر (گڏيل شاعري) بلال تبسم -/400
    • سڀئي سجدا سونهن کي (شاعري) راحب جوڻو -/200
    • روح جي راحت (شاعري) ڪرم حسين ڪرم وڳڻ -/200
    • ڌرتيءَ جو کاهوڙي ڪردار مير بليدي (شخصيت) پريت پال سنگهه سوڍو -/350
    • ڪَتيندي ڪنبيا (شاعري) اڪبر بجير (ٿري) -/200
    • موٽڻ جنين مهڻو (ناول) ترجمو: علي نواز ڏاهري -/400
    • شاھ لطيف جا ڇٽيهه سُر (تعارف ۽ فلسفا) محقق ۽ شارح:استاد لغاري -/300
    • سار، سپنا ۽ صليب (گڏيل شاعري) اعجاز انڙ -/300
    • سنگيت جي مڌرتا (شاعري) ساحر راهو -/250
    • مٺو مور ماڻهو (مضمون/تاثر) حامد لاشاري -/150
    • جلا وطن پکي (ڪهاڻيون) محبوب سنڌي -/250
    • صحرا جي ڀاڪر ۾ (نثري نظم) رحيمداد جوڳي -/250
    • شاهه جو رسالو (حمائل سائيز) ترتيب ۽ تعليق: استاد لغاري -/200
    • دُک جا ننڊاکا پاڇا (جديد نثري نظم) حبدار سولنگي -/400
    • تاريخِ حضرت سنڌ (تحقيق) ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ “سنڌي” -/300
    • پاڻي تي ئي پاڻي ٿيندو (شاعري) حافظ محمد بخش خاصخيلي -/300
    • وڻ وڻ منجهان واس (گڏيل شاعري) گهايل لغاري -/240
    • اڃان آليون اکيون آهن (مضمون/شاعري) سهيڙ:ڪامل امداد جتوئي -/000
    • سورن سَلا نِسريا (مضمون ۽ مقالا) احمد علي صابر -/400
    • عشق اونداهو سج (ناول) عاشق بلوچ -/200
    رابطي لاءِ: ساجد سنڌي
    Sambara.publication@gmail.com
    Cell: 0300-3513966


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 872
    ڪتابن جو مشاهدو: 2461227
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 629493
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ