ڪتاب جو نالو: الف کان اڳ
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 16 جنوري 2020 ع
پڙهيو ويو: 1343 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 444 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي سائنسي فلسفي تي لکيل مضمونن جو مجموعو آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”مذهبن جو بنياد فلسفو آهي. فلسفي جي تاريخ ايڏي پراڻي نه آهي، پراڻيون شيون اهي آهن جيڪي تاريخ کان اڳ جون آهن، تاريخ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو لکت ۾ آهي، تاريخ کان اڳ جا واقعا جيڪي ورقن ۾ موجود نه آهن، اهي ناياب آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • موضوع Subject
  • معروض Object
  • حقيقت Realism
  • اسميت Nominalism
  • لقاءُ Phenomenology
  • نقاءُ Noumenon
  • اڻ هوند Nothingness
  • ڪن فيڪون First Cause
  • نجهه منجهان Ex-Nihilo
  • خدا کي ڪنهن ڄڻيو؟
  • ڪائناتون Mutiverse
  • خلل Delusion
  • اڳواقعي جون وٿيون
  • ڊيميئرز Demiurge

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: الف کان اڳ
    موضوع : فلسفو
    ليکڪ: رسول ميمڻ
    پهريون ڇاپو : 2019ع
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    ڇپائيندڙ : نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ
    تعداد: 1000
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com



    Alaf Khan Agg

    Writen by : Rasool memon
    Quantity : 1000
    1st Edition : 2019
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Published by : Naoon Niapo Academy, Sachal Goth


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    ”نجھه“
    (Nothingness)
    جي
    نالي!


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”الف کان اڳ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي سائنسي فلسفي تي لکيل مضمونن جو مجموعو آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
    ”مذهبن جو بنياد فلسفو آهي. فلسفي جي تاريخ ايڏي پراڻي نه آهي، پراڻيون شيون اهي آهن جيڪي تاريخ کان اڳ جون آهن، تاريخ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو لکت ۾ آهي، تاريخ کان اڳ جا واقعا جيڪي ورقن ۾ موجود نه آهن، اهي ناياب آهن.
    وحدانيت ۽ ڪثرانيت فلسفي جا موضوع آهن، فيسا غورث (570-495 BC) جي فلسفي جو فڪر وحدانيت آهي. هن هيڪڙائي (Monad) جو تصور ڏنو. (Monos=Alone) فلسفي پيغمبريءَ جو دعوار نه هوندو آهي، پر تاريخ ۾ فلسفو مذهب جيان بحث هيٺ رهيو آهي.
    مان هڪ مايوس ۽ وقت جو فراموش ٿيل ماڻهو آهيان، مون قلم اندر مس جيئن پناهه ورتي آهي، قلم جيسين لکي ٿو مان آهيان، ورق وقت آهن، وقت ورقن جيان ڦاٽي وڃي ٿو. قلم حياتي ۽ لکڻ زندگي آهي.
    هن ڪتاب جو اصل نالو ”ڦاٽل ڪتاب“ آهي، پر خبر نه آهي اهو ڪيئن ”الف کان اڳ“ ٿي ويو، ان جو سبب اهو آهي ته مون وٽ نه حقيقت (Realism) آهي، نه اسميت (Nominalism) پر صرف سرئلزم (Surrealism) آهي.“
    هي ڪتاب 2019ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليو. مھربانيون خادم حسين جروار جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    مذهبن جو بنياد فلسفو آهي. فلسفي جي تاريخ ايڏي پراڻي نه آهي، پراڻيون شيون اهي آهن جيڪي تاريخ کان اڳ جون آهن، تاريخ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو لکت ۾ آهي، تاريخ کان اڳ جا واقعا جيڪي ورقن ۾ موجود نه آهن، اهي ناياب آهن.
    عيسا جو مصلوب ٿيڻ ڪلهه جي ڳالهه آهي ۽ يونان جا عظيم ڏاها ٽيون ڏينهن جو قصو آهي. ان کان اڳ ڇا هيو، ڪا خبر نه آهي. سڀ خبرون بي خبريءَ جي دز ۾ دفن آهن. تاريخ ۾ موجود يونان جا ڏاها هڪ ئي وقت ڏاها نه ٿي پيا هوندا، پر ڏاهپ اهڙو سلسلو آهي، جيڪو ارتقائي منزلون طي ڪري ڏاهپ جون شڪليون ڌاري مختلف روپن ۾ نروار ٿيندو، نِسرندو اچي ٿو، يونان جي ڏاهن کان اڳ ضرور اهڙا ڏاها هوندا، جن جو تسلسل اسان کي هڪ هنڌ ڏاهپ جي ارتقائي عروج ۾ ملي ٿو.
    تاريخ ۾ عيسا کان اٺ سئو سال اڳ ڪو ورلي فلسفي هوندو، جنهن جو ذڪر واضع لفظن ۾ ٿيل هجي، نه ته عيسا کان اڳ جي تاريخ ايڏي پراڻي نه آهي. ڏاهپ جو قصو ضرور ڪائنات جي تخليق سان شروع ٿيو هوندو، اهي مفڪر پنهنجا خيال ٻين ۾ منتقل ڪري پاڻ بي نانءُ هن دنيا مان راهي ٿيا هوندا.
    وحدانيت ۽ ڪثرانيت فلسفي جا موضوع آهن، فيسا غورث (570-495 BC) جي فلسفي جو فڪر وحدانيت آهي. هن هيڪڙائي (Monad) جو تصور ڏنو. (Monos=Alone) فلسفي پيغمبريءَ جو دعوار نه هوندو آهي، پر تاريخ ۾ فلسفو مذهب جيان بحث هيٺ رهيو آهي، دنيا جو قديم ترين مذهب ڪثرانيت (Polytheism) آهي. يونان، روم، فينيثيا، ڪارٿيجيا، ميسوپوٽيميا، مصر ۽ سنڌ (هند) سميت دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ عبادت جو آغاز بت پرستيءَ سان ٿيو، ڪنهن دور ۾ خدا شماري آدمشماريءَ کان وڌيڪ رهي آهي.
    يونان ۾ اڪيلي سقراط کي زهر جو پيالو ڏئي ماريو نه ويو هوندو، پر اهڙا ڪيترائي سقراط هوندا جن کي ان زهر سان ماريو ويو هوندو، تاريخ جي دستاويز ۾ سقراط پهريون فلسفي آهي، جنهن کي مروج عقيدي کي مڃڻ کان انڪار تي زهر جو پيالو پئڻو پيو.
    سقراط (470-399BC) فيسا غورث کان پوءِ جو فلسفي آهي، سقراط جو اسڪول آف ٿاٽ فيسا غورث کان متاثر هيو، ڪثرانيت خلاف ڪيل بغاوت جي صلي ۾ ماريو ويو.
    ليوڪيپوس ۽ ڊيموڪريٽس کانپوءِ سقراط جو شاگرد افلاطون ئي آهي، جنهن فيساغورث جي هيڪڙائي (Monad) کي ايٽم جو نانءُ ڏنو، نبين ۽ مذهبن جي ابي حضرت ابراهيم وحدانيت (Monotheism) جو پرچار ڪيو آهي، خدا جي ان عظيم پيغمبر جي ڄم جي تاريخ بابت تضاد آهن، جينيسس (Genesis) موجب سندن عيسا کان پنج سوَ سال اڳ دنيا ۾ آمد ٿي آهي.
    يونان جو فلسفو هيڏانهن هوڏانهن، ڦري گهري ڳالهه اچي رب جي ڪري ٿو. مون جنهن به ڏاهي کي پڙهيو ان جي سوچ جو اڻ سڌو مقصد خدا جي ذات آهي، مذهب ۽ فلسفي ۾ عقيدي جو فرق آهي، عقيدو اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻو آهي ۽ فلسفي ۾ اجازت آهي ته اکيون کولي قبول ڪيو، نه ڪيو، دنيا تي مذهبن حڪومت ڪئي آهي، فلسفي کي قابل قبول بنائڻ لاءِ کيس مذهب جو روپ ڏئي مڙهيو ويو آهي، بلڪل ائين جيئن جديد دور ۾ فلسفي کي نظريي جي روپ ۾ دنيا تي مڙهي انسانن کي ورهايو ويو.
    انسان جي جذباتي هجڻ جو سبب ان جي اٻوجهائپ آهي، خدا ۽ ڇوٽڪاري جي نانءُ ۾ هو جذباتي ٿي پوي ٿو، عقيدو خلل (Delusion) آهي ۽ ڇوٽڪارو نظرياتي خلل، مان پاڻ هڪ جذباتي شخص آهيان ۽ نظريي جي ڊٺل کنڊرن ۾ دفن آهيان.
    ڪنهن کي پڪاريان؟ مان پڪاريندو “الف کان اڳ” وڃي نڪتس، “الف” ته ڪنهن ڏٺو نه آهي، الف کان اڳ جو تصور، ڏاڍو ڏکيو آهي، اهڙي تصور کي نڀائڻ، اهو موضوع نه آهي، ان جي معروض هجڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ڪهڙو نانءُ ڏئي سگهجي ٿو، اهڙي ڪيفيت کي؟ اوندهه ئي اوندهه آهي، پر اوندهه موضوع آهي، انڪري اها اوندهه به نه آهي، مان منجهيل آهيان، نه اها اسميت (Nominalism) آهي، نه حقيقت (Realism)، نانءُ بذات خود نانءُ آهي، انڪري اهو نانءُ نه آهي، ٻيو ڪجهه آهي، منهنجي حيرت مونکي بي خود ڪري ڇڏيو آهي.
    تاريخ ۾ عيسا کان اڳ، عيسا کان هجرت، سڀ سڏ پنڌ آهي، تاريخ وقت جي ماپ جو صحيح پيمانو نه آهي، ارتقا جو اهو دور جڏهن تاريخ جو تصور نه هيو، سوچي اڀ کي دل هجي ته ڦاٽي پوي، ڏاهپ گُليل جو پٿر آهي، جهرڪي ماري سگهي ٿو، مان خود فراموش (Depersonalize) ٿي، پاڻ مان نڪري پکيءَ جيئن اڏامي وڃان ٿو، وقت جي ليڪ منهنجو رستو آهي، مان وقت جي ليڪ ڊاهيندو اتي پهچان ٿو، جتي ليڪ جو انت آهي، ان کان اڳ ڪا ليڪ نه آهي، ڪو رستو نه آهي، اها ڪائنات جي ابتدا آهي، مان ڊيميئرز (Demiuges) کي هٿ ٻڌي عرض ڪيان ٿو، “پنهنجي ماءُ صوفيا جي محبوب (Aeon) سان ملاءِ” ڊيميئرز چوي ٿو. “نه ڪا صوفيا هئي، نه ان جو محبوب، مان آهيان، اڪيلو، نه مون کان اڳ ڪجهه هيو، نه آهي.” هو ڇيڻي ۽ هٿوڙي سان ڪائنات ٺاهي ٿو.
    نه الف آهي، نه الف کان اڳ، سڀ ڏند ڪٿائون آهن، مان ڏند ڪٿائن ۾ جيئرو آهيان، جيئري رهڻ لاءِ ڏند ڪٿائون ضروري آهن، مذهب ۽ نظريا فلسفي جون ڏند ڪٿائون آهن.
    ڏک جي ڳالهه اها آهي ته عقل کي به ارتقا جي ضرورت پوي ٿي، ادراڪ (Perception) ٻهروپ آهي، ساڳيو چهرو هيڏانهن ڏسو سچ، هوڏانهن ڏسو ڪوڙ! سچ وارو پاسو چوي “ڪوڙ آهيان” ڪوڙ وارو پاسو چوي “سچ آهيان” سڀ ٽرڪساز، هٿ جي صفائي، ڪهڙو جادو؟ ڪهڙو طلسم؟ پراسراريت، ڪوهيڙو، ٻاڦ، دونهون، غيب، عيب، لفظن جي هنرمندي، زبانن جي فنڪاري، عقيدن جو ڄار ۽ نظرين جي ڪنڍي.
    انسان ڪڏهن جاڳيو نه آهي، هو خوابن ۾ زندگي بسر ڪري ٿو ۽ جڏهن جاڳي ٿو ته مئل آهي، مان مرڻ کان اڳ خوابن کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿو، مون کي خبر آهي، منهنجا خواب ڪڏهن پورا نه ٿيندا، نه اک کلندي نه مرندس، منهنجو خواب جهڙ آهي، وسي ٿو ۽ ٻاڦ مان وري ٺهي ٿو، اهو وقت ۽ وڇوٽي (Time and Space) کان آزاد آهي، قياس (Chaos) جي صورتحال کان اڳ اتي پهچي ٿو، جتي هستيءَ اڃان وجود نه ورتو آهي، نِجهه (Nothing) آهي، پر نجهه کان اڳتي ڪجهه (Something) جو ڪو تصور نه آهي.
    مان اهڙي ڪيفيت تي ڇا لکان؟ جڏهن نانءَ ايجاد نه ٿيا آهن، لفظن جو نشان نه آهي، خاموشيءَ کي خاموشي ڪيئن چوان، جڏهن اهڙي ڪيفيت خاموشيءَ ۾ سمائجي ڪيفيت ۾ ظاهر نه ٿي آهي، مان اوندهه کي اوندهه ڪيئن چوان، جڏهن اوندهه محسوس ڪرائڻ جي سگهه حاصل نه ڪئي آهي.
    الف کان اڳ جي مقام تي اچي قلم جي مس ڪنهن ڪم جي نه ٿي رهي، ڪورا ڪاغذ ڦاڙڻ لائق ٿي وڃن ٿا، مون وٽ اهو ارمان رهجي ويل آهي ته گهڻو ڪجهه لکڻ باوجود مان ان ڪيفيت جي “ڪاف” کي پهچي نه سگهيو آهيان، هر هوشمند انسان لاشعوري توهم پرست آهي، اسين توهم کي توهم سان ننديون ٿا. لقائن (Phenomenon) ۽ نقائن (Noumenon) کي سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ مفروضن (Hypothetics) کي ايمان سمجهي قبول ڪيون ٿا.
    ڏند ڪٿائون انسان جو عقيدو آهن، اسين ڏند ڪٿائن ۾ جيئرا رهون ٿا. اڻ مٽجندڙ مس سان لکيل نسخن ۾ جيڪڏهن “الف” ڏند ڪٿائن جو هيرو آهي ته ان کان اڳ مان الف جي وجود متعلق ڪا به اهڙي ڏند ڪٿا نه جوڙيندس، جيڪا الف جي وجود جو سبب هجي، بيدي ۽ چوزي جي چڪر ۾ ڪيترائي نسل تباهه ٿي چڪا آهن، دنيا جا عقيدتمند اڃا ان ڳالهه تي متفق نه آهن ته “پهريون چوزو پيدا ٿيو يا بيدو؟”
    ٿاليس (Thales) (624-546 BC) تاريخ ۾ پهريون فلسفي آهي، جنهن عقيدن کي ڏند ڪٿا چيو، سقراط کان پهريون جو اهو فلسفي چوي ٿو. “تخليق جو وسيلو پاڻي آهي”
    ٿاليس جي شاگرد اينا ڪسمينڊر (610-546 BC) چيو ”مادو فنا نه ٿو ٿئي اهو روپ مٽائي ٿو.“
    اها ماورائي طبعات (Metaphysics) نه آهي، پر جديد طبعات (Modern Physics) آهي، ٿاليس کان اڳ به ٿاليس جي خيالن جهڙا ٻيا فلسفي ٿي گذريا هوندا، پر ٿاليس تاريخ جي صفحن جو پهريون سائنسي فلاسافر آهي، جنهن “پهريون سبب” (First Cause) جو جواب ڏنو. مان سبب (Cause) کان پهريون جواز (Reason) ڳولهيان ٿو، منهنجي پهچ ٻڙيءَ (Zero) آهي. اها ٻڙي ئي منهنجي بقا جو جواز آهي، مان ٻڙيءَ تي بيٺل آهيان، انڪري جيئرو آهيان.
    ڪي مينهن کان بچڻ لاءِ ڇپر ۾ پناهه وٺندا آهن ۽ ڪي ڇپر ڇڏي مينهن ۾ پناهه وٺندا آهن، گرميءَ سرديءَ جو طبيعت تي نه پر ڪڏهن طبيعت جو گرمي سرديءَ تي اثر هوندو آهي، مان ڪڏهن حقيقت (Realism) جي مونجهه کان پناهه وٺڻ لئي اسميت (Nominalism) ۾ پناهه وٺندو آهيان. هوش ۾ اچڻ لاءِ نشو ضروري آهي، حقيقت سوچن جي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ٻاڦ آهي، ٻاڦ هوا سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿي، حقيقت کي ڪير ڏسي؟ آهي به، نه به آهي.
    الف کان اڳ مان اهڙي هنڌ اچي پهتو آهيان، جتي منهنجي ڊائريءَ جا ڦاٽل صفحا وکريل آهن، مان هن ڪتاب جو هر باب لکڻ کان پوءِ ڦاڙي ڦٽو ڪيو.
    مان هڪ مايوس ۽ وقت جو فراموش ٿيل ماڻهو آهيان، مون قلم اندر مس جيئن پناهه ورتي آهي، قلم جيسين لکي ٿو مان آهيان، ورق وقت آهن، وقت ورقن جيان ڦاٽي وڃي ٿو. قلم حياتي ۽ لکڻ زندگي آهي.
    هن ڪتاب جو اصل نالو ”ڦاٽل ڪتاب“ آهي، پر خبر نه آهي اهو ڪيئن ”الف کان اڳ“ ٿي ويو، ان جو سبب اهو آهي ته مون وٽ نه حقيقت (Realism) آهي، نه اسميت (Nominalism) پر صرف سرئلزم (Surrealism) آهي.
    جنگ ۾ نه پر خوابن ۾ سڀ جائز هوندو آهي، ڦاٽل ورق بي ترتيب، ابتا سبتا، هيٺ مٿي، اڳتي پوئتي، کٽيل وڌيل، واضع غير واضع، مونکي ڪا خبر نه آهي ته اهو ڪتاب توهان جي هٿن ۾ ڪيئن آهي؟ اميد ته توهان کي نقاد ٻڌائيندا.


    رسول ميمڻ
    ڪراچي 


    موضوع Subject

    فلسفي ۾ موضوع وجودي حيثيت رکي ٿو، انهن لاءِ جن وٽ الڳ شعور آهي. اهو انفرادي ۽ ذاتي تجربو آهي. اهڙو مشاهدو آهي، جنهن جو لاڳاپو پاڻ کان ٻاهر موجود شين سان آهي، پاڻ کان ٻاهر اهڙيون منفرد شيون معروض (Object) آهن. (1)
    موضوع مشاهدو ڪندڙ آهي ۽ معروض جنهن جو مشاهدو ڪيو وڃي. (2)
    ريني ڊيڪارٽ (Rene Descartes) (1650-1596ع) موجب موضوع ۽ معروض وچ ۾ تفاوت سوچ ۽ سوچ جي پهچ جو آهي. سوچ موضوعي آهي ۽ ان جي ڦهلاءُ ۾ مادي جو جوهر (Essence) پکڙيل آهي. (3)
    جرمن فلسفي ۾ موضوع معرفت شعور کي اهميت حاصل آهي، ڊيوڊ هيوم (David Hume) (1776-1711ع) جي ريڊيڪل شَڪائپ (Redical skepticism) موجب “پاڻ” (Self) وجود کان ٻاهر ادراڪن جي ڳٺڙي (Bundle) جي صورت ۾ موجود آهي.(4) اهڙي خيال تي کيس سوال ڪيو ويو ته “پوءِ اها غير تفاوتي (Undifferntiated) ڳٺڙي پنهنجي هيڪڙائيءَ ۾ ڪيئن سمايل آهي؟”
    جواب ڏنائين “تصور مسلسل سوچ آهي، جيڪو وقت ۽ وڇوٽي (Space and Time) ۾ سرگردان رهي ٿو ۽ معروضن (Objects) جو ادراڪ پاڻ ۾ سمائي “مان” (I) پيدا ڪري ٿو. موضوعيت ۾ “مان” جي خصوصيت، فرد (Individual) کي ظاهر ڪري ٿي. (5)
    فلسفي ۾ معروض کان وڌيڪ موضوع جي اهميت آهي، سائنس معروض کي اهميت ڏئي ٿي، جڏهن ته فلسفي جو موضوع “موضوع” ئي رهيو آهي، فلسفي ۾ موضوع معروض کي جنم ڏئي ٿو، جڏهن ته سائنس معروض سان موضوع پيدا ڪري ٿي. (6)
    قياس (Chaos) مفروضن جو سبب هوندو آهي، مفروضا مٺاڻ تي ويٺل مکين جيان آهن، ڪا خبر نه هوندي آهي، انهن هيٺان ڪهڙي قسم جو مٺاڻ آهي؟
    موضوعيت (Subjectivity) ۾ “مان” جو فلفسو “انا” کان الڳ آهي، “انا” ۾ انسان پاڻ تائين محدود آهي، پر موضوعيت جي “مان” ۾ هو پاڻ کان ٻاهر هر هنڌ وکريل آهي، هو هڪ خيال آهي، شعور آهي، جنهن جو ادراڪ ڪائنات جي معروضيت (Objectivity) کي وجود ڏئي ٿو.(7) ۽ گرامر موجب موضوع (Subject) ۽ موضوعيت (Sujectivity) ۾ اهو فرق آهي ته موضوع فرد يا شيءِ آهي، جيڪا بحث هيٺ اچي ٿي.
    جڏهن ته موضوعيت فرد جو ذاتي ادارڪ، احساس، خواهشون ۽ کوجنائون آهن، اها شعور جي مشاهداتي خصوصيت آهي، فلسفي ۾ موضوع موضوعيت کان الڳ نه آهي، موضوع پاڻ موضوعيت آهي، ڇو جو موضوع شعور سان هر شيءِ ۾ سمايل آهي، سڀ خصوصيتون موضوع ۾ پروان چڙهي معروض جي حيثيت حاصل ڪن ٿيون. (8)
    ڪانٽ، هيگل ۽ انهن جا هم خيال اهڙن خيالن جا آهن ته موضوع خيالن جي تصور سان اڀري ٿو.
    هيگل (Friedrich Hegel) (1831-1770ع) پنهنجي ڪتاب “روح جو لقاءُ) (Phenomenology of Spirit) ۾ لکي ٿو، موضوع جي جوڙجڪ اهڙي تسلسل جي موٽ آهي، جنهن ۾ اسين “پاڻ” ۽ “پنهنجي” وچ ۾ تعلق پيدا ڪيون ٿا، شخص جو موضوع “پاڻ” (Self) آهي. (9)
    موضوع تي سڀ کان گهڻو بحث ڪانٽينينٽل فلسفي ۾ ٿيل آهي، مارڪس ۽ فرائيڊ ان تي واضح بحث ڪيو آهي. اهو پاڻ مرادو موضوع (Autonomous Subject) آهي. انهن موضوع جي تنقيدي ساخت (Deconstruction) کي بيان ڪري ماورائي طبعات جو الڳ تجزيو پيش ڪيو آهي. (10)
    جيڪز ڊريڊا (Jacques Derrida) (2004-1930ع) موجب تنقيدي ساخت لفظن ۽ لفظن جو تفاوت آهي، لکت جا لفظ جيڪي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ سمجهه جيڪا لفظن جي ساخت (Structure) کي ٽوڙي الڳ معنائون جوڙي ٿي. تنقيدي ساخت جو مقصد اهو آهي ته لفظ نامڪمل آهن، اهي وچڙيل، ناپائيدار ۽ پهچ کان پري آهن، ان ڪري لفظن جو پڙاڏو انهن جي ساخت ٽوڙي نئين معنا ۾ ٻڌجي ٿو. (11)
    سگمنڊ فرائيڊ (Sigmund Freud) (1939-1856ع) جنهن لاشعوري دماغ (Unconsious Mind) جو تجزيو ڪيو، ان لاشعوري تذڪري سان موضوعي اظهار کي ڳولهي لڌو، لاشعوري دماغ اهڙو سلسلو آهي، جيڪو پاڻ مرادو (Autonomous) آهي. ان ۾ ڪا به هٿ چراند نه ٿي ڪري سگهجي، اهو خودبخو د جاري رهي ٿو، جيئن سوچون، يادون، مفاد ۽ ترغيبون. فرائيڊ جو موضوعيت بابت اهڙو اظهار ان جي نظريي سائيڪو اينليسز جو حصو آهي.(12) ان جون موضوعي حالتون، موضوع سان لاڳاپيل آهن، جڏهن ته جديد سائنس موجب پاڻ مرادو سسٽم (Autonomous system) گهڻي جاءِ والاري ٿو، انسان فطري طور پاڻ مرادو آهي، سندس جسم جا ڪيترائي نظام ان جي مرضيءَ کانسواءِ جاري آهن، صرف سوچون، يادون، مفاد ۽ ترغيبون ڇڙواڳ پکي نه آهن، پر هو سڄو سمورو پنهنجي وس ۾ نه آهي.
    سائنس پنهنجون پاڙون تخم (Gene) ۾ کپايون آهن، تخم ئي جسم تي حڪومت ڪري ٿو ۽ انسان پاڻ مرادو اهي ترغيبون (Motivation) اختيار ڪندو، جيڪي سندس تخم ۾ شامل هونديون، روين جو اظهار تخم جي ترتيب تي منحصر آهي.
    هيڊگر (Martin Heideggar) (1976-1889ع) جيڪو ذاتي شعور (Self consciousness) جو باني آهي ۽ ان وجودي فلسفو، ڊيزين (Desein) پيش ڪيو. اهڙي فلسفي کانپوءِ ذاتي موضوع (Personal subject) جو محاورو ڄڻ ته ختم ٿي ويو، “ڊيزين” جرمن لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي. اتي موجود (اتي؛ Da) (موجود: Sein=Being) اهو وجودي فلسفي جو خاص عنصر آهي. اهو موجود جو ذاتي تجربو آهي، جيڪو پاڻ ۽ پنهنجي ڪردار لاءِ پتوڙي ٿو. اهو هجوم جو ابتوانس (Paradox) آهي، جنهن ۾ “پاڻ” (Self) اڪيلو آهي. (13)
    وجودي فلاسفر ذاتي موضوع کي ذاتي موجود (Being) ۾ ڳولهي لهن ٿا، انهن وٽ موضوع موجود ۾ تبديل ٿي، اهميت حاصل ڪري ٿو، موجود (Being) ۽ وجود (Existence) مان مراد، موجود، جيڪي وجود رکن ٿا ۽ وجود جيڪو موجود نه آهي، پر وجود وٺي ٿو.
    وجوديت ۾ موضوع “پاڻ” ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، پاڻ جهڙن ۾ “پاڻ” اڪيلو آهي، اهو ڇڙائپ (Solipcism) جي احساس ۾ ورتل آهي، اهو هجوم ۾ هستي ڳولهي ٿو، شخصي آزاديءَ ۾ هو موضوعي موجود آهي.(14) خدا، مذهب ۽ نظريا ان جا ذاتي ادارڪ آهن، ٻين جو خدا هن جو خدا نه آهي ۽ هن جو خدا ضروري نه آهي ته ٻين جو خدا هجي.
    خدا موضوع ۽ معروض کان مٿي اهڙو عروض (prosody) آهي، جنهن جي وزن ۽ بحر کي ڪو به ترتيب نه ڏئي سگهيو آهي.
    “الف” جي اوندهه “ب” جي باهه سان روشني ٿئي ٿي، الف کان اڳ نه اوندهه آهي نه سوجهرو، جي اوندهه هجي ته روشني ڪجي، جي سوجهرو هجي ته سوچ ڪجي، الف کان اڳ جو وايو منڊل جتي ڪو به موضوع موجود جي صورت اختيار نه ٿو ڪري، وجود هيت جي نانءُ کان ناآشنا آهي، خدا نه صورت آهي، نه صفت، وجود ۽ موجود جون قبرون ڪٿي به نه آهن، انهن جي اوَر (Placenta) عرش ۾ ڪٿي به نه ٿي لڙڪي، معروض مڪمل ٿيڻ لاءِ عروضي ترتيب جو انتظار ڪري ٿو ۽ موضوع منع ٿيل مقالمو آهي.
    ڪاري ڊگهي رات، سواد اعظم ۽ اصحاب ڪيف جي ننڊ، اک ڇنڀ آهي، جڏهن وقت ناياب هيو، نه عيسا کان اڳ ڳڻيو ويو هيو ۽ نه عيسا کان پوءِ، هجرت ڪلهه جي ڳالهه آهي.
    سواد اعظم جو سوچي اندر مونجهه سان ڀرجي وڃي ٿو، قياس (Chaos) جون قياس آرائيون وڌي وڃن ٿيون، خاموشي ڪنن جا پردا ڦاڙي ٿي، اکيون پيدا نه ٿيون آهن، حواس خطا آهن، ٿاڦوڙا هڻي ڳوليندڙ هٿن جي مُٺ ۾ هڪ آڱر آهي.
    اوندهه پاڻي آهي، اوندهه پناهه آهي، خدا اتي آهي جتي اکيون نه آهن، اکيون انسان جون دشمن آهن، خدا ۽ بندي جي وچ ۾ اکين جو پردو پيل آهي.
    جيڪو “نجهه” (Nothing) آهي، اهو ڪجهه (Something) آهي، لفظ پٿرن جا ڍير آهن، پٿرن جون ديوارون جملا ترتيب ڏين ٿيون، لفظ کٽن ٿا، موضوع نامڪمل رهجي وڃن ٿا.
    مان نه موضوع، نه مشاهدو، تنهنجي معروض جي شاهديءَ کان قاصر آهيان، سواد اعظم جي ڊگهي رات طاري آهي، مان ڊائريءَ جا ورق ڦاڙي تيلي ڏئي روشني ڪيان ٿو.


    References:

    1. Strazzoni , Andrea (2015).
    “Subjectivity and individuality: Two strands in early modern philosophy: Indroduction”.
    Societatesi politica. 9(1):5-9.
    2. Solomon , Robert c.
    “Subjectivity”.
    In honderich , Ted . oxford companion to philosophy – oxford university press.(2005).p-900.
    3. Garber , Daniel (1992)
    “Descartes Metaphysical physics”
    Chicago university of Chicago press..
    4. “Humes biography and Humes philosophy”
    Australasian Journal of philosophy- 77:1-25.
    5. Hume , David (1740). A treatise of human nature (1978 ed). Oxford : claredon , p-457.
    6. Bulter , Judith (1987). Subjects of desire: Hegelian reflections in twentieth century France. New York-columbia university press.
    7. Silverman : H.J (2014). Questioning foundations
    “Truth , subjectivity and culture”.
    Routledge.
    8. Lauer , Quentin (1958).
    “The trumph of subjectivity: An introduction to transcendental phenomenology”
    University press.
    9. Terry pinkard (2018).
    “The phenomenology of spirit”.
    10. Heartfield , James (2002).
    “Postmodernism and the death of subject”
    Retrieved 28 March 2013.
    11. Edel , Heuven.
    “The poststructuralist subject and the paradox of internal coherence”
    M.sc. thesis. Wageningen university and research.2017 , p-2.
    12. Matt , Ffytche , The foundation of unconscious: schelling . Freud and the birth of the modern psychology. Cambridge university press. 2011.
    13. Dreyfus. H,L. being in the world: A commentary on Heideggers Being and time. (Cambridge , MA: MIT press-1990).
    14. Udo , Thiel.
    “The early modern subject. Self consciousness and personal identity from Descrates to Hume”
    New York : oxford university press.2011.
    ***


    معروض Object

    فلسفي ۾ معروض وجودي لحاظ کان هيٺين هيتن ۾ ورهايل آهي.
    1. هُجاڻ (Entity) معروض يا موضوع جي اهڙي صورت جيڪا ڇهڻ يا ٻين حواسن سان محسوس ڪجي، طبعي طور ٺوس هجي، تجريدي هجي يا نه هجي، ضروري نه آهي ته اها مادي جهڙي هجي، ساهه کڻندڙ يا حاضر هجي. (1)
    2. تجريدي معروض (Abstract Objects) جن جو وقت ۽ مڪان ۾ هجڻ ضروري نه آهي، تجريدي معروض طبعي صداقت نه رکندا آهن، جڏهن ته ٺوس (Concrete) معروض صداقت رکندا آهن، تجريدي معروض کي ايبسٽريڪٽا (Abstracta) ۽ ٺوس معروض کي ڪنڪريٽا (Concreta) چيو وڃي ٿو. (2)
    3. طبعي صورت (Physical Body) مادي جي سڃاڻ ۾ ايندڙ شڪل جيڪا پنهنجين ٻاهرين حدن اندر هجي، معروضي ڄاڻ ڏيندڙ هجي ۽ جنهن جي چرپر ٽوِٿي (3-Dimensional) هجي. (3)
    گرامر ۾ معروض اهڙي هيت آهي، جيڪا موضوع جي عمل يا معلول (Predicate) مان ظاهر ٿئي ٿي، معروض، موضوع ۾ ڪٿي واضح هوندو آهي ته ڪٿي اُن جي ڳُجهه ۾ سمايل هوندو آهي. (4)
    گرامر جي ڀيٽ ۾ فلسفو معروض کي سڌي سئين جاءِ نه ٿو ڏئي، گرامر فلسفي تي لاڳو نه آهي.
    معروض موجب “هجڻ” طلسماتي صورت رکي ٿو، غيب آهي ته نظر نه ٿو اچي، عيب آهي ته نظرن سامهون آهي، حاضر آهي ته ناظر نه آهي، جيڪڏهن ناظر آهي ته حاضر نه آهي، هيت آهي هئيت نه آهي، ڪٿي مادو ساهه کڻي ٿو ۽ ڪٿي مادو موڪلائي ويل محبوب جي ساهن جي خوشبوءِ آهي، معروض تجريد آهي، مڪان، لامڪان جي ڪنهن به وڇوٽي (Space) ۾ نه ٿو سمائجي ۽ جيڪڏهن سمائجي ٿو ته پٿر، دل جيان ڌڙڪي ٿو، صداقت ڪنڪريٽا ۽ تجريد ايبسٽريڪٽا آهي. وجودن جون ٻاهريون ليڪون ۽ ليڪن کان ٻاهر رت ڦڙا، حدن جي قيد ۾ محدود، محدود جو تصور لامحدود، ٻه اکيون ظاهر جي ضخامت (Dimension) آهن.
    پاڇو حقيقت آهي ۽ معروض جو وجود پاڇي جو نتيجو، دنيا ۾ وڏي ويڙهه معروض تي آهي. معروض مقصد يا گول (Goal) جي حيثيت رکي ٿو، اهو گول معروض جي جستجوءَ جي گولائي آهي، جنهن ۾ وجود ڍڳي جيان گول ڦري ٿو.
    ڪي چون ٿا ته معروض آهي ئي ڪونه، جيڪڏهن آهي ته موضوعي آهي، جيڪڏهن موضوعي آهي ته اهو منهنجي موضوع ۾ عظمت رکي ٿو، تنهنجو موضوع مصنوعي آهي، منهنجو موضوع وجودي آهي، معروض مسخري جي هٿ ۾ جهليل بصر آهي، جيڪو ڪڏهن روئي ٿو ۽ ڪڏهن کلي ٿو، روئي ان ڪري ٿو جو بصر جي بوءِ آهي، کلي ان ڪري ٿو جو بصر جي هر کل الڳ ڪري اهو ڏسڻ جي آسري ۾ ته اندر ڪجهه هوندو ضرور، معروض آڱوٺي (Like) جو نشان آهي.
    جيڪو آهي ئي ڪونه ته ان کان اڳ ڇا هوندو، الف “اکر” آهي، اکر “الف” نه آهي، اکر ايڏا آهن جو الف اڪيلو نه آهي، هر اکر علامت آهي ۽ علامتون گهڻ رخيون (Multidimensional) آهن، اهي وٿي يا وڇوٽيءَ کان آزاد آهن، جتي ليڪون ڪم نه ٿيون ڪن، اتي علامتون نظرن جي حد پار ڪري وقت کي مات ڏين ٿيون.
    ڪجهه ڄاڻڻ کان، نه ڄاڻڻ بهتر آهي، انڪري ته ڄاڻ بذات خود اڻڄاڻ آهي، عقيدو انڌو آهي ۽ انڌي کي حافظ چيو ويندو آهي، ڇو جو سندس دماغ ۾ هر شيءِ حفظ ٿيل هوندي آهي ۽ حافظي کي اکين طور استعمال ڪندو آهي.
    عقيدي کي حفظ ڪجي ته بهتر آهي، معروض جي معنا ۽ ان جي وضاحت، اکيون بند ڪرڻ سان ظاهر ٿئي ٿي، سڌي رستي لاءِ اکين جي ضرورت نه آهي، سڌي رستي تي وڪڙجي ضرورت تڏهن پوي ٿي، جڏهن سامهون کوهه هجي، ان ڪري نابينن کي نه، پر ٻين کي کوهه جي انجام کان بچڻ لئي سڌو رستو ڇڏڻو پوندو آهي.
    سائنس ۾ نه نظر ايندڙ معروضن لاءِ مائڪرو اسڪوپ استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ نظرن کان اوجهل دنيا ۽ ان جا رهاڪو ڏسي سگهجن ٿا، جن ۾ جراثيم، جراثيمن جا باغ ۽ فصل جن کي فنگس (Fungus) چئجي ٿو، مائڪرو اسڪوپ جو منهن ڌرتيءَ ڏي ۽ ٽيلي اسڪوپ جو منهن آسمان ڏانهن هوندو آهي، مائڪرو اسڪوپ ساهه وارا ڳوليندو آهي ۽ ٽيلي اسڪوپ ساهوارن جو خدا، اونچائي ۽ گهرائيءَ کي اهو امتياز حاصل آهي ته ٻنهي ۾ معروضي وجود موجود هوندي به نظرن کان ڏور هوندا آهن، گهرائيءَ جو خير آهي، پر اونچائي عجيب مسئلو آهي، ڪجهه پکين جي اڏام ايڏي ته مٿي هوندي آهي، جو اونچائي تي هوندي به نظر نه ايندا آهن، ڳالهه پکين تائين هجي ته بهتر نه ته آسمان جون اونهائيون ان جي اونچائين کان به گهريون آهن.
    آسمان ئي آهي جيڪو هزارين سالن کان مشاهدي جو مرڪز رهيو آهي، قديم يونانين ته آسمان کانسواءِ ڪجهه ڏٺو ئي نه آهي.(5) ڌرتيءَ جو مشاهدو ڪلهه جي ڳالهه آهي، جڏهن جديد سائنس وجود ورتو.
    مائڪرو اسڪوپ اڻ ڏٺل دنيا ڳولهي ورتي ۽ ٽيلي اسڪوپ اڃان ڳولهي رهيو آهي، طبعي سائنس معروضن جي ڳولها ۾ هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن سولر سرشتي جو اهڙو معروض ڳولهي لهي ٿي جنهن کي پنهنجي جاگرافي آهي، شل اهي جاگرافيءَ تائين محدود هجن ڇو جو جاگرافي مظلوم ۽ تاريخ ظالم هوندي آهي.
    اسڪاٽ لينڊ جو دانشور ڊيوڊ هيوم (1776-1711ع) موجب معروض آهي ئي ڪونه جيڪو ڏسجي ٿو اهو خاصيتن جو ڍير آهي، جيئن صوف، جيڪو نه آهي پر رنگ، شڪل ۽ ذائقو آهي، صوف کي خاصيتون شڪل ڏين ٿيون، اهڙو ڪو به معروض نه آهي، جنهن کي خاصيتون ذاتي مليل هجن، پر اهي موضوعي ادراڪ آهن ۽ اهي ادراڪ خاصيتن جو ڍير ڏسن ٿا، جيڪو ڍير مادي کي خاصيتن سان معروض ڏئي ٿو.
    هيوم جو اهڙو خيال مادي نظريي (Substance theory) جي خلاف آهي ته شيون خاصيتون رکن (Bears) نه ٿيون پر خاصيتون رکندڙ (Bearers) آهن. رکندڙ خاصيتن ۾ انهن جو ڏيک ٺهي ٿو. (6)
    جان لاڪ (1704-1632ع) جنهن کي “آزاد خياليءَ جو ابو” چيو وڃي ٿو، سندس لکڻين والٽئر ۽ روسو کي متاثر ڪيو، ان جو مادي جو معروضي نظريو ٻين کان مختلف آهي. (7) اهو مادي يا معروض جي بنيادي تصور کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو.
    عام تصور اهو آهي ته انسان جڏهن ڄمي ٿو، اهو خالي (Blank) آهي، ان اندر سڀ کان پهريون خيال جيڪو پيدا ٿئي ٿو ته “اهو ڇا آهي؟ ۽ اهو ڇو آهي؟”
    جان لاڪ چواڻي اهو غلط آهي، ڇو جو هر ڄمندڙ انسان ۾ اهڙو تصور ڄائي ڄم کان موجود هوندو آهي، اهو موروثي طور معروض جو نقش پاڻ کان گڏ کڻي پيدا ٿئي ٿو، ڪائناتي يا ٻاهريون معروض رڳو ان جي ادراڪي مدد ڪري ٿو. پهريون ڀيرو صوف ڏسندڙ ٻار جي ذهن ۾ صوف اڳ ئي موجود آهي، پر صوف جو ن خاصيتون ان جي ذهن ۾ صوف جو نقش جاڳائي وجهن ٿيون، مادو مغز ۾ مورثي موجود آهي. مادي جو ڏيک انهن کي معروضي صورت ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. (8)
    صوف جو ذائقو، شڪل ۽ رنگ صوف ۾ نه آهي، پر انساني ادراڪ ۾ آهي ۽ اهڙين خاصيتن جو تجربو ۽ مشاهدو مغز ۾ موجود ذائقن، رنگن ۽ شڪلين کي واضح ڪري ٿو. اهڙيون شيون جيڪي مورثي طور انسان اندر موجود نه آهن، اهي ادراڪ کان ٻاهر اسميت (Nominalism) ۾ جاءِ والارين ٿيون، جيئن خدا جنهن جو معروض ڪنهن به روپ ۾ موجود نه آهي، خدا جو تصور اسميت آهي.
    ٻڌمت ۾ بنڊل نظريو (Bundle theory) ڪا حيثيت نه ٿو رکي، ٻڌمت موجب “پاڻ” (Self) گاڏي وانگر آهي، گاڏو جيڪو گاڏي ۾ پيل شين کان مختلف نه آهي، نه اهو انهن شين جهڙو آهي، نه انهن شين ۾ موجود آهي، نه اهو شين جو ڍڳ آهي نه ان کي ڪو معروض آهي. (9)
    ٻڌمت جي ٻئي نظريي موجب جڏهن “پاڻ” آهي ئي ڪونه ته پوءِ پاڻ ۾ هر شيءِ جي موجودگي نه هجڻ برابر آهي. (10)
    مان “پاڻ” ۾ موجود آهيان، يا “پاڻ” مون ۾ موجود آهي، سڀ سونهن کانسواءِ ڪجهه نه آهي، سونهن موضوعي آهي، انڪري “تجهه” (Nothing) آهي، ڊيوڊ هيوم وٽ ڪائنات ڪاغذن جيان اڏامي ٿي، ڪاغذن تي وجودي نقش آهن.
    جان لاڪ معروض کي مورثي چوي ٿو، خاصيت (Property) خصوصيت (Trait) آهي، معروض حقيقت آهي، مادو سچ آهي جيڪو مورثيت ۾ منتقل ٿي وجود وٺندڙ جي مغز ۾ محفوظ رهي ٿو. ڪائناتي معروض، مورثي معروضن کي جاڳائي ادراڪي شعور ڏين ٿا.
    ڪائنات گوتم جو گاڏو آهي، نه “پاڻ” آهي، نه پاڻ اندر پاڻ آهي.
    منهنجي ڊائريءَ جي ڪاغذن جو بنڊل ڪهڙو معروض رکي ٿو؟ منهنجي مورثيت (Heredity) ۾ ڊائريءَ جا سڀ صفحا ڪورا آهن، ڪائنات جا منظر ۽ معروض منهنجي انڪري مدد نه ٿا ڪن جو مان نظرين جي تجريد ۾ وڃائجي غير واضح معروض ٿي چڪو آهيان.
    مان صفحا ڦاڙي گوتم جي گاڏي ۾ اڇلايان ٿو، گوتم جي گاڏي ۾ ڪاغذن جي ڪهڙي حيثيت، اتي هر شيءِ “هڪ” آهي.


    References:

    1. Peirce , Charles S.
    “Object”.
    University of Helsinki. (2009).
    2. Rosen , Gideon (2014).
    “Abstract Objects”.
    The standford encyclopedia of philosophy. Metaphysics research lab , standford university.
    3. SM. Walker ; A. king (2005).
    “What is Matter ?”
    Lerner publication. P-7.
    4. Ackerman , F and G. webelhuth (1998).
    “A theory of predicate”
    Standford CA: CSLI. publications.
    5. Hume , David (1740). A treatise of human nature (1978-ed). Oxford : Clarendon. P-457.
    6. Rae Langton (2001), Kantian humility,
    “Our ignorance of things in themselves”.
    Oxford university press. p-28.
    7. Vere , claborne chappell (ed).
    “The Cambridge companion to John Locke”.
    Cambridge university press , 1994 , p-56.
    8. Uzgalis , William.
    “John Locke”
    in zalta , Edward , N. Stanford encyclopedia of philosophy.
    9. Chandrakiri ,
    “Guide to middle way”.
    Translation in ocean of Nectar. P-327.
    10. James Giles ,
    “No self to be found : The search for personal identity”
    University press of America , 1997.
    ***


    حقيقت Realism

    حقيقت منجهيل مسئلو آهي، جيڪڏهن حقيقت هجي ته سڀ مسئلا حل ٿي وڃن.
    حقيقت جي وصف اها آهي ته، اها اسميت (Nominalism) جو ضد ۽ تصور (Idealism) جو ابتوانس (Paradox) آهي. (1)
    حقيقت موجب شيون ادراڪي معروض رکن ٿيون، اهو ان جي ابتڙ آهي ته ڪو سوچي ۽ سندس ادراڪ شين کي وجود ڏئي، حقيقت جو معيار، عقيدي، ايمان، توهم، لفاظي ۽ خام خياليءَ کان مٿانهون آهي.
    فلسفي ۾ حقيقت نگاريءَ جو اظهار، ادب، لقائن، ماضي، مستقبل، انگن، رنگن، سوچن، موضوعن، معروضن، ساختن ۽ آرٽ ۾ پڻ ملي ٿو. (2)
    حقيقت جو انحصار دماغ (Mind) تي منحصر نه آهي، اهو شڪائپ (Skepticism) ۽ ڇَڙائپ (Solipcism) بر خلاف آهي، جن موجب دنيا دماغ کانسواءِ وجود نه ٿي رکي. (3)
    حقيقت ڪفر جو رستو آهي، حقيقت جي واٽ تي هلي رب تائين رسائي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، حقيقت ۾ دماغ (Mind) جو ڪم نه آهي، جيڪي آهي سوئي آهي، جيڪي ڏسجي ٿو اهو ئي آهي.
    خدا جي ويجهي ٿيڻ لاءِ حقيقت کان منهن موڙي تصور ويجهو ٿيڻو پوي ٿو، روحانيت (Spiritualism)، ماديت (Materialism) خلاف آهي ۽ ماديت حقيقت آهي. روح حقيقت ۾ شامل نه آهي، پر جسم حقيقت جو مثال آهي.
    حقيقت جي وصف ڪن لاءِ آسان ته ڪن لاءِ منجهيل آهي، اها ادراڪ جي سطح آهي ته ڪو ڪهڙي سطح تي ان کي پاڻ لاءِ قابلِ قبول بنائي ٿو. ڪي روحانيت کي حقيقت چون ٿا، کي تصور ۽ اسميت کي حقيقت ويجهو آڻي عقيدي کي مڪمل ڪن ٿا.
    حقيقت جي فلسفي مان ماورائي (Metaphysical) شيون خارج ٿيل آهن، ٺوس حقيقت کان پري ماورائيت لاءِ سوين در کليل آهن، قديم فلفسو ماورائيت کانسواءِ نامڪمل آهي. (4)
    رب اکين جو نور ۽ ڪنن جو سور آهي، رب جو تصور روشني آهي، پر رب متعلق ڳالهائيندي زبانون ڪڏهن به ٿڪيون نه آهن، ٻڌجي ته انسان ٻوڙو ٿي پوي، خدا حقيقت کان مٿانهون، ادراڪي معروض نه، پر تصور آهي، جيڪڏهن حقيقت ۾ بيان ڪجي ته بت ٺهي پوي، تصور ڪو به معروض ٺاهڻ کان عاري آهي، خدا “نجهه” (Nothing) جي انتها تي پهچي تصور ۾ عظمت حاصل ڪري ٿو، ڪي ان انتها کي حقيقت چون ٿا، جڏهن ته حقيقت اتي نه ٿي پهچي، جتي تصور جي اڏام آهي، خدا پنهنجي ذات ۾ بندي جي پهچ موجب ان اندر موجود آهي، اهو ذاتي آهي، اهو ئي سبب آهي، جو ڪو درويش آهي، ڪو بادشاهه، ڪو ظالم، ڪو حملي آور، ڪو انسان دشمن، ڪو مفاد پرست، ڪو سخي ۽ ڪو نرم دل.
    “الف” حقيقت جو حصو نه آهي، الف کان اڳ، حقيقت جي ڪهڙي حيثيت؟ ان حد تي پهچي تصور تاڙي پکيءَ جيان رڻ ۾ رڙندو وتي ٿو، تصور ان قابل آهي، جو اهو تاڙي پکيءَ جي تڙپ ڏسي بادلن کي برسائي وجهي، تصور سج اڀاري ۽ سج لاهي ٿو، تصور جي اڀ جا تارا حقيقت کان هرحال ۾ وڌيڪ ٽمڪڻهارا ۽ روشن آهن، چنڊ تصور ۾ خوبصورت آهي، جسم حقيقت صحيح پر تصور انسان ۾ روح ڦوڪي ٿو.
    ڪي حقيقت جي وڪالت ڪندڙ فلسفي چون ٿا، سچ، ڄاڻ جي سگهه (Cognition) ۽ حقيقت وچ ۾ لاڳاپو (Correspondonce) آهي.(5) کوجنائون ترميمن جا داغ آهن، انسان سڀ کان سچو دوست پنهنجو آهي، خود ڪلامي بهتر ڪچهري آهي، سماجي ڪارج ۾ انسان پاڻ وڃائي ويهي ٿو، هر زبان مبلغ آهي، ڪهڙيون تبليغون ٻڌجن؟ ڪهڙيون ترغيبون اختيار ڪجن، هر گذرندڙ ڏينهن ايندڙ ڏينهن جي چُڪ آهي، هر ترميم تي سج ڦٽي ٿو، حقيقت جي ترميم جاءِ بجاءِ هر هنڌ ڦهليل آهي، نه ڄاڻ جي سگهه جو معيار مقرر آهي ۽ نه ئي حقيقت هر حال ۾ تسليم ٿيل آهي.
    انسان معروضي حقيقت سان ايڏو مانوس آهي جو اهي پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺيون آهن، ساڳيا نظارا بيزاريءَ جو سبب آهن، هو نواڻ ڳولهي ٿو، تصور ان جي اهڙي کوٽ جي پورائي ڪري ٿو، تصور جي اڏام نوان منظر ڏيکاري ٿي، تصور انسان اندر مورثي موجود آهي، حقيقت جي دنيا کي برداشت ڪرڻ جي حد (Tolerence) هڪ جاءِ اچي پنهنجي عروج تي پهچي ٿي ۽ ان کان پوءِ تصور جي حد ان برداشت کي ٽوڙي اڳتي وڌي ٿي، انسان ناشڪريو آهي، جيڪڏهن اهو دنيا جيان جنت ۾ باشعور زندگي گذاريندو ته جنت مان بيزار ٿي ويندو، ان جو شعور هڪ ٻئي جنت تخليق ڪندو، جيڪا خدا جي جنت کان بهتر هوندي، اها جانور جي خوبي آهي ته اهو هرحال ۾ حقيقت کي قبول ڪري ٿو، شعور جانور کي انسان بڻائي ٿو، انسان جنت کي جنت تڏهن قبول ڪندو، جڏهن اتي جنت جو جانور ٿي رهندو.
    حقيقت جا به گهوڙن جيان قسم آهن، فلسفي ۾ حقيقت معروض (Object) آهي، حقيقت ڏسڻي هجي ته مُٺِ ۾ مٽي کڻي ڏسو، ڌوڙ حقيقت آهي، پٿر، ڀتر، ٽڪر، سڀ حقيقت آهن، دل، مغز (Brain) ۽ جگر سڀ حقيقتون آهن، پر دماغ (Mind) حقيقت نه آهي. (6)
    حقيقتون نظر جي دائري ۾ قيد آهن، ڀل سنهي چيلهه سونهن جي علامت هجي پر ڪنڌ چيلهه کان به سنهو آهي، ڪنڌ ڦيرائي ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو، پر چيلهه ڦيرائڻ تصور آهي.

    حقيقت جا ڪجهه قسم:
    ماورائي حقيقت (Metaphysical Realism) ۾ جيڪي موجود آهي، اهو ئي وجود آهي، ان جون خاميون ۽ خوبيون سوچن ۽ مشاهدن مان پيدا ٿيل نه آهن. (7)
    سئين سڌي حقيقت (Direct Realism) جو مدار حواسن تي آهي، حواس جيڪي ڏسن ۽ محسوس ڪن ٿا، حواسن وسيلي ادراڪ جن شين جي آگاهي ڏئي ٿو، اها ئي حقيقت آهي. (8)
    سائنسي حقيقت (Scientific Realism) موجب جن شين جي وضاحت سائنس ڪري ٿي سا حقيقت آهي، تجربي سان ثابت ٿيل شيون پاڻ اندر ٺوس حقيقت رکن ٿيون.(9) سائنسي حقيقت کي تسليم نه ڪندي ڪن فلسفين ان کي اوزار بازي (Instrumentalism) چيو آهي، انهن چواڻي، اها اوزارن ۽ نظرين جي ڀرمار آهي. (10) سائنس اڃان حقيقت کي نه ڳولهيو آهي، اها اڃان ذري (Particle) جي کوجنا به مڪمل نه ڪري سگهي آهي.
    جديد طبعي حقيقت (Physical Realism) جيئن ته ڪا به شيءِ طبعي طور مڪمل ثابت ٿيل نه آهي، اها ماروائي طبعات جو حصو رهي، تصوراتي ۽ خيالي مفروضن سان بيان ٿيل آهي، جديد طبعات، تجربي سان ان کي ثابت ڪري حقيقت جو روپ ڏنو آهي، ڪائنات مفروضاتي يا تصوراتي نه آهي، پر ٺوس حقيقت آهي ۽ ان حقيقت پويان تجرباتي ثبوت آهن. (11)
    اخلاقي حقيقت (Moral Realism) ۾ اخلاقي سطح ڪائنات کي معروضي روپ ڏئي ٿي. (12)
    جمالياتي حقيقت (Aesthetic Realism) موجب حقيقي سونهن جو مدار سوچن تي نه آهي، پر سونهن معروضي (Objective) طور موجود ٿئي ٿي. (13)
    ارسطوءَ جي حقيقت (Aristotelian Realism) ماورائي حقيقت آهي، ارسطوءَ چواڻي ڪائناتي معروض پنهنجي حقيقت ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن. (14)
    جديد فلسفي ۾ ماورائي حقيقت جو تصور پيش ڪندڙن ۾ فرانز برنيٽو، مينگ، وٽوريو بينوسي، ارنسٽ مالي ۽ هسرل شامل آهن، انهن موجب سچ تصوراتي نه آهي، پر ٺوس حقيقت آهي، سچ نظر اچي ٿو ۽ ان کي هيت (Form) آهي. (15)
    ڊائليڪٽيڪل ماديت (Dialectical Materialism) جنهن جو بنياد وجهندڙن ۾ ڪارل مارڪس ۽ اينجلس شامل آهن، انهن چواڻي وجوديت سڀ کان وڏي حقيقت آهي. (16)
    همعصر فلفسو (Contemporary Philosophy) جنهن ۾ برٽرينڊ رسل، لڊوگ، وٽجنسٽن، آسٽن، ڪارل پوپر ۽ گساف برگمين شامل آهن، انهن حقيقت کي ماورائي طور قبول ڪيو آهي، سندن خيال موجب تصور کانسواءِ حقيقت بي معنا آهي. (17)
    فيصلاتي حقيقت (Critical Realism) يا ادراڪي فلسفو جيڪو جان لاڪ ڏانهن منسوب آهي (18) ان موجب حقيقت حواسن تي منحصر آهي، فيصلاتي حقيقت ۾ دماغ تي منحصر (Mind dependent) حقيقت جا در دماغ تي انحصار نه ڪندڙ (Mind Independent) دنيا تي کلن ٿا، ان جو مدار خاصيتن تي آهي. (19)
    اولين خاصيتون (Primary Qualities) نظر ايندڙ حقيقت ۾ واضح هونديون آهن، جڏهن ته ثانوي خاصيتون (Secondary Qualities) اهي آهن، جيڪي مشاهدو ڪندڙ جي حِس (Sensation) بيدار ڪن، اولين خامين ۾ نهرائپ (Solidity)، پکيڙ (Extension)، حرڪت، عدد ۽ شڪل شامل آهن، اهي سڀ خاصيتون نظر اينديون آهن، جيئن ڪا شيءِ گول نظر اچي ٿي ته ان کي ٽڪنڊو چئي بحث نه ٿو ڪري سگهجي.
    ثانوي خاصيتون حِس پيدا ڪندڙ آهن جيئن، ذائقو، بوءِ، آواز ۽ رنگ، اهي مشاهدو ڪندڙ تي اثر انداز ٿين ٿيون، پر انهن مان جيڪا ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، اها ٺوس، معروضي يا حقيقت نه آهي، اهي موضوعي (Subjective) آهن. (20)
    جيئن دنيا ۾ انسانن جون شڪليون الڳ آهن، ائين حقيقت جون شڪليون به ساڳيون نه آهن، حقيقت رڻ ۾ واريءَ تي پوندڙ کجيءَ جي پاڇي مان کارڪون پٽي کائڻ جي ڪوشش آهي.
    حقيقت کي ڪو رنگ نه آهي، ڪو ذائقو، بوءِ ۽ آواز نه آهي، حقيقت بي رنگ، بي ذائقي، بوءِ کان پري گونگي آهي، ان اندر خدا ڪهڙي جاءِ والاري ٿو؟ هوا، باهه، پاڻي، حقيقت جا بي ذائقي احساس، نظر جو دوکو، من درد جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي، چنڊ جهڙ ۾، ان کي ڪهڙو ڳولهيان؟ ڪوهيڙو ڇا آهي؟ پَل ۾ معروض، پل ۾ موضوع، ٻاڦ، پاڻي، برف بي رنگ، بي آواز، حرڪت، شڪل، نظر جو دوکو، سڀ بخارات (Vapours) تحليل غائب، تصور جو دونهون، دونهي جي هر وڪڙ ۾ تصور، تصويرن پويان تصوير، تصور جون تصويرون تحليل ٿي هوا ۾ هليون وڃن ٿيون، ڀتيون ڪن بند ڪري بيٺل آهن، سڀ در پاڇن جو انتظار ڪن ٿا.
    موضوع (Subjacts) ڀل نوان هجن پر حقيقت انهن کي پراڻو ڪوٺي ٿي، حقيقت اهڙو مينهن آهي، جنهن ۾ دنيا جون لڪيرون ڊهي ٺهن ٿيون، اسميت (Nominalism) ۾ خاڪن ۾ ٺهيل، گل، زلف ۽ ٻانهون لڙهنديون وڃن ٿيون.
    اي خدا پاڻ ظاهر ڪر ته سيني جي مونجهه ڍري ٿئي، حقيقت خدا جي کيسي ۾ پيل آهي، خدا ٻارن کي خرچي ڏي، کيسي ۾ هٿ وجهه ۽ حقيقت ورهاءِ.
    جيسين ڪجهه ظاهر ٿئي، ظهور کان اڳ سڀ وضاحتون حقيقت کان پري آهن، ڪهڙي منهن سان ڪاغذ لکان ۽ انهن کي سانڍيان، مان ڊائريءَ جا ورق ڦاڙيان ٿو، ڦاٽل صفحا حقيقت آهن، ڇو جو حقيقت پاڻ سلامت نه آهي.



    References:

    1. Berger , Peter ; Luckman , Thomas (1966).
    “The Social Construction of reality”.
    A treatise in sociology of knowledge. New York : Anchor books. p.21-22.
    2. Jain SA (1992).
    “Reality”.
    Jwalamalin: trust.
    3. Miller , Alexander.
    “Realism”
    The standard encyclopedia of philosophy.
    4. Norsen , Travis (2007).
    “Against Realism”
    Foundation of physics 37(3) : 311-40.
    5. Schraw , Gregory (1998).
    “Promoting general metacognitive awareness”.
    Instrumental science.26:113-25.
    6. Basar , Erol (2010). Brain , body , mind. Oscillations in scope of uncertainty principle. New York : springer.p-5.
    7. J.W.N. Watkins (1958).
    “Confirmable and metaphysics”.
    Mind.67(267):344-65.
    8. Roger F. Gibson ,
    “McDowell’s direct realism and platonic naturalism”
    Philosophical issues. Vol.7. perception. 1966, p-275-81.
    9. Psillos , stathis (1999).
    “Scientific realism”.
    How science tracks truth. London: Routledge.
    10. “Scientific Realism”
    Standford encyclopedia of philosphy.
    11. Travis , Norsen (2007). Against realism. Foundations of physics. 37(3):311-40.
    12. Brink, David O,
    “Moral realism and the foundations of ethics”
    New York Cambridge university press. 1989.
    13. Eli Siegel.
    “Aesthetic realism: a tripartite study”
    The right of aesthetic realism to be known. 247(1977).
    14. “Aristotles metaphysics: substance and universals”
    Standford encyclopedia of philosophy.
    15. Gottlieb , Anthony.
    “The dream of reason”
    History of western philosophy from Greeks to the Renaissance , 1st edition , chapter. 1-2.
    16. Sean Creaven,
    “Marxism and realism”.
    A materialistic application of realism in social science. Routledge , 2012, p-33.
    17. Putnam , H;
    “Realism and reason”.
    Philosophical papers , vol. 3. Cambridge university press-1983.
    18. Roy Bhaskar
    “Philosopher whose school of critical realism challenged”.
    The independent. Retrieved. 2018.
    19. Marshall. John (1994).
    “John Locke : resistence , religion and responsibility”
    Cambridge.p-426.
    20. Yolton , John.
    “John Locke and the compass of human understanding”.
    Cambridge university press. 1970.
    ***


    اسميت Nominalism

    ماورائي طبعات ۾ اسميت فلسفي جو اهڙو تصور آهي، جنهن ۾ ڪائنات ۽ معروض وجود نه ٿا رکن، پر انهن جي جاءِ تي صرف محاورا ۽ محلول (Predicates) وجود رکن ٿا. (1)
    محلول جي وضاحت ڪجهه ائين آهي ته گرامر موجب جملا، موضوع (Subject) ۽ محلول (Predicate) ۾ ورهايل هوندا آهن، ڪنهن به جملي جو هڪ حصو موضوع ۽ ٻيو حصو محلول هوندو آهي، محلول جو ڪم موضوع جي مقصد کي پورو ڪرڻ هوندو آهي. (2)
    مثال طور:
    “ڇا تون ماني کاڌي؟”
    ان جملي ۾ “تون” موضوع ۽ “ماني کاڌي” محلول آهي.
    “ها ماني کاڌي”
    ان جملي ۾ صرف محلول “ماني کاڌي” آهي، جيڪو موضوع “تون” جي غير موجودگيءَ ۾ به ان جي موجودگي ظاهر ڪري ٿو.
    ائين ڪائنات ۽ معروض سڀ اهڙا موضوع آهن، جيڪي پنهنجي محلول مان ظاهر ٿين ٿا.
    اسميت (Nominalism) حقيقت (Realism) جو ابتوانس (Paradox) آهي. (3)
    حقيقت ۾ شيون ادراڪي (Perceptual) معروض رکن ٿيون، اهو ان جي ابتڙ آهي ته ڪو سوچي ۽ ان جو ادراڪ نالن جي صورت ۾ شين کي وجود ڏئي، جيڪي ڪجهه ڏسون ٿا اهو حقيقي حالت ۾ موجود آهي، وڻ ٽڻ، باهه پاڻي يا ڪو به مادو جيڪو ڏسندڙ کي نظر اچي ٿو، اهو حقيقت آهي، اسميت ان جي ابتڙ آهي، جيڪي به آفاقي يا عمومي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، اهي نالي ماتر آهن، اهي نالن کانسواءِ ڪجهه نه آهن، نالا شين کي وجود ڏين ٿا، اسان جي ادراڪ ۾ جيڪو معروض (Object) ٺهي ٿو، اهو مادو نه آهي، پر ادراڪ پنهنجي سوچ سان نظر ايندڙ خاصيتن کي نانءُ ڏئي پنهنجي تصور ۾ نقش محفوظ ڪري ٿو. (4)
    جان اسٽارٽ مل (John staurt Mill) (1873-1806ع) چيو ته “ڪجهه نه آهي نالن کانسواءِ” (5)
    ڪنهن وٽ گهر ۾ ٻه ٻليون آهن، انهن جا نالا “کيري” ۽ “سويٽي” آهن، ٻليون، ٻليون نه آهن، پر کيري ۽ سويٽي آهن، جڏهن ته حقيقت موجب ٻئي ٻليون آهن، ان ڪري ٻليءَ کي محلول (Predicate) چئي سگهجي ٿو.
    اسميت ۾ فلاسفر نالي اندر غائب موضوع (Subject) جا نقش قيد ڪن ٿا، اهي محلول ۾ غيب ڳولهين ٿا، خدا ڪائنات ٺاهي، “خدا” (Subject) ۽ “ڪائنات ٺاهي” محلول آهي، خدا غائب آهي ۽ ڪائنات موجود آهي، “ڪائنات ٺاهي” جي محلول اندر خدا جي شاهدي آهي.
    جان اسٽارٽ مل موجب جيڪڏهن لاتعداد ٻليون هجن ۽ انهن کي نالا هجن، انهن لاتعداد نالن پويان محلول صرف هڪ ٻلي آهي، نالا ٻليءَ کي الڳ ڪري سوين ٻليون ظاهر ڪن ٿا، جڏهن ته نالن پويان آهي ٻلي، ڇو جو سڀ ٻليون آهن. (6)
    ائين شيون هڪ ٻئي ۾ سمائجي اڻ کٽ موٽ (Infinite regress) کائن ٿيون، ڇو جو صرف ڪائنات آهي، باقي ڪائنات جا نالا آهن، شيون سوچ ۾ آهن، ٻاهر نه آهن.(7) شيءِ ۾ شيءِ لڪيل آهي ۽ ان شيءِ ۾ شيءِ لڪيل آهي ۽ ان شيءِ ۾ لڪيل...... اڻ کٽ موٽ سوچن کي واپس موڙي خدا کان اڳ جي ماحول ۾ وٺي وڃي ٿي، جتي شيون گم ٿي غيب ۾ سمائجي وڃن ٿيون ۽ غيب، غيب ۾ پناهه وٺي پوئتي اڻ کٽ موٽ کائي غائب ٿي وڃي ٿو.
    غيب جو تصور پاڻ کي فنا ڪرڻ آهي، اڻ کٽ موٽ جو انت اتي آهي، جتي قلم جي اک مان وهندڙ آخري ڳوڙهو وري ڪا اک ڳولهي ٿو، اهو آخري ڳوڙهو ئي آهي جيڪو مختلف نانءُ وٺي اڻ کٽ چوٽ (Infinite Progress) طرف واپس وري قياس (Chaos) مان نڪري خول (Void) کي پُر ڪندي سماوي (Cosmos) ٺاهيندي ساهوارن جي جيوَ گهرڙي جو تخم (Gene) بنجي شڪليون اختيار ڪري ٿو. ساهوارن جا سڀ نالا “جيوَ گهرڙو” (Cell) آهي، جيوَ گهرڙي جون خاصيتون، وڻن جا قسم، جانورن جون ذاتيون ۽ انسانن جا نالا تخليق ڪن ٿيون.
    اسميت ۾ هر شيءِ تجريد (Abstract) آهي، تجريد پاڻ شيءِ نه آهي پر گهڻين شين جهڙي آهي، اها موضوعي معروض آهي، بگڙيل نقش آهي ۽ ان بگاڙ ۾ سوين سنواريل نقش سمايل آهن، اهو نقش زمان ۽ مڪان ۾ مقام نه ٿو رکي، پر ادراڪ سان مختلف شڪليون وٺي تصور ۾ جاءِ ٺاهي ٿو. (8)
    حقيقت (Reality) قطعيد (Concrete) آهي، اها ادراڪ ۾ ايندڙ حقيقي ۽ ٺوس شيءِ آهي، اها معروضي لحاظ کان ائين آهي، جيئن نظر اچي ٿي، اها قطعيد (قطعي) ۽ مڪمل آهي، اها ئي آهي جيڪا حقيقت ۾ ڏيک ڏئي ٿي. (9)
    ماورائي طبعات (Metaphysics) ۾ اهو سوال آهي ته ڇا خاصيتون (Properties) وجود رکن ٿيون، جيڪڏهن ها ته اهي ڪهڙيون آهن، خاصيتن جي وصف اها آهي ته اهي معروض جون خصوصيتون (Characteristics) آهن، ڳاڙهي رنگ جي نظر ايندڙ معروض ۾ ڳاڙهو خاصيت آهي.
    خاصيتون معروض کانسواءِ وجود نه ٿيون رکن ڇو جو خاصيتن جو ذريعو معروض آهي، معروض نه هوندو ته خاصيتون نه هونديون، ڪائنات خاصيتون آهي ۽ اهي خاصيتون معروض کانسواءِ وجود نه ٿيون رکن.(10)
    خاصيتون معيار (Quality) ۽ ان جي واسطي (Relation) سان تعلق رکن ٿيون، معيار ۽ واسطو معروض سان لاڳاپيل آهي، هڪ ڪرسيءَ جو تصور جيڪا هڪ لک پنجاهه سال پراڻي آهي، اها ايڏي پراڻي نه ٿي ٿئي سگهي. (11)
    تصور ڪيو ته ٽي ڪپ هولڊر ٽيبل تي پيا آهن، انهن جو معيار (Quality) اهو هوندو ته اهي گول هوندا، ان ڪري گولائيءَ جو تصور اڀاريندا، ائين خاصيتون شيءِ جو تصور پيدا ڪن ٿيون، جيئن ننڍو، وڏو، ڊگهو، ڳاڙهو، سائو، مرد، عورت، پيءَ، ماءُ، ٻيا فرد، ائين لاتعداد صفتن، خوبين ۽ خامين ذريعي واضع ٿيندڙ تصور.
    ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪائنات جي هر شيءِ خاصيت آهي ۽ خاصيت دماغ جو تصور آهي، اهڙو تصور اسان جي ڳالهه ٻولهه مان ظاهر ٿئي ٿو، ٻوليون وجود وٺن ٿيون ۽ خاصيتن جي وضاحتن سان اسان خيالن جو اظهار ڪيون ٿا. (12)
    حسن جي حقيقت جي باري ۾ خاصيتن جا ٽي خيال
    1. انتهائي حقيقت (Extreme Realism) اهو افلاطون جو خيال آهي، جنهن موجب حسن اهڙي خاصيت آهي، جيڪو وجود رکي ٿو، ڪنهن به سوچ يا وضاحت کان بغير.
    2. تمام حقيقت (Strong Realism) اهو ارسطوءَ جو خيال آهي، جنهن موجب حسن اهڙي خاصيت آهي، جيڪا وجود رکي ٿي، ان وقت جڏهن حسين شيون وجود رکن ٿيون. (13)
    3. حقيقت ابتڙ (Anti-Realism) اها آئيڊيلزم آهي، جنهن موجب، حسن اهڙي خصوصيت آهي، جيڪا دماغ ۾ پروان چڙهي ٿي، حسن جي تعريف حسن کي وجود ڏئي ٿي، اهڙي آئيڊيليزم، اسميت آهي.(14) خدا اسميت مان پروان چڙهي تصور جون حدون ٽپي، اهڙي معروضي صفت اختيار ڪري ٿو جيڪا تصور کان مٿانهين آهي.
    حقيقت ۾ خدا ڳولهڻ باهه ۾ پاڻي ڳولهڻ آهي، تصور، لڪيرن، عددن، رنگن ۽ نقشن کي جنم ڏئي ٿو، وجود لڪيرن جي ترتيب آهي ۽ لڪيرن جي ترتيب ۾ نقش قيد آهن، ڪو به عدد، عدد جي علامت (Symbol) آهي، شفق تصور جو ڳيڙئون رنگ آهي.
    حقيقت، اسميت جو ضد هوندي به اسميت ۾ سمايل آهي، ڪا به حقيقت تصور مان پيدا ٿيل وهم مان وجود وٺي اعتماد جي حد ڇُهي حقيقت جو روپ ڌاري ٿي.(15) غيب کي سؤ روپ آهن، جتي “نجهه” (Nothing) آهي، اتي اسميت پنهنجي تصور سان “ڪجهه” (Something) ٺاهي ٿي.
    دنيا ۾ اهميت اڻ ڏٺل شين کي آهي، ڏسڻ جو شوق اڻ ڏٺل کي نانءُ ڏئي، اڻ ڏٺل جون سڀ خاصيتون نانءُ ۾ سمائي، ان اڻ ڏٺل کي اکيون ڏئي پاڻ انڌو ٿي تصور جي دنيا کي حقيقت جو روپ ڏئي ٿو.
    خدا جون لڪيرون ان ڪري انفرادي آهن جو انهن جي ترتيب ۾ خدا سمائجي پاڻ ظاهر ٿئي ٿو، “الف” کان اڳ ٻڙي وجود رکي ٿي ۽ ٻڙيءَ کان اڳ ڪاٽوءَ جي نشاني، ائين هر علامت تي غور ڪيو ته علامتون اشارن کان خالي نه آهن، ٻڙيءَ جو دائرو پاڻ چوڌاري اڻ کٽ وقت جي رفتار سان گول ڦري ٿو، جنهن جي نه ابتدا آهي، نه انتها، نه موٽ (Regress) نه چوٽ (Progress). هر دائري جو مرڪز ٽٻڪو (Monad) آهي، هر موٽ ۽ چوٽ جي گردش ٽٻڪي چوڌاري آهي، ڪاٽوءَ کي ٻه رخ آهن ۽ واڌو چئن رخن ۾ ڪاٽوءَ جو ڳجهه ڳوهه آهي.
    اڇو، رنگت ۾ خدا آهي ۽ ڪارو فنا، حقيقت هجي ته ڪو به رنگ نظر نه اچي، حقيقت اسميت ۾ سمائجي نوان رنگ تخليق ڪري ٿي، رنگ رنگن سان ملي رنگن ۾ تبديل ٿين ٿا، هر رنگ کي الڳ نانءُ آهي ۽ هر نانءُ پاڻ ۾ رنگ سمائي، رنگ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
    چون ٿا ته الف کان اڳ وقت (Time) نه هيو، وقت عظيم ڌيٻوڙي (Bigbang) کان پوءِ شروع ٿيو، جنهن ڪري وقت ۽ وڇوٽي (Time and Space) وجود ۾ آيا. (16)
    وقت کان اڳ پرزن جو ڍير هيو، اهي وقت جا پرزا هيا، جن ۾ ٽٻڪا، لڪيرون، رنگ، نقش ۽ ٻيا نانءُ شامل هيا، نالن جي بي ترتيبيءَ اڃان “الف” جو نانءُ نه ورتو هيو، پر وقت جا ڪانٽا ٻن لڪيرن ۾ هر انگ جي ترتيب نروار ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ هيا، عظيم ڌيٻوڙو (Bigbang) وقت جي گهڙيال جو پهريون گهنڊ هيو، الف کان اڳ “الف” هيو ۽ “ب” باقي، جيڪي باقيات آهن ان الف جون، جنهن جون لڪيرون پنهنجي ترتيب ۾ “ب” ٺاهين ٿيون، سڀ صورتخطيءَ ۾ سمايل آهي.
    انسان اکين هوندي انڪري انڌو آهي جو ڪائنات ۾ ڪڏهن سج نه اڀريو آهي، اوندهه ايڏي آهي جو اکيون ڪم نه ٿيون ڪن، انسان ٿاڦوڙا هڻي اوندهه جي پاڻيءَ ۾ ترڻ سکي ويو آهي، اوندهه ۾ ٻڏي مرڻ، پاڻيءَ ۾ ٻڏي مرڻ کان سوَ درجا بدتر آهي.
    اوندهه پنهنجي اسميت ۾ عروج تي آهي، اوندهه جو نانءُ مٽائڻ سان اوندهه ختم نه ٿيندي ڇو جو اها نانءُ ۾ سمايل آهي، اسميت غيب کي سوَ نانءُ ڏئي ٿي، هڪ اسم ٻئي وٽ قابل قبول نه آهي، سوين ماڻهو سوين نالن سان پڪارين ٿا، پر اسم پويان محلول (Predicate) ساڳيو آهي. (17)
    وجود ۽ موجود تصور ۾ تخليق ٿي موضوع يا معروض ۾ نروار ٿئي ٿو، تصور نانءُ آهي حقيقت جو ۽ حقيقت تصوراتي آهي.
    انسان نه هٿين خالي آيو آهي، نه هٿين خالي موٽي ٿو، اهو پنهنجي ڪائنات ڪلهن تي کڻي اچي ٿو ۽ پنهنجي ڪائنات سان دفن ٿئي ٿو، ڪفر جي وصف ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ڪنڌ وراءِ ته ساڄي مومن کاٻي ڪافر، وري ڪنڌ وراءِ ته ساڄي ڪافر ڪاٻي مومن.
    مان فلسفي جي پڃري ۾ ڦاٿل پکي آهيان، نه اڏامڻ جو آسرو، نه ڦتڪڻ جو فائدو، پڃرو لڪيرون آهي ۽ مان لڪيرن جو قيدي آهيان، مان خاصيتن جو مجموعو، مان بي نانءُ منفرد ٿي اڪيلو ٿيڻ نه ٿو چاهيان، مون کي پڪ نه آهي ته اسميت جي ڄار ۾ ڪهڙي نانءُ سان ڦاٿل آهيان، سچ جي ڪهڙي خاصيت آهي ۽ ڪوڙ ڪيئن پاڻيءَ بنا مڇيءَ جيان ڦتڪي ٿو، مان سڀ لڪيرون ڊاهيان ٿو، سڀ نانءُ مٽايان ٿو، ڦاٽل ورقن جيان اڏامي آزاد هوا کي جس ڏيان ٿو، آزاد هوا جنهن جو ڪو رنگ نه آهي.



    References:

    1. Feibleman , James K (1962).
    “Nominalism”.
    In dictionary of philosophy , Dagobert D. Runes (ed). Totowa , NJ: Littlefield , Adams , & Co.
    2. Hacking , Ian (1999)
    “The social construction of what ?”.
    Harvard university press.
    3. Karin usadi katz and Mikhail G, Karz-(2011).
    “A Burgessian critique of nominalistic tendencies in contemporary mathametics and its historiography”
    Foundation of science.
    4. Oberman, Heiko (2001). The harvest of medieval theology: Gabriel Biel and late medieval nominalism. Grand rapids : Baker Acedemy.
    5. Michael st. John packe (1952). The life of John stuat Mill. Macmillan.
    6. Richird Reeves.
    “John Stuart Mill”.
    : Victorian Firebrand. Atlantic books (2007).
    7. Adam Gopnik.
    “Right again , The passions of John stuart Mill”
    The New Yoker , 6 october 2008.
    8. Goodman , Nelson (1977). The structure of appearance , 3rd ed. Kluwer.
    9. Berger , Peter L, Luckmann , Thomas (1966).
    “The social construction of Reality: A treatise in the sociology of knowledge.”
    New York : Anchor books. p-21-22.
    10. Zalta , Edward N (ed).
    “Properties”.
    Standford encyclopedia of philosophy.
    11. Mac Bride, Fraser.
    “Relations”
    In zalta , Edward N. Standford encyclopedia of philosophy.
    12. Cargile , J.(1995).
    “Qualities”
    Honderich. T. (ed) (2005). The oxford companion to philosophy (2nd. Ed). Oxford.
    13. Studtmann , P. (2007). Zalta , E.N , ed.
    “Aristotles categories”.
    Standford encyclopedia of ph:losophy (Regarding) “Habits and dispositions: Natural capabilities and incapabilities; Affective qualities and affections; and shapes. Ackril finds Aristotles division of qualities at best unmotivated”.
    14. Christine Baron , Manfred Engel , (2010). Realism / Antirealism in 20th century literature.
    15. John sellars,
    “Stoicism”.
    First nominalists rejecting the existence of universal concepts altogether. Routledge 2014, p-84-85.
    16. Singh , simon (2005) Big bang: The origin of the universe. Harper perennial.p-560.
    17. The dictionary definition of
    “Predicate” at wiktionary.
    ***


    لقاءُ Phenomenology

    اهو يوناني لفظ آهي، “فينومينو” معنا جيڪو ظاهر آهي ۽ “لاجي” معنا مطالعو، ان شيءِ جو مطالعو جيڪا ظاهر آهي. (1)
    اها فلسفي ۾ شعور وسيلي هيت (Form) جو مشاهدو آهي، ان جو موجد جرمن فلسفي ايڊمنڊ هزرل (1938-1859ع) آهي، اهڙو خيال هڪ تحريڪ جي صورت ۾ فرانس، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙجي ويو، هزرل جي فلسفي تي تنقيد پڻ ٿي ۽ پوءِ اهو لفظ پنهنجي معنا کان هٽي ٻين معنائن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳو.(2) وجودي فلاسفر هزرل کان متاثر آهن، پر اهي ان فلسفي کي سڌو سنئون نه ٿا مڃين. (3)
    هزرل جي فلسفي موجب شعوري طور لقاءُ جو بنيادي تعلق ساختن (Structures) جي ظاهر (Phenomena) جي مشاهداتي موٽ سان آهي، لقاءُ اهڙن خيالن جي مدد ڪري ٿو، جن خيالن ۾ معروضي مطالعي کي موضوعي تصور ڪيو وڃي ٿو، ڇو جو گهڻا موضوع، معروض جي حيثيت رکن ٿا، اهي تصوراتي نه آهن پر حقيقت آهن ۽ حقيقت کي تصور جو روپ ڏنل آهي، جيئن فيصلاتي قوت، ادراڪ ۽ جذبا، جيڪي موضوعي نه پر معروضي آهن. (4)
    لقاءُ سائنس جو حصو آهن، پر انهن جو واسطو نفسيات يا اعصاب جو علم (Neurology) سان نه آهي، اهي سڌو سنئون ڏيک جي بظاهر خاصيت جي تجرباتي ساخت جي مشاهدي جي موٽ آهن. (5)
    لقائي ماهر معروضي تحقيق کي رد ڪن ٿا ڇو جو معروض متعلق ڪا به شيءِ مڪمل نه آهي ۽ لقاءُ جاري آهن، ان ڪري هر شيءِ مفروضي طور حاصل ٿئي ٿي، جنهن کي ايپوڪ (Epoche) چئجي ٿو، ان جو مطلب آهي معطلي (Suspension) يعني وچ تي بيٺل خيال، هر ايندڙ ڏينهن انسان جي روين جو مطالعو آهي ۽ اهو فطرت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. (6)
    هزرل، برينٽو (Franz Brento) (1917-1838ع) جي فلسفي مقصديت (Intentionality) کان متاثر آهي، برينٽو جو فلسفو هزرل جي ڏنل نظريي کان مختلف هوندي به هزرل جي خيالن تي حاوي آهي. (7)
    مقصديت (Intentionality) ۾ لقاءُ گهڻن مظاهراتي مشاهدن سان ظاهر ٿئي ٿو، انهن مظاهراتي مشاهدن ۾ ادراڪ (Perception) ، يادگيري (Memory)، روڪ ۽ رواني (Retension and Protension) ۽ معنويت (Significance) شامل آهن. (8)
    يادگيريءَ ۾ معروض، معروض جو مشابهه (Identical) آهي، اهي سڀ هڪ ٻئي سان تعلق ڪري، متعلق (About) آهن، مقصديت، متعلق کي ويجهو وڃڻ آهي، شعور ادراڪ جو سهارو وٺي ٿو، مشاهدو ادراڪ جو رڪجڻ يا بيهڪ آهي، جنهن ۾ ڪو لقاءَ کي يادگيريءَ ۾ قيد ڪري ٿو ۽ پوءِ رواني شروع ٿي وڃي ٿي، ائين لقائن جو سلسلو جاري رهي ٿو. (9)
    اهي سڀ وقت جي عارضيت (Temporarility) جو لقاءُ آهن، وقت جي عارضيت اها آهي ته شعور ادراڪ سان دماغ ۾ جيڪو تاثر ٺاهي ٿو، اهو روڪ ۽ رواني آهي، مشاهدي جي بيهڪ (Retension) ادراڪ جو اهڙو شعوري عمل آهي، جيڪو دماغ ۾ عارضي (Temporary) قيام ڪري ٿو، اهو عارضي قيام ئي آهي جيڪو لقاءُ جو تاثر پيدا ڪري ٿو.
    هڪ بال جو مثال وٺو، جنهن کي اڇلائڻ جي گهڙي (Moment) شعور ۾ رڪجي (Retain) نقش ٿي وڃي ٿي، اها گهڙي ڪجهه سيڪنڊ هئي، جنهن جو نقش رهجي ويو، رواني (Protension) روڪ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي ۽ هر روڪ روانيءَ جو روپ ڌاري منظر جو تسلسل پيدا ڪري ٿي ۽ ائين بال جي راند جاري رهي ٿي. (10)
    هزرل موجب لقائي ادراڪ جا ٽي عارضي (Temporal) نقطا آهن. (11)
    1. روڪ، جيڪا تڪڙو حال آهي.
    2. رواني، جيڪا روڪ کانپوءِ جاري رهي ٿي.
    3. گهڙي (Momentum) جيڪا روانيءَ مان ڦري روڪ ٿي پوي ٿي، ائين لقائن جو ادراڪ جاري رهي ٿو.
    يادگيريون (Memories) رڳو ماضيءَ جو ورثو نه آهن، پر اهي مستقبل ۾ به موجود رهن ٿيون، ماضي حال وسيلي مستقبل جون خدمتون حاصل ڪري ٿو.
    وجودي لقاءَ (Existential Phenomenology) جي نظريي جو فلسفي ڪولن ڊيوڊ جيڪو 1960ع فرانس ۾ ڄايو، ان موجب ساخت پڄاڻان (Post-Structuralism) حقيقت ۾ لقاءَ پڄاڻا (Post-Phenomenologism) آهي. (12)
    لقائن جو بنيادي تعلق شعوري طور ساختن ۽ نظر ايندڙ شين جي مشاهداتي موٽ تي آهي، فلسفي ۾ ساختون سماجي جوڙجڪ آهي.
    ساختيات (Structuralism) 1950ع کان 1960ع تائين فرانس ۾ دانشورن جي اهڙي تحريڪ هئي، جنهن ثقافت جي پس منظر ۾ ساختن کي رائج ڪيو، ثقافت ۾ لقاءُ هر شيءِ پويان ساخت ڳولهي ٿو يا اهڙين سڀني شين پويان جيڪي انسان ڪري ٿو، سوچي ٿو، ان جي ادراڪ ۾ آهن يا محسوس ڪري ٿو. (13)
    سائمن بليڪ برن (Simon Black Burn) جيڪو 1944ع ۾ ڄايو، ان موجب ساختيات عقيدو آهي، جنهن موجب ڪو به لقاءَ شعور ۾ ايندڙ نه آهي، پر لقاءُ لقاءَ جي ڀيٽ ڪري ٿو ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو، اهاڀيٽ ساخت کي وجود ڏئي ٿي نه ته سطحي طور هر لقاءُ تجريدي آهي.(14)
    اهڙين ساختن کي عمرانيات، علم الانسان، لسانيات ۽ نفسيات ۾ استعمال ڪيو ويو، مثال لکت (Text) جي تجزيي ۾ علامتون، پٿرن تي تراشيل حرف (Glyph)، نشانيون، ڪردار ۽ جملا. (15) ساخت پڄاڻان، ساختن جو تنقيدي وڌاءُ آهي.
    لقاءُ (Phenomenon) نقاءُ (Noumenon) جو ابتوانس (Paradox) انڪري آهي ته ساخت جو ادراڪ ۾ اچڻ جو رويو ٻنهي ۾ مختلف آهي، لقاءُ ۾ ساخت جي اڻت ادراڪ جي شعوري موٽ آهي، شعور ساخت جو نقش ٺاهي ٿو، جڏهن ته نقاءُ ۾ ساخت جو وجود پنهنجو پاڻ ۾ سمايل آهي، اهو شعوري ادراڪ ۾ نه آهي، پر ان جو ڳجهه ان اندر موجود آهي.
    لقاءَ ۾ اکيون شعور جون ڳڙکيون آهن، اهي حقيقت اندر حقيقت ڏسن ٿيون، جڏهن ته نقاءُ ۾ ساخت جا نقش ڏسڻ لاءِ تصور جا دروازا کولڻا پون ٿا.
    جيڪڏهن ساخت پڄاڻان جو وچون رستو وٺبو ته چئي سگهبو، ڪا به ساخت پنهنجي نماءُ ۾ مڪمل نه آهي، ٺوس (Concrete) ۽ تجريد (Abstract) ساختون ڪنهن به موضوع جي ترجماني نه ٿيون ڪن، ساخت حواسن ۾ هجي يا حواسن کان ٻاهر، اها حقيقي هجي يا تصور پر ساخت ئي آهي، جنهن جي تفاوت (Differentiation) ۾ اسين ظاهر ٿيون ٿا، دنيا جي گردش ۾ جبل، نديون، سمنڊ، وڻ ٽڻ، ماڻهو، جانور، پکي، ڪرسيون، ميزون، ڪٻٽ، گهر، گهٽيون، گهڙيون، گهڙيال سڀ ساختن ۾ گول ڦرن ٿا، لسانياتي علامتون، لوحن جا حرف (Glyph) ۽ لفظ جيتن جيان تاريخ جي ورقن تي پاتل ليڪن مٿان قطار ٺاهي هلن ٿا، سڀ ساختون نامڪمل آهن، ڪائنات جا عڪس جنهن وڻ جي ٻج مان ڦٽي نڪتا آهن، ان وڻ جي ساخت کي شعور ادراڪ ۾ آڻي نه سگهيو آهي، ان وڻ جي هستي پنهنجو پاڻ ۾ وڻ آهي، اها حواسن کان ٻاهر آهي، پر تصور جو رولاڪ پکي ان وڻ جي لام خوابن جي پاڇي ۾ ڏسي ٿو.
    قديم فلسفو آکيري جيان آهي، فلسفي جا سڀ خيال ڪکن جيان آهن، فلسفي ڪکن جو آکيرو اڻي بيدي مٿان ان گهڙيءَ جي انتظار ۾ ويٺل آهي، جڏهن بيدي مان اڻ ڏٺل نڪرندو، فلسفي جو مرڪز بيدو آهي، بيدي متعلق قياس (Chaos) آرائيون آهن، اميدون آسرا ۽ توقع سڀ ڪکن ۾ آهن.
    جديد فلسفو ساڳيا ڪک آهي، جيڪي ڪک آکيري جا نه آهن، پر مٿي جي وارن ۾ پيل آهن، فلسفي چرين جيان شعور جي گهٽين ۾ گهمندي سائنس جي پٿرن سان سنگسار ٿي وڃي ٿو. هاڻي بيدو مغز ۾ آهي ۽ انسان سائنس ۾ خدا ڳولهي ٿو ۽ سائنس هٿ سان ڇهڻ لئي نڪ ڳولهي ٿي، الف کان اڳ هڪ بيدو هيو، بيدو اڳ هيو يا الف اڳ ۽ الف اڳ هيو يا بيدو اڳ؟
    لقائي ساختيات جو دائرو نظر جو دائرو (Visualfield) آهي، نقائي ساختيات ڪنهن به دائري ۾ نه ٿي سمائجي، انساني سوچ رسا ڇنائي ٿي، وحشت برداشت جي حد آهي، صبر ۽ جبر جو لاشعوري مقابلو جاري آهي، صبر جي انتها جبر ۾ ظاهر ٿئي ٿي، عاشق محبوب تائين پهچڻ لاءِ غير قانوني طريقا استعمال ڪري ٿو. حاصل ڪرڻ جي حسرت ۾ معروضي ۽ موضوعي بت ٺاهي ٿو. جيڪو معروضي بت ٺاهي ٿو، اهو ڪافر ۽ جيڪو موضوعي بت ٺاهي ٿو، اهو مومن.
    محبوب جو اچڻ خواب ۾ جاڳي ننڊ جو انتظار ڪرڻ آهي، ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ته فرشتو کيس جنت جو هڪ صوف ڏئي رهيو هيو، فرشتي سان ضد ڪيائين ته نه اهڙو هڪ ٻيو به ڏي، اهڙي جهڳ جهڳ ۾ کيس جاڳ ٿي وئي، اٿي افسوس ڪيائين ته جيڪر فرشتي کان هڪ صوف ئي وٺان ها، اجايو ٻن جي ضد ڪري هڪ کان به محروم ٿي ويس، اهو سوچي سمهي پيو ته وري خواب ۾ کيس ساڳيو فرشتو آيو، جنهن کي هٿ ۾ ٻه صوف هيا، فرشتي ڏسڻ شرط ٻڌايس ته “مان جنت مان ٻيو صوف پٽڻ ويو هيس، تون ڪيڏانهن هليو ويو هئين؟”
    فرشتي کي ٻڌايائين “مان اتي ويس جتي هڪ صوف جي حسرت هئي.”
    فرشتي کلي چيس “ٻه صوف ڏيانءِ ٿو پر تون اتي ويندين جتي هڪ صوف جي حسرت هوندي.”
    جڏهن بک ۾ حالت خراب ٿي وڃي ته انسان خواب ۾ کائيندو آهي، جنتن جا صوف جاڳ کان اڳ خواب ۾ کائي ڇڏيو، خواب ۾ کائڻ سان ڌوئڻ جي ضرورت نه پوندي آهي.
    الوهي (Divine) لقاءُ جي ساخت بيدي ۾ بند آهي، بيدو اڪيلو (Monad) آهي، سڀ وجود ان ۾ سمايل آهن ۽ اهو سڀني جو ٽوٽل آهي، اهو فيثاغورث جو خيال آهي، هو خيالن کي اڳتي وڌائيندي چوي ٿو، موناڊ مان هڪ ٿيو، هڪ مان ٻه ٿيا، ٻه عددن ۾ تبديل ٿيا، عدد نقطن ۾ ڦري ويا، نقطا لڪيرن ۾ ڦري ۽ ڊهي ويا. (16) فيثاغورث لقاءَ جي ساختن کي اڀاريو ۽ ڊاهي پَٽ ڪيو.
    بابعد الطبعات سائنسدان لئبنز (Leibniz) (1776-1646ع) فيثاغورث جي موناڊ کي طبعات جو بنيادي جزو (Particle) چيو آهي.(17) جديد سائنس ۾ اهو جزو ئي آهي، جيڪو قوينٽم (Quantum) جو بنياد بڻيو، خدا ايٽم ٿي ويو ۽ مخلوق ايٽم کان ڊڄي ٿي، تباهيءَ کان بچڻ لئي پڪارڻ جو در به خدا جو ئي کليل آهي.
    يا خدا معاف ڪر، ڪو به لقاءُ پنهنجي رنگ ۾ نه آهي، مان پنهنجن ڪاغذن جي ساخت بگاڙيان ٿو، عدد، نقطا، لفظ، علامتون، نشانيون، تشبيهون، شڪليون، روان ۽ روڪ جا منظر، عارضيت جا عنصر، ڦوڪ ڏئي اڏاريان ٿو، ڊائريءَ تان لفظ ائين اڏاميا جيئن مٽي اڏامي.


    References:

    1. “Phenomenology”.
    Standford encyclopedia of philosophy.
    2. Zahavi , Dan (2003).
    “Husserl’s phenomenology”.
    Standford: standford university press.
    3. Menon , sangeetha ; Anindya , sinha : B.V. Sreekantan.(2014).
    “Interdisciplinary perspective on consciousness and the self”
    New York , Dordrecht , London , Spinger.p-172.
    4. Natanson , M (1973).
    “Edmund Husserl: Philosopher of infinite tasks”.
    Evanston: Northwest university press.
    5. Farina , Gabriella (2014). Some reflections on the phenomenological methods. Dialogues in philosophy , Mental and Neuroscience-7(2): 50-62.
    6. “Epoche”.
    In liddel and scotts Greek – English Lexicon.
    7. Rollinger , Robins (1999). Husserls position in the school of Franz Brentano. Kluwer.
    8. Siewert , Charles.
    “Consciousness and intentionality”.
    Standford encyclopedia of philosophy. Metaphysics research laboratory standford university. Retrieved 28-Dec.2012.
    9. Byme , Alex.
    “Intentionality”.
    Philosophy of science. An encyclopedia. Massachusetts institute of technology. Retrieved 28.Dec-2012.
    10. Bechtel , William (1988).
    “Philosophy of mind: An overview of cognitive science”.
    Hillsdate , NJ, Erlbaum- p-44-47.
    11. Pierre Jacob (2010)..
    “Is intentionality exhibited by all mental phenomena”
    Standford encyclopedia of philosophy.
    12. Harrison Paul (2006).
    “Post Structuralist theories”
    p-122-135. aitken,s and valentine.G.(eds)2006. Approach to human geography : sage, London.
    13. Mambrol , Nasrullah (2016).
    “Structuralism Literary theory and criticism notes”.
    Retrieved 2017-06-09.
    14. Philosophy. Now’s interview with simon Blackburn. November 2013.
    15. Deleuze, Gilles (2002).
    “How do we recognize structuralism”.
    In desert islands and other text-1953-1974.
    16. Christoph Reidweg (2008).
    “Pythagoras : His life teaching and influence”.
    Cornell university press. p-26.
    17. Luchte , James (2006).
    “Mathesis and analysis: Finitude and the infinite in the Monodology of Leibniz”
    Heythrop Journal. 47(4):519-43.
    ***


    نقاءُ Noumenon

    نقاءُ (Noumenon)، لقاءَ (Phenomenon) جو ضد آهي.(1)
    نقاءُ انساني ادراڪ ۽ حواسن کان پري معروض (Objects) يا عملي واقعا (Events) آهن، لقاءُ ظاهر ظهور آهي، لقاءُ پاڻ ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته نقاءُ لڪيل ۽ ڳجهو آهي. (2)
    ڪانٽ (1804-1724ع) جو فلسفو آهي ته نقائي ڪائنات وجود رکي ٿي، پر اها انساني ادراڪ ۽ حواسن کان ٻاهر آهي، “شيءِ پاڻ اندر” (Thing in itself) آهي. (3)
    اهو فلسفو افلاطون جي خيالن سان ملندڙ آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب “مڪالمي” ۾ ان تي بحث ڪيو آهي.
    ڪانٽ موجب ماڻهوءَ جي سمجهه، سمجهه جي حد تائين محدود آهي، ڪجهه شيون حواسن ۾ نه ٿيون اچن ۽ سمجهه جي دائري کان ٻاهر وجود رکن ٿيون، اهو نقاءُ آهي ته شيون پاڻ اندر لڪيل آهن، ان ڪري اهي ادراڪ (Perception) ۾ نه ٿيون اچن، شيون پنهنجو پاڻ (Things is themselves) ۾ لڪي وجود کي ساخت (Structure) ڏين ٿيون. (4)
    پرهو (Pyrrho) (360-270 Bc) پنهنجي نظريي شڪائپ (Skepticism) ۾ نقاءُ تي تنقيد ڪئي آهي، ان کي خلل (Delusion) ڪوٺيو آهي. (5)
    ڪانٽ جي نظريي موجب سمجهه، سمجهه جي حد تائين محدود آهي، جتي سمجهه پهچي ختم ٿئي ٿي، اتي ليڪ کان ٻاهر اسين سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهيون ڪيون ٿا، دراصل سمجهه به سچ جيان ڪڏهن مڪمل ٿيڻي نه آهي. (6)
    جديد سائنسي نظريي موجب لقاءُ تجربي ۽ مشاهدي سان معلوم ٿئي ٿو، تجربي ۽ مشاهدي جي وسعت جيڪا ٽيڪنالوجيءَ سان حاصل ٿئي ٿي، اها نقاءُ کي لقاءَ جو روپ ڏئي ٿي.
    ڪانٽ جو فلسفو خالص موضوعي (Subjective) آهي، شيون شين جهڙيون ٿي، شين اندر، شين جي شڪل ۾ شيون ڏسجن ٿيون، اسان دراصل شيءِ نه ٿا ڏسون، پر شيءِ جهڙي شيءِ ڏسون ٿا، نقاءَ ۾ معروض (Objects) موجود آهن ۽ انهن اندر عملي واقعا جاري آهن، پر حواسن کان انڪري ٻاهر آهن جو اهي معروض، معروض نه آهن، پر معروضن جهڙا آهن، اک کان اوجهل عملي واقعا جاري آهن، اهڙا واقعا اسان جي ادراڪ ۾ نه ٿا اچن ڇو جو ادراڪ اهڙا عمل ڏسڻ کان قاصر آهي.
    ڪانٽ ڪافر ٿيڻ نه ٿو چاهي، هو چاهي ٿو ته فلسفو به برقرار رهي ۽ خدا به هٿن مان نه وڃي، هو هڪ الڳ ڪائنات ڏسي ٿو، جيڪا هن ڪائنات جيان لقائي روپ نه ٿي رکي، پر اڻ ڏٺل ڏيک جي گهڙيل ۽ حواسن جي دائري کان ٻاهر آهي.
    مان پنهنجو پاڻ ۾ آهيان، ان ڪري آهيان، جو منهنجو پنهنجو پاڻ ۾ هجڻ مونکي منهنجي ساخت (Structure) ڏئي ٿو، منهنجو وجود نه آهي، پر ساخت آهي، منهنجو وجود مون اندر آهي، جيڪو نظرن کان اوجهل ۽ حواسن کان پري آهي، ادراڪ ۾ منهنجو معروض (Object) نه معروض آهي، نه موضوع(Subject) . اهو ڏيکاءُ ۽ نظر جو دوکو آهي، مان، مان ۾ لڪيل آهي، جيڪو “مان” نظر اچي ٿو، اهو “مان” نه آهي. (7)
    افلاطون غار جي تمثيل (Allegory of cave) ۾ ان تي بحث ڪيو آهي، اهڙي تمثيل افلاطون جي ڪتاب “ريپبلڪ” ۾ ڏنل آهي، اها سندس ڀاءُ گلوڪون (Glaucon) ۽ استاد سقراط وچ ۾ گفتگو آهي، افلاطون ان گفتگوءَ جو تذڪرو ڪندي لکي ٿو ته سقراط هڪ اهڙي تمثيلي غار جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ ماڻهو سڄي زندگي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيا، اهي ائين ٻڌل هيا جو ڪنڌ موڙي پوئتي ڏسي نه سگهندا هيا، انهن پويان باهه ٻرندي هئي ۽ سامهون ڀت تي پاڇا نظر ايندا هيا، انهن نظر ايندڙ پاڇن کي نانءُ ڏنا ۽ سوچيو ته ڪائنات اهائي آهي، ڪائنات صرف پاڇا آهن ۽ نالا انهن پاڇن کي هيت (Form) ڏين ٿا.
    اهي وقت جا قيدي پاڻ کي زنجيرن مان ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪندا هيا ۽ سمجهندا هيا ته اها ئي زندگي آهي، هڪ ڏينهن انهن مان ڪجهه قيدي زنجير ڇِنائي غار کان ٻاهر آيا ۽ جڏهن حقيقي ڪائنات ڏٺائون ته کين يقين آيو، ڪائنات انڌيري غار کان ٻاهر آهي، ڪائنات پاڇا نه آهي، پر پاڇا پيدا ڪندڙ آهي. (8)
    پاڇا پاڻ اندر ڪائنات نه ٿا رکن پر ڪائنات اها آهي، جيڪا پاڇو ٺاهي ٿي، انسان انڌيري غار جي عقيدي ۾ ڦاٿل آهن، انهن ڪنڌ جڪڙيل انسانن کي جيڪي ڪجهه ڏيکاريو وڃي ٿو. اهي سامهون هٿ گهڙيل منظر ڏسي انهن کي فطرت سان جوڙين ٿا.
    اهو نقاءُ آهي ته پاڇن اندر ڪردار لڪيل آهن، افلاطون جي اهڙي تمثيل، نقاءُ تي تنقيد آهي، انسانن کي اهڙا خواب نه ڏيکاريا وڃن جو هو سجاڳ ٿي نه سگهن.
    ان هوندي به نقاءُ فلسفي جو موضوع رهيو آهي، ڇو جو فلسفو رمز (Mysticism) کي ويجهو رهيو آهي. اهو غير فطري جهنگ ۾ فطرت جو رستو ڳولهي ٿو، اهو جهنگ جي هر منظر کي علامت ڏئي نئين دنيا جو روپ ڏئي ٿو.
    ڪائنات لامشاهداتي (Unobservable) آهي، گهڻيون شيون مشاهدي ۾ نه ٿيون اچن، لامشاهدات اهڙيون منفرد شيون آهن، جن جي وجود، فطرت، خاصيت، قدر ۽ لاڳاپن جو سنئون سڌو مشاهدو نه ٿو ڪري سگهجي، جيئن جراثيم، ايٽم، ڪشش ثقل (Gravity) عادت ۽ عقيدا.(9)
    جراثيم ۽ ايٽم نظرن کان اوجهل آهي ۽ اڻ سڌا مشاهدي ۾ اچن ٿا، ائين رمزي راز جن ۾ مافوق الفطرت شيون شامل آهن، جيئن هستي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا روحاني ڪردار، فرشتا، جن ۽ شيطان، سڌا يا اڻ سڌا مشاهدي کان پري آهن، ڌرتي گول ڦري ٿي، پر ان جو گول ڦرڻ مشاهدي ۾ نه ٿو اچي، علت، عادتون ۽ عقيدا، جن کي پرکڻ لاءِ مشاهدو ناڪافي آهي.
    جارج برڪلي (George Berkley) (1753-1685ع) موجب معروض جيڪي ادراڪ ۾ ٿا اچن، اهي پڻ لامشاهداتي آهن، وڻ، ٽڻ، آسمان، ڌرتي ۽ انسان کان وٺي ويندي هر شيءِ لامشاهداتي آهي، جارج برڪلي جو اهڙو فلسفيانا خيال ڪانٽ جي نقاءَ جو حصو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته هر مشاهداتي ۽ غير مشاهداتي شيءِ هڪ ٻئي ۾ لڪيل آهي، ان ڪري جيڪي نظر اچي ٿو، اهو نقاءُ آهي، ايستائين جو اهي حواسن هٿان سلجهي ادراڪ ۾ لقاءَ نه ٿي پون. (10)
    جان لاڪ (John Locke) (1704-1632ع) جي فلسفي ۾ پڻ ائين آهي، جنهن ۾ پهريون ۽ ٻيون خاصيتون (Primary and secondary properties) شامل آهن.
    ٻيون (Secondary) خاصيتون انسان جي ادراڪ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ ڪائنات جو هر معروض شامل آهي، اهو ائين آهي جيئن نظر اچي ٿو.
    پهريون (Primary) خاصيتون، هر شيءِ جون اصل خاصيتون آهن ۽ شين اندر لڪيل آهن، اهي لڪيل خاصيتون ٻين (Secondary) خاصيتن ۾ تبديل ٿي ادراڪ ۾ اچن ٿيون. (11)
    ڪائنات جي هر شيءِ ۾ پاڻ جهڙي شيءِ سان گڏ (Para) آهي، پوءِ ان ۾ شيءِ سان گڏ هلندڙ شيءِ جو ضد يا ابتوانس (Paradox) ڇو نه هجي، نيڪي ۽ بديءَ کان وٺي سچ ۽ ڪوڙ تائين هر شيءِ جو جوڙو هر حال ۾ حاضر رهي ٿو. (12)
    نفسياتي، روحاني، آسيبي ۽ ٻيون پراسرار بيماريون، ذهني بگاڙ کان پاڪ(Normal) حالتن سان گڏ (Para) هلن ٿيون، گهڻو ڪري انگريزيءَ ۾ لکيل ذهني خلفشار اڳيان، گڏ (Para) لکيل هوندو آهي.
    جيئن نارمل ۽ پيرا نارمل
    گهڻن مذهبن ۾ شيطان کي خدا جو جوڙيوال ڪوٺيو ويو آهي، ان لحاظ کان ته خدا جو مخالف شيطان به ايڏوئي طاقتور آهي، جيڏو خدا. ائين جڳ ۽ لڳ کان وٺي سڳ ۽ ٺڳ تائين هر شيءِ پوروڇوٽ لڪيرن ۾ هلي ٿي، نقاءَ ۽ لقاءَ جو تصور به ائين آهي، ڪوڙ کي ڪوڙ سمجهي کوٽيو ته ان مان سچ ظاهر ٿي سگهي ٿو.
    هڪ غير معروف فلسفي موجب هر انسان جهڙو انسان ڪنهن ٻئيءَ ڪائنات ۾ موجود آهي. (13)
    همزاد جو تصور جنهن ۾ انسان جهڙو انسان سان گڏ (Para) آهي، هڪ خيال موجب اهو جِنُ نه پر جِنَ جهڙو انسان جو روپ آهي.
    اسلام ۾ ان جو ذڪر قرآن پاڪ جي سورة الزخرف ۾ آهي. (14)
    همزاد يا قرين، شيطان طرفان مقرر ٿيل ماڻهوءَ جهڙو شيطان جو نائب آهي، جيڪو سڄي حياتي ماڻهوءَ سان گڏ رهي ان جي دل ۾ وسوسا پيدا ڪري گناهه طرف مائل ڪري ٿو. اهو ڪمزور ايمان وارن کي وسوسن سان برائين طرف وٺي وڃي ٿو، پر مومن ان جي اهڙي وار کان بچيل آهن.
    قرين، ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ به ان ماڻهوءَ جهڙو ٿي ڌرتيءَ تي موجود رهي ٿو، جنهن ڪري مرڻ کانپوءِ به ان ماڻهوءَ جهڙو ماڻهو ڪٿي گهمندي ڦرندي نظر ايندو آهي. (15) جيئن گهڻن ماڻهن ڀُٽي صاحب کي ڦاسيءَ کانپوءِ مڪي ۾ حج ڪندي ڏٺو هيو، مذهبي خيال موجب اهو ڀٽي جو همزاد يا قرين هيو.
    زاد ۽ همزاد جو روحاني تصور انسان کان ان جي اڪيلائي کسي وجهي ٿو، اهو سوچي ڪيڏو افسوس ٿئي ٿو ته خدا جي هستيءَ کان سواءِ ٻيو به ڪو آهي، جيڪو اسان جا عيب ڏسي ٿو. آئينو آهي ته آئيني جي پٺ آهي، آئيني جي پٺ نه هجي ته آئينو پنهنجو قدر وڃائي ويهندو ۽ شيشي جو اهڙو ٽڪر ٿي پوندو، جنهن ۾ ڪو منهن ڏسڻ چاهيندو ته نظرون پار ٿي ٻئي جو منهن ڏسنديون، نقاءُ حواسن ۾ انڪري نه ٿا اچن جو انهن جون خاصيتون اجاگر نه ٿيون ٿين، عام اندر خاص لڪيل آهي، عام منفرد نه آهي، جيسين اهو خاص نه ٿئي.
    لامشاهداتي (Unobservable) نقاءَ جاري آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو دنيا مشاهدي تي متفق نه آهي، وچڙيل واٽن مان ڪا سنئين واٽ نه نڪتي آهي جو انسان، انسان پويان هلي منزل ماڻي، هر ڪنهن جي واٽ الڳ آهي ۽ واٽن جي چوواٽن تي تصادم آهن.
    ميٽڪاف (Metcalf) ٽن قسمن جا لامشاهدا بيان ڪري ٿو.

    1. منطقي لامشاهدو (Logical Unobservable) جڏهن ڪنهن مشاهدي هيٺ آيل شيءِ جي ڏنل وضاحت منطقي طور مشاهدي جي حدن کان ٻاهر هجي، جيئن ڏنل پيمائش کان ماپ گهٽ وڌ ٿي وڃي. ڪنهن شيءِ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ٻڌايل هجي پر جڏهن ماپ وٺجي ته اها ٻڌايل ماپ کان مختلف هجي.
    2. تجرباتي لامشاهدو (Practical Unobservable) جڏهن تجربو (Practical) ڪنهن شيءِ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ناڪافي هجي، تجربي جي وسعت ايتري نه هجي جو مشاهدو ڪري ڄاڻ ڏئي سگهجي.
    3. طبعي لامشاهدو (Physical Unobservable) جيڪو انسان جي طبعي طور حاصل ڪيل مشاهدي جي سڀني وسيلن کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ به مشاهدي ۾ نه اچي. (16)
    ميٽڪاف جي لامشاهدي جي هر سٽ ۾ خدا آهي، خدا کانسواءِ لامشاهدو ڪهڙو ٿي سگهجي ٿو؟ مشاهدي جو سبب لامشاهدو آهي، جيڪي شيون مشاهدي مان گذري چڪيون انهن لاءِ مشاهدو بي معنا آهي.
    نقاءُ، لامشاهدو، پنهنجو پاڻ ۾ لڪيل، سڀ الله، الله ڪرڻ آهي، خدا کي وڌيڪ ياد ڪافر ئي ڪندو آهي، خدا جو خوف “ڪافر” ڪري ٿو، ڪافر لاشعوري طور خدا کي ويجهو آهي. ظالم ۽ ڪافر ۾ فرق آهي. ظالم ڪافر ٿي سگهي ٿو، پر ضروري نه آهي ته ڪافر ظالم هجي. فلسفي جا ڪافر لاشعوري مومن آهن، جيڪڏهن خدا.... خدا ئي ڪرڻو آهي ته لکڻ جو ڪهڙو ضرور، مان ڪاغذ ڦاڙي ٽوڪريءَ ۾ وجهان ٿو.


    References:

    1. Harper , Douglas
    “Noumenon”.
    Online etymology Dictionary.
    2. Honderich , Ted (1995). The oxford companion to philosophy. Oxford university press.p.657.
    3. Hanna , Robert (2009).
    “Completing the picture of kant’s Metaphysics of Judgment”.
    Standford encyclopedia of philosophy.
    4. The encyclopedia of philosophy ( Macmillan , 1967, 1996) volume 4 ,
    “Kant, immanuel”.
    Section on “Transcendental Aesthetic” p-310.
    5. Bett , Richard.
    “What did Pyrrho think about the nature of the divine and the good”.
    Phronesis 39 , (1994) :303-337.
    6. The encyclopedia of philosophy. (Macmillan 1996) volume 4.
    “ kant , Immanual”. Sections on “critique of pure reason : Theme and preliminaries”.
    p.308.
    7. The encyclopedia of philosophy (Macmillan 1996) volume 4.
    “Kant , Immanual”.
    Section on “Pure concept and understanding”.
    P.311.
    8. Ferguson. A.S.
    “Plato’s simile of light part (II). The allegory of the cave”.
    The classical quarterly 16.No.I (1922): 15-28.
    9. Stephen , Palmquist (1985).
    “The radical unknowability of kant’s. Thing in self”.
    Cognito 3:2.p-101-115.
    10. Berkeley , George (1709).
    “An assay towards a new theory of vision”
    (2nd ed:) Dublin: Jeremy pepyat. Retrieved 12 July 2004. Google books.
    11. Baldwin, B.T (1913).
    “John Lock ; Contributions to education”
    The Sewanee Review.21(2):177-87.
    12. Kelly Bulkeley , Kate Adams et al.
    “Dreaming in Christianity and Islam: Culture, Conflict and creativity”.
    Rutgers university press.2009-p-144.
    13. Veena Das , clara Han
    “Living and Dying in the contemporary world : A compendium”.
    University of California press. 2015.p-145.
    14. Surat az-zukhruf – Quran. 43:36.
    “And whose ever turns away from remembering and mentioning the most Beneficient , we appoint for him shayatin to be a Qareen/hamzad to him”.
    15. Anwar Mahmood Zanaty. Glossary of Islamic terms. Islamkotob. Page-184.
    16. Metcalf. W.V (1940).
    “The reality of unobservable”
    Philosophy of science. 7(3): 337-41.
    ***


    اڻ هوند Nothingness

    “نجهه” (Nothing) “ڪجهه” (Something) جي غير موجودگي آهي. (1)
    “نجهه” اهڙي خاصيت (Property) آهي، جنهن خاصيت جو ڪو وجود نه هجي. (2)
    پارمنائڊس (Parmenides) پنجين صدي قبل مسيح چواڻي “نجهه” معنا جيڪا شيءِ وجود نه رکي، بحث هيٺ اها شيءِ ايندي آهي، جنهن جو ڪو وجود هجي، ان ڪري جڏهن اسان “نجهه” متعلق بحث ڪيون ٿا ته معنا اها “ڪجهه” (Something) آهي. (3)
    پنجين صدي قبل مسيح ان فلاسافر چواڻي ڪا به تبديلي (Change) نه ٿي اچي، ڪائنات جيئن هئي تيئن آهي، ان ۾ وقت سان ڪا به ڦير ڦار نه ٿي آهي، نه شيون وجود وٺن ٿيون، نه وجود وڃائين ٿيون.(4)
    پارمنائڊس، ماورائي طبعات (Metaphysics) ۽ وجودي نظري (Ontology) جو باني هيو، اهو سقراط کان اڳ جو فلاسافر آهي، جيڪو وحدت الوجود (Monist) اسڪول آف ٿاٽ سان لاڳاپيل هيو. (5)
    جيئن دل “وجود” جو واحد نقطو آهي، ائين ڪائنات “خدا” جو مٿيون نقطو آهي، فلسفو سيارن جيان ان چوڌاري ڦري ٿو. عقل انڌو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن “ڪجهه” ڳولهيندي ان جون اکيون ضايع ٿي وينديون آهن.
    پارمنائڊس بحث کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، سندس چواڻي “بحث هيٺ اها شيءِ ايندي آهي، جيڪا وجود رکندي هجي” جيڪڏهن نجهه (Nothing) آهي ته پوءِ اڻ هوندو (Nothing ness) خاليپڻي جو اظهار آهي، ان خال ۾ موجود وٿي پنهنجي لامڪان ۾ مقام رکي ٿي.
    پارمنائڊس “نجهه” جو اڻ سڌيءَ طرح انڪاري آهي، هو “نجهه” کي ٻئي نظر سان ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو “ڪجهه آهي” ۽ واقعي ئي ڪجهه آهي، جنهن کي شعور ڳولهيندي “نجهه” ۾ تبديل ٿي ويو آهي، پارمنائڊس جو مفروضي منطق “ڪجهه” ڏسي ٿو، ڀل اهو تبديليءَ جي عمل مان گذرندو هجي، پر اهو آهي ڪير؟ خدا، ايٽم يا مشاهدي ۾ نه ايندڙ جزا، جيڪي کوجنا جو رستو کولين ٿا. (6)
    فلسفي کي آسمان جي تارن جيڏيون اکيون آهن ۽ هر اک هستيءَ کي ڏسڻ لئي بي قرار آهي، فلسفي جي ڪهڙي به گهٽيءَ ۾ گهمو، ان گهٽيءَ جي هر در تي هستيءَ جو نانءُ لکيل آهي. خدا نه ان جو پاڇو ڇرڪائيندڙ آهي، ڪائنات ڪرڻا آهي ۽ ڪرڻن جو مرڪز، ڪرڻن جي خاصيتن (Properties) ۾ دفن ٿيل آهي، خدا کي کوٽي ڪڍڻ، نوان کنڊر تعمير ڪرڻ آهي. قائم ڪيل قياس (Chaos) جاري آهي ۽ سماوي (Cosmos) آٿت (Placebo) آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ان جو ظهور کيس نقاءَ (Nomenon) ۾ پڌرو ڪري وجهندو.
    پر پارمنائڊس جا وجودي خيال جٽادار نه آهن، هو تبديليءَ کي نه ٿو مڃي، جيئن آهي تيئن آهي، نه ڪو وجود وٺي ٿو، نه وڃائي ٿو، وحدت الوجود جي مرڪزي نقطي ۾ سڀ سمايل آهي.
    پارمنائڊس، وجودن ۽ الوهي طبعاتي منظرن جو ابو، مذهبن جو ٻج ڇٽيندڙ، خدا جي ٻنيءَ جو مفلوج هاري، تبديليءَ جو انڪاري، جيئن آهي تيئن آهي، جيئن هيو ائين آهي، سندس همعصر ليوڪيپوس (Leucippus) وحدت الوجود (Monist) فلسفي، جنهن چيو ته وحدت ايٽم (Atom) آهي. ايٽم ڪائنات جو مرڪزي نقطو آهي، نقطي چوڌر خول (Void) آهي ۽ خول چرپر (Motion) لئي ضروري آهي.(7) خول، وجود (Existence) جو ضد آهي، مرڪزي نقطي ايٽم جي چرپر خول ۾ وجود جي ڀٽڪندڙ روحن لئي جسم جي تعمير آهي، هو پارمنائڊس جي ان خيال سان متفق آهي ته “نجهه” جو ڪو تصور نه آهي، ڪجهه آهي ۽ اهو واحد موجود جيڪو وحدت الوجود آهي، اهو ايٽم آهي يا هستي، معروض آهي يا موضوع، خاصيتن جو ڍير آهي يا بگڙيل نقش (Abstract structure) نهر (Dense) آهي يا نهرو (Liquid) گيس آهي يا گس، رستو آهي يا راهه، تصور نٽهڻ اُس ۾ ڪنڊيءَ تي ويٺل ڪانءَ جي اک آهي، ڪارو ڪانءُ جيڪو سهڪي ٿو ۽ ان جو ڳاڙهو وات ڦاٽل آهي.
    پارمنائڊس موجب “ڪجهه” آهي، ڪجهه اندر وجود هڪ ٻئي ۾ گهاٽا (Plenum) آهن، اهي مادي اندر مادي سان ڀريل آهن، ائين ڀريل آهن، جو وٿي نه هجڻ ڪري چرپر جي جاءِ نه آهي. (8)
    جديد سائنس چوي ٿي ڪائنات هڪ پهڻي (Monolithic) نه آهي، پر گهڻ پهڻي (Multilithic) آهي، انهن گهڻ پهڻن وجودن جي وٿين (Voids) ۾ هر هنڌ چرپر آهي.
    فلسفو بي گهر انڌي فقير جيان آهي، اهو لٺ سهاري ٻين جا در کڙڪائي پڇي ٿو “منهنجو گهر ڪٿي آهي؟”
    مفروضا (Hypothetics) شطرنج راند آهي، جنهن ۾ مهرا بادشاهه کي ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، مارڻ لاءِ نه، ڳولهڻ لاءِ! مفروضن جي راند جو بادشاهه، راند کان ٻاهر کيڏندڙن جي دماغ ۾ رهي ٿو، انهن جو مهرو راند ۾ نه آهي، تصور ۾ آهي، اهو ڌيان ۾ آهي، اها اڻ کٽ راند آهي، هڪڙا رانديگر گذاري ويا، ٻيا گذري رهيا آهن، ٽيان گذاري ويندا.
    زمانو نه گذري رهيو آهي، اسين گذري رهيا آهيون، اسين وڏڙن جي خوابن ۾ جئي رهيا آهيون ۽ ايندڙ اسان جي خوابن ۾ جيئندا، تصور وقت جي اڻ کٽ تند آهي ۽ اسين تند ۾ اٽڪيل آهيون، تند وجود ۽ آڱرين جو رابطو آهي.
    ڊيموڪريٽس (460-370BC) پارمنائڊس جي نظريي ۾ ترميم ڪري ٿو، چوي ٿو “ضرور ڪجهه” آهي، ائين چئجي ته “نجهه” پاڻ “ڪجهه” آهي، خول (Void) خالي نه آهي، خول اندر شيون وجود رکن ٿيون، ننڍا ذرا (Atoms) وجود وٺي وڏن ذرن ۾ تبديل ٿين ٿا، شيون تبديل ٿين ٿيون، اهي ڄميل نه آهن، اهي ڦير ڦار جي عمل مان گذري بقا ڏانهن وڌن ٿيون. (9)
    ڊيموڪريٽس جنهن جي پيرن جا نشان پيرن جيان پنڌ ڪن ٿا. ڪو لافاني انڪري هوندو آهي جو فنا ٿيڻ کانپوءِ ان جو پاڇو رهجي ويندو آهي، پاڇولافاني شخصيت کان وڌيڪ پاڇائي هيبت رکندو آهي، ڊيموڪريٽس الهام (Intuition) جي گهوڙن جو مالڪ، تصور جي طنيبلي ۾ عورتن جي خوبصورت چهرن وارا براق تڏهن پيدا ٿين ٿا، جڏهن ڊيموڪريٽس جا پرواز ڪندڙ خيال الهام جي گهوڙن سان عشق ڪن ٿا.
    فلاسفر ڪرل بيلي (Cryll Baily) موجب ليوڪيپوس خول (Void) کي “ڪجهه” چئي “نجهه” کي اهميت ڏني آهي. (10)
    هر فلاسافر خفتي آهي، اهو لفظ پالي ٿو، خفتي تتر پاليندا آهن، انهن کي ماحول فراهم ڪندا آهن ته اهي دل کولي ٻولين، تتر کي ڏسي تتر ڄار ۾ ڦاسندو آهي، هوا ۾ رولاڪ ڪبوتر تهه تي ويٺل ڪبوترن جي ڀڙڪي تي اچي انهن جي ڀر ۾ ويهندو آهي ۽ ڦاسي پوندو آهي.
    لفظن جا خفتي لفظن جو ڄار وڇائي لفظ ڦاسائيندا آهن، سوچون رولاڪ ڪبوتر جيان عرش جي اوچائيءَ تي ڀٽڪنديون آهن، ڪرل بيلي وري “ڪجهه” کي “نجهه” ۾ ڦاسائي ٿو، جيڪي آهي ڄڻ ته آهي.
    وڻ جي اوٽ مان اکڙين جا اشارا آهن، هر اشارو الڳ آهي، پر ڳولهيندڙ جي من ۾ هڪ (One) آهي، اها هيڪڙائي (Oneness) گهڻائي (Polyness) کي ڀلائي رڻ رلائي ٿي، اکڙين جا اشارا ڪير سمجهي؟ اشارن جي ڳجهارت ڪير ڀنڃي؟ چَپَ چُپ آهن، “ڪجهه” ڄاڻڻ جي دعواتي پراعتماد زبانون ڪوڙ ڳالهائين ٿيون، منزل ڏي وڌندڙ پير ٿيڙ کائين ٿا، لفظ وچڙن ٿا، ڳجهه ڳولهڻ لئي ماڻهو، ماڻهوءَ کي کوٽي ٿو، اندر نامڪمل آهي، دل اهڙو کنڊر آهي، جيڪو ڪنهن به دور ۾ خوبصورت عمارت نه هئي.
    هيگل (1831-1770ع) موجب ڪا به شيءِ سچ ثابت نه ٿي ٿئي، سچ ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت گهڻين شين جي ضرورت پوي ٿي، جيئن دعوا (Thesis) رد دعوا (Antithesis) ۽ ترڪيب (Synthesis)، انهن کي ملائي سچ کي ويجهو وڃي سگهجي ٿو. انهن کي الڳ ڪري ڪو به تجزيو ڪوڙ ڏي وٺي ويندو. “نجهه” جو تجزيو هيگل جي فلسفي ۾ ڪامل (Absolute) تڏهن ليکجي ٿو، جڏهن ان کي هيٺين ترتيب ۾ پرکيو وڃي.
    1. دعوا (Thesis) ته ڪامل (Absolute) نج وجود رکندڙ آهي.
    2. رد دعوا (Antithesis) نجهه ڪامل نه آهي.
    3. ترڪيب (Synthesis) جنهن موجب ڪامل وجود وٺي رهيو آهي. (11)
    ڪنهن شخص گدڙ نه ڏٺو هيو، جهنگ ۾ ويو ۽ گدڙ ڳولهيائين، واٽ تي کيس گدڙ مليو، ڇو جو گدڙ نه ڏٺو هيائين، ان ڪري سڃاڻي نه سگهيو، جڏهن گدڙ کي ويجهو آيو ته ان کان پڇيائين؛
    “ڏي خبر هتي ڪو گدڙ رهندو آهي؟”
    گدڙ پڇيس: “ڇو؟”
    “ڇو جو سڄي زندگي ان جي تعريف ٻڌندي گذري آهي، سوچيم ڏسان ته صحيح اهو گدڙ آهي ڪهڙو؟”
    گدڙ هن جي ڳالهه تي کلي نه سگهيو ڇو جو گدڙ کلندا نه آهن.
    “ها مونکي خبر آهي” گدڙ چيس“پر تون ان کي ڏسي نه سگهندين”
    “ڇو نه ڏسي سگهندس؟” ماڻهوءَ چيو.
    “ڇو جو اهو طاقتور آهي، ان جا ڏند وڏا، ننهن ڊگها، وات ويڪرو، گاج ڪندو آهي، ته جهنگ جا جانور ڇرڪي ويندا آهن، ڊڪي پڪڙي، ڪنڌ ۾ وات وجهي ساهه ڪڍي کائي ويندو آهي.”
    ماڻهوءَ هڪدم چيس “پر اهو ته شينهن آهي”
    گدڙ چيس: “شينهن کي گدڙ کان وڌيڪ ڪير سڃاڻي.”
    هيگل جو سچ کي ويجهي پوڻ وارو نظريو به ائين آهي جيئن ماءُ پنهنجي وڃائجي ويل ٻار کي ڳولهيندي هجي جيڪو کيس ڄايو ئي نه آهي.
    دعوا، ته ڪامل نج وجود رکندڙ آهي، واقعي هرڪو دعوا ڪري ٿو، دعوا کي رد ڪري، ڪامل جي ترڪيب (Synthesis) ڪڏهن مڪمل ٿيندي؟ اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، هيگل کي چوٿين ڳالهه به ڪرڻي هئي، جيڪا تجزيو (Analysis) هئي ته سچ ڪائنات جي فنا ٿيڻ تائين ڪڏهن ڪامل نه ٿيندو، سچ ميڻ جو بت آهي، گرمي سرديءَ تي ان جا نقش بدلجي پون ٿا، نجهه (Nothing) انڪري آهي جو اسين انڌا نه آهيون، ڪائنات انڌي آهي ۽ اسين ان کي نظر نه ٿا اچون.
    سارتر جي نظر ۾ “ڪجهه” (Something) آهي پر ان سان گڏ “نجهه” پڻ آهي، هن پنهنجي ڪتاب موجود ۽ اڻ هوندو (Being and nothingness) ۾ ٻن قسمن جي وجودن جو ذڪر ڪيو آهي، حقيقي وجود جيڪي معروض (Object) آهن، جيئن وڻ، ٽڻ، حيوان، انسان ۽ نظر ايندڙ شيون. ٻيو وجود، شعور (Consciousnsess) آهي، جيڪو “نجهه” آهي. ڇو جو شعور نظر نه ٿو اچي پر آهي. (12)
    جيڪس لڪان (Jacques Lacan) (1981-1901ع) ۽ ٻين مفڪرن سارتر پاران ڏنل اهڙن ويچارن جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو “جيئن ته انسان شعور جي پيداوار آهي ۽ شعور” “نجهه” آهي، انڪري انسان جو خلقيندڙ “نجهه” آهي، خدا ان جو خالق نه آهي، انهن دهرائپ (Atheism) کي هٿي ڏني. (13)
    شعور انسان جو سرچشمو آهي، انسان شعور جو سرچشمو آهي؟ چون ٿا سج ڪجهه نه آهي ڪرڻا آهي، ساهه جو ڪهڙو وجود آهي؟ توانائيءَ جو سڙڻ روشني آهي، باهه آهي. روشني ۽ باهه بذات خود “نجهه” آهن.
    شعور ٽانڊو آهي جيڪو دماغ جي چلهه ۾ دکي ٿو، اهميت ٽانڊي کي آهي يا دماغ کي؟ سارتر موضوع (Subject) کي اهميت ڏئي ٿو. سڀ معروض، شعوري موضوع ۾ ڏسجن ٿا. ماڻهو منجهيل آهن، شعور جي شهر جا سڀ رستا بند آهن، گهڻين جي گهرن جا ڪڙا ڇڳل آهن، ماڻهو موڪلائڻ چاهي ٿو، ڪڙا کڙڪائي نه ٿو سگهي، هوا ۾ لڏندڙ هٿ ڪٽيل آهن.
    اي خدا مون ۾ پناهه وٺ جيئن توکي سانڍي سگهان، شعور کان لاشعور سٺو، انسان کان اٺ جو ڳاٽ ڪيڏو اونچو آهي.
    وحداني مذهب، معروض (Object) آهن ۽ ڌرمي مذهب، موضوع (Subject). وحداني “ڪجهه” آهي تي زور ڏين ٿا ۽ ڌرمي “نجهه” جي پيداوار آهن، ڪجهه آهي جيڪو نظر نه ٿو اچي، پر “ڪجهه” آهي. “نجهه” آهي، هر شيءِ فنا مان ڦٽي ٿي، جتي انا جي فنا ٿئي ٿي اتي وجود ڪک جيان اڏامي هوا تخليق ڪري ٿو ۽ ڪائنات جي ابتدا ٿئي ٿي.
    نه مان ڌرمي، نه وحداني، نه وجودي، نه موجودي، “نجهه” جي ڪک مان ڦٽندڙ “ڪجهه”، نه نوري، نه شعوري، نه قياس، نه سماوي، نه آٿت، نه ناٿت، نه خال، نه خول، نه نهرو، نه نهر، نه واڌ، نه وٿي، نه ترڪيب، نه ترتيب، نه دعوا، نه رد دعوا، نه مڪمل، نه ڪامل، نه موضوع، نه معروض، مان انا جي فنا، اڏامندڙ ڪک، مان گهنجيل، مان منجهيل، مان مطمئن نه آهيان، مان منافق نه آهيان، ڊائري جا لکيل پنا ڦاڙيان ٿو، منهنجي ڊسٽ بن جي دل وڏي آهي.



    References:

    1. Bertrand Russell.
    “History of western philosophy”.
    Routledge 1995.
    2. Josef pieper , Berthold wald , For the love of wisdom : Essays on the nature of philosophy” Translator: Roger wasserman, Ignatius press , 2006.
    3. Austin , Scott (2007).
    “Parmenides and the history of dialectic: Three assays”
    Parmenides publishing.
    4. Burnet J. (2003).
    “Early Greek philosophy”.
    Kessinger publishing (First edition 1908).
    5. Barnes, Jonathan (1978).
    “The presocratic philosophers”.
    Routledge and kegan Paul.
    6. Coxon A.H (2009).
    “The fragments of Parmenides: A critical text with introduction and translation , the ancient testimonia and a commentary”.
    Las vagas , Parmenides publishing.
    7. Laertius , Diogenes (1925)
    “others : Leucippus”
    Lives of eminent philosophers. p.2-9.
    8. Cordero Nestor- Luis. (2004).
    “By being it is : The thesis of Parmenides”
    Parmenides publishing.
    9. Sylvia Berrymen (2005).
    “Ancient Atomism.”
    Standford Encylopedia of philosophy. Retrieved on 15 July 2009.
    10. David Furley (1967). Cryll Baileys comments on Greek atomist and Epicurus.p-38.
    11. David Gray Carlson , A commentary to Hegel’s science of logic. Palgrave Macmillan , 2007.p-38.
    12. Jean- Paul satre.
    “Being and Nothingness”.
    July 8.2006.
    13. David Macey.
    “Introduction”
    Jacques Lacan. The four fundamental concepts of psycho. Analysis (London 1994).p-14.
    ***


    ڪن فيڪون First Cause

    هر تخليق جو ڪو جواز (Reason) ۽ سبب (Cause) آهي، گهڻا ڏاها جواز ۽ سبب جو فرق سمجهي نه سگهيا آهن، جواز جو سبب “سبب” آهي، پهريون جواز (Reason) پيدا ٿيو ۽ جواز سبب “سبب” پيدا ٿيو. (1)
    ڪائنات ۽ وجود جي تخليق پويان ڪو جواز هيو، جنهن سبب اُهي پيدا ٿي پيا.
    جواز پيدا ڪندڙ “پهريون سبب” (First Cause) آهي، انڪري سڀ کان پهريون “پهريون سبب” ڪنهن جواز ڪري تخليق جو سبب بڻيو، “ڪن فيڪون” ڪائنات ٺهي پئي، جينيسس (Genesis) موجب خدا آچر ڏينهن آرام ڪيو. (2)
    اسين سمجهه جي، نه سمجهه ۾ ايندڙ خيالن کي معرفت سان ڀرڻ چاهيون ٿا.
    خدا وٽ ڪو جواز هيو، ان سبب ڪائنات تخليق ڪيائين، انسان وٽ جواز آهي، جنهن سبب معرفت پيدا ڪيائين، پهريون سبب جيڪو پاڻ ساڪت (Unmoved mover) آهي، پر ان جي تخليق ساڪت نه آهي، پهريون سبب هو پاڻ آهي.(3) جواز ڇا هيو؟ جواز جو سبب، تخليق جو بنياد، حيران ڪندڙ آهي! ماڻهو حيرانگيءَ مان ٻاهر نڪرڻ چاهي ٿو، هر سبب جو سبب، پهرين سبب ۾ ڳولهي ٿو ۽ اهو سبب هو خدا ۾ ڳولهي ٿو، اعتقاد خدا جي تصور ۾ آساني پيدا ڪري ٿو، عقيدو خلفشار کان بچائي ٿو، پر انسان جانور جي صفت کان ٿورو مختلف ٿي پيو آهي، ڇو جو انسان جو عقيدو ۽ ايمان مڪمل نه آهي، انسان عقيدي ۽ ايمان تي عمل ڪري جانور ٿي وڃي ڇو جو جانور جو عقيدو آهي ته اهو جانور آهي، جنهن ڪري انسان جي سوَ سالن جي حياتيءَ ۾ ان جي هڪ ڏينهن جي حياتي جهنگ ۾ بي فڪر گذرندي آهي، جڏهن انسان وجود ڳولهي انفراديت حاصل ڪري ٿو ته هو وجود جو سبب ڳولهي ٿو، پهريون سبب، ٻيو سبب ۽ جواز جنهن سبب، “سبب” پيدا ٿيو.
    اهو ڪير هيو؟ مان ڇا آهيان؟ ڪائنات مغز آهي، جيڪو ڦري ٿو، ڌرتيءَ جي گردش مٿي جو چڪر (Gidiness) آهي.
    مان جيڪو ارتقائي طور ماڻهوءَ جي عهدي تي فائز ٿيو آهيان، اهو پهرين سبب جو جواز ڳولهي ٿو، ڪهڙو سبب هيو جو “پهريون سبب” پيدا ٿيو؟ مون کي سمنڊ ڇڏي کوهه ۾ لهي جائزو وٺڻو پوندو، خوف آهي، ارتقائي طور واپس موٽي ڪنهن جانور ۾ نه تبديل ٿي وڃان، هڪ سبب جو سبب ڳولهه ته سوين سبب، بي سبب، سببن جو روپ ڌاري سبب پيدا ڪن ٿا.
    “ڪي ڏاها چون ٿا خدا کي پاڻ پسائڻو هيو ۽ اهو جواز ڪائنات جو سبب بڻيو”
    سڃاڻپ جي قانون (Law of identity) موجب هر شيءِ پنهنجو پاڻ سان مشابهه آهي، ان ڪري ڪائنات يا ذرو (Particle) پنهنجي منفرد ۽ مخصوص خاصيت سان ملندڙ آهي.(4) لفظ خدا، خدانه، خدا جي خاصيت آهي، خدا، خود ۾ سمايل آهي ۽ خود؟ سوچن جو چرخو هلندي رڪجي وڃي ٿو، سوچن جي تند ٽٽي پوي ٿي، زندگيءَ جي تند سوچن جي تند آهي، اسين سوچون ٿا، انڪري جيئرا آهيون، جتي سوچن جي تند ٽٽي ٿي، اتي زندگيءَ جي تند ٽٽي ٿي، يقين ڪيو مان مري چڪو آهيان ۽ روح منهنجو قلم سنڀاليو آهي.
    سائنسي طور منهنجو روح ۾ يقين نه آهي پر مون اندر اهڙو ڪجهه آهي ضرور جيڪو مون جهڙو آهي ۽ مون کي ماري مون جيان جيئي ٿو.
    پاڻ پسائڻ جو جواز ۽ ايڏا آئينا؟ ڪائنات آئيني اڳيان آئينو رکيل آهي، اي خدا آئينا نه ٺاهين ها، اکيون ٺاهين ها! تنهنجي تجلي (Illumination) جي طاقت ۾ شيون ڌنڌ لائجي وڃن ٿيون. انسان ته سج ڏي اک کڻي نه ٿو ڏسي سگهي، تنهنجو تجلو اکين کي کيرو ڪري ٿو، تنهنجي تجلي جي طاقت وجود کي پار (Transilluminate) ڪري ٿي، اندر ۾ ڇا اجاگر ڪري ٿي؟ اهو پاڻ کي پاڻ ڏسڻ کان قاصر آهيان.
    اي مها! توکي ٽول نه ٿا جڳائين، جڏهن تنهنجو ذڪر نڪري ٿو ته ماڻهو پڇن ٿا “پهريون بيدو پيدا ٿيو يا چوزو؟” (5)
    اهڙو سوال سبائب (Causality) جو ٻه واٽو آهي، ان ۾ سبب (Cause) ۽ ان جي اثر (Effect) جي ڪا خبر نه ٿي پوي. (6)
    سبب ۽ اثر هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن، جديد طبعات جي وقت ۽ وٿي، (Time and Space) کان اڳ سبب ۽ اثر (Cause and Effect) هيو. (7)
    سبب جي اثر هيٺ جيڪي واقعا ٿيا اهي ماضي آهن ۽ جيڪي ٿيندا اهي مستقبل آهن، ائين وقت ۽ وڇوٽي ان محاوري ۾ سمايل هيا.
    ارسطوءَ وٽ لفظ سبب جي معنا وضاحت (Explaination) آهي يا ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ هن وٽ سبب، وضاحتن جي وضاحت آهي.(8) سبب جو سمجهه ۾ نه اچڻ بحث ڇيڙي ٿو، هن وٽ اهڙو بحث نه کٽندڙ سلسلو آهي، جنهن جو ٽوڙ ڪٿي به سچ ظاهر نه ٿو ڪري، اڻ کٽ موٽ (Infinite regress) آهي، جنهن ۾ سچ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ ثبوت کي ٻئي ثبوت جي ضرورت پوي ٿي، ٻئي ثبوت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ٽئين ثبوت جي ۽ ٽئين ثبوت کي چوٿين ثبوت جي، ائين هر ثبوت کي ثابت ڪرڻ لاءِ، ثبوت پويان ثبوتن جي ڊگهي اڻ کٽ قطار ٺهي وڃي ٿي، جنهن کي سچ ثابت ڪرڻ جي اڻ کٽ موٽ (Infinite regress) چئجي ٿو. (9)
    ......بيدو پيدا ٿيو ڇو جو ڪڪڙ هئي، بيدي مان ڪڪڙ پيدا ٿي، ڪڪڙ وري بيدو لاٿو.... پهريون ڪڪڙ پيدا ٿي يا بيدو؟ ڇو جو ٻئي هڪ ٻئي مان پيدا ٿين ٿا.
    خدا ڪائنات پيدا ڪئي، خدا کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ يا فلسفيانا طور سوچجي ٿو ته خدا ڪائنات پيدا ڪئي آهي، ڪائنات، خدا پيدا ڪيو، ڇو جو خدا ڪائنات ۾ سمايل آهي، ته پوءِ پهريون ڪير پيدا ٿيو، خدا يا ڪائنات؟
    ان ڪري سياڻن سچ چيو آهي ته “چوزي کي حقير نه سمجهيو وڃي، ڇو جو دنيا جهڙي بيدي جو وجود چوزي جو ڪمال آهي.”
    فلسفي کي هزارين سان اهو مسئلو حل ڪرڻ ۾ لڳي ويا ته پهريون چوزو پيدا ٿيو يا بيدو؟ مسئلو حل ڪندي ڪيترائي چوزا مري ويا. ڪيترا چوزا پيدا ٿي پيا، بيدا هٿن مان ڇڏائجي ڀڄي پيا، ڪيترا نوان بيدا ٻاهر نڪتا، بيدا چوزا بڻيا ۽ چوزا بيدي ۾ وڃي ڪڪڙ ۾ موٽيا، خدا کي ڳولهيندي اسين ڪيڏا ڪڪڙ پيدا ڪيا ۽ ماڻهو ڪڪڙن جي ٻانگ تي نمازون پڙهن ٿا.
    ارتقائي طور اهو مسئلو سلجهائي سگهجي ٿو، نه پهريون چوزو بيدا ٿيو ۽ نه بيدو پيدا ٿيو، ساهوارا امائينو ايسڊ (Aminoacid) جي پيداوار آهن، امائينو ايسڊ جي ترتيب (Squence) ڊي اين اي جي شروعات ڪئي، ڊي اين اي، جيو گهرڙي (Cell) کي جنم ڏنو، جنهن مان هر ساهوارو ماحول مطابق پروان چڙهيو آهي.
    امائينو ايسڊ ڪٿان آيا؟ اهي ڪيميائي ترتيب آهن ۽ ان جو جواب آهي ته اهي پڇڙتاري (Comet) وسيلي ڌرتيءَ تي پهتا، انڪري چوزا پنهنجن اصلوڪن جا تبديل ٿيل نسل آهن، بيدو يا چوزو ارتقائي وجود آهن، جيڪي ماحول ۽ حالتن سان مطابقت (Adaptation) ۾ صدين جو سفر ڪري تبديل ٿي ان حالت کي پهتا. (10)
    ايناڪسمينڊر (Anaximandar) (610-546BC) اهڙي سوال جو جواب مبهم لفظن ۾ ڏنو هيو، جيڪو ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيو يا اهو وقت کان پهريون وقت جو سچ هيو، جيڪو وقت جو ڪوڙ ٿي پيو، ڪوڙ جي وقت ۾ ڪوڙ ئي سچ هوندو آهي ۽ سچ جي وقت ۾ ڪوڙ ئي ڪوڙ هوندو آهي، جيئن ته سچ اڻ کٽ موٽ آهي، انڪري سچ کي ثبوت جي ضرورت ماضيءَ ۾ اهڙي هنڌ وٺي وڃي ٿي جو ڪوڙ جي رڻ ۾ سچ رڃ ٿي پوي ٿو.
    فيساغورث اينا ڪسمنڊر جو شاگرد هيو، اينا ڪسمينڊر چيو “مادو فنا نه ٿو ٿئي، اهو خاتمي بنا (Endless) آهي، اهو تبديل ٿي ٻئي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. (11)
    ايناڪسمينڊر، ٿاليس، (Thales) جو شاگرد هيو، ٿي سگهي ٿو هن پنهنجي استاد جي خيالن کي اڳتي وڌايو هجي، ٿاليس چيو “بنيادي عنصر پاڻي آهي” (12)
    اهڙن خيالن ۾ ارتقا جو لڪيل اظهار آهي، عيسا کان ڇهه سوَ سال اڳ اهڙن خيالن جو اظهار حيرت ۾ وجهندڙ آهي، اهڙن فلاسافرن جي صدقي سوچيان ٿو ته لکيل ورق نه ڦاڙيان، پر مون کي خبر آهي ته پاگل خاني ۾ صرف ٻه شخص چريائپ کان پاڪ هوندا آهن، هڪ مالهي ۽ ٻيو ڀنگي، ڇو جو مالهيءَ کي بدبوءِ ۽ ڀنگيءَ کي خوشبوءَ نه وڻندي آهي، چرين لاءِ جهڙي خوشبوءِ تهڙي بدبوءِ، توهان کي يقين نه اچي ته يونانين جي هڪ ٻئي ڳالهه ٻڌو.
    دنياوي بيدي (Orphic egg) موجب دنيا بيدي مان نڪتي آهي، ان بيدي مان ٻجنسيو (Hermaphraditus) فينس (Phanes) ديوتا ڄايو، فينس ديوتا ٻجنيسو آهي، هو نر به آهي ته مادي به، کيس مخلوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنهن ماديءَ جي ضرورت نه پئي. (13)
    ڌرتيءَ تي هاڻي به ڪيترا نوع (Species) ٻنجسيا آهن، اهي آنيارا (Ova) ڏين ٿا ۽ آنيارن کي پاڻ ڳڀرائين (Fertilise) ٿا.
    مزاح طور انسان ٻجنسيو هجي ها ته ڪيترن عذابن ۽ گناهن کان بچي وڃي ها، گيس گناهه نه ڪرڻ جي صلي ۾ جنت نصيب ٿئي ها ۽ حورون هڪ ٻئي جي شڪل ڏسن ها.
    فينيشين (Phoenician) عقيدي موجب ڪائنات ٿٿ (Thoth) ديوتا مان جنم ورتو، ٿٿ جو هيٺيون ڌڙ انسان ۽ منڊي ابس (Ibis) پکي جهڙي هئي، ابس پکي ٻگهه جهڙو هيو، پر ان جي چهنب ڊگهي ۽ قد وڏو هيو، اهڙي تصوير مصر جي قديم کنڊرن مان پڻ ملي آهي.(14)
    چيني عقيدي موجب بيدي مان پانگو (Pangu) ديوتا پيدا ٿيو، جڏهن بيدي مان ظاهر ٿيو ته بيدي جو مٿيون اڌ آسمان ۽ هيٺيون اڌ ڌرتي ٿي پيو، جيئن ديوتا قد ۾ وڏو ٿيندو ويو ته آسمان مٿي ٿيندو ويو، پانگو ديوتا جي مرڻ کانپوءِ ان جا عضوا ڪائنات جا حصا ٿي ويا. (15)
    عقيدو معصوم ٻار جي هٿ ۾ جهليل ڦوڪڻو آهي، پنهنجي پنهنجي هوا ڀريو ۽ اڏاريو.
    اسين لاشعوري ڪفر ڪيون ٿا، جيئن ته ڪامل (Absolute) اڃان متضاد آهي، کيس مڪمل چئي مڙهيون ٿا، ڪامل هر ادراڪ ۾ مختلف آهي، عقيدو ۽ اعتقاد گروهي شڪل اختيار ڪري ڪفر ۽ ايمان جي تناظر ۾ ورهايل آهي، ڪامل کي ڪامل تي مڙهي نه ٿو سگهجي، ڪامل، ڪامل نه آهي، هر انسان کي آزادي هجڻ گهرجي ته پنهنجي پهچ مطابق ڪامل کي مڪمل ڪري.
    مان ڪنهن به ڳالهه سان متفق نه آهيان، اهو سچ به آهي ته جيڪڏهن سچ نه هجي ته سڀ ڪوڙ آهي ۽ اهو به ڪوڙ آهي ته جيڪڏهن ڪوڙ نه هجي ته سڀ سچ آهي.
    منهنجو پراڻو دوست ڪامريڊ گلاب جنهن کي فيڊل ڪاسترو جهڙي ڏاڙهي آهي ۽ ماڻهو کيس مولوي چوندا آهن، هڪ دفعي عجيب جملو چيو: “سچ ۽ ڪوڙ انسان جي پوشاڪ آهن، ڪوڙ قميص ۽ سچ سٿڻ آهي”
    گلاب آ گلاب آ گلاب آ گلاب.................
    ............................Rose is a rose is a rose is a rose
    اهو جملو ڪامريڊ گلاب نه آهي پر گرٽروڊ اسٽين (Gertrude stain) (1946-1874ع) جي مشهور نظم سيڪرڊ ايملي (Sacred Emily) جي هڪ سٽ آهي.
    پهريون گلاب شخصيت جو نالو آهي، جيڪا مرد نه، عورت آهي، گلاب آهي، گلاب جهڙو ڇو جو گلاب، گلاب آ، ان ڪري گلاب، گلاب جهڙو آهي، ڇو جو گلاب...................
    سڃاڻپ جي هڪ اڻ کٽ تعريف، اهو جملو سڃاڻپ جو قانون (Law of identity) مڃيو وڃي ٿو، گر ٽروڊ موجب اهو جملو گلاب کي ڳاڙهو ڪري وجهي ٿو. (16)
    انسان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، پر هر ڪاوڙ کانپوءِ کيس ڦڪو ٿيڻو پوندو آهي، انڪري گلاب ۽ ڪاوڙ ۾ فرق آهي، گلاب ڪاوڙ نه ڪندا آهن، ان ڪري ڦڪا نه ٿيندا آهن، ڪي گلاب ڦڪي رنگ جا به هوندا آهن، انهن جو ڦڪو رنگ ان ڪري هوندو آهي، جيئن ڪڏهن ڦڪا نه ٿين.
    سڃاڻپ جي قانون (Law of identity) موجب سچ ٻن قسمن جا آهن، هڪ تعلقي (Necessary) سچ آهي، جيئن معروض (Objects) رياضي ۽ سائنس جا قانون جيڪي تجرباتي نتيجن سان حاصل ٿين ٿا، ٻيو سچ متعلقي (Contigent) آهي، جيڪو لامحدود سببن تي مشتمل آهي، ان جي خبر خدا کي آهي ۽ بندي جي سوچ کان پري آهي. (17)
    سچ کي نج حالت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي، سچ کي ورهائي ويجهو آڻي سگهجي ٿو، سچ هڪ نه آهي، ان جا قسم آهن، ڪهڙي قسم جو سچ توهان جي توقع تي پورو لهي ٿو، ان سچ کي پنهنجو ڪيو.
    سچ لاوارث ٻار جيان يتيم خاني جو رهاڪو آهي، جيڪو سچ سهڻو لڳي ان کي پنهنجو (Adapt) ڪيو.
    منهنجي گلدان جا گل ڪومائجي چڪا آهن، ڳاڙهو رنگ ناسي ٿي چڪو آهي. مان لکيل ورق ڦاڙي انهن جي ڪفن ۾ گل وجهي ڊسٽ بن ۾ دفنايان ٿو.



    References:

    1. Hankinson. R.J (1997)
    “Cause and explanation in ancient Greek thought”.
    (PDF) oxford university press.p.125.
    2. Villanuev , Tino (1999). First cause (Primera Cause). Merrick NY. Cross cultural communications 1999.
    3. Harry A Wolfon.
    “The plurality of immovable movers in Aristotle and Averroes”
    Harvard studies in classical philology, 63(1958): 233-253.
    4. Jozef Maria Bochenski (1959)..
    “Things are said to be named equivocally, when though they have a common name”.
    Section.3.32, p-11 and sect: 3.92,p.14.
    5. Fabry Merrill (2016)..
    “Now you know , which came first the chiken or the egg?”.
    Time magazine. Retrieved 2017-07-11.
    6. Bunge , Mario (1960).
    “Causality and modern science”.
    Nature.187 (3rd edition) 2012.p.123-124.
    7. Lewis , David (1973)
    “causation”
    Counter factual dependence and times arrow. Nous. 13(4).
    8. Byrne , Patrick Hugh (1997).
    “Analysis and science in Aristotle”.
    Sunny series in Ancient Greek philosophy. State university of New York press. p.83.
    9. Aristotle.
    “Posterior Analytics”
    B.H. Blackwell.1901-p,7.
    10. Benton , Michael. J et al (2007).
    “Paleonotological evidence to date the tree of life”.
    Molecular biology and evolution. 24(1).26-53.
    11. Kahn , Charles H. (1960) Anaximander and the origin of Greek cosmology. New York. Columbia university.
    12. Chishom , Hugh, (1911).
    “Thales of Miletus”.
    Encylopedia Britannica.26(11th edition) Cambridge university press.
    13. West. M.L (1983) “The orphic poems”
    Oxford university press.p-205.
    14. Bleeker , CJ (1973). Hathor and Thoth. Two Key figures of the ancient Egyptian religion.p-121-123.
    15. Derk , Bodde.“Myths of ancient china. In mythologies of the ancient world”
    By samuel Noah Kramer. Anchor 1961.p-383.
    16. Gertrude Stein.“Text of sacred Emily”.
    English university of Illinois archived from the original 2003.
    17. Thomas , Ivo (1974) “On a passage of Aristotle”. Notre Dame J. Formal Logic.15(2):347-348.
    ***


    نجهه منجهان Ex-Nihilo

    (Nihilo=Nothing/Ex=Out)

    مان بائيبل کوليان ٿو، تخليق جو باب (Genesis): ڪائنات نجهه (Nothing) مان تخليق ٿي، تخليق مادي مان نه ٿي آهي، تخليق جاري آهي. (1)
    ماورائي طبعات (Metaphysics): نجهه مان نجهه ئي ظاهر ٿيندو آهي.(2)
    تاريخ: پهريون سبب (First Cause) ارسطوءَ موجب ساڪتي چرپر (Primum movens). ڪائنات خدا نه، خدا جي نالي تخليق ڪئي آهي، ان ڪري اهو نه آهي، جيڪي ڏسجي ٿو، خدا ڳجهه آهي ۽ تخليق اوجهل! سڀ نجهه آهي. (Genesis l:l). مون جڏهن به بائيبل پڙهيو ته سدائين ان جا صفحا هيڊي رنگ جا نظر آيا، بائيبل خدا جي خوف ۾ هيڊو آهي، پادريءَ چيو “عيسا جو منهن ميلنڪلي هيو” مان ڏسان ٿو، چانڊوڪي رات ۾ انتظار ڪندڙ جون اکيون چانڊوڪيءَ جيئن ميلنڪلي آهن، ڪير ايندو؟ نجهه آهي، نجهه جي ڪک ۾ هوند پروان چڙهي ٿي.
    بائيبل چوي ٿو، مادو نظر جو دوکو آهي، ريگستان ۾ رهي ٻيڙيءَ جو انتظار ڪيئن ڪري سگهجي ٿو، جڏهن پاڻي نه هوندو ته وڻجارا ڪيئن ورندا؟
    فلسفو جنهن کي هڪ وات ڏهه زبانون آهن، ان جي هڪ زبان اقرار ڪري ٿي، نجهه مان نجهه ئي ظاهر ٿيندو، ارسطو چوي ٿو خدا کان وڌيڪ ان جي صفت آهي، خدا، خدا جي صفت آهي، صفت موضوع آهي، ان ڪري صفت جي هر تخليق موضوعي آهي، اها معروض ڏسجي ٿي، پر معروض صفت جو روپ آهي، نجهه آهي، پهريون سبب (First Cause) ڪن فيڪون، ٻيو سبب، پهرين سبب جو سبب.
    الغزالي چوي ٿو، جيڪا شيءِ نه ٿي نظري، اوجهل آهي، ان کي ان جي صفت ظاهر ڪري ٿي، خدا اوجهل آهي، پر خدا آهي. هر شيءِ ۾ رب سمايل آهي، ان ڪري هر شيءِ اوجهل آهي. (3)
    هندو عقيدو: رگويداس، خدا کان اڳ ڇا هيو؟ ڪجهه نه هيو، نه هوا، نه پاڻي، نه باهه، ته پوءِ ڇا ٿيو؟ نه موت هيو نه زندگي، نه اوندهه نه روشني، تڏهن خول (Void) ساهه کنيو، اهو توانائي ٿي پيو، حسرت ۾ بدلجي ويو ۽ روح جو ٻج ٿي پيو، اڻ هوند جو خالق سدائين اتي هيو، ان تي وقت جو اثر نه هيو، ان کي ڪنهن نه ڄڻيو آهي، پر “نجهه” مان ڄايو آهي.
    جديد طبعات (Modern physics) موجب ڪائنات توانائيءَ جي ٻڙي (Zero) تي بيٺل آهي، ان ڪري اها “نجهه” مان آيل آهي. (4)
    منطق (Logic): ڪائنات جي ڪا به شيءِ پاڻ چرپر نه ٿي ڪري، ان ڪري “نجهه” “ڪجهه” اهڙو آهي، جيڪو ساڪتي چرپر (Primum Movens) آهي، پاڻ ساڪت آهي، پر ان جي زير اثر هر شيءِ حرڪت ڪري ٿي. (5)
    بابل جي هيبرو (Biblical Hebrew) زبان ۾ لکيل تخليق (Genesis 1:2) موجب تخليق کان اڳ مونجهه جو راڄ هيو ۽ خالي پڻو ائين هيو، جيئن مايوس جو من.
    تاهو و باهو (Tohu Wa Bohu) غائب ۽ مادي بنا.(6) نظر نه ايندڙ، هيت بنا، مونجهارو (Chaos) ۽ خول (Void) فرات ۽ دجلا، تاريخ جون ٻه اکيون، جيڪي اڃان انڌيون هيون، بابل، جتي گناهن جو ملهه ثوابن کان مهانگو هيو، خالي مَٽ مڌ جي اوسيئڙي ۾ هيا، گلابن ڳاڙها هار نه پاتا هيا، نينوا نمرود جي سوچن ۾ وجود نه ورتو هيو، خدائي ۽ ڪفر مٽيءَ ۾ مليل هيا.
    سڃ جي صحرا ۾ تاهو وباهو جا پڙاڏا هيا، جڏهن خاموشي رڙ ڪري ڦاٽڻ واري هئي، هستي ننڊ ۾ الوپ هئي، خاليپڻو هيو، خول هيو، مونجهه هئي، مونجهارو هيو.
    هستيءَ جي جاڳڻ جو سبب خاموشيءَ جي رڙ هئي، تاهو وباهو، نجهه جي قلندر جو نعرو آهي، سروم، خماريل ۽ مئي ڪش آهي، هر شيءِ رقص ۾ آهي، قلندر جي گردش آهي، رنگ ۽ ستارا گردش ڪندڙ درويش جي چولي مان ڇڻي معروض وٺن ٿا.
    “تاهو وباهو” خول (Void) ۾ آوازن جي رڃ آهي، ڪير آهي؟ ڪٿي آهي؟ ڪجهه نه آهي؟ صرف (One) آهي ته اُن کان اڳ ڪير هيو؟ ۽ ان کان اڳ ڪير؟ ۽ ان کان اڳ....
    چُپ، سانت ۾ پنهنجو آواز ٻڌڻ قابل نه آهي، هوا ۾ تخليق جون آڱريون اڏرن ٿيون، انسان جي وجود جي حسرت ۾ خدا خلقجي پيو آهي، گهڻ ڪائناتون (Multiverse) هڪ آئيني اڳيان رکيل ٻيو آئينو آهي، آئينن جو طلسم آهي، اڻ کٽ عڪس آهن، منظر وسيع ۽ نظر لامحدود آهي، سامري پنهنجي طلسم ۾ نظري ٿو، غائب ۽ حاضر ان جي منتر جو ڪمال آهي، عقل، ظاهر ۽ غائب جي وچ تي بيٺل آهي، هيڏانهن اک ڦيراءِ ته هوڏانهن ظاهر، هوڏانهن اک ڦير ته هيڏانهن غائب، انساني عقل مائوف آهي، مفروضو آهي، اعتقاد جو خلل (Delusion) آهي.
    تاهو: هيت بنا (Formless) آهي، تصور موضوعن (Subjects) جو عروج آهي، موضوعي معروض (Subejctive Objects) فطري هيتن کان منفرد ۽ دلڪش آهن، فطرت ڪائنات کان وڌيڪ تصور کي خوبصورت بنايو آهي. هيت بنا جو تصور تاهو آهي، تصور ڪجهه نه آهي، موضوع آهي، تاهو، حقيقت کان حيرانگين ۽ هيت جي هئيت (Formation) جي تصور کان مٿي تجسس جي ول ۾ لڙڪندڙ من اندر سمايل آهي.
    باهو: خلائن جي لامحدود کاهي، جنهن ۾ اڻ هوند هيٺ لهندي ان جي انت کي پهچڻ لاءِ اونهائين ۾ سرگردان آهي، ابراهيم بارهيا (Abraham Barhiyya) ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ تاهو وباهو کي مادو ۽ هيت ڪوٺي ٿو. (7)
    معقول هيت (Substantial Form) موجب مادي (Matter) کي قابل فهم (Intelligible) شڪل ٿئي ٿي، معقول هيتون معروض (Object) ڏانهن رسائيءَ جا وسيلا آهن، جن ۾ خاصيتون، ايڪائي، سڃاڻ، اڏاوت ۽ انهن متعلق معلومات شامل آهي. (8)
    هر شيءِ پاڻ ۾ سمايل آهي (Things in itself) انڪري شيون مشاهدي کانسواءِ پاڻ معروض آهن، معروضيت شين جي خاصيت آهي ۽ اهي خاصيتن ۾ پاڻ معروض آهن.
    امانل ڪانٽ (1804-1724ع) چيو، اسان شين کي ان جي ظاهر (Appearances) مان سڃاڻون ٿا، سمجهون ٿا ته ڪجهه اتي ضرور آهي، اهڙي شيءِ آهي جيڪا پاڻ اندر لڪيل آهي، اسان ان شيءِ متعلق نه ٿا ڄاڻون جيڪا شيءِ اندر موجود آهي، صرف ان جو ظاهر ڏسون ٿا. (9)
    جيڪڏهن پٿر ۾ بت دفن آهي ته ان کي سنگتراش ڇيڻيءَ سان کوٽي ٻاهر ڪڍي ٿو، پر بت جي خاصيت پٿر آهي.
    انسان خدا کي کوٽي نه سگهيو، ان خدا جهڙا کوٽي ڪڍيا، مادو صرف مادو آهي، ان ۾ تميز نه (Undifferentiation) آهي، تميز مان مقصد اهو منجهيل ۽ سڃاڻپ جي لائق نه آهي، تميز (Differentiation) شين وسيلي ڪيون ٿا، منجهيل مادي جي تميز ان جي ڏيکاءَ يا ظاهر سان ڪيون ٿا، اسان ان ڳجهه تائين نه ٿا پهچون جيڪو شيءِ اندر پاڻ شيءِ آهي، جيئن ته اسين ڳجهه نه ٿا ڄاڻون، ڪانٽ چواڻي “انڪري جيڪڏهن ڪو خدا جو ڏيک ڏسي ٿو ته کيس اجازت هجڻ گهرجي ته اهو ان خدا کي خدا ڪري مڃي، اهو خدا ان جي ذاتي پهچ آهي.”
    سوال ٿو پيدا ٿئي ته مان ڇا آهيان؟ مان ڪهڙي شيءِ آهيان؟ مون اندر مون جهڙي اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن شيءِ جي مون جهڙي شيءِ کي ڄاڻ نه آهي؟
    ڳجهه اندر ڳجهه آهي، اسين ڳجهه کي ان جي صفت سان سڃاڻون ٿا، مشاهدو ضروري نه آهي، هيت، خاصيتون، اڏاوت ڏسي ان کي سڃاڻپ ڏيون ٿا، اسين ٻاهر ڏسون ٿا، اندر ڇا آهي، اها ڪنهن کي ڄاڻ نه آهي، مادو جنهن جي وجود جي تميز نه ٿي ڪري سگهجي، اهو پنهنجي ڏيکاءَ ۾ معقول ۽ قابل فهم آهي، ان جو ڏيکاءُ شين جي تميز آهي.
    نجهه (Nothing) کان وٺي ڪجهه (Something) تائين اک ٻوٽ آهي، راند آهي، مان لڪيل آهيان، پاڻ کي ڳولهيان ٿو، نجهه مان ڪجهه ٿي پوي ٿو ۽ ڪجهه مان نجهه، اسين لڪيل کي پاڻ ۾ وڃائي ويٺا آهيون، تارا، ڪتيون ۽ واٽهڙو هڪ ٻئي کي دڳ جو ڏس ڏين ٿا، تارا واٽ وڃائي ويٺا آهن، واٽهڙو کين ڌڻ جي صورت ۾ عرش ٽپائي ٿو.
    شيءِ پاڻ ۾ آهي (Things in itself) بند گوبيءَ کي پن پن ڪري کوليو، اندر ڪجهه نه آهي، اهي پن گوبيءَ جي هيت آهن، ان جو نظارو گوبي آهي.
    نجهه، ڪجهه، اجهل اوجهل، هُر کُر، ساڪتي چرپر، هيت، هئيت، دم تاهو حق باهو، دلل خلل، جڙي رڳو ٻڙي، ظاهر باطن، سڃاڻپ، سياڻپ، تميز مهميز، پساءَ پساهه.
    مان لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهيان، فلسفو ڄار آهي، مهاڻا ڄار اڇلي مڇي پڪڙيندا آهن، فلسفي مڇيءَ جيئن لفظ پڪڙيندا آهن.
    مون وٽ ڪو خفت يا خلل (Delusion) نه آهي، مان جديد سائنس جو شاگرد آهيان، سائنس اُلوءَ جي اکين جيان مون کي گهوري ٿي، سڀ اکيون وسري سگهن ٿيون، اُلوءَ جون اکيون وسارڻ ڏکيو آهي، منهنجي ڊائريءَ جا ورق ڳوڙها ڳاڙين ٿا، ڳوڙهن ۾ مينهن جي خوشبو آهي، مان ڊائريءَ جا ورق ڦاڙيان ٿو، ورقن ڦاڙڻ جو آواز ائين آهي، جيئن گريبان ڦاٽي پيو هجي، اڃان سيني اندر دل محفوظ آهي.


    References:

    1. Commentaries on the first book of Moses called Genesis by John calvin-1578-volume I Genesis,1:1-31.
    2. Koyre ,Alaxandre (1957) Metaphysics and measurement. Harvard university press.p-80.
    3. Smith , Margaret.
    “The forerunner of al - Ghazali”
    Journal of the Royal Asiatic society. 1936,p-65-78.
    4. Lawrence Krauss et al.
    “A universe from nothing”.
    Retieved 17 oct.2011.
    5. Kai Nielsen, Reason and practice: A modern introduction to philosophy.
    Harper & Row , 1971-p.170-72.
    6. Louis Issac Rabinowitz , Seymour Feldman. Yahoyada Amir (2007).
    “Creation and cosmology in the Bible”.
    Encyclopedia Judacia. 5 (2nd ed) Gale.p.273-80.
    7. Langermann , Y. Tazvi (2007).
    “Bar Hiyya: Abraham Bar Hiyya savasorda”
    The biographical encyclopedia of astronomers. New York: springer.p-95-96.
    8. Benjamin Hil.
    “Substantial forms and the rise of modern science”..
    9. Salomon Maimon.
    “Kant faces concerns the issue of the thing in itself”.
    Standford encyclopedia of philosophy.
    ***


    خدا کي ڪنهن ڄڻيو؟

    خدا کي ڪنهن ڄڻيو؟
    Problems of creator of God

    اهو مذهبن تي ويچار ڪندڙن لاءِ سوال آهي ته تخليق جو پهريون سبب (First Cause) ڇا هيو؟ خدا آهي ته ان جو پيدا ڪندڙ ڪير هيو؟ (1)
    جيئن خدا ڪائنات کي پيدا ڪيو ائين خدا کي پيدا ڪرڻ وارو به هوندو، خدا کي تخليق ڪندڙ مفروضاتي “سبب” (Hypothetical Cause) آهي، جنهن سبب خدا وجود ورتو.
    تخليق کي تخليق جنم ڏئي ٿي، جيڪڏهن خدا جو تخليقڪار آهي ته پوءِ ان جو به تخليقڪار هوندو ۽ ان جو به..... اها اڻ کوٽ موٽ آهي. (2)
    اوشو چواڻي “ماڻهو چون ٿا ته اهڙا سوال نه پڇو پر جڏهن وجوديت جو ذڪر اچي ٿو ته اهڙا سوال ڇو نه پُڇجن؟ ۽ جڏهن توهان پڇو ٿا ته خدا کي ڪنهن تخليق ڪيو ته توهان جو سوال پوئتي موٽ کائي بي معنا ٿي پوي ٿو. (3)
    جڏهن ننڍو هوندو هيس ته اسان ٻار هڪ ٻئي سان بحث ڪندا هياسي، خدا آهي ته اهو ڪيڏانهن آيو؟ هاڻي سوچيان ٿو ته فلسفي جا سڀ بنيادي سوال ٻاراڻا هوندا آهن.
    خيال اندر خيال ۽ ان خيال جو خيال، وري خيالن مان نڪتل خيال ائين خيالن جو سلسلو اڻ کٽ چوٽ (Infinite Progress) آهي، جيئن اڻ کٽ موٽ (Infinite Regress) جو ڪو انت نه آهي، ائين اڻ کٽ چوٽ لامحدود آهي، اڻ کٽ موٽ سوچ ڳولهي ٿي ۽ اڻ کٽ چوٽ وجود ڳولهي ٿي، ٻئي لاحاصل ۽ نجهه (Nothing) آهن.
    خدا ئي خلل (God Delusion) دماغ ۾ خدا جي وجود متعلق ويٺل اهڙو خيال آهي، جنهن کي ڪو به دليل مٽائي نه ٿو سگهي، اهو شخصي خدا (Personal God) آهي. (4)
    رابرٽ پيرسنگ (Robert Pirsing) پنهنجي ناول لائلا (Lila) ۾ لکي ٿو، جڏهن هڪ شخص اهڙي خدائي خلل ۾ مبتلا آهي ته کيس چريو چئجي ٿو، جڏهن گهڻا ماڻهو اهڙي خلل ۾ مبتلا آهن ته ان کي مذهب چئجي ٿو. (5)
    خلل (Delusion) دماغ جي اهڙي حالت کي چئبو آهي جڏهن ڪا به ڳالهه عقيدي جي صورت ۾ ان اندر سمائجي وڃي ته نڪرڻ جو نانءُ نه وٺي، سوَ دليل ڏيو پر ڪو به دليل پنهنجو اثر نه ڏيکاري. (6)
    منهنجو مشاهدو اهو آهي ته خلل دماغ جو مستقل حصو آهي، خلل به دماغ سان گڏ خلقيو ويو آهي، ڪو به دماغ خلل کان خالي نه آهي، دماغ جسم جو نازڪ عضوو آهي، ان جي سوچ ۾ عقيدو آهي، هر شيءِ وهم ۽ توهم جو روپ ڌاري اندر ويٺل آهي.
    ڪفر ۽ ايمان خلل جا قسم آهن، خلل انفرادي آهي ته نفسياتي بيماري آهي، اجتماعي آهي ته، مذهب، جنگ، امن، انساني حق، ظلم، رحم ۽ مفاد آهي.
    ڪير آهي جيڪو خدائي خلل ۾ مبتلا نه آهي؟ ان خلل ڪري ڪيڏيون جانيون قربان ٿي چڪيون آهن، دنيا ۾ امن لاءِ جنگ وڙهي وڃي ٿي، جيڪا Fucking for Virginity آهي، مذهب جي نالي ۾ مذهب جو استحصال ڪيو وڃي ٿو، انسانيت جي وصف، قوميتن، مذهبن، زبانن، نسلن ۽ فرقن ۾ ورهايل آهي.
    آزاد خيال، خدائي خلل جي انتها کي پهچي ٿو، خدا آهي ته ان جو خالق ڪير آهي؟ جيئن ڪم ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ مشينيون ايجاد ٿينديون رهنديون آهن، ائين خيالن کي محدود ڪرڻ لاءِ خلل خلقيا ويندا آهن، يونانين هزارين سال اڳ ان سوال جو جواب ڏنو هيو، ڇو جو انهن خدا جي ماءُ کي ديويءَ جو روپ ڏئي عبادت ڪئي هئي.
    خدا جي ماءُ (Theotokos) جنهن کي عيسائين ٽئين عيسوي صديءَ ۾ “مريم” خدا جي ماءُ ڪوٺيو، خدا جي ماءُ سدا ڪنواري (Evervirgin) آهي، (7) سدا ڪنواريون.........کي جنم ڏينديون آهن، ..........ايڌيءَ جي پينگهي ۾ جهلندو آهي، ڪتن کي يقين آهي ته ڪچري جي ڍير ۾ پيل گوشت کائڻ سان ايمان پختو ٿيندو آهي.
    پيار وڌي وڃي ته خلل جو روپ ڌاري عشق ٿي پوندو آهي، انسان خدا جي عشق ۾ انڌو آهي، ان کي خبر آهي ته عشق جو بي جاءِ اظهار تهمت ٿي پوي ٿو.
    ٻانهن ۾ ٻار جهلي بيٺل ٿيوٽوڪوز جي بت جي اداس مرڪ ڪهڙو پيغام ڏئي ٿي، اِهو ته ڏک کي خوشيءَ جيان قبول ڪيو؟ خدا جي پيدائش وقت لنگها ڄايا نه هيا ۽ دهل ايجاد نه ٿيو هيو.
    تيامت (Tiamat) نوجوان ديوتائن جي ماءُ، جيڪا کاري پاڻيءَ ۾ رهندي هئي، ان مٺي پاڻيءَ جي ديوتا ابزو (Abzu) سان لڳ ڪيو ۽ ديوتائون ڄايا، تيامت، قياس (Chaos) جي علامت آهي، ڪن آڳاٽن مذهبي ماهرن ان کي پاڻيءَ ۾ رهندڙ ازدها به چيو آهي. (8)
    مذهبي ماهرن جو جيسين وس پڳو آهي، انهن وسان گهٽايو ڪين آهي، ڪائنات جو هر دور هر لحاظ کان مڪمل رهيو آهي، اهو جنهن به سطح تي پهتو آهي، وقت جي لحاظ کان ترقي يافتا آهي، ارتقا پاڻ ۾ مفاهمت (Adaptation) سمائي برقرار رهي ٿي، مذهب ارتقائي طور سُجهه (Empiricism) سان مفاهمت رکي ٿو، سُجهه وقت جي جنهن ڏاڪي تي بيٺل آهي ان ڏاڪي جي آڌار مذهب پنهنجي سطح ظاهر ڪري ٿو، مذهبي ارتقا جو الميو اهو آهي ته سُجهه جي سطح ساڳي نه آهي.
    سُجهه بنيادي طور حسياتي تجربي (Sensory Experience) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنا تجربو يا مشاهدو (Experience) آهي.
    ڄاڻ جي علم (Epistemology) وسيلي حاصل ڪيل ڄاڻ کي سُجهه (Empiricism) چئجي ٿو. (9)
    فطري سائنسدانن جو ائين چوڻ ته ڄاڻ جو بنياد تجربو آهي، پر ڄاڻ پائيدار نه آهي، اها حقيقت جو بگاڙ (Falsification) به ٿي سگهي ٿي.
    بگاڙ (Falsification) ڪنهن به نظريي، دستاويز، تاريخ کي بگاڙي پيش ڪرڻ آهي. (10)
    فطري بگاڙ ئي ارتقا جو سبب آهي، ارتقا وقت جون خاميون دور ڪري ٿي، پر بگاڙ جو انت نه آهي، انڪري ارتقا جاري رهي ٿي.
    انسان جيڏو بهادر آهي، ايڏو ڊنل آهي، انسان کي سهاري جي ضرورت پوي ٿي، غيب جو تصور حقيقت کان وڌيڪ هيبتناڪ آهي، انسان هر دور ۾ سُجهه آهر خدا کي ويجهو وڃي مدد لاءِ پڪاريو آهي، کيس راضي رکڻ لاءِ وس ڪيا آهن، قرباني، ٻلي، خودسوزي، فاڪا ڪشي ۽ چلا ڪڍي کيس متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انسان خدا کي راضي رکڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ سان ناراض آهي، لاشعوري ڪفر عقيدي تي راڄ ڪري ٿو، ڪافر پاڻ کي ڪافر نه چوندو آهي، ڇو جو ڪفر پاڻ عقيدو آهي.
    هر انسان پنهنجي عمل کي برحق (Justify) سمجهي ٿو، ڀل اهو عمل ٻين لاءِ ناانصافي (Unjustification) ڇو نه هجي، ڪافر پنهنجي خيال ۾ برحق آهي.
    هرڪو اهڙا دليل قبولي ٿو، جيڪي ان جي گمان تي پورا لهن ٿا، تخليقڪار ۽ ان جو تخليقڪار ۽ ان جو تخليقڪار..... اڻ کٽ موٽ دليلن جي شڪست آهي.
    آفاقي دليل (Cosmological aurguments) اهڙي موجود (Being) کي ڳولهي ٿو، جنهن موجود کي خدا چيو وڃي ٿو، اهو ڪائنات جي حوالي سان ڪُل ڪائنات يا ڪائنات جي ڏيک مان، سبب، تبديلي، حرڪت، متعلق (Contigent) يا لافانيت جي نتيجن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. (11)
    ان ۾ ٽن قسمن جا دليل شامل آهن.
    1. سبب Cause
    2. ضرورت Essentiality
    3. ٿي پوڻ Becoming
    سبب، جنهن جو ڪو جواز هيو، ان جو “ڪن فيڪون” (First cause) نالي باب ۾ ذڪر ٿيل آهي.
    ضرورت، فلسفي موجب ست يا جوهر (Essence) مان نڪتل آهي جوهر، شيءِ جي خاصيت (Property) آهي، جيڪا شيءِ کي سڃاڻ ڏئي ٿي، اها شيءِ جي ضرورت آهي ۽ ان کانسواءِ شيءِ پنهنجي سڃاڻ وڃائي ويهي ٿي.
    اهو تقديري عمل (Accident) جي ابتڙ آهي، جنهن ۾ ست يا جوهر تقديري عمل ڪنهن شيءِ جو متعلقي (Contigent) آهي ۽ ان تعلق کانسواءِ به ان جي سڃاڻ برقرار رهي ٿي. (12)
    ٿي پوڻ (Becoming). اهڙو خيال هيرا ڪلائيٽس (Heraclitus) (535-475 BC) پيش ڪيو، سندس چوڻ موجب دنيا ۾ ڪا به شي مستقل (Constant) نه آهي، ٺاهه ۽ ڊاهه جو عمل جاري آهي، ان ۾ تبديلي اچي ٿي، اها مٽجي ٿي ۽ وري ٿي پوي ٿي.
    اهڙو خيال پارمنائڊز (Parmenides) جي فلسفي خلاف آهي، جنهن ۾ هن چيو ته وجودي تبديلي يا ٿيپوڻ ادراڪ جو دوکو آهي، هر شيءِ مڪمل، پائيدار ۽ لافاني آهي.
    ليوڪيپوس (Leucippus) پڻ هيرا ڪلائيٽس جي خيالن سان متفق آهي، ليوڪيپوس وحدت الوجود جو حامي هيو، هن وجود جي وحدت کي ايٽم اندر ڳولهي لڌو، سندس چوڻ موجب هر شيءِ ايٽم منجهان جنم ورتو آهي، اهو اهڙو ذرو آهي، جيڪو نظر نه ٿو اچي، هو ڊيموڪريٽس جو استاد هيو، هن جي اهڙي خيال کي ڊيموڪريٽس اڳتي وڌايو.
    هيراڪلائيٽس جو مشهور قول آهي ته “ڪائنات درياهه آهي، جنهن ۾ هر شيءِ وهي ٿي، ڪا به شيءِ ساڪت يا ڄميل نه آهي.”
    ٿيپوڻ (Becoming)، ٻن شين سان لاڳاپيل آهي، چرپر (Movement) ۽ ارتقا (13)
    ارتقا تبديلي آهي ۽ چرپر اڳتي وڌڻ، ٿيپوڻ اهڙو تسلسل آهي جنهن ۾ تبديليءَ وسيلي وقت ۽ مقام تي ٿيپوڻ آهي.
    نئٽشي هيراڪلائٽس کان متاثر آهي، هو چوي ٿو، قياس (Chaos) ڪڏهن ختم نه ٿو ٿئي، اهو مسلسل تبديليءَ جي حالت ۾ ٺهندو ۽ ڊهندو اچي ٿو، ٿيپوڻ ڪڏهن نه ٿو ٿئي، ٿيپوڻ مسلسل ٿيڻ ڏي وڌي ٿو ۽ اهو مڪمل شڪل اختيار نه ٿو ڪري، انڪري ڪا به شيءِ قائم يا ساڪت نه آهي، سڀ شيون ٿي پوڻ جي جدوجهد ۾ ٿي پوڻ طرف وڌن ٿيون، موضوع يا معروض، ڪا به شيءِ مستقل وجود نه ٿي رکي ڇو جو اها قائم ۽ دائم آهي پر تبديليءَ جون منزلون طي ڪري ٿي ان ڪري موجود (Being) دوکو آهي. (14)
    موجود (Being) جي معنا هستي يا ذات آهي، اها حقيقت جا معروض ۽ موضوع ظاهر ڪري ٿي، وجود (Existence) ۽ حقيقت (Reality) ٻئي موجود (Being) جون خاصيتون آهن، موجود جو ڪو تصور نه آهي ڇو جو خاصيتون تبديليءَ هيٺ آهن، انڪري حقيقت ۽ وجود ٻئي معنا بدلائين ٿا. (15)
    آفاقي دليلن ۾ انسان موجود کي ڳولهيندي اهڙي جهنگ ۾ هليو وڃي ٿو، جتي سوچون نانگن جيان گهمن ٿيون، نانگ جي چمڙيءَ جا چٽ جيڪڏهن ڊي ڪوڊ ڪيا وڃن ته ان ۾ نانگ جون سڀ صفتون ۽ خصلتون لکيل آهن، جن ڪري ان کي نانگ ڪوٺيو وڃي ٿو، ائين ڪائنات ڪنهن شرارتي عورت جيان اک هڻي ٿي، شڪر آهي انسان ديوتا نه آهي، نه ته اهڙي انگل جو سلو ڪائنات کي سٺو نه ڀوڳڻو پوي ها.
    انسان ٻار آهي ۽ کيس سدا ٻار رهڻو آهي، اهو ارتقائي عمل آهي، جيڪو انسان کي تبديل ڪري ٻار جي سطح تي برقرار رکي ٿو، انسان ڪڏهن به تجسس جي پاڇي مان جان ڇڏائي نه سگهندو، تجسس جو پاڇو هن جي پناهگاهه آهي، ٻار وڇڙي وڃي ته پيءُ ڳولهيندو آهي، هتي ٻار پيءُ کي ڳولهي ٿو، جيڪو آفاقي دليلن جي جهنگ ۾ گم ٿي چڪو آهي.
    پهريون سبب، سبب جو جواز، ضرورت (Essentiality) ۽ ٿيپوڻ، ٿيپوڻ کانپوءِ ان ٿيل جي هر ذري اندر سبب ۽ جواز ڳولهڻ، انسان ان ڳولها ۾ پاڻ وڃائي، پاڻ کي ڳولهيندي پاڻ کي ئي ڳولهي لهي ٿو.
    يونان جا ڏاها بنيادي طور وحدت الوجود (Monoist) خيالن جا آهن، پارمنائڊز اهڙي وجود کي مستقل، قائم ۽ دائم سمجهي ٿو، اهو ان کي تبديليءَ کان آجو سمجهي ٿو، پر ٻيا وحدت الوجودي اهڙي خيال سان ڪنهن حد تائين متفق هوندي تبديليءَ جا قائل آهن.
    ليوڪيپوس ان کي ايٽم ڪوٺيو ۽ چيو ته اهو نظر نه ٿو اچي، هر شيءِ ايٽم مان جنم وٺي ٿي، ڊيموڪريٽس پنهنجي استاد جي اهڙي نظريي کي وڌيڪ کولي بيان ڪيو ۽ آئنسٽائين ايٽم کي ٽوڙي خدا جي ڳولها ۾ ان اندر هليو ويو، بوسن ۽ هگس ايٽم جي ذري ۾ پروٽان اندر گاڊ پارٽيڪل ڳولهي لڌو. (16)
    ضرورت (Essentiality) موجب گاڊ پارٽيڪل جوهر (Essence) آهي، اها خدا جي خاصيت آهي، اهڙي خاصيت جوهر جي ضرورت آهي، جيڪا کيس سڃاڻ ڏئي ٿي.
    تقديري عمل (Accident) ۾ خاصيت کي اهميت نه آهي، پر اهو روحاني رموز آهي، جنهن ۾ خدا جهڙو ئي خدا جو مَٽ ٿي سگهي ٿو، اهو متعلقي (Contigent) آهي، جيڪڏهن اهڙو تعلق هٽائي به ڇڏجي ته خدا جو تصور ڪنهن به خاصيت کانسواءِ برقرار رهي ٿو، خاصيت ان کي سڃاڻ نه ٿي ڏئي. (17)
    ٿيپوڻ “ڪن فيڪون” خدا ڇهه ڏينهن ڪائنات ٺاهي ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيو، اهو ستون ڏينهن ڏاڍو ڊگهو آهي، جاري آهي ۽ جڏهن پورو ٿيندو ته قيامت ايندي.
    جڏهن توهان جو پاڇو ٺهي ته سمجهي وڃو ته توهان مٿان ڪو پاڇو نه آهي، پاڇا، پاڇن جي پناهه ڳولهيندا آهن، هر شيءِ پاڇو آهي ۽ پاڇو، پاڇي ۾ پناهه وٺي پاڇي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
    ٿيپوڻ سٿرو نه آهي، ڇو ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيندو؟ سڀ صحيح پر ڇا ٿيو آهي؟ اهو سوال ڪا معنا نه ٿو رکي ڇو جو جيڪي ٿيو آهي اهو آهي نه، پر اڃان ٿيندو، ان ڪري موجود (Being) جو ڪو وجود (Existence) نه آهي، موجود تڏهن هجي ها جڏهن ان کي پائيداري هجي ها، حقيقت (Reality) نظر جو دوکو آهي.
    “مان” جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ حيثيت ان واحد نقطي جي آهي جيڪو “ن” اندر پيل آهي ۽ اهو نون وجود جي نفي آهي.
    حقيقت پڇو ته حقيقت جي وضاحت ڪندي ايڏو ته غير حقيقي ٿي ويو آهيان جو لڳي ٿو سچ ڳالهائيندي ڪوڙ جو پرچار ڪري رهيو آهيان.
    تخليق پويان تخليق جي اڻ کٽ موٽ (Infinite Regress) ۾ خالق جو خالق ڳولهيندي مان خلقيل، فنا ٿي چڪو آهيان، منهنجي دل مطمئن نه آهي، مان ڊسٽ بن جي خول (Void) کي ڦاٽل پنن سان ڀرڻ چاهيان ٿو.


    References:

    1. The God book. Micheal Arnheim , 2015,p.18.
    2. Byrne , Patrick Hugh (1997).
    “Analysis & Science in Aristotle”.
    Ancient Greek philosophy. State university press-p.83.
    3. Osho (2010).
    “The God conspiracy: The path from superstition to super consciousness.”
    4. Alan Lurie , The Rabbi who believes in zeus: popular myths about religion , faith and God,2013.
    5. Robert Pirsig discuses.
    “LiLa”.
    An inquiry into morals. National public radio- April , 21,2005.
    6. Spitzer , M (1990).
    “On defining delusions”.
    Compr psychiatry. 31(5):377-97.
    7. Pope paul VI (1964).
    “From earliest times the blessed virgin is honored under the title of mother of God (Theotokos)”.
    Second Vatican council. Lumen gentium.
    8. Jacobsen , Thorkid (1968).
    “The battle between Marduk and Tiamat”
    Journal of American oriental society. 88(1):104-8.
    9. Chisolm, R. (1948).
    “The problems of empiricism.”
    Journal of philosophy (45):512-17.
    10. Popper , Karl (1963).
    “Science as falsification”.
    Retrieved 2 May 2018.
    11. Koons , Robert (1997).
    “A new look at the cosmological arguments”
    (PDF) American philosophical quarterly. University of Illinois press. 34(2): 193-211.
    12. Robertson , Teresa : Atkins , Philip.
    “Essential vs Accidental properties”
    In zalta Edward N. standford Encylopedia of philosophy.
    13. Chisholm , Hugh. Ed (1911).
    “Heraclitus”.
    Encyclopedia Britannica. 13(11). Cambridge university press.p.309-10.
    14. Krell , David Farell and Donald L Bates.
    “The good European: Nietzsches work sites in word and image”.
    University of Chicago press.1997.
    15. Higgins , Kathleen ( 2000).
    “what Nietzsche really said”.
    Random House NY.p.86.
    16. Evans R (2011).
    “The Higgs boson : why scientists hate that you call it the God particle”.
    National post Retrieved 2013-11-03.
    17. Gaonkar , Dilip Parameshwar.(2001)
    “Contigency and probability”
    Encyclopedia of Rhetoric. Ed. Thomas O. Sloane. New York. Oxford university press.p-156.
    ***


    ڪائناتون Mutiverse

    مفروضي طور ڪائناتون (Multiverse) ڪائناتن (Universe) جو مجموعو آهي. (1)
    انهن ۾ اها ڪائنات به شامل آهي جنهن ۾ اسين رهون ٿا، اهي سڀ ڪائناتون اسان جي ڪائنات جيان مڪمل آهن، انهن ڪائناتن ۾ اهي سڀ شيون وجود رکن ٿيون، جيڪي هن ڪائنات ۾ آهن، جيئن وقت ۽ وڇوٽي (Time and Space) مادو، توانائي، طبعي قانون ۽ مسلسل جاري (Constant) لقاءَ جيڪي ظهور پذير ٿين ٿا. (2)
    اڻ ڳڻت ڪائناتن جا هجوم عرش کي لامحدود بنائين ٿا، سمنڊ کي ٻيو ڪنارو نه آهي، ڇو جو ان تي عرش جو پاڇو پوي ٿو، عرش جو عڪس هر شيءِ کي اڻ کٽ بنائي ٿو، هر ڪائنات قطرو آهي ۽ هر قطري ۾ سڀ ڪائناتون سمايل آهن.
    قطري ۾ سمنڊ سمايل هوندو آهي، خاصيت قطري کي سمنڊ بنائي ٿي، سڀ ڪائناتون هن ڪائنات جي ڌرتيءَ تي پيل مٽيءَ جي ذري ۾ سمايل آهن.
    ڪائناتن جي ميلي ۾ ڪيڏا سورج روشن آهن، ڪيڏا چنڊ چمڪن ٿا، اهو ڪاٿو ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي، ستارن جي هجوم ۾ “اُن” جو وجود ڪٿي لڪيل آهي. “اُن” مٿان طبعي قانون لاڳو نه ٿا ٿين، توانائي ان تائين پهچندي هيڻائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. وقت ۽ وڇوٽي رياضيءَ جي ڏند ڪٿا آهن.
    جديد طبعات جو ابو نيوٽن پنهنجي ڪتاب آپٽڪس (Optiks) ۾ چوي ٿو. “خدا مادي جي صورت ۾ مختلف قسمن جا ذرا (Particles) ٺاهيا آهن، جيڪي ڪائنات ۾ وکريل آهن، انڪري ڪائنات جي مختلف حصن ۾ ڪائنات جهڙيون شيون وکريل آهن.(3) خدا، سوچ، سائنس ۽ فلسفي تي ائين حاوي آهن، جيئن سانوڻ جو جهڙ، سانوڻ جيڪو سدائين دنيا جي اُڀ تي خدا جي موسم ٿي رهيو آهي، اهو سانوڻ ڪڏهن نه بدليو آهي، اها موسم سدائين جاري رهي آهي.
    نيوٽن (1727-1642ع) جي وڏن وارن ۾ جاکوڙ جون جوئان هيون، هو وارن کي کنهندو هيو ته “نظريو” چراغ جي ديو جيان نڪري هن سامهون هٿ ٻڌي بيهندو هيو، هو پهريون شخص هيو جنهن ماورائي سائنس جي اُٺ کي ناڪيلي وجهي جديد سائنس جو بنياد وڌو.
    ڪائناتون خلا ۾ اڏرندڙ ببلا (Bubble) آهن. ببل نظريي (Bubble theory) موجب ڪائناتن جي افراط (Inflation) آهي. وايو منڊل جو ڦهلاءُ جاري آهي، اهو اڻ کڻ ۽ لامحدود آهي، ننڍا ذرا ڪشش ثقل (Gravity) جي زيراثر پاڻ ۾ ملي نئين ڪائنات تخليق ڪن ٿا ۽ ڪائناتون بلبلن جيان عرش ۾ اڏامن ٿيون. (4)
    رب پاڻ ريجهائڻ لاءِ رنگيني پيدا ڪئي آهي، هو تماشي جو پاڻ تماشائي آهي، اسين ڪنهن ڪائنات جي ڦوٽي ۾ ڦاٿل جيوَ آهيون، ڦوٽو ڦاٽي ٿو ۽ نرواڻ حاصل ڪيون ٿا.
    زندگي وڏ ڦڙي ۾ ڌرتيءَ تي ٺهندڙ جل ڦوٽي جيان آهي، اک ڇنڀ ۾ ٺهيو ۽ ڦاٽو، وقت اسان جي ساهن جي رفتار آهي، پر ماورائي سائنس کان وٺي ويندي جديد طبعاتي سائنس تائين وقت ۽ وڇوٽي وڏي اهميت جا حامل آهن.
    وقت ۽ وڇوٽي (Space and Time) جي رياضي نظريي موجب ڪائنات جي ڦهلاءَ (Dimension) ۾ وڇوٽي ٽي پاسا والاري ٿي، جڏهن ته وقت هڪ حصي تائين محدود آهي، وڇوٽيءَ ۾ داخل ٿيندڙ روشنيءَ جي ذري (Photon) جي رفتار کي نوري سال (Light years) ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. (5)
    فاصلا ايڏا ڏور آهن، جو وقت جا معيار بدلائڻا پون ٿا، فاصلن جو ڪو ڪاٿو ڪونهي، اڻ کٽ ڪائناتن ۾ نور ئي سفر ڪري سگهي ٿو، مٽي هِتان اڏامي هُت ڪري ٿي.
    اي وقت! واءُ ۾ اڏامي مٽيءَ جيئن شل تنهنجين اکين ۾ ڌوڙ وجهان، انڌي ۽ اوندهه لاءِ وڇوٽي (Space) ڪهڙي معنا رکي ٿي؟ نوري رفتار بي نور ٿي وقت جي ڪاٿي ۾ مجذوب ٿي وڃي ٿي، گهاڻي ۾ ٻڌل کوپا چڙهيل ڏاند جي گردش، ڏاند لاءِ سڌو رستو آهي.
    ڪارو کڏو (Black hole) وقت ۽ وڇوٽيءَ جو اهو هنڌ آهي جتي ڪشش ثقل (Gravity) عروج تي آهي. اهو آس پاس جي هر شيءِ کي ڳهي وڃي ٿو، سڀ شيون ان ۾ سمائجي وڃن ٿيون، ڪو به ذرو (Particle) يا ريڊيئيشنز (Radiations) اتان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهن، ڪارو کڏو انڪري چئجي ٿو جو ان مان ڪا به روشني ٻاهر نه ٿي نڪري.(6)
    ڪارن کڏن جي ٺهڻ جو سبب جنرل رليٽوٽي (General Relativety) آهي، گريوٽي ۽ ريڊيئيشنز ساڳي تناسب (Relation) سان موجود هجن ته سيارو عام حالت ۾ موجود رهي ٿو.
    جڏهن سياري اندر توانائيءَ جو مقدار وڌي وڃي ٿي ته اهو تناسب بگڙجي پوي ٿو، گريوٽي وڌي وڃي ٿي ۽ ان چوڌاري ريڊيئيشنز وڌي وڃن ٿيون ته وڌندڙ گريوٽيءَ ڪري ان ۾ کڏو پيدا ٿئي ٿو، وڌندڙ ڪشش ڪري هر شيءِ ان اندر داخل ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي، اهو سڀ جنرل رليٽوٽيءَ جو بگاڙ آهي. (7)
    وقت ۽ وڇوٽيءَ جا ڪارا کڏا جن ۾ آس پاس موجود سڀ معروض غرق ٿين ٿا، اهو سوچي مان پنهنجي جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ڪيان ٿو، مان خوف ۾ ورتل آهيان، ائين لڳي ٿو جيئن منهنجو وزن گهٽجي ويو هجي، ايڏو هلڪو ٿي ويو آهيان، جو پاڻ کي پاڻ سان ويڙهي ڇڏيو اٿم. اسرار ظاهر ٿي پراسرار ٿيندا پيا وڃن، هيءُ ڪهڙو جهان آهي؟ هيءَ ڪهڙي زندگي آهي؟ وقت ۽ وڇوٽيءَ جي ڪمان (Curvature) ۾ انسان ذري جو ذرو، ان ذري جو ذرو، ان ذري جو ذرو، ان......ڪوينٽم (Quantum) جي اڻ کٽ ورهاست يا ٽوڙ جو حتمي ذرو به نه آهي، ذري ۾ ايڏا ذرا سمايل آهن جو ذرو، ذرو نه رهيو آهي، ڪوينٽم ڪوڙو ٿي پيو آهي، مادي اندر گاڊ پارٽيڪل کي ٽوڙي هڪ گاڊ پويان ٻيو گاڊ ظاهر پيو ٿئي.
    پٿر کي سانڍڻ سولو، ذرا سانڍڻ ڏاڍو ڏکيو.
    انسان اندر به ڪارا کڏا آهن، جيڪي وجود ۾ گول ڦرن ٿا، مايوسي ڏک جا ڪارا کڏا، انسان جو اندر پاڻ ڪاري کڏي ۾ ڪريل آهي، اندر جي گريوٽيءَ ۾ رڙ روشنيءَ جيان ٻاهر نڪري نه ٿي سگهي.
    سوچ، منهنجو روپ ڌاري ٿي، روپ ڌاريل منهنجي سوچ ڳجهه جي ڳولها ۾ پر هڻندي وقت ۽ وڇوٽيءَ جي ڪاري کڏي تي ختم ٿئي ٿي، ڪارو کڏو وات ڦاڙي ويٺل واڳونءَ جيان آهي، جنهن ۾ سوچن سميت سڀ معروض ڳيهجي هڪ نئين مفروض (Hypothetic) جي شڪل اختيار ڪن ٿا.
    جهان جادو نگري آهي، هر انسان گم ٿي وڃي ٿو، اڄ آهي سڀاڻ نه هوندو، ظاهر ٿئي ٿو ته ساڳيو انسان نه آهي، هيءُ سامريءَ جو طلسم، ڪائنات جي ڪاڪ، ڪير آهي جيڪو ڳوٽ ڀنڃي؟ سمجهه نه آهي، سمجهه جو لفظ آهي، پهاڪا پاڻ ۾ لڪيل هوندا آهن، ظاهر ٿي پوندا آهن، پيروليون نيٺ ڀڄي پونديون آهن، پر هي پراسرار پهاڪا ڪير سمجهي؟ پيروليون ڪير ڀڃي؟ سچ ته مان ڏاڍو هيسيل آهيان، ايڏو ته ڊنل آهيان جو لڳي ٿو درين، دروازن ۽ ديوارن جون دليون مون اندر ڌڙڪي رهيون آهن.
    مقناطيسي ڪارن کڏن جو تصور مون مدهوش ٿي ويل جي جسم اندر گول ڦرندو مفلوج ڪندو پيو وڃي، فطرت ابتوانسي (Paradoxical) آهي، ان هر شيءِ جو ضد ٺاهيو آهي، جيڪڏهن حوا آهي ته آدم ضرور هوندو، پاڻي آهي ته باهه ضرور هوندي، ڪارو کڏو آهي ته اڇو کڏو ضرور هوندو.
    اڇو کڏو (White Hole) جنرل رليٽوٽيءَ موجب، وقت ۽ وڇوٽيءَ جو مفروضاتي تصور آهي، جنهن مان مادو ۽ روشني ٻاهر نڪرن ٿا، ان لحاظ کان اهو ڪاري کڏي جي ابتڙ آهي، جنهن اندر وڌيل ڪشش ڪري مادو ۽ روشني جذب ٿين ٿا. (8)
    آئنسٽائن جي فيلڊ ايڪئشن نظريي (Field equation theory) موجب جيئن ڪارو کڏو مستقبل جو حصو آهي، ائين اڇو کڏو ماضيءَ جو حصو آهي، اهو انڪري ته شيون اڇي کڏي مان نروار ٿي ڪاري کڏي ڏي سفر ڪن ٿيون، اڇو کڏو ماضي ۽ ڪارو کڏو مستقبل شمار ٿئي ٿو. (9)
    ڪاري کڏي جي مقابلي ۾ اڇي کڏي ۾ ڪشش (Gravity) يا ڇڪ نه ٿي ٿئي، انڪري اهو مادو ۽ روشني ٻاهر ڪڍي ٿو.
    ٺهڻ ۽ ڊهڻ الڳ نه آهن، ڊاهه پاڻ ۾ ٺاهه جا جزا سمائي ڊٿل نظر اچي ٿي ۽ ٺاهه هوندو ئي ان لاءِ آهي ته ڊهي پوي، اڇو کڏو ڪائنات جو ماضي آهي، جيڪو حال جي ايڪائي (Singularity) ٽپي ڪارو کڏو ٿي پوي ٿو. (10)
    ڪائنات جا در کڏن تي کلن ٿا، هر شيءِ کڏي ۾ ڪري، کٽي مان نڪري وري کڏي ۾ ڪري ٿي، درن اڳيان کوٽيل کڏا نابينن کي ڪيرائڻ لاءِ ڪافي آهن، اکيون سدائين کڏن ۾ پيل هونديون آهن، هيانءَ جي کڏ ڪهڙي رنگ جي آهي، ڪارا ۽ اڇا کڏا آهن ته ٻئي رنگ جا به ضرور هوندا، عرش ۾ نه هوندا ته اندر ۾ هوندا، کڏ جو رنگ ڪهڙو به هجي، پر هيانءُ اندر ۾ پال پيل انب جيان هيڊو آهي، ضروري نه آهي ته گُهگهه رات ڪاري هجي، مون کي ياد آهي هوءَ مون سان هئي ته رات جو رنگ ناسي هيو.
    رنگ روشنيءَ جو ڪمال نه آهي، پر اک جو ڏيک آهي، رنگ نه هجن ته خاصيتون کٽي پون، ڪارا کڏا اڇا ٿي وڃن ۽ اڇا کڏا ڪارا ٿي پون، جيڪي جذب ڪن اهي پيدا ڪن ۽ جيڪي پيدا ڪن اهي جذب ڪن.
    مون تي ديوانگي طاري آهي، جيڪا وجدان جي انتها آهي، مون کي خبر نه آهي ته مفروض (Hypothetic) چوغو لاهي پاڻ ظاهر ڪيو آهي يا مفروض هيٺان نجهه (Nothing) آهي.
    هيءُ ديوانگيءَ جو دورو آهي، دل جو دورو نه آهي، دل جي دوري ۾ زندگيءَ جا ورق ڦاٽندا آهن، ديوانگيءَ جي دوري ۾ مان ڊائريءَ جا ورق ڦاڙيان ٿو.


    References:

    1. Laszio , Ervin (2003). The connectivity hypothesis: Foundation of an integral sciene of quantum , Cosmos life, and consciousness, p-108. State university of new York press, Albany.
    2. Kragh, H. (2009).
    “Contemporary history of cosmology and the controversy over multiverse”.
    Annals of science 66 (4): 529-551.
    3. Storr , Anthony (1985).
    “Isaac Newton , British medical journal.291(6511):1779-84.”
    4. “Is our universe inside a Bubble ? First observational test of the Multiverse”.
    Science daily. Science daily. Com. 3 Aug 2011.
    5. Taylor , Edwin F , wheeler , John. Archibald (1992). Space and time physics (2nd ed.) W.H , Freeman:.
    6. Davies , P.C.W (1978).
    “Thermodynamics of black holes”.
    (PDF). Report on progress in physics. 41(8):1313-55.
    7. Shibata M. et al. (2017).
    “Modeling GW 170817 based on numerical relativity and its implications”.
    Physics Review D.96(12):123.
    8. A Retter & S. Heller (2012).
    “The revival of white holes and small bangs. ”
    New astronomy. 17(2):73-75.
    9. Nikoderm J. Poplawski (2010)
    “Radial motion into an Eistein-Rosenbridge”
    Physics letter B. 687(2-3):110-13.
    10. Hawking , S.W (1976).
    “Black Holes and thermodynamics”.
    Physics review D.13(2):191-97.
    ***


    خلل Delusion

    ان کان وڌيڪ ڪهڙو خلل آهي ته “ڪو مون کي ڏسي ٿو” (1)
    خلل عقيدي جيان آهي جيڪو ايمان، نظريي، وهم، تصور يا خوف جي صورت ۾ دماغ اندر هجي ۽ اهو ڪيترن مضبوط دليلن کانپوءِ به نه نڪري، خلل هزارين سالن کان انساني ادراڪ ۾ رهيو آهي، اهو نفسياتي بيماريءَ جي دائري ۾ اچي ٿو. (2)
    1913ع ۾ ڪارل جيسپرس (Karl Jaspers) (1969-1883ع) پهريون دفعو ان جي وضاحت ڪئي ۽ ٽي نشانيون بيان ڪيون.(3)
    1. پڪ، جنهن ۾ خلل تي پورو يقين هجي.
    2. ناقابل اصلاح (Incorrigible). ڪنهن به دليل کي نه مڃي، جيڪو ان خلل خلاف هجي پوءِ اهو دليل ڪيترو به مضبوط ڇو نه هجي.
    3. وس کان پري لاحاصل شين جو خلل، جنهن ۾ اهڙيون شيون جيڪي حقيقت کان پري، عقل ۾ نه ايندڙ ۽ بي ڍنگيون (Bizarre) هجن.
    خاص خلل (Specific delusions) عام خللن کان ٿورا مختلف ٿين ٿا، عام خلل، قومن، مذهبن، نظرين ۽ خاندانن ۾ هوندا آهن، جن پويان تخم (Gene) ۽ ماحولياتي حالتون، جن ۾ غربت، خوف، مشڪلاتون ۽ ٻيا سبب شامل هوندا آهن. (4)
    خاص خلل انفرادي آهن، جن جا ٻه سبب آهن.
    1. ذهني انتشار
    2. طبيعت ۽ شخصيت
    ذهني انتشار جو سبب ڊوپامائين (Dopamine) ڪيميائي مادي جو مغز تي اثر آهي. (5)
    طبيعت ۽ شخصيت جي لحاظ کان خلل ماڻهوءَ اندر موجود هوندو آهي، اهو موروثي به ٿي سگهي ٿو يا ماحول ان اندر لڪيل خلل کي جاڳائي وجهي ۽ پوءِ خلل الهام جي صورت ۾ ان مٿان طاري ٿئي، خلل ۾ ثقافت ۽ تهذيب جو به عمل آهي، جيئن ڏوهه ۽ سزا جو خلل جيڪو آسٽريا جي عيسائين ۾ آهي، اهي ان ڏوهه جي احساس ۾ مبتلا آهن ته، نه ڪيل گناهن جي صلي ۾ قيامت ڏينهن کين سزا ملندي، پر ان ڀيٽ ۾ پاڪستانين جو خلل الڳ آهي، انهن وٽ اهو خلل آهي، ته ماڻهن کي آزاري يا تنگ (Persecute) ڪري نجات ماڻيندا. (6)
    خلل تي وسيع بحث ڪجي ته دنيا جي ڪا به شيءِ خلل کان خالي نه آهي، ان کان وڌيڪ ڪهڙو خلل ٿي سگهي ٿو ته ڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ته اهو خلل کان خالي آهي، آسري ۽ اميدن جو خلل جيئڻ تي راضي ڪري ٿو، دنيا کي جهلي بيٺل ڏاند جي ٻن سنڱن جا نالا اميد ۽ آسرو آهن.
    ڪائنات جي پراسراريت انسان کي خلل ۾ مبتلا ڪري ٿي، تمام گهڻيون شيون انساني عقل کان ٻاهر آهن، انسان سمجهه ۾ نه ايندڙ شين جا مفروضاتي حل ڳولهي ٿو، وقت جي لحاظ کان جنهن جي لفاظي (Rhetriorism) قابل قبول آهي، اهو ڏاهو ٿي پوي ٿو، مفروضا، ايمان ۽ عقيدي جي صورت ۾ قائم ٿي وڃن ته اهي خلل ٿي پون ٿا، تبليغ ۾ وزن آهي ته اها دل اندر وزنائتي جاءِ والاري ٿي، ڪڏهن سچن عقيدن کي خلل چيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن من اندر ڪوڙن عقيدن جو ٻج اهو چئي ڇٽيو وڃي ٿو ته ان مان سچ جا سِلا نڪرندا، ڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ڪنهن خلل کان پاڪ انسان کي اهو چئي ته “هو خلل ۾ مبتلا آهي” کيس منجهائي ان ڳالهه تي راضي ڪيو وڃي ٿو ته واقعي ئي هن اندر خلل موجود آهي، ان طريقي جيڪي ماڻهو خلل کان پاڪ هوندي پنهنجي خلل ۾ مبتلا هجڻ جو اقرار ڪن ٿا، گيس لائيٽنگ (Gas lighting) چيو وڃي ٿو. (7)
    گيس لائيٽ 1938ع ۾ پيش ڪيل پيٽرڪ هيلمٽن (Patrick Hamilton) جو ڊرامو هيو، ڪنهن وقت بجلي نه هجڻ ڪري روشنيءَ لاءِ گيس جا گولا استعمال ڪيا ويندا هيا، ڊرامي ۾ هڪ ڪردار جنهن عورت کي قتل ڪيو آهي، اهو ان جي فليٽ اندر گيس جي گولي جي روشني جهڪي ڪري قتل ٿيل عورت جا زيور ڳولهي ٿو، ان فليٽ هيٺان قاتل جو پنهنجو فليٽ آهي، جنهن مان سندس زال هن جي هر حرڪت تي نظر رکي ٿي، اها ان کان جڏهن پڇي ٿي ته مٿي فليٽ جي روشني جهڪي ڇو هئي ته اهو کيس جواب ڏئي ٿو، فليٽ جي روشني جهڪي نه هئي اهو سندس وهم آهي ۽ اها ڪنهن خلل ۾ مبتلا آهي، آخر اهو ڪردار پنهنجي زال کي ان ڳالهه تي قائل ڪري وڃي ٿو ته واقعي ئي ان جو ادراڪ صحيح نه آهي، هن جيڪي ڏٺو اهو ڪوڙ هيو، جڏهن ته ان حقيقت کان سواءِ ڪجهه نه ڏٺو هيو. (8)
    ان ڊرامي کانپوءِ گيس لائيٽ لفظ عام ٿيو، جنهن جو مقصد اهو آهي ته خلل کان پاڪ انسانن اندر پنهنجي زوردار تبليغ ۽ مثالن سان ڪنهن به سوچ کي خلل جي روپ ۾ مڙهي سگهي ٿو . (9)
    ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته محتياط مشاهدن کي خلل ڪوٺيو وڃي ٿو، انتهائي حِسي ادراڪن وسيلي ڪيل مشاهدن کي نفسياتي مرض چيو وڃي ٿو ۽ اهي مشاهدا سچ ثابت ٿين ٿا. اهڙي صورتحال کي مارٿا مچل اثر (Martha Mitchell Effect) چيو وڃي ٿو، مارٿا آمريڪا جي اٽارني جنرل جي گهرواري هئي، جنهن چيو هيو ته وائيٽ هائوس ۾ ڪي غير قانوني حرڪتون ٿي رهيون آهن، ان وقت سندس اهڙي دعوا کي نفسياتي بيماري چيو ويو، ان کان ٿورو پوءِ واٽر گيٽ اسڪينڊل ٿيو جنهن مارٿا جي اندازن کي صحيح ثابت ڪيو. (10)
    نفسيات جي ماهر انٿوني ڊيوڊ (Anthony David) موجب خلل جي ڪا به وصف قابل قبول نه آهي، اهو منجهيل مسئلو آهي. (11)
    اجتماعي خلل کي پاسي رکي ڪجهه انفرادي خللن جو ذڪر ڪيون ٿا، جيڪي ذهني انتشار سبب آهن ۽ نفسياتي بيمارين ۾ شامل ٿين ٿا.
    ڪپپگراس خلل (Capgras delusion): اهڙي خلل ۾ مبتلا شخص کي محسوس ٿيندو آهي، گهر ۾ رهندڙ سڀ ڀاتي جيئن ماءُ پيءُ، زال، ٻار ۽ ٻيا ويجها عزيز انهن جي شڪلين سان ملندڙ (Imposter) ڪي ٻيا شخص آهن، ان خلل ۾ صرف ماڻهو نه پر جايون ۽ موجود شيون پڻ ائين لڳنديون آهن ڄڻ ڪي انهن جهڙيون نقلي جايون ۽ شيون آهن، کين لڳندو آهي وقت مٽجي چڪو آهي ۽ وقت ساڳيو نه آهي، انهن ۾ انسانن کان خوف واري ڪيفيت (Paranoid Schizophrenia)، نيورو ڊي جنريٽو ڊزيز، مٺا پيشاب، اڌ مٿي جو سور ۽ ٿائيرائيڊ هارمون جي گهٽتائي شامل هوندي آهي. (12)
    ڪڏهن مريض کي آپريشن کان اڳ بيهوشيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوا ڪيٽامائين (Ketamine) جي ڪري به اهڙي حالت ٿيندي آهي، ائين به ٿيندو آهي ته گهر اندر ويجهن عزيزن سان گڏ انهن جهڙا ٻيا شخص (Doubles) به گهمندي ڦرندي نظر ايندا آهن. (13)
    ڪوٽارڊ خلل (Cotard Delusion) . اهو خلل نفسياتي بيماري آهي، جنهن ۾ لڳندو آهي ته هو مري چڪو آهي، وجود نه ٿو رکي ۽ ان جو جسم ڳري سڙي (Putrify) ٿي چڪو آهي، کيس ائين به محسوس ٿيندو آهي ته جسم ۾ رت سڪي چڪو آهي، عضوا ۽ اندريان سرشتا ختم ٿي چڪا آهن.(14) 45 سيڪڙو مريضن ۾ اهو خلل هوندو آهي ته اهي مٽجي فنا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 55 سيڪڙو مريض ان خلل ۾ هوندا آهن ته اهي موت کان آزاد ٿي امر ٿي چڪا آهن. (15)
    هڪ اهڙي عورت جو ڪيس رڪارڊ تي آهي جنهن پنهنجي جسم اندر موجود سرشتن جو انڪار ڪيو ۽ چيو “جيئن ته هن اندر هاضمي جو سرشتو موجود نه آهي، انڪري ماني نه کائيندي”، ائين به چيو ته “اهو سڀ خدا طرفان کيس گناهن جي سزا طور آهي.”
    ان ماني نه کاڌي ۽ فاقاڪشيءَ سبب مري وئي. (16)
    ذاتي معدوم جو خلل (Depersonalization disorder): ان نفسياتي بيماريءَ ۾ مريض کي لڳندو آهي، اهو پنهنجي وجود مان ٻاهر نڪري مشاهدو ڪري ٿو، اهو پنهنجو پاڻ کي، پاڻ کي الڳ لڳندو آهي، سندس سوچن ۾ هم مرڪزيت (Concentration) نه هوندي آهي، سوچون ڀٽڪنديون رهنديون آهن، اهي وس ۾ نه هونديون آهن، کيس پنهنجا عڪس ۽ پاڇا پنهنجا نه لڳندا آهن، اهڙن مريضن ۾ غير حقيقيت (Derealization) هوندي آهي، ماحول ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل خوابناڪ (Surreal) لڳندو آهي، ان خلل جو بنيادي سبب ڊپريشن آهي. (17) ان خلل جون ٻيون علامتون اهي آهن ته اهڙا مريض پاڻ کي دل جي مرض ۾ مبتلا سمجهندا آهن ڇو جو سيني ۾ سور محسوس ٿيندو آهي، اوڪارا ايندا آهن، ٻانهن، ڄنگهن، هٿن ۽ پيرن جي ترين ۽ کڙين ۾ سئيون چُڀندي محسوس ٿينديون آهن، اها نفسياتي بيماري اهڙن شخصن ۾ به ڏٺي وئي آهي جن سان ننڍي هوندي برو برتاءُ (Child abuse) ڪيو ويو هجي. (18)
    منهن انڌيارو (Prosopagnosia): اهڙو مرض گهڻو ڪري مغز جي بيماريءَ سبب ٿيندو آهي، جنهن ۾ مريض جي مغز اندر موروثي طور فيوسيفارم گائرس (Fusiform Gyrus) جو نقص هوندو آهي، ان خلل ۾ ادراڪ جي کوٽ هوندي آهي. ڄاتل سڃاتل چهرا سڃاڻي نه سگهندو آهي، آئيني اڳيان بيهندو آهي ته کيس لڳندو آهي، هو پاڻ نه پر ڪو ٻيو آهي، پنهنجو منهن ٻئي جو منهن سمجهندو آهي، جڏهن ته اهڙن مريضن ۾ نظر ۽ سمجهه سلامت هوندي آهي. (19)
    فريگولي خلل (Fregoli Delusion): ان خلل ۾ لڳندو آهي ته گهڻا شخص هڪ شخص جو روپ ڌاري سندس سامهون اچن ٿا. اهو آهي هڪ شخص جيڪو مختلف شخصن جا ٻهروپ ڌاري سندس سامهون اچي ٿو. هڪ ستاويهن سالن جي عورت جو ڪيس ائين آهي ته کيس خلل هيو ته ٻه اداڪار جن کي هن ڪڏهن اسٽيج تي ڏٺو هيو، اهي هن جي ويجهي عزيز جو روپ ڌاري سندس سامهون اچن ٿا. (20)
    خيالي عشق (Erotomania): اهڙو خلل جنهن ۾ ڪو محسوس ڪري ته ٻيو ڪو سندس تصور ۾ اچي نازيبا حرڪت (Infatuate) ڪري ٿو. اهڙو خلل اڪثر اهڙين عورتن ۾ ٿيندو آهي، جيڪي شرميليون هونديون آهن، اڃان پنهنجن قدمن تي بيٺل نه هونديون آهن ۽ جنسي تجربو نه هوندو آهي، اها وهمي (Obsessional) خرابي آهي.(21)
    هڪ عورت جو ڪيس جنهن ۾ اها بيڪنگم محل ٻاهران بيٺل هئي، کيس لڳي رهيو هيو، بادشاهه دريءَ جو پردو هٽائي هن سان رابطي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. (22)
    ڪائنات جو ڪهڙو معروض آهي جيڪو وهم کان خالي نه آهي؟ هڪ معروض هڪ لک مفروضاتي موضوعن کي جنم ڏئي ٿو، نفسياتي مرض هر انسان ۾ موروثي موجود آهن، هر انسان پنهنجي پرورش، پالنا، ثقافت ۽ ماحول موجب اهڙن مرضن کي ضابطي ۾ رکي ٿو يا ظاهر ڪري ٿو، ڪي پنهنجي ارادي، تربيت ۽ حاصل ڪيل اعتماد سان انهن بيمارين کي پنهنجي وس ۾ رکن ٿا. جڏهن ته ڪي وقت ۽ حالتن جي پيش نظر ضابطي مان نڪري نفسياتي خلل جو شڪار ٿين ٿا.
    شخصيتون ۽ طبيعتون ساڳيون نه آهن، ماحول ساڳيو نه آهي، تربيت ۽ تعليم ساڳي نه آهي، هڪ شخص جي بگڙيل جين (Gene) نسلن تي اثر ڇڏي ٿي ۽ ٻئي شخص جي سنوريل جين نسلن اندر پاڻ ساڳي انداز ۾ ظاهر ٿئي ٿي، انفرادي خلل پڻ اجتماعي آهن پر انفرادي انڪري آهن جو خللن جي گهڻائي اجتماعي طور موجود هوندي هر ڪنهن اندر ضابطي جي اصول هيٺ الڳ قسم ۾ ظاهر ٿي، انفرادي ٿي پوي ٿي، ڪو ڪهڙي خلل ۾ مبتلا آهي ته ڪو ڪهڙي خلل ۾، ڪي خلل عام رواجي آهن ته ڪي خاص صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. ڪي خلل عجيب آهن ته ڪي غريب.
    هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ دنيا جو جديد طرز تي لکندڙ ڪهڙو اديب ڊي پرسونلائيزيشن جي خلل ۾ مبتلا نه آهي؟ سچو اديب آهي ئي اهو جيڪو پاڻ مان نڪري مشاهدو ڪري ٿو، تصور پاڻ کان ٻاهر جي دنيا آهي، اديب پاڻ منشي هوندو آهي، لکرائڻ وارو، ان کان ٻاهر ان جهڙو هوندو آهي، جيڪو خوابناڪ (Surrealist) ۽ هر شيءِ جي علامت هوندو آهي.
    جڏهن مان لکندو آهيان ته لڳندو آهي ڪوهيڙي ۾ ڪمري جي هر شيءِ غائب ٿي چڪي آهي، پراسرار جادوئي منظرن مان ٻاهر نڪرندو آهيان، ته ٿڪ لهي ويندا آهن، جيئن گهري ننڊ مان جاڳي پيو هجان، لکڻ نشو آهي، لکڻ فرحت ۽ عياشي آهي، اهو ڀل ڊي پرسنلائيزيشن خلل هجي پر اهڙي خلل تان اهي سڀ خلل قربان جن کي خلل نه ٿو ليکيو وڃي.
    الف کان اڳ جي تصور کان وڌيڪ ڪهڙو خلل ٿي سگهي ٿو، مان عرش ڏي ائين ڏسان ٿو، ڄڻ بيڪنگهم محل جي دريءَ جو پردو هٽائي بادشاهه رابطي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، سڀ چهرا خدا جو چهرو سجائي مون اڳيان بيٺا هجن، مان ڪنهن نازيبا حرڪت جو منتظر هجان، ڪو به عشق خيالي نه هوندو آهي، سچي محبوبا اها ئي ثابت ٿئي ٿي جيڪا خيالن تائين محدود آهي، منهنجي سوچ ۽ سمجهه سلامت هوندي، منهنجو منهن، منهنجو منهن نه آهي، منهنجو منهن منهنجي محبوب جو منهن آهي، ضروري نه آهي ته آئينا سچ ڳالهائين، ڪڏهن آئينا اسان جي منهن ۾ پنهنجو منهن ڏسندا آهن.
    مان معدوم ٿي چڪو آهيان، منهنجو وجود منهنجو نه آهي، اهو ليز تي ورتل آهي، منهنجي وجود جا سرشتا منهنجي وجود ۾ موجود نه آهن، منهنجي خلل لاءِ اها ڳالهه حوصلي جو سبب آهي ته هاضمي جو سرشتو صرف منهنجو معدوم ٿيل نه آهي پر هر شخص هاضمي کان محروم آهي، معاشري جي ڪا به شيءِ هضم نه ٿي ٿئي، بدهاضمي اسان کي تخريبڪار بنائي وڌو آهي، اسان دنيا جا مشهور دهشتگرد آهيون.
    مون کي هڪ عورت ياد آهي جيڪا اسپتال ۾ آئي، مون جڏهن کيس مرض جو پڇيو ته چوڻ لڳي “جڏهن مان ڪنڌ ورائي ڪلهي وٽان ڏسان ٿي ته مون کي پنهنجي اندر سڀ نظر اچي ٿو”
    مون پڇيو “ڇا ٿو نظر اچي؟”
    چيائين “اوندهه”
    وري اها هر هر پڇي رهي هئي “ڊاڪٽر مان مري ته نه ويندس.... ڊاڪٽر مان مري ته نه ويندس.”
    مان وٽ ڪو جواب نه هيو، اندر جي اوندهه ڪو ڏسي ٿو ۽ ڪو محسوس ڪري ٿو، خدا ان خلل جو خانو خراب ڪري جيڪو خدا کي خلل ڪوٺي ٿو، يا خدا معاف ڪر، سرشتن ۽ رشتن کي برقرار رک، هاضمي جي صلاحيت ڏي، ڏوهي نه ڪر اڏوهي ڪر جيئن هن ڊائري جي ڪاغذن کي هضم ڪري سگهان، نه ٿو چاهيان ته الف کان اڳ منهنجي ڊائريءَ جو ڪو ڦاٽل ورق ڪنهن جي ڳولها ۾ رولاڪ جيان خول (Void) ۾ ڀٽڪندو رهي.


    References:

    1. M, Raja.
    “Religious delusion”.
    (PDF) Archived from the original. Retrieved 17 April 2011.
    2. Spitzer, M. (1990).
    “On defining delusions”.
    Compr , Psychiatry. 31(5):377-97.
    3. Jasper , Karl (1913). Allgemeine psychopathologie. Berlin. J. Spiringer.
    4. Kingston , C. schummans. Stekhoven. J. (2016). Life hassles and delusional ideation: scoping the potential role of cognitive and affective mediators , psychology and psychotheraphy : Theory , research and practice. 89(4). 445-63.
    5. Morimoto , K; Miyatake , R; et al (2002).
    “Delusional disorders : molecular genetic evidence for dopamine psychosis”.
    6. Stompe , T; Friedman A. Ortwein G, et al. (1999).
    “Comparision of delusions among schizophrenics in Austria and in Pakistan”.
    Psychopathology.32(5):225-34.
    7. Dorpat , Theo , L (1994).
    “On the double whammy and gaslighting”
    Psychoanalysis and psychotherapy.11(1):91-96.
    8. Bellafante , Ginia.
    “Theater review Gaslight”.
    New York times , 24 May 2007.
    9. Lund , C,A ; Gardiner, A, Q (1977).
    “The gaslight phenomenon: An institutional variant.”
    British journal of psychiatry . 131(5):533-34.
    10. Engelmayer , Sheladon D. (1973).
    “Martha , The mouth that roared”.
    New York : Berkley.
    11. David , A,S. (1999).
    “On the impossibility of defining delusions”
    Philosophy , psychiatry and psychology. 6(1):17-20.
    12. Ellis , Hadyn D; Lewis, Michael B. (2001).
    “Capgras delusion : a window on face recognition”
    Trends in cognitive science. 5(4):149-56.
    13. Aziz , VM; warner , NJ (2005).
    “Capgras syndrome of time”.
    Psychopathology 38(1) 49-52.
    14. Berrios . G,E ; Luque , R. (1995)
    “Cotard delusion or syndrome?”
    Comprehensive psychiatry. 36:218-23.
    15. Berrios , G,E , Luque, R (1995).
    “Cotard syndrome: Clinical analysis of 100 cases”.
    Acta psychiatric scandinavica. 91:185-88.
    16. Berrios , G,E; Luque (1999).
    “Cotard’s on hypochondriacal melancholia”.
    History of psychiatry. 10:269-78.
    17. “Depersonalization derealization disorder: Epidemiology. Pathogenesis , clinical manifestation, course and diagnosis”
    Archived from original -18 May 2015.
    18. Simeon. D (2004).
    “Depersonalization disorder: A contemporary overview”.
    CNS drugs. 18(6):343-54.
    19. Gruter T, et al (2008).
    “Neural and genetic foundations of face recognitions and prosopagnosia”
    J , Neuropsychol. 2(1):79-97.
    20. Feinberg, Todd ; Eaton , Lisa , et al (1999).
    “Multiple Fregoli delusions after traumatic brain injury”.
    Crotex. 35(3):373-87.
    21. Segal , J. H (1989).
    “Erotomania revisited : from kraepelin to DSM-III-R”.
    The American Journal of psychiatry. 146:12-61.
    22. Mc Donnell ; Margaux ; Mc padden (2013).
    “A Stalkers that make us glad , we are not famous”.
    ***


    اڳواقعي جون وٿيون

    اڳواقعي جون وٿيون
    Antecedent Containing deletions

    خدا، اڳواقعي (Antecedent) جي وٿين ۾ سمايل آهي، ڪائنات اهڙو جملو آهي، جنهن جملي ۾ وٿيون آهن، انهن وٿين ۾ لفظ نه هوندي به، غائب لفظ جملي کي مڪمل ڪن ٿا. (1)
    جيئن موضوع جي عمل (Predicate) مان موضوع جي وجود جي خبر پوي ٿي، ڀل موضوع ظاهر نه هجي، پر اهو پنهنجي عمل ۾ موجود آهي، ائين واقعي جون وٿيون واقعي کان وڌيڪ لقائن (Phenomenons) سان ڀريل آهن، اهي وٿيون اڳواقعي جي تسلسل کي ٽوڙين نه ٿيون پر اڳواقعي کي وڌيڪ واضع ڪن ٿيون. (2)
    فلسفي کي پاسي رکي گرامر تي نظر ڪبي ته اڳواقعو (Antecedent) لفظن، جملن، لقائن ۽ سلسلن جي اهڙي وضاحت آهي، جنهن ۾ پروفارم (Proform)، اسم جي ضمير (Pronoun) (جيئن، اسان، اها، هي، پاڻ) چوڻي (Proverb) ۽ فعل يا فعل متعلق (جيئن زمان، مڪان، احوال، ڪيفيت، سبب ۽ درجا) کي معنا ڏئي ٿو. (3)
    مثال طور؛

    حوا دير سان آئي ڇو جو اها ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئي.

    ان جملي ۾ “حوا” اڳواقعو آهي ۽ “اها” پروفارم
    اڳواقعو “حوا” “اها” کي پر معنا بنائي ٿو.
    اڳواقعو لفظن، جملن، لقائن، نقائن ۽ سلسلن کي واضع ڪري ٿو ۽ پروفارم اڳواقعن مان معنا حاصل ڪري ٿو. (4)
    جيڪڏهن پروفارم اڳواقعي کان پهريون استعمال ٿئي ته اڳواقعو، پڇواقعي (Postcedent) ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. (5)
    اڳواقعو جو مثال:

    سيلي آئي پر اها نظر بچائي آئي.

    ان جملي ۾ “سيلي” اڳواقعو ۽ “اها” پروفارم آهي.
    ساڳيو جملو پڇواقعو ۾ ڦري ائيندي ٿيندو ته:

    اها آئي پر سيليءَ کي ايندي ڪنهن نه ڏٺو.

    هن جملي ۾ پروفارم “اها” اڳ ۾ استعمال ٿيل آهي، “اها” سيليءَ جو پڇواقعو آهي.
    جيڪڏهن ساڳي جملي کي (اڳواقعي ۽ پڇواقعي جي وٿين ۾ آڻبو ته:

    حوا دير سان آئي ڇو جو ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئي.

    ان ۾ پروفارم “اها” موجود نه آهي، جيڪا واقعي جي وٿي آهي، پروفارم غير موجود هوندي به اڳواقعو ان کي معنا ڏئي ٿو ڇو جو سمجهه ۾ اچي ٿو ته “حوا” ئي “اها” آهي، جيڪا ٽريفڪ ۾ ڦاٽل هئي.
    ساڳيو جملو ٻئي انداز ۾:

    دير سان آئي ڇو جو اها ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئي.

    ان جملي ۾ “حوا” غير موجود هوندي به “اها” مان معنا حاصل ڪري ٿي.
    ساڳيءَ طرح:

    آئي پر اها نظر بچائي آئي.

    غير موجودگي جملي ۾ ڪنهن جي موجودگي ظاهر ڪري ٿي.

    آئي پر سيليءَ کي ايندي ڪنهن نه ڏٺو.

    پڇواقعي جو مثال جنهن ۾ “اها ” جي وٿي “سيليءَ” کي ظاهر ڪري ٿي. (6)
    واقعو (Incidence) جنهن ۾ اڳواقعو ۽ پڇواقعو شامل آهي، ان جي وٿين (Deletion) جو مدار فعل جي تخفيف (Verb phrase ellipses) ۽ قدر جي تناسب جي حد (Quantifier) متعين ڪرڻ تي آهي. (7)
    فعل جي تخفيف مان مراد جملي مان واقعاتي فاعلي يا مفعولي لفظ حذف ڪرڻ آهي، جيڪي جملن کي معنا ڏيڻ يا مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري هوندا آهن. (8)
    قدر جي تناسب جي حد (Quantifer) متعين ڪرڻ مان مراد آهي ته قدر (Quantify) کي عدد (Numerical) سان نه پر لفظ سان بيان ڪيو وڃي، جيئن ٿورا، گهڻا، سڀ، ڪجهه، ڪجهه به نه. (9)
    فعل جي تخفيف (Verb Phrase ellipses) جو مثال:

    مون ماني کاڌي ۽ اسلم پڻ.

    ان جملي ۾ “اسلم پڻ” فعل جي تخفيف آهي، ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جملو ائين هجڻ گهربو هيو ته:

    مون ماني کاڌي ۽ اسلم پڻ ماني کاڌي.

    ان ۾ “ماني کاڌي” پنهنجو پاڻ ۾ سمايل آهي، فعل کي مڪمل ڪرڻ کان سواءِ سمجهه ۾ اچي ٿو ته اسلم پڻ ماني کاڌي.
    خدا به واقعي جي وٿين ۾ فعل جي تخفيف آهي، اهو نظر نه ايندي به موجودگيءَ جو احساس ڏياري ٿو.
    زمان، مڪان، حال، احوال، ڪيفيت، سبب ۽ درجا سڀ اڳواقعي ۽ پڇواقعي جون وضاحتون آهن، جملن، لقائن، نقائن جا سلسلا ٽٽل هوندي به سمجهه ۾ ايندڙ ڪڙين سان ڳنڍيل آهن، ڪائنات جي هر وٿي خالي نظر ايندي به خالي نه آهي، جتي نجهه (Nothing) آهي، اتي ڪجهه (Something) آهي. خول (Void) جو خاليپڻو بيجاءِ نه آهي.(10)
    ڪائنات جي پراسراريت قياس (Chaos) آهي، ڇو جو سماوي (Cosmos) عيان آهي ۽ قياس جنهن جي چُپ ۾ گهڻا لفظ اظهار جا رستا ڳولهين ٿا. چُپ جو اظهار ڪڏهن زبان کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي.
    “مان آهيان” نامڪمل جملو آهي، ان جي اڳيان ۽ پويان لاتعداد اڳواقعا ۽ پڇواقعا آهن، ان اڳيان اڻ کٽ چوٽ (Infinite progress) ۽ پويان اڻ کٽ موٽ (Infinite regress) آهي. (11)

    اڻ کٽ چوٽ

    مان هوندس، ڇو جو هو هوندو،
    ڇو جو هو هوندو، مان هوندس.
    مان آهيان، ڇو جو هو آهي،
    ڇو جو هو آهي، مان آهيان.
    مان هيس، ڇو جو هو هيو.
    ڇو جو هو هيو، مان هيس.

    اڻ کٽ موٽ
    هوندو، هوندس، آهي، آهيان، هيو، هيس، انهن ٽٽل ڪڙين جي وٿين ۾ “هو” ۽ “مان” سمايل آهي، هو ڪير آهي؟ مان ڪير آهيان؟ هو “مان” آهيان ۽ “مان” هو” آهيان، اڻ ڏٺل؟ ڏٺل؟ مان! آهيان؟ ناهيان؟ هو مون ۾ سمايل آهي ۽ “مان” ان سميت ان ۾ سمايل آهي. (12)
    هوڪل (The all) آهي، مڪمل ڪامل (Absolute) آهي.(13)
    زنجير جون سڀ ڪڙيون لوهه آهن، وٿيون نه آهن، جملي ۾ لفظن جي اڪيلائي آهي. ٻار ڳالهائڻ سکيو نه آهي. بزرگ ٻار جي ٽٽل لفظن مان مفهوم ڪڍي ٿو. ڪل (The all) هڪ آهي. لفظن جون اڪيلائيون مٽجي وڃن ٿيون. جملا سمجهه لائق ٿين ٿا. مضمون جملن ۾ سمائجي لفظ بنجي “الف” جو روپ ڌيارين ٿا. الف کان اڳ، الف کان پوءِ، اڳ ۽ پوءِ جي وچ ۾، ڪُل اندر اڻ کٽ چوٽ ۽ اڻ کٽ موٽ پاڻ ۾ ملي “هڪ” ٿي وڃن ٿيون. (14)
    ڪُل (The all) نرماد (Androgyne) آهي. پاڻ سان پاڻ سمهي ٿو ۽ پاڻ ڄڻي ٿو. پاڻ مان پاڻ ڄائو آهي ۽ پاڻ جهڙا ڄڻي ٿو. ڪائنات ۽ ڪُل کي الڳ ڪرڻ معاملي کي منجهائي ٿو. ڪائنات ڪُل جو جسماني احساس آهي. ڪُل ۾ ڪائنات سمايل آهي ۽ ڪائنات ڪُل آهي، ڪل، ٽوٽل (Total) آهي. اهو، هاڻي (Now) نه آهي. ان جو وجود مسلسل آهي. اهڙو تسلسل آهي، جنهن جو سلسلو لافاني اڻ کٽ ۽ لامحدود آهي. ان ۾ ٿڪاوٽ، آرام، وٿي، خول يا خلل نه آهي. (15)
    واقعي جي وٿين جو مدار صرف فعل جي تخفيف نه آهي، پر قدر جي تناسب جي حد (Quantifier) جي تخفيف (Ellipse) پڻ آهي. قدر جي تناسب جي حد متعين ڪرڻ، قدر (Quatity) جي لفظن سان ٿيل عدد جيڪي انگن ۾ نه آهن، انهن جو بيان جملن ۾ لفظن سان ٿيل هوندو آهي، ٿورا، گهڻا، سڀ، ڪجهه يا نجهه، اهڙا ٻيا عددي لفظ پڻ واقعي جون وٿيون (Deletions) هوندا آهن، اهي جملي ۾ موجود نه هوندي به جملي اندر پنهنجو قدر محسوس ڪرائيندا آهن. جيئن:
    مون اهي سڀ ڪتاب پڙهيا جيڪي اسلم پڙهيا.
    جيڪڏهن جملو پورو لکجي ته ٿيندو.
    مون اهي سڀ ڪتاب پڙهيا، جيڪي سڀ ڪتاب اسلم پڙهيا.
    مٿين جملي ۾ لفظ “سڀ ڪتاب” کٽيل آهي، پر جملي پڙهڻ سان ان جي کوٽ محسوس نه ٿي ٿئي، ڇو جو “سڀ ڪتاب” جو تاثر جملي پڙهڻ سان پنهنجو پاڻ ظاهر ٿي پوي ٿو، “سڀ ڪتاب” ان ۾ سمايل آهن.
    الف کان اڳ، قدر (Quantity) جي وٿي آهي. ان وٿيءَ ۾ انگ جو متبادل لفظ سمايل آهي، اهو “هڪ” نه آهي، پر سڀ (Total) آهي. الف (هزار) نه آهي، پر ڪُل (The all) آهي. نجهه هوندي سڀ ڪجهه آهي.
    منطق ۾ قدر جي تناسب جي حد، وحدت، ڪثرت، نفي، اثبات يا اهڙن ٻين لفظن تي متعين آهي. (16)
    نفعو نفيءَ مان نڪتل آهي، سڀ خرچ ڪٽ ڪري جيڪي بچي اهو نفعو آهي، ڪائنات جي خرچ ۾ خدا ٻڙي (0) آهي. ڪائنات ٻڙي توانائي (Zero energy) آهي. ڪائنات ٻڙي توانائيءَ ڪري برقرار آهي. (17)
    الف کان اڳ خالي سيٽ (Axiom) آهي. رياضيءَ ۾ خالي سيٽ ان کي چئبو آهي. جنهن ۾ جزا نه هجن، رياضيءَ ۾ خالي سيٽ وجود رکي ٿو. ٻڙي (Zero) ان خالي سيٽ ۾ جاءِ والاري ٿي. رياضيءَ جي قانون موجب جيڪڏهن ٻڙي آهي ته هڪ (1) ضرور هوندو. (18)
    الف کان اڳ ٻڙي آهي، ٻڙي نجهه نه هوندي به انگ ٻڙيءَ کان سواءِ ڪنهن ڪم جا نه آهن، ٻڙي تخليق جو مرڪز آهي، ٻڙيءَ مان عدد نروار ٿي قدر جي تناسب ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ قدر جو تناسب جملن اندر موجود نه هوندي به پنهنجي غير موجودگيءَ سان جملي ۾ هر هنڌ حاضر ڏسجي ٿو. (19)
    اثبات جو عددي تناسب ڪُل (The all) آهي، سڀ نفعا نقصان، خرچ پکا ملي ٽوٽل ٿي ويا آهن، ڪثرت ۾ وحدت سمايل آهي ۽ وحدت ۾ ڪثرت، ڇو جو ڪثرت ۾ وحدت سمايل آهي ۽ وحدت ۾ ڪثرت، ڇو جو ڪثرت...... اڻ کٽ موٽ، سوچ جو انت نه آهي، سوچ پنهنجي چوگرد ڦري ٿي.
    خدا کي ڳولهڻ به ائين آهي، جيئن گهاڻي چوڌر ڦيرا پائڻ، سوچ سرنهن جي تيل جيان وهي ٿي، پوئتي موٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ به ائين آهي، جيئن پنهنجي چوڌر ڦيرا پائڻ، نه اڳ جو انت آهي، نه موٽ جي کوٽ، زندگي کٽي وڃي ٿي رستا نه ٿا کٽن، انسان نه اڳتي وڌي ٿو، نه پوئتي موٽي ٿو، پر پاڻ چوگرد چڪر ڏئي هليو وڃي ٿو.
    گونگو ڪنن کان محروم ته هوندو آهي، پر ان جي نظر تيز هوندي آهي، خدا جي نظر تيز آهي جو ڪائنات ڏسجي ٿي، الف کان اڳ ننڊ هئي، ننڊ کان اڳ اوٻاسي (Ginnungagap) هئي. اوٻاسي ڏيندڙ پولار (Yawning void) خواب ۾ جاڳي پيو.(20) جاڳ خواب هئي، خواب جو خواب.... خواب جو خواب......خواب جو....... اڻ کٽ موٽ ۾ خواب خدا ٿي پيو ۽ اڻ کٽ چوٽ ۾ خواب ماڻهو ٿي پيو.
    اربابيت (Henology) ڪثرت ۾ وحدت ڏسي ٿي.
    “هينو” معنا “هڪ” (One)، هڪ جو قدر وحدت آهي، وحدت جي وٿيءَ ۾ ڪثرت سمايل آهي، ڪثرت وحدت ۾ سمائجي وجود وڃائي ويٺي آهي، ڪو به موجود (Being) نه آهي، پر وحدت آهي. (21)
    جيئن سڀ پيغمبر هڪ پيغمبر ۾ سمايل آهن، ائين سڀ خدا هڪ خدا ۾ سمايل آهن، ڪثرانيت (Polytheism) جي سڪي پويان سڪي جو قدر وحدانيت جي مهر ۾ ثبت ٿيل آهي، سڪي جا ٻه پاسا ساڳي سڪي جو قدر آهن، خدا کي ڪنهن به روپ ۾ ڏسو چهرو اهو ئي واحد آهي.
    اربابيت، وجوديت برخلاف آهي، وجوديت ۾ فرد آزاد آهي، اهو ڪثرت ۾ واحد آهي، منفرد آهي، آزاد آهي، پر اربابيت ۾ ڪثرت پاڻ واحد آهي، فرد انفراديت وڃائي ويهي ٿو، اهو ڪثرت جو حصو بنجي هيڪڙائي (Unity) ۾ شامل ٿئي ٿو، جُدا موجود (Being) ۽ اجتماع کان آزاد نه ٿو رهي. (22)
    هيٺيون خال ڀريو. ان ۾ وٿي (Deletion) آهي.
    “وهم ۽ گمان جي دنيا ۾ مون کي شڪ آهي، تون سچو پيار ڪندو آهين ۽ مون کي پڪ آهي تون سچو ڪندو هوندين”
    ان سِٽ ۾ پيار کٽيل آهي، جيڪو سدائين کٽيل هوندو آهي.
    “وهم ۽ گمان جي دنيا ۾ مون کي شڪ آهي، تون سچو پيار ڪندو آهين ۽ مون کي پڪ آهي تون سچو پيار ڪندو هوندين”
    اڻ کٽ موٽ جو مثال
    “ڇو جو سبب، سبب لاءِ هوندو آهي، انڪري سڀ کان پهريون بي سبب هڪ سبب پيدا ٿيو، سبب ۾ سئو سوال هيا، هر سوال جو جواب وري هڪ سبب هيو، ڇو جو سبب، سبب لاءِ ئي هوندو آهي، ان ڪري سڀ کان پهريون بي سبب، هڪ سبب پيدا ٿيو............................
    خدا کي ڳولهڻ به ائين آهي، الف کان اڳ جي اوندهه اڃان به پراسرار آهي، اها اوندهه ان غار جي اوندهه کان به گهري آهي، جنهن غار ۾ چار شخص پناهه وٺي ويٺل هيا، مون اها ڪهاڻي ننڍي هوندي پڙهي هئي.
    “هڪ انڌيري غار هئي، ٻاهر تيز مينهن وسي رهيو هيو، مينهن کان بچڻ لئي ان غار ۾ چار شخص ويٺل هيا، هڪ شخص ٻئي کي چيو:
    “اي دوست ڪا ڳالهه ٻڌاءِ جيئن وقت گذري” ان شخص ڳالهه شروع ڪئي.
    “هڪ انڌيري غار هئي، ٻاهر تيز مينهن وسي رهيو هيو، مينهن کان بچڻ لئي ان غار ۾ چار شخص ويٺل هيا، هڪ شخص ٻئي شخص کي چيو اي دوست ڪا ڳالهه ٻڌاءِ جيئن وقت گذري، ان شخص ڳالهه شروع ڪئي. هڪ انڌيري غار هئي، ان ۾ چار شخص.........”
    اڻ کٽ ڪهاڻيءَ جو انجام ڪٿي نه آهي، ڪائنات جي ڪا به ڪهاڻي مڪمل نه آهي، ڪهاڻي ان کي چئبو آهي، جنهن جو انجام هجي، ڪن علامتي ڪهاڻين جو بظاهر انجام نه هوندي به ان جي پڄاڻي علامتي انجام تي پهچندي آهي، خدا جي ڪائنات ۾ اڻ کٽ علامتون هوندي به سڀ علامتون سوال آهن.
    خدا منهنجي دماغ مان خارج ٿيل نه آهي، اهو رهيل آهي، “رهيل” جدا لفظن ۾ استعمال ٿئي ٿو، ڪٿ رهجي ويو آهي ۽ مون وٽ نه آهي يا صفا رهجي ويو آهي نڪري ئي نه ٿو، سڄي زندگي ڪوشش ڪئي وجود جون وٿيون (Deletions) ڀري نه سگهيس، مان ٽُڪرن ۾ جيئرو آهيان، زندگيءَ جو هڪ جملو به سمجهي نه سگهيس، ڇو جو ان جملي جي ڪنهن به وٿيءَ جو خال ان جي واقعي کي مڪمل نه ٿو ڪري، مان وقت جي وٿيءَ ۾ قيد آهيان، زماني جي سلسلي جو نظرانداز (Ommitted) حصو آهيان، حذف ٿيل آهيان، مان واقعي جي تخفيف (Ellipses) ۾ سمائجي نه سگهيو آهيان.
    مان منجهيل بي سبب آهيان، سبب جي اڻ کٽ موٽ آهيان ۽ مان حيرت جي اڻ کٽ چوٽ آهيان.
    خدا جو خير، پر بندا ناراض نه ٿجانءِ، جيڪڏهن مان ڊائريءَ جا ورق ڦاڙي پولار جي اوٻاسيءَ (Ginnungagap) ۾ اڇلايان.



    References:

    1. Baltin, M.(1987)
    “Do antecedent containing deletions exist?”.
    Linguistic inquiry. 18(4): 579-95.
    2. Culicover, P. (1997).
    “Antecedent containing deletions”.
    Oxford , UK: oxford university press.
    3. Bouton , L – (1970). Antecedent – contained proforms. In proceedings of sixth regional meeting of the Chicago linguistic society, ed, M. campbel Chicago. IL: university of chicago.
    4. Carnie A. (2013). Syntax: A generative introduction. 3rd edition. Malden. MA: willey. Blackwell.
    5. Crystal D.(1997). A dictionary of linguistics and phonetics.
    6. Sag, I (1976). Deletion and logical form. MIT dissertation.
    7. Bos, J; J, spender (2011). An annotated corpus for the analysis of verb pharse ellipses. Language resource and evaluation 45(4): 463-94.
    8. Goldberg , L. (2005). Verb – standing VP ellipsis: A cross – linguistic study. Doctoral dissertation , Mc Gill university , Montreal.
    9. Dag westerstahl (2001).
    “Quantifiers”
    In Goble , Lou, ed. The Blackwell guide to philosophical logic . Blackwell.
    10. Kennedy, C (1997).
    “Antecedent – contained deletion and the syntax of quantification”.
    Linguistic inquiry , 28(4): 662-88.
    11. Aristotle (1901). Posterior analytics. B.H. Blackwell. p-7.
    12. Chomsky , Noam (1957). Syntactic structures. The Hague/Paris: Mouton.
    13. Herbermann, Charles , (1913).
    “The absolute”.
    Catholic encyclopedia. New York : Robert Appleton company.
    14. Moser, Paul (2009).
    “Exclusivism, Inclusivism and kardiatheology”
    Philosophia Christi. 11(2):293-308.
    15. Heike wiese (2003)..
    “Numbers , Language and human mind”.
    Cambridge university press.
    16. Edward Keenan, Denis paperno. (2012). Handbook of quantifiers in natural language. Studies in linguistics and philosophy. 90 spring science and business media.p-16.
    17. Setphen Hawking
    “A brief history of time”
    p.16.
    18. Maddy , Penelope (1988).
    “Believing the Axioms”.
    Journal of symbolic logic. 53(2):481-511.
    19. Wilson , John cook (1889). On an evolutionist theory of Axioms. Oxford clarendon press.
    20. Dillmann , F.X (1998).
    “Ginnungagap”.
    Beck.H , Steru. H and Timpe – D (ed). Volume 12.
    21. Schuman , Reiner ; Lily , Reginald (2003).
    “Broken Henologies”.
    Bloomington , Indiana ; Indiana university press.p143-144.
    22. Wayller , Egil A (1997).
    “Henology symposium”
    Amsterdam , Netherland : Rodopi-p.5-6.
    ***


    ڊيميئرز Demiurge

    اصل ۾ هيانءُ دل اندر پيل ننڍڙي دل آهي، اهو دل جيان دل کي جيئرو رکي ٿو، دل جي کڏ اونهي آهي، تسليءَ لاءِ ان جي اونهائپ ۾ ڏند ڪٿائن کانسواءِ ڪجهه نه آهي.
    ڏند ڪٿائون انسان جي حسرتن جو پورائو ڪن ٿيون، جيئڻ لئي ننڊ ۾ خواب ضروري آهن ۽ جاڳ ۾ جيئڻ لئي ڏند ڪٿائون.
    هيانءُ جي حسرت آهي ته دل ڌڙڪندي رهي، هونئن چئي سگهجي ٿو ته ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا دل ڌڙڪائي ٿي؟ دل کي جيئري رکڻ لاءِ ان اندر هڪڙي دل آهي ۽ ان دل اندر دل آهي ۽ ان دل اندر دل ۽ ان....... دل الف کان اڳ موجودگيءَ جو مسئلو بنجي ڏند ڪٿا ۾ تبديل ٿي وڃائجي وڃي ٿي.
    وڃائجڻ لاءِ ميلا ضروري نه هوندا آهن، پر سڃ وڌيڪ وڃائيندڙ آهي، ڏند ڪٿائون چون ٿيون، خدا جو ڪائنات سان ڪو واسطو نه آهي، نه رنگيءَ رنگ بنايو آهي، نه رنگي رنگ ڏسڻ آيو آهي، نه آدم، نه حوا، نه انسان، نه تخليق، خدا کي ضرورت نه هئي ته اهو ڪائنات ٺاهي ۽ تماشو ڏسي، هيڏي وڏي هستي، ڪائنات ٺاهي ڇو انسانن جو امتحان وٺندي؟ خدا بي پرواهه آهي، پاڪ ۽ افضل آهي. ڪائنات بدي ۽ برائي آهي، هڪ هستي، پستيءَ کي ڇو وجود ڏيندي؟ اهو ڪو ٻيو آهي، جنهن ڪائنات ٺاهي يا خدا جي ڪائنات ڪا ٻئي آهي ۽ هيءَ ڪائنات خدا جي ڪائنات جهڙي آهي، خدا جي ڪائنات ان جيان پاڪ ۽ صاف آهي ۽ خدا جي ڪائنات جهڙي هيءَ ڪائنات برائين، اڻبرابرين، ظلم، مفلسي ۽ ويڙهه سان ڀريل آهي، اهو رمزين (Gnostics) جو خيال آهي، هيءَ ڪائنات، ڪائنات نه آهي، ڪائنات ڪنهن ٻئي هنڌ آهي، هيءَ دنيا، دنيا نه آهي، پر دنيا جهڙي ڪا همشڪل دنيا آهي. (1)
    ڏند ڪٿائون چون ٿيون، هيءَ ڪائنات اهڙي فنڪار ٺاهي جيڪو خدا نه هيو، پر ڊيميئرز هيو.
    اهو خدا جي مرضيءَ خلاف قدم هيو جو ڪائنات ٺهي، ڪائنات برائي (Evil) آهي. اها مادي مان ٺهيل آهي ۽ مادو برو (Malevolent) آهي. رمزي خيال آهي ته غير مادو (Non-material) سچو خدا آهي. (2)
    غيب کي غيب تڏهن مڃي سگهجي ٿو، جڏهن نظر اچڻ جي قابل هجي، نظر لئي اکيون ڪافي نه آهن، پر نظر کي پنهنجيون اکيون آهن، جيئن غيب نظر ايندو وڃي ٿو، اهو مادي ۾ ڍلجندو وڃي ٿو، ڪا به شيءِ مادي کان ٻاهر نه آهي، مادي کان ٻاهر اهڙو مادو آهي، جيڪو اڃان مادي ۾ شامل نه ٿيو آهي.
    ڊيميئرز جيڪو خدا کان غافل آهي، رهڻ لاءِ اوطاق ٺاهي ٿو، اها اوطاق ڪائنات آهي، ان اوطاق ۾ مهمانن جي اچ وڃ آهي، ان محل سراءِ جي در جي چانٺ تي ڪو مون جهڙو فقير ويٺل آهي، جيڪو بادشاهه سان گفتگو ڪري ٿو، “محل ڪنهن جي ميراث نه آهي” ڪيترا بادشاهه آيا ۽ ڪيترا ويا، محلن جا مالڪ بادشاهه نه آهن، هر محل، سراءِ آهي ۽ سرائون فقيرن جا آستانا هونديون آهن”
    وچين دور جي اسڪول آف فلاسافيءَ جي افلاطوني ۽ نئين فيثاغورسين خيال موجب ڊيميئرز هڪ فنڪار جهڙو آهي، جيڪو ڪائنات کي هر وقت سنواريندو ۽ سينگاريندو اچي ٿو. (3)
    ڊيميئرز يوناني لفظ مان ورتل آهي، جنهن جي معنا آهي، ڪاريگر (Craftsman) رمزين موجب ڪائنات خدا نه ٺاهي آهي، پر اها ڊيميئرز ٺاهي آهي. (4)
    ويلنٽيانيزم (Valentinianism) رمزي تحريڪ هئي، جنهن جو بنياد ويلنٽس وڌو، ان عقيدي موجب ڊيميئرز گمراهه ۽ ناواقف هيو.(5)
    ڊيميئرز اڪيلو (One) نه آهي، پر ان سامهون دوبدو (Dual) ڪو ٻيو به آهي، جيئن هو برو (Malevolent) آهي، ائين سندس پوروڇوٽ چڱو (Benevolent) پڻ آهي، ڇو جو مادي مان ٺهيل دنيا گند ۽ غير مادي دنيا گُلَ آهي، رمزين جي خيال موجب خدا ۽ ڊيميئرز ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، خدا متعلق ڪا ڄاڻ نه آهي پر ڊيمئرز ان لحاظ کان سمجهه ۾ ايندڙ آهي ته اهو مادو آهي ۽ مادي مان تخليق ڪئي، ان جو اهڙو عمل خدا جي مرضيءَ خلاف هيو، اهو ڊيميئرز جو لاشعوري عمل هيو جو ان کان ڪائنات تخليق ٿي وئي، جنهن جو مقصد خدائي رمزن کي مادي اندر قيد ڪرڻ هيو. (6)
    فلسفي جو اهڙو خيال ابراهيمي مذهبن جي وحدانيت کان الڳ آهي ڇو جو خدا لاشريڪ ۽ خلقيندڙ آهي. (7)
    ڊيميئرز جي ڏند ڪٿا موجب.
    صوفيا (Sophia) ڊيميئرز جي ماءُ هئي، صوفيا جو مطلب ڏاهپ (Wisdom) آهي، صوفيا اڌ انسان ۽ اڌ خدا هئي، اها “هڪ” (Aeon) جي محبوبا هئي. ان جي اڌ انساني سوچ ۾ خيال آيو ته ڇو نه هوءَ خدا جهڙي ٻئي ڪائنات ٺاهي، اهڙي حسرت ۾ کيس ڊيميئرز جهڙو مانسٽر (Monster) ڄايو، ڊيميئرز جي بدصورتيءَ کي ڏسي کيس بُڇان آئي، سوچيائين هن ته خدا جهڙي ڪائنات ڄڻڻ جو خواب ڏٺو هيو، پر کيس بدصورت اولاد ڄائي، هن کي پنهنجي تخليق تي شرم آيو، هن ڊيميئرز کي جُهڙ ۾ ويڙهي ڇڏي ڏنو.
    جڏهن ڊيميئرز جُهڙ ۾ پروان چڙهيو ته وڏو ٿي کيس اڪيلائيءَ جو احساس ٿيو، هن محسوس ڪيو هو اڪيلو آهي ۽ هن جهڙو ڪو به نه آهي، هن اڪيلائين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪائنات ٺاهڻ جو ارادو ڪيو، ڪائنات جو تصور کيس لاشعوري طور ماءُ کان مليل هيو، صوفيا خدا جهڙي ٻي ڪائنات جو سوچيو هيو، اهو تصور ڊيميئرز جي ذهن ۾ رهجي ويو، اهي سڀ خيال جن ۾ ڪائنات جي تخليق موجود هئي، اهي ڊيميئرز کي ماءُ کان مليل هيا، هن لاشعوري طور ڪائنات ٺاهڻ شروع ڪئي، هن مادي مان ست آسمان ٺاهيا ۽ پوءِ مادي مان هر شيءِ ٺاهيندو ويو، جانور، ٻوٽا ۽ ٻيا ساهوارا، هن اکيون ٻوٽي هر شيءِ بي خوديءَ مان ٺاهي، هن پنهنجي ماءُ صوفيا پاران لاشعوري ورثي ۾ مليل هر نقش کي مڪمل ڪيو. هو ڪجهه انسان هيو، ڪجهه جانور، ڪجهه ازدها، ڪجهه باهه، ڪجهه پاڻي، ڪجهه هوا ۽ اهو سڀ جيڪو جهان ۾ موجود آهي، هن پوروڇوٽ ڪائنات ۾ پاڻ کي ڪاپي ڪيو هيو، صوفيا جو اڌ جيڪو مادو هيو، اهو ڊيميئرز معرفت ڪائنات ۾ سمائجي ويو. (8)
    دنيا ۾ انسان سان ٿيندڙ زيادتيون ڏسي محسوس ٿئي ٿو، هيءَ دنيا واقعي ئي ڊيميئرز جي ٺاهيل آهي، خدا جي دنيا الڳ آهي، خدا جي دنيا ۾ ضرور انصاف ۽ هڪجهڙائي هوندي، اسين گهڻهيتي (Multiform) مانسٽر جا هڪهيتي (Uniform) ساهوارا آهيون، “هڪ” (Aeon) جو تخم صوفيا جي سوچن ۾ زائل ٿي چڪو آهي. اسين ڊيميئرز جي لاشعور ۾ صوفيا جو تصور آهيون، اسين مختلف منڍين وارا ڌرتيءَ تي گهمندڙ انسان آهيون، ڪنهن جي منڍي شينهن جهڙي آهي، ڪنهن جي هاٿيءَ جهڙي، ڪنهن جي بگهڙ جهڙي، ڪو اٺ آهي، ڪو گڏهه، ڪو گدڙ ۽ ڪو ڏاند، ڊيميئرز تصور ۾ پاڻ کي ازدها ڏسي ٿو، پاڻيءَ ۾ ترندڙ شارڪ يا اهڙن حيوانن وانگر جن جون منڍيون انسانن جهڙيون آهن. “هڪ” (Aeon) جو صوفيا سان عشق انسانن کي مهانگو پئجي ويو. صوفيا جي “هڪ” سان بيوفائي ۽ بي وفائيءَ صلي ۾ حقيقي ڪائنات جهڙي ٻئي ڪائنات جو وجود ڪڏهن به قياس (Chaos) مان نه نڪري سگهيو.
    ڊيميئرز مادي جي پيداوار ۽ مادي کي ترتيب ڏيندڙ فنڪار جنهن ڪائنات کي ڪائنات ۾ نقل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، اصل نظر نه ٿو اچي، اصل جي نقالي نظر اچي ٿي، هڪ نقطو غيب جو پردو آهي، نقطو هٽائڻ سان غيب عيب ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
    خدا، خدا آهي، خدا جهڙو ڪو ٻيو “هن” جهڙو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ اصل کي انفراديت آهي، اصل سان نقل جي عشق جو انجام، اصل جو نقل ۾ ظاهر ٿيڻ ۽ نقل جو اصل ۾ ظاهر ٿيڻ آهي، اسين ڪوڙ ۾ ويهي سچ سوچيون ٿا، وقت جا پيمانا ٺاهي ڪائنات ماپيون ٿا، وقت هِن ڪائنات سان لاڳو آهي، هُن ڪائنات سان نه، اصل ڪائنات وقت کان آجي آهي، الف کان اڳ وقت نه هيو، وقت ۾ ڪوڙ سمائجي سگهي ٿو، سچ وقت کان آزاد آهي، جيئن ته وقت جو وجود نه آهي، ان ڪري سچ نه آهي، وقت جو سچ، سچ جهڙو آهي، سچ ته ڪنهن ڏٺو ئي نه آهي، الف کان اڳ زمان ۽ مڪان ۾ دنيا جي سچ جي اصل ڪاپي ڪوڙ جي نظرن کان اوجهل آهي.
    رمزيت (Gnosticism) جو مطلب آهي ڄاڻ، رمزي چون ٿا، صوفيا جي معرفت ڊيميئرز جي ٺاهيل دنيا ۾ خدا جو وجود انسانن ۾ سمايل آهي، انسان جو اندر روشنيءَ سان ڀريل آهي، جيڪي آهي اندر (Insight) آهي.
    رمزين جون ٻه شاخون آهن.
    1. اوفائيٽ (Ophite) (235-170ع)
    2. سيٿين (Sathian) (160-100ع)
    اوفائيٽ جو مطلب آهي (Ophis=Snake) نانگ، اهي هپلائيٽس (Hipplytus) جي زير اثر هيا، اهو روم جي پادرين خلاف هيو، جنهن ڪري ان کي اينٽي پوپ (Antipope) چوندا هيا، کيس ٻن گهوڙن سان ٻڌي ڇڪي، چيريو ماريو ويو هيو. (9)
    ان تخليق جو نانگ (Serpent of Genesis) کان متاثر ٿي اوفائٽ جو تصور ڏنو، نانگ جي علامت کي مذهبن ۽ ڪلچر ۾ خاص اهميت حاصل آهي، انهن علامتن ۾ برائي، طاقت، پيدائش، زندگي ۽ افاقو شامل آهن، نانگ جو نشان جن ثقافتن جو حصو رهيو آهي، انهن ۾ مصر، ڪنعان، ميسو پوٽيميا ۽ يونان شامل آهن، جنت جي باغ ۾ ان جي ڪردار جي سڀني کي خبر آهي. موسيٰ جي ڇڙي نانگ ۾ تبديل ٿي وئي هئي. (10)
    ڊيميئرز جو تصور هڪ نانگ جي صورت ۾ پڻ آهي، اهو ازدها هيو جنهن جو ڌڙ نانگ جهڙو هيو، رمزين جي اوفائيٽ عقيدي موجب ڪائنات خدا نه ٺاهي آهي، پر اها برائين ۽ مادي جي پيداوار آهي جنهن ۾ اوفائيٽ جو ڪردار آهي. (11)
    سيٿين (Sathian) جي عقيدي جا رمزي ويلنٽائينس (Valentinus) جي اثر هيٺ هيا، ان عقيدي پنهنجي وقت ۾ وڏو زور ورتو، ويلنٽائين جا ڪتاب ان ڪري ناياب آهن، جو اهي ضايع ڪيا ويا، انهن ۾ ترميمون ڪري سندس خيالن کي مخالف فلسفين جي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪي صفحا صحيح حالت ۾ مليا آهن، انهن موجب انسان ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، روحاني، نفسياتي ۽ مادي. (12)
    جيڪي روحاني آهن، اهي رمزي آهن، جنت رمزين لاءِ ٺهي آهي، جيڪي نفسياتي آهن، اهي عيسائي آهن، جن جي جاءِ جنت ۽ دوزخ جي وچ تي آهي.
    جيڪي مادي آهن، دوزخ جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن.
    بائٿوز (Bythos) جو تصور ويلنٽائينس جو ڏنل آهي، صوفيا کي ان ڊيميئرز معرفت ڪائنات جو تخليقار ڪوٺيو آهي، ڪائنات کي غلطي (Error) چيو آهي ۽ مادي کي گناهن جي جڙ قرار ڏنو آهي. (13)
    باطني، رمزي يا ادراڪي جيڪي ڄاڻ جي دعوا ڪن ٿا، انهن جي ڄاڻ وقت جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي چڪي آهي، ڄاڻ جي دعوا جو بنياد توهم نه آهي، ڄاڻ جي وات ۾ زبان آهي، ڄاڻ کي ڄاڻائي نه ٿو سگهجي، پر ڄاڻ پاڻ ڄاڻائي ٿي.
    ابتوانس (Paradox) ضد جي صورت ۾ هر لقاءَ اندر جان نه ٿو ڇڏي، انسان همزاد، خدا شيطان، باهه پاڻي، روح مادو، اغيره وغيره.
    ڪائنات ۽ ڪائنات جهڙي ٻئي ڪائنات، خدا جي ڪائنات، ڊيميئرز جي ڪائنات، انساني سوچون اليڪٽرانس (Electrons) جو تصادم (Collision) آهي. چڻگون نڪرن ٿيون، چڻگون سوچن جا ننڍا ذرا (Subparticles) آهن. تصادم جاري آهي ۽ چڻگون چپ نه ٿيون آهن. ننڍا ذرا، وري ننڍا ذرا، وري ننڍا ذرا، وري ننڍا ذرا، وري........
    ارتقا جو ڪو انت نه آهي، ارتقا جو سفر جونءَ جو چُرڻ آهي. ڪائنات جي مٿي ۾ پيل جونئن ڪڏهن مرڻي ناهي. نانگ حوا کي گمراهه نه ڪري ها جيڪر آدم کي ڏنگي ها! نه صوفيا پيدا ٿي ها، نه ڊيميئرز، نه مادو هجي ها نه ڪائنات، انسان جي جان نه ڇٽي ها ڇو جو انسان هجي ئي نه ها ته جان ڇٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
    ڊيميئرز جا هٿوڙا، ڇيڻيون، رنگ ۽ برش مون وٽ آهن. مان ڊائريءَ جا ورق ڦاڙي انهن تي رکي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيان ٿو.





    References:

    1. James , M Robinson et al (1990).
    “Dark mirror of heaven: Gnostic cosmology”.
    The Nag Hammadi library.
    2. Hans Jonas
    “The Gnostic religion”.
    p.42. Beacon press.1963.
    3. Wallis , Richard ; Bregman , Jay – (1992).
    “Neoplatonism and Gnosticism”.
    International society of Neoplatonic studies.
    4. “Demiurge”. Wiktionary on line. “One who work for the people , a skilled workman , a handicraftsman”
    5. Wilson , Robert McLachlan (1980)
    “valentinianism and the Gospel of truth”.
    In layton , Bentley. The rediscovery of Gnosticism. Leiden.p.133-45.
    6. Roukema. Riemer (1998).
    “Gnosis and faith in early christiantiy”.
    Harrishurg: Trinity press. International.
    7. “Monothesim”.
    Wikiquote on line. “Say : He is Allah , the one and only , Allah , the eternal , Absolute. He begotten , and there is non like unto Him”.
    Quran , Al Ikhlas. 112:1-4 (Yusuf Ali).
    8. Anderson , Albert A. (2002).
    “Mythos , Logos , and Telos : How to regain the love of wisdom”.
    9. Hippolytus , The treatise on the Apostolic tradition of St, Hippolytus of Rome. Bishop and martyr. London: Alban press , 1992.
    10. Rasimus , Tuomas. (2007).
    “The serpents in Gnostic and related texts”.
    Painchaud, Louis ; Poirier , Paul. Hurbert. Nag Hammadi : Colleque international press university laval.
    11. Bob Becking , Pieter, W; vander Horst. (1998). Dictionary of deities and demons in the bible leiden: Brill. p-746-47.
    12. Bousset , Wilhelm (1911).
    “Valentines and valentinanians”
    Chislom , Hugh Encylopendia Britannica. 27 (11th ed) Cambridge university press.p-852-57.
    13. Rudolph , kurt (1977). Gnosis: The nature and history of Gnosticism. San Francisco. Harper and Row publishers.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 901
    ڪتابن جو مشاهدو: 2770544
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 710796
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ