ڪتاب جو نالو: موتي ميڙيا مون
مصنف: مير حاجن مير
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 20 فيبروري 2020 ع
پڙهيو ويو: 1090 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 282 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسط ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار
  • سيوهڻ جي قدامت ۽ لعل شهباز قلندر
  • شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ بهادري ۽ سورهيائيءَ جو تصور
  • حضرت سچل سرمست جي مذهبي رواداري
  • سامي، مايا، ڪوڙ ۽ نفرت کي نندي ٿو
  • شيخ اياز جي جديديت جو فڪري جائزو
  • نارائڻ شيام جي غزل تي هڪ نظر
  • حوصلي ۽ بهادري جو شاعر استاد بخاري
  • محمد ابراهيم جويي صاحب جو جنم هنڌ ڳوٺ آباد ۽ سندس ڪتاب
  • وفا غريب سهي بي ضمير ناهي ڙي
  • ارجن حاسد جي شاعري ۾ ساهه آهي چري ڦري ٿي
  • ڪاڇي جي مٽيءَ جو ڪوي...!
  • نئين ڪويتا جو شاعر واسديو موهي
  • سنڌي ٻوليءَ جي عاشق جو وڇوڙو
  • سنڌ جو منفرد ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌي
  • سنڌي ٻولي جي شاهه ليکڪا
  • مشتاق گبول جي شاعري تي هڪ نظر
  • بدن تنهنجو ريشمي آهي
  • سڳو ٽٽو ۽ ساز رنو
  • مير حاجن مير جا ڇپيل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسط ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: موتي ميڙيا مون
    تحقيق: مير حاجن مير
    ڇاپو پهريون: © روشني 2018ع
    ڪمپوزنگ: شمس الدين جوڻيجو
    لي آئوٽ: حبيب قادر قريشي
    ٽائيٽل ڊزائين: وڪي گهانگهرو
    روشني ڪپوزرس، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
    ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ
    قيمت: 250.00 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    MOTI MERHIYA MOON
    by: Mir Hajan Mir
    Composed by: Shamus-ul-din Junejo
    Lay out: Habib Qadir Qureshi
    Roshni Composers & Printers Hyder Chowk, Hyderabad
    Printed: Fine Communication, Hyderabad, Sindh.
    Published by: Roshni Publication, Kandiaro
    First Edition © Roshni 2018


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”موتي ميڙيا مون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ مير حاجن مير آھي.
    ھن ڪتاب ۾ مير حاجن مير سنڌ جي اھم ادبي شخصيتن تي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن جيڪي پڙھڻ وٽان آھن. شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، استاد بخاري، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، محمد ابراھيم جويو، وفا ناٿنشاھي، ارجن حاسد، احمد خان مدھوش، واسديو موھي، مدد علي سنڌي، ج ع منگهاڻي، پروفيسر فتح الله صديقي، مشتاق گبول، صادق فقير ۽ مشتاق بخاري جي شخصيتن ۽ تخليقي سفر تي لکيل مضمون وڏي محنت سان لکيا ويا آھن. ليکڪ پاران ”جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار“ جي نالي سان لکيل طويل مقالو پڻ اھميت جوڳو آھي.
    هي ڪتاب 2018ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مير حاجن مير جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پرواني سيوهاڻي
    پروفيسرفتح الله صديقي سيوهاڻي
    خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
    امداد حسيني
    تاج جويي
    يوسف سنڌي،
    نياز پنهور
    ۽
    علي دوست عاجز کي.


    جديد سنڌي شاعري ۽ ان جو معيار

    جديد سنڌي شاعري، بين الاقوامي (International) معيار جي شاعري آهي يا نه؟ عالمي شاعريءَ ۾ جيڪا موضيت نظر اچي ٿي، سنڌي جديد شاعريءَ جي موضوعيت به ساڳي نظر اچي ٿي، بلڪ ڪٿي ڪٿي اڃا به مٿين حيثيت واري آهي. جديد سنڌي شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻي ناول، ڊرامي، کي پڻ اهم حيثيت حاصل آهي.
    سڌريل ملڪن ۾ ليکڪ ايترين ڀوڳنائن مان ڪو نه گذري ٿو، جيترو مظلوم ملڪن جو ليکڪ ڀوڳي ٿو يا سنڌي شاعر اديب ليکڪ ڀوڳي ٿو. سڌريل ملڪن ۾ ليکڪ کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. دنيا ۾ ڪجهه ملڪ اهڙا به آهن، جن جي حالت اسان جي ليکڪن جهڙي آهي، دنيا جي جن به ليکڪن کي نوبل انعام مليا آهن، تن جي ڀيٽ ۾ شاهه لطيف ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ۽ شيخ اياز جي جديد سنڌي شاعريءَ ۾، نوبل پرائز کان به مٿانهان ليکڪ آهن.
    موضوع جي لحاظ کان ڏسبو ته دنيا جي شاعري ڪهڙن موضوعن تي لکي وئي آهي، انسانيت، ڏاڍ، ظلم، بربريت، ’سچ‘، مذهبي انتها پسندي، سيڪيولرازم، جمهوريت جي ڳالهه، پيار، محبت وغيره جا موضوع ملن ٿا.
    ٻئي طرف سنڌ جي ليکڪ جا موضوع ان کان به اڃا گهڻا آهن، جهڙوڪ، وڏيرڪي سماج ۾ عورتن سان ناانصافي، ننڍن ٻارن کان جبري پورهيو، نابالغ ڇوڪريءَ جي شادي، غريبن سان ظلم، حقن تي ڌاڙا لڳڻ، ڏک، سور، مردن توڙي عورتن سان درست رويو نه هئڻ، مذهبي جنونيت جي ور چڙهيل ماڻهن کي سنڌ جي جديد شاعر ننديو آهي. ۽ انسان جي اولين، ترجيحن کي اهيمت ڏني آهي. انهن شاعريءَ ۾ همٿ، حوصلو، جدوجهد، بهادري، سورهيائيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. شاعريءَ ۾ محبت ، پيار ۽ پنهنجائپ جو سنيهو ڏنو آهي. سنڌ جي شاعر دنيا جي هر موضوع تي لکيو آهي، ڏاڍن کي للڪاريو به آهي نه مظلومن جو ساٿي به رهيو آهي.
    ڪيسين رهندي نيٺ ته ڊهندي،
    دوکي جي ديوار او يار.
    (شيخ اياز)
    سنڌ جي سماج ۾ اقربا پروري، بيٺڪيت، ٺيڪيداري سسٽم، جي گهڻائي ۽ تعليم جي کوٽ هوندي به جديد سنڌي شاعري، نوَن موضوعن خيالن ۽ خوشبوئن سان ڀريل آهي، جيڪا خوشبو عالمي شاعريءَ ۾ آهي، اُها ئي خوشبو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ موجود آهي. سونهن، سچائي، انسانيت، ظلم، بي واجبي، مزاحمت، محبت، پيار، جدائي، وڇوڙو، ميلاپ، سيڪس، هاري ناريءَ جي ڳالهه، ڍنڍن ڍورن جي ڳالهه، حقن جي حاصلات جي ڳالهه، پاڻي، ڌرتيءَ جي وسيلن جي ڳالهه. هٺ حڪمراني، چڱائي، سهپ، برداشت، جماليات، اخلاقيات، حسيت، آزاديءَ، جو ذڪر جديد سنڌي شاعريءَ ۾ عام آهي ۽ عالمي شاعريءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو هلي ٿي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو به خاص خيال رکيو ويو آهي. جديد سنڌي شاعري ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي. جنهن جو باني ڪشچند بيوس آهي، ان کي عالمي ليول تي پهچائڻ وارو شاعر شيخ اياز آهي، شيخ اياز نون موضوعن تي لکيو، روايتي شاعري جمود جو شڪار ھئي، پراڻي دور ۾ تمام ٿورا شاعر ھئا. جن کي اهيمت حاصل ھئي، روايتي شاعر اڪثر شاعريءَ ۾ فارسي، عربي ۽ ٻين ٻولين جو استعمال ڪندا هئا. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ايتري ترقي نه ملي، نه ئي شاعريءَ کي ايتري اهميت ملي سگهي. پر جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوَن موضوعن تي لکيو ويو. نوان خيال نيون تشبيهون نوان استعارا، نون ڪناين، تي لکيو ويو، نج سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هر صنف تي لکيو ويو سنڌ جون اوائلي اصلوڪي صنفون بيت ۽ وائي آهن. بعد ۾ غزل ۽ ٻيون صنفون لکيون ويون.

    گيت، سانيٽ، ٽيڙو، ڏيڍوڻو، نظم، آزاد نظم، (نئين ڪويتا) نثري نظم، تجريدي نظم، ترائيل، هائيڪو، ڪافي ۽ ٻين صنفن تي لکيو ويو آهي. بيت، وائي ۽ غزل کي نئين انداز ۾ لکيو ويو. سڀئي صنفون نئين انداز سان لکيون ويون. حوالي طور ڪجهه جديد سنڌي شاعري اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو. محسن ڪڪڙائي سنڌ جو ناليوارو شاعر آهي. سندس نالو جديد شاعرن ۾ شمار آهي:
    هوءَ جا ڪاليج ۾ پڙهي ٿي پئي،
    روز ڪيئي دليون سڙهي ٿي پئي.

    ٽن ڏهاڪن کان پوءِ مس هاڻي،
    ڪنهن گدڙ جي ڪلهي چڙهي ٿي پئي.

    ڪو لتاڙي ويو اٿس جذبا،
    جنهن کي تنهن کي تڏهن ڏڙهي ٿي پئي.

    ڪجهه ڪڇي ٿي ته عرش ٿو ڦاٽي،
    پنهنجي اندر ۾ بس ڪڙهي ٿي پئي.

    اهڙي عورت کي ڇا چئون جيڪا،
    نت نيون تهمتون گهڙي ٿي پئي.

    ماءُ سان ڏس ته ڪيئن نه محسن،
    ڇوڪري ساريون ڇڙهي ٿي پئي.
    (محسن ڪڪڙائي)

    نياز همايوني سنڌ جي جديد شاعرن جو سرموڙ شاعر آهي. هن جديد شاعريءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي:
    تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
    مون وٽ روپ نه ڪو ٻهروپ اَلا!

    تنهنجي دنيا اِنڊلٺ ريکا،
    منهنجي دنيا گدلا بادل...

    تنهنجي دنيا سج جا پاڇا،
    منهنجي دنيا چنڊ جيان گهايل...

    تنهنجي دنيا لهرون لوڏا،
    منهنجي دنيا اجڙيل ساحل...

    تنهنجي دنيا چيٽ جا ميلا،
    منهنجي دنيا هيڪل وياڪل...

    شمشيرالحيدري سنڌي ٻوليءَ جو جديد شاعر رهيو آهي، سندس شاعري نواڻ سان ڀريل آهي. سنڌ جو نامور شاعر آهي.
    نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
    اِها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.
    هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،
    اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.
    *
    دل جي پُر شوق دلاسن تي هليا آيا سين،
    سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،
    ڪنهن شهنشاهه جو فرمانُ اسان تي نه هَليو،
    نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

    امداد حسيني سنڌ جي جديد شاعريءَ ۾ بلند پايي جو شاعر آهي ۽ ٻوليءَ جو به ماهر آهي. سندس سموري شاعري جدت سان رنگيل آهي.
    اک سان اک ملائي رکجان!
    ديپ مان ديپ جلائي رکجان!

    ساز جي تند تپائي رکجان!
    وِلهه ۾ مچ مچائي رکجان!

    پرت جي پڙ ۾ متان پير رکين
    جي رکين ڳائي وڄائي رکجان!
    زندگيءَ ڪونه نڀايو ڪنهن سان
    بس فقط نينهن نڀائي رکجان!

    ڪنهن نه ڪنهن شام ته موٽي ايندو
    راهه ۾ نيڻ وڇائي رکجان!

    ٻيو ڪمائين نه ڪمائين جڳ ۾
    بس رڳو قرب ڪمائي رکجان!

    ٻيو بچائين نه بچائين ”امداد“
    بس ٻه ٽي لڙڪ بچائي رکجان!

    تنوير عباسي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ۽ اھم شاعر هو جنهن جي شاعري جديد سنڌي شاعري جو سينگار آهي.
    مون ته گلاب لڳايا آهن،
    پوپٽ پاڻهي آيا آهن.

    پيار جا سانگ سجايا آهن،
    ٻيا سڀ ڪم اجايا آهن.

    تنهنجا ٽهڪ گلن جي صورت،
    بسنت رت ورجايا آهن.

    سؤ مجبوريءَ جا افسانا،
    تنهنجي سانت ٻڌايا آهن.

    نقاد ۽ ماهوار سوجهري جي ايڊيٽر، جديد شاعر تاج بلوچ جو شاعريءَ ۾ رنگ ۽ ڍنگ الڳ آهي. سندس شاعري سنڌي سماج جي عڪاسي آهي.
    مئڪدي جي دلڪشي سمجهڻ کپي،
    مئڪشن جي سرڪشي سمجهڻ کپي.

    رنگ فطرت، ساحري سمجهڻ کپي،
    شاعري، پيغمبري سمجهڻ کپي.

    ڇم ڇمان ڇم سانوڻي سمجهڻ کپي،
    آلي اک جي راڳڻي سمجهڻ کپي.

    ذات کي ٻي ذات ۾ ڀيٽي ڇڏڻ،
    ڏات، جوهر روشني سمجهڻ کپي.

    ڪير ڪمري مان اجهو نڪري ويو،
    مهڪ آهي ريشمي سمجهڻ کپي.

    ’تاج‘ اوکو عشق جو آهي جهان،
    سونهن ڏاڍي چلولي سمجهڻ کپي.

    عبدالڪريم گدائي مزاحمتي شاعر آهي. شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو حسن عوامي اٿس روشن خيال شاعر آهي.
    نوجوان ساٿيو، سنڌ جا وارثو،
    ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!

    جيئي سنڌ جيجل جو آهي قسم،
    ته جيسين آ سينو ۽ سيني دم.
    ٿئي ديس خاطر جي سر بي قلم،
    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.

    گدائي غلاميءَ جون راتيون کُٽيون،
    ڏسو هاڻ اوڀر کان باکون ڦٽيون!
    اجهو هاڻ زنجير زيريون ٽٽيون!
    سنڌ جيئندي رهي ۽ سدائين جيئي!
    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.

    بردو سنڌي، جديد سنڌي شاعريءَ جو سهڻو نالو آهي. بردي جا لکيل گيت جديد سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو آهن، گيت جو بادشاھه شاعر آهي.
    دور وسي ٿي دور، الا ڪا، هن ڌرتيءَ کان دور،
    منهنجي من جي حور، منهنجي من جي حور!

    هُن جو آ آڪاش تي ديرو، سونهن سڄڻ جي ڄڻ ته سويرو،
    پور نماسي جهڙو مُکڙو، هاءِ! اماوس ڪيس ڪَلُور.

    ڪڪرن جهڙي ٽور جي سانئڻ، هٿ ۾ کنوڻ کانڀاڻي لوڏي،
    نيري اڀ جي پاڇولي ۾، پيهو هن جو آ ڄڻ طور!

    مٺڙو ٻولي موتي رولي، مان نه رڳو جڳ، اولي گهولي،
    پوءِ ڪنين پڙلاءَ پون ٿا چاڪ چڪن ۽ جاڳن سور!

    من مندر دل تي دستڪ، ڏيئي کوليم جوت جڳايم،
    ڏٺم ته جاڏي ڪاڏي هئي بس، تنهنجي مٺڙي مٺڙي گهور!

    آءُ اڱڻ خوابن جي راڻي، ڄاڻ اڄوڪي رات وهاڻي،
    باک فٽي وئي جاڳي جاڳي، هڏ هڏ روڳي، لڱ لڱ چُور.

    تنهنجو مَرڪ ته مُرڪڻ آهي، ۽ مان ڄاڻان نير وهائي،
    جي ڳل لائين عيد ملهائي، هي تن ’بردي‘ جو مهجور!

    عبدالڪريم پلي هر صنف سهڻي نموني لکي، ڪافي سندس پسنديده صنف هئي. جديد انداز ۾ ڪافي، وائي ۽ ٻيون صنفون لکيائين.
    دودن دل آزاري سائين،
    ڪر ڪا موٽڻ واري سائين!

    برهه اندر ۾ باهه لڳائي،
    ورهه وڪوڙي نيٺ وڃائي،
    سرت سياڻپ ساري سائين!

    فالون پائي، ڪانگ اُڏاري،
    پلپل تنهنجي راهه نهاري،
    نيڻ ٿڪا دل هاري سائين!

    صبح ستائي، شام ستائي،
    ڏينهن ڏکوئي، رات رنجائي،
    هر هر هڪ لاچاري سائين!
    آه اڌورو ڏيهه سڄو ئي،
    تو ريءَ ناهي ”ڪريم“ جو ڪوئي،
    ڪير ڏئي دلداري سائين!

    ولي محمد ’وفا‘ پلي به جديد سنڌي شاعريءَ جو راهي آهي. غزل جو بادشاهه شاعر آهي. غزل ۾ تغزل اٿس.
    تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو،
    آ، وڇوڙي جو موت ماري ٿو.

    زهر ڏيندي ته سو به پي ويندس،
    ڪوئي ويڄن جو هٿ به واري ٿو.

    وقت وارن جا وار سهبا پر،
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.

    ڪا تمنا، ڪا آرزو ڪانهي،
    زندگي ائين به ڪو گذاري ٿو.

    چند لمحا سک سمهان ليڪن،
    درد تنهنجو اچي اُٿاري ٿو.

    ڪو به ايندو نه ريگزارن ۾،
    راهه ڪنهن جي ’وفا‘ نهاري ٿو.
    *
    ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي،
    ڪڏهن محب ملندي، ملاقات ٿيندي.

    ڪڏهن ڇوڙي ڪاڪل، ڪڪر ڇانوَ ٿيندين،
    ڪڏهن ورندين بادل ٿي، برسات ٿيندي.

    نه تون ويڙهه وارن کي رخ تي رهڻ ڏي،
    نه ئي رات رڙهندي، نه پرڀات ٿيندي.

    نه هئي آس ائين ڪا پرين! اوچتو ئي،
    سرِ رهگذر پڻ ملاقات ٿيندي.

    سندءِ صبح سان ئي، سندم صبح ٿيندو،
    سندءِ رات سان ئي، سندم رات ٿيندي.

    ”وفا“ ڄاڻ اڳ ۾، نه هر گز هئي سون،
    وڇوڙي ۾ ورهين جي هر رات ٿيندي.

    راشد مورائي، مزاحمتي، بهادر، سورهيه ۽ رومانوي شاعر هو، سندس شعر ۾ جوت آهي، جديد شاعرن ۾ کيس وڏي مڃتا مليل آهي.
    سوکا آهن سانگ رچائڻ، نانگ نچائڻ مشڪل آ،
    پاڻ پڏائڻ سهنجو آ، ميدان ملهائڻ مشڪل آ.

    ڀونئر ٿيڻ ۾ آساني آ، گل جو واس وٺي سگهبو،
    پروانو ٿي باهه وسائڻ، جان جلائڻ مشڪل آ.

    عشق ’اناالحق‘ آهه چوايو، پيار ڪري پڇتايو ڇو؟
    ڦاٿي کانپوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو؟ جان ڇڏائڻ مشڪل آ.

    هاءِ عقل جا انڌا ڪي، راشد کي اڃا سمجهي نه سگهيا،
    موت قبولڻ ممڪن آ، پر ڳاٽ جهڪائڻ مشڪل آ.

    امداد حسيني لکي ٿو ”شاعر مزدور آهي ۽ شاعري مزدوري، جنهن جو ڪو به ملهه ڪونهي، ڪو عيوضو به ناهي“ شاعر جيڪو لکي ٿو قوم، ڌرتي ۽ ٻوليءَ لاءِ لکي ٿو. بنا ڪنهن مفاد جي سچ چوي ٿو، هميشه مظلومن جو همدرد ۽ ساٿاري رهيو آهي. شاعريءَ ۾ فڪري گهرائپ هئڻ لازمي آهي. انور پيرزادو سنڌ جو ناليوارو اديب لطيف شناس ۽ شاعر هو.
    اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان،
    هي ماڻهو تنهنجي بيتن کي
    ڌرتيءَ کان ڌار ڇني ٿا ڪن
    ٿيون وايون تنهنجون وارَ پٽن
    ۽ سرڙا تنهنجا اوسارن،
    هي ارهي سرهي دانهن ڏجان
    اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان.

    غلام رباني آگرو لکي ٿو ته ”ترقي پسند تحريڪ جو مستند احوال اردوءَ، هنديءَ گجراتي بنگاليءَ، مرهٽيءَ مليالم ۽ ٻين ٻولين ۾ ته تفصيل سان ملي ٿو پر، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو نه ٿو ملي. بهرحال تاريخ طور اهو خاطريءَ سان معلوم آهي ته ترقي پسند تحريڪ 1930ع کان 1940ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ۽ ساڳين ۽ ڏهن سالن ۾ نه فقط هندستان جي مختلف پرڳڻن ۾ پکڙجي وئي، پر هر هنڌ پنهنجا پير پختا ڪيائين. اسان کي اهو به معلوم آهي ته تحريڪ جون الهه آباد، لکنو ۽ حيدرآباد دکن ۾ جيڪي ڪانفرنسون ٿيون تن ۾ ٻين پرڳڻن سان گڏ، سنڌ جا اديب به شريڪ ٿيا.“ جڏهن سنڌي شاعرن تي ترقي پسند اثر پيا ته سنڌ جي شاعرن جديد شاعري شروع ڪئي.
    1940ع جي ڏهاڪي کان پهرين ۽ پوءِ ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، شمشيرالحيدري، شيخ راز، محسن ڪڪڙائي، تنوير عباسي، نارائڻ شيام، استاد بخاري، نياز همايوني، تاج بلوچ، محمد خان مجيدي، امداد حسيني، سرويچ سجاولي ۽ انهن شاعرن جي همعصرن، جديد شاعري لکي. ان کان پوءِ روايتي شاعري جو زوال ٿي ويو. ان کان پوءِ هر شاعر جديد شاعري ڪئي. نوان موضوع لکيا، پراڻا موضوع رد ڪيا. 1970ع کان ٻيو دور جديد شاعري جو شروع ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هند ۾ جيڪا شاعري ٿي اها به جديد شاعري ڪئي وئي.
    آثم ناٿن شاهي سنڌ جو خوبصورت شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ نوان تجربا ٿيل آهن ۽ نوَن خيالن کي قلم بند ڪيائين.
    من ۾ فرقت جو ٻرندو مچ هوندو،
    تو ڪڏهن ڀي چيو نه ”اچ“ هوندو.

    ڳالهه ويساهه جهڙي ناهي، پر،
    تون چئين ٿي ته پوءِ سچ هوندو.

    ڪجهه ته مون خود کي پاڻ ڊاهيو، ۽،
    تنهنجو حصو به ان ۾ ڳچ هوندو.

    پنهنجو وعدو سو ڪيئن نباهيندو،
    جنهن جي نيت ۾ کوٽ/ڪچ هوندو.

    سُڃ نگر آ جتي اُتي ’آثم‘،
    ڇير، ناچو نه ڪوئي نچ هوندو.

    سروپچندر ”شاد،“ گيت، وائي ۽ دوھي جي، صنف جو ھڪ اھم شاعر آھي. گيت ۾ بردي سنڌي کانپوءِ سروپچندر”شاد“ جو نالو ورتو ويندو آھي.
    ڪيئن سنڀالي ڪوئي ماءُ،
    وڄي پئي موھن جي مُرلي.
    رات پويون پهر، خاموشي، جهيڻو جهيڻو واءُ،
    وڄي پئي موھن جي مُرلي.
    اُڀ نڪا ڌرتي ٿي پَسي، صرف آھي، سوراءُ
    وڄي پئي موھن جي مُرلي.
    ساري ھستي پيئي ڀاسي، نفمي جو درياءُ،
    وڄي پئي موھن جي مُرلي.

    مولانا غلام محمد گرامي شاعري بابت لکي ٿو: ”شاعري اهو حرف تمنا آهي، جو ڪنهن جي روبرو ظاهر ڪري نه ٿو سگهجي، ان ڪري ئي چيو ويو آهي، شاعريءَ جي تعريف مون کان نه پڇو ته پوءِ مون کي معلوم آهي، پر پڇو ٿا ته پوءِ مان نه ٿو ڄاڻان! ڪنهن چيو آهي شاعري هڪ سريلو خيال آهي، ڪنهن جو چوڻ آهي شاعري قوت تخيل جو عجب انڪشاف آهي، ڪو چوي ٿو شاعري سڀني علمن جو نچوڙ آهي، ڪنهن جو خيال آهي ته شاعري ”سائنس ۽ رياضيءَ جو ضد آهي“ ڪنهن جو چوڻ ته شاعري حيات جي تثميل آهي، ان تي جڏهن ڪيفيت طاري ٿئي ٿي، تڏهن واندڪائيءَ جي وقت ۾ خلوت گيني اختيار ڪري، پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ ٿي شروع ڪري. ڪو چوي ٿو ته شاعري خيال جي تاريخ آهي. ڪو چوي ٿو شاعري ابدي حقيقتن جي تصوير آهي. ڪنهن چيو آهي ته شاعري انسان جي مادري زبان آهي. ڪو چوي ٿو شاعري الاهي آواز آهي، ڪو چوي ٿو شاعري آهي غير مانوس چيز ۾ مانوس چيزن کي داخل ڪرڻ. اهي سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي فڪر انگيز تعريفون آهن، پر جي مون کان ڪو پڇي ته پوءِ مان جيڪر هن طرح چوان شاعري انساني ضمير جي بين الاقوامي زبان آهي.“ حوالي طور ڪجهه مشهور شاعرن جي شاعري ڏيان ٿو.
    هوءِ جڏهن ٿورو نهاري ٿي وڃي،
    مرڪندي سج کي اڀاري ٿي وڃي،
    ناز ۽ انداز سان من جي اندر،
    عشق جا آڙاهه ٻاري ٿي وڃي.
    (منٺار سولنگي)
    *
    سونهن تنهنجون عظمتون ساڳيون رهيون،
    عاشقن لئه تهمتون ساڳيون رهيون،
    گل سڀئي مغرور توڙي ٿي ويا،
    پوپٽن جون چاهتون ساڳيون رهيون.
    (ادل سومرو)
    *
    نئون نڪورو مَنڌُ، تنهنجا جوڀن ڏينهڙا،
    جسم ڪچي سون جان، ڪوسو ڪوسو هنڌ،
    تنهنجا جوڀن ڏينهڙا...
    انڌ نه ايندو اورتي اوچو منهنجو ڪنڌ،
    تنهنجا جوڀن ڏينهڙا...
    تاڻيل سينو ساز جو آڪاشن جو پنڌ،
    تنهنجا جوڀن ڏينهنڙا.
    (اياز جاني)
    *
    ڪنڀاريءَ جو چَڪُ جيڏي،
    ڪنڀاريءَ جو چَڪُ جيڏي،
    جهڙو ڪوئي محبت منڊِِ!
    جنهن جا هٿ به چنڊ!
    ته پير به چنڊ!
    جنهن جي سورج ورني منهن ڏي،
    اڀ تان گهوري جهونو چنڊ،
    جنهن جا هٿ به چنڊ،
    جنهن جا پير به چنڊ.
    (سرمد چانڊيو)
    *
    زندگاني اڃا نڀائي ٿي،
    عاشقي روز آزمائي ٿي،
    گهاو ڇا ڇا فياض سانڍيندين،
    درد جي رات گنگنائي ٿي.
    (فياض ڏاهري)
    *
    ڇاهي يار! جُدائي توکي ڇا معلوم؟
    ميلي جي تنهائي، توکي ڇا معلوم؟

    ياد اسان کي روليو ڪيڏو راهن ۾،
    رات جڏهن به آئي، توکي ڇا معلوم ؟

    هُن کان ڌار رهي هُن جي ئي رهندي،
    هن دلِ جي ارڏائي، توکي ڇا معلوم؟
    (اياز گل)
    *
    تون سمهين ٿو رات جو جڏهن پرين،
    چنڊ توکي ٿو مٿو ٽيڪي اچي.
    پنهنجي کاڏي تنهنجي پيرانديءَ رکي،
    تنهنجي پيرن کي چميون ٿو ڏي اچي.

    تنهنجي جاڳڻ کان اڳي واپس وري،
    سيج تنهنجيءَ تي ڇڏي توکي سُتل،
    تنهنجو چهرو ڄڻ ته ڪينجهر ڪنول.
    (قاضي مقصود گل)
    *
    محبت جو وعدو وفا ٿي ويو،
    وري سَنڌ سَنڌ کان جدا ٿي ويو!
    وري نينهن نيزي تي آهي سوار،
    وري سونهن تي سر فدا ٿي ويو!
    اسان پيار جنهن سان هو ڏاڍو ڪيو،
    اهو نيٺ ”ارشد“ جدا ٿي ويو.
    (عبدالحڪيم ارشد)

    تنوير عباسي جديد شاعري بابت لکي ٿو: ”اسان جي جديد شاعري جو مزاج ۽ لهجو سليس ۽ سادو، وڻندڙ ۽ نرم آهي، ان ڪري چئجي ته اسان جا شاعر اڄڪلهه پنهنجي قومي مزاج (National Temperment) کان باخبر ٿي پيا آهن، سندن شعر جو سڀاءُ، پنهنجي قوم جو مخصوص سڀاءُ آهي. هنن جي مخاطب جا انداز پيارا آهن. هو پنهنجي پرين کي ’دلربا‘، ’ماه لقا‘، ’ماه جبين‘ ۽ ’ماه وش‘ بدران سائين، سهڻا، مٺڙا، ماکيءَ جهڙا، وغيره لفظ سان ٿا پڪارين، هنن جو پيار سنڌوءَ جي ماٿري جو، مهراڻ جي مڌ ۾ ٻڏل پيار آهي. ان ڪري هنن جي شاعري ۽ هنن جو اظهار فطري پيو لڳي.“
    منهنجا پرين، او بانورا او سانورا!
    (اياز)
    *
    ڪيتري نه گذري وئي راتڙي گهڻي سائين!
    آءُ ڀي کڻي سائين!
    (هري دلگير)
    *
    او پدمڻي، هيري ڪڻي!
    (گرامي)
    *
    بند ڪمري کي نه ڪر او مٺي!
    مان هوائن سهاري اچان ٿو پيو.
    (جميل سومرو)
    *
    پير پدمڙا جت جت پاتئه،
    گرجا يا ته شِوالا ٿي پيا.
    (مفتون ڪورائي)
    *
    منهنجي مَن جون سُندر مُندون،
    ساريون قيد ڪري.
    راڻا! ڪهري پار هليو وَئين؟
    (پريم پتافي)

    شاد جي چاهت جو ڪاٿو ٿا پڇو!
    سر به حاضر آ اگر چاهي پرين.
    (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)
    *
    ڪارين اکڙين وارا سائين،
    نظرون تنهنجون نيزا سائين.
    (منير سولنگي)
    *
    تنهنجو جوڀن رنگ رتول،
    ماکيءَ جهڙا منهنجا ڍول.
    (راز ناٿن شاهي)
    *
    نيڻ ٿا مرڪن ٻهڪيو من،
    ڇيرڙي ڇمڪي ڇنن ڇن ڇن.
    ريشم ريشم وار پرينءَ جا،
    بت سمورو ڪمرڪ جهڙو.
    (خادم منگي)
    *
    ڇتا ڇڙيل ٿي سڳيون ڪٿي هن،
    مٺي! اُهي ڏسِ مڳيون ڪٿي هن.
    (مارو جمالي)
    *
    تنهنجي ڳلڙن تي باکون اڀاري مٺي،
    پاڻ شامن جو حصو بڻي ٿا وڃون.
    (اداسي جکراڻي)

    جديد سنڌي شاعر ۾ صوفيت جو تصور
    جديد سنڌي شاعري ۾ صوفيت جو تصور موجود آهي، ڪلاسيڪل صوفي شاعري ۾ مذهب جي اڪثريت سان اپٽار ڪئي وئي آهي، پر جديد سنڌي شاعري ۾ ائين ناهي، جديد سنڌي شاعريءَ، مذهب جو ذڪر نه هئڻ برابر آهي، جديد سنڌي شاعري ۾ انسانيت جي چڱائيءَ جي ڳالهه آهي، محبت پيار، ڀائيچاري جي ڳالهه آهي. مذهب انسان جو ڪهڙو به هجي، اهو ان جو ذاتي معاملو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ صوفيت، سچائي، احساسيت، ايمانداري ڪنهن متڀيد کان پاڪ آهي. مولويءَ جي جهيڙي جي حامي ناهي. نه ئي ڪنهن کي گهٽ وڌ جي ڳالهه ڪري ٿي سڀ انسان برابر آهن. جديد سنڌي شاعري مذهبي جنونيت کان پري ۽ فهم، سمجهداريءَ واري آهي.
    قونيا ۾ ڪيف وارو، روميءَ جو رقص آهي،
    هن دل قلندري ۾ ڌم ڌم ڌمال آهي.

    مون ۾ ئي جاڳ جرڪي، مون مان ئي گل بڻيو آ،
    مون ۾ ئي جُز ڦٽو آ، مون ۾ ئي ڪل ڇڻيو آ،

    مون کي ڄڻيو محبت، محبت کي مون ڄڻيو آ،
    جڳ مڳ جلال آهي، جهومر جمال آهي،
    (حسن درس)
    *
    اوهان جي عشق ۾ عاشق سڏيا چوڪ تي آهن،
    سريون ڌڙ کان جدا ٿينديون، ڪري ديدار نچنداسين،

    گلابن ۾ گلاب آهين، گناهن ۾ ثواب آهين،
    لڏن لامون ٽلن ٽاريون ڪڏي ڪلتار نچنداسين،

    قلندر تنهنجي نگري ۾ نيارا نينهن جا نعرا،
    هڻي مستي الستيءَ سان سدا ميخوار نچنداسين.
    (انور ساگر ڪانڌڙو)
    *
    ڪري ڇڏيس نه پاڳل، ڪو کيس بدلائي،
    ٿي آئيني جي اڳيان ھوءَ ويس بدلائي.
    ھي مَن جتي نه ٿئي مطمئن پرين تنهنجو
    اُتان کڻي ڪري اُن کي رکيس بدلائي.
    (سعيد ميمڻ)
    *
    مينهن جي شام، ڏعو، جام، جهڙالي خوشبو،
    ھوءَ برسات ۾ نڪتي ته ٿي آلي خوشبو.
    رات رُت، چنڊ، ستارن کان پڇان ٿو تنهنجو،
    تنهنجي تصوير مٿان نير خيالي خوشبو.
    (سيد سراج)
    *
    آءُ! گهڙيءَ کن هيٺ لهي آءُ!
    پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ!
    هڪڙا ماڻهو ننڍا ماڻهو
    هڪڙا ماڻهو وڏا ماڻهو
    ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو؟
    پنهنجن تي نيشان هڻي وڃ!
    (آسي زميني)
    *
    صوفي جي سوز ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ،
    هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ.
    (عبدالستار)
    *
    مو کي دڙڪا صليب تي چاڙهڻ جا نه ڏيو لوڪو،
    سچ جو ساٿ ڏنو مون آهي سزا تي پير رکي.

    مان ته نمازن ۾ ڀي توکي پوڄڻ ويندو هان،
    سجني! جيون ائين پيو گهاريان قضا تي پير رکي.
    (جاني اسحاق ملاح)
    *
    اسان جي روح ۾ رقصان،
    هميشه رقص درويشان.

    اڙي او ناصحا منهنجا،
    نه ڏي ايڏا وڏا درسان!

    لنوائي پياس صحرا جي،
    سمندر تي پئي برسان،

    ڀلي اوچو هجي ڪيڏو،
    نه اوچو عشق کان عرشان،

    ڏسان ٿي پاڻ ۾ سرتي!
    ڪڏهن ميران ڪڏهن مِر کان.
    *
    سوڀا! تنهنجو شان وڏو آ،
    مون وٽ تو لئه مانُ وڏو آ،
    مذهب کان انسان وڏو آ.
    (روبينه ابڙو)
    *
    ماٺ جي بنجر مٽيءَ ۾،
    مست آ، قلندر مٽيءَ ۾،

    توکي ملندا خوبصورت،
    ديس جا منظر مٽيءَ ۾،

    اوج تي دنيا آ ساحر،
    هٺُ، پر سڪندر مٽيءَ ۾.
    (ساحر راهو)
    *
    نه ٿو ڏيهه ۾ يار يزدان ووڙيان،
    مان انسان آهيان ٿو انسان ووڙيان،

    خدائي نه مسجد ۾ جانچيو وڃي مون،
    نه ٿو ڪنهن مندر منجهه ڀڳوان ووڙيان.
    (نند لال)
    *
    عشق جي جيڪا راهه ٿيندي آ،
    ان تي دردن جي ڪاهه ٿيندي آ،

    جا انا جو، لباس ٿي پائي،
    سا عبادت گناهه ٿيندي آ.
    (امر پنهور)
    *
    تو بنا گذاري اجائي زندگي،
    سا لڳي مون کي پرائي زندگي،

    تون هجين سامهون توکي سجدا ڪيان،
    اور جڳ کان ٿي وڃي سا بندگي.
    (امياز دانش)
    *
    اڪيلائي ۾ رنو هوندو،
    عشق جنهن به ڪيو هوندو،

    تنهنجي گهٽيءَ منجهان گذري،
    موٽيو ڪير سڄو هوندو.
    (عزيز گوپانگ)

    شيخ اياز لکي ٿو: ”منهنجي نظر ۾ ٽي شاعر يورپ ۾ وڏي توجهه جا مستحق آهن. ازرا پائوند 1885ع کان 1972ع تائين آمريڪا جو شاعر ۽ نقاد ٽي.ايس. ايليٽ 1888ع، 1965ع تائين آمريڪي شاعر جو ميسوريءَ ۾ پيدا ٿيو هو. 1920ع ۽ ان کان پوءِ انگريزي ادب تي ڇانيل رهيو. ٽي ايس ايليٽ هر ٻڏتر ۾ آنڌ مانڌ سوچ ويچار کان پوءِ به آخر ۾ يقين سان ڳالهائي ٿو، پريونامُنو ۾ ٻه چتي ماڻهو جا بي چئن ڪندڙ شڪ شهبا آهن، پر ٻنهي جي من والار تصوف (Mysticisms) ڪئي آهي ۽ هسپانوي شاعر مائڪل دي ايونامنو (Miquel the Unamuno) اسپين جو نثر نويس شاعر ۽ مضمون نگار 1864ع کان 1936ع تائين.“ آئون دنيا جي شاعرن جي ڪجهه شاعري حوالي طور هيٺ ڏيان ٿو.

    تمنا
    مونکي سچ جي چهري کي ڏسڻ ڏيو،
    مون کي ڏيکاريو
    سچ جو چهرو ڪهڙو ٿو ٿئي!
    (جئڪ لندن، آمريڪا)
    *
    قاتلو
    اڄوڪي سيپٽمبر 73 جي تلخ ڏنهن تي
    تاريخ جي سڀني مردن گڏجي
    اسان جي جهنڊي کي ڪيرائي وڌو آهي.
    تو ڪيترو رت وهايو آهي،
    تون جيڪو پنهنجي جاگيرن تي پلجي ٿلهو ٿيو آهين،
    تون اهو ڌاڙيل ٿيو آهين،
    جنهن جو ٺڪاڻو شيطاني جهنم آهي
    تون هزارين ڀيرا خريديو ۽ وڪيو ويو آهين
    توکي نيويارڪ جي بگهڙن انهيءَ ڪم تي لڳايو آهي
    توهان اذيت جون لالچي مشينون
    پنهنجي مقتولن جي رت ۾ رت هاڻيون ٿيل آهيو
    آمريڪا جي ٽڪرن ۽ هوا جا عصمت فروش سوداگرو!
    بي رحم ڪاسائيو!
    بي اصول ظالمن جي ٽولي!
    توهان جي حيات جو مقصد
    اذيتون ڏيڻ ۽ بک مارڻ کان سواءِ
    ٻيو ڪجهه به نه آهي.
    (پئبلو نرودا، چلي)
    *

    پهرئين ڏينهن جو سج
    پهرئين ڏينهن جي سج
    هستيءَ جي نئين پرڪاش کان پڇيو:
    تون ڪير آهين؟
    ڪو به جواب نه آيو.
    سال کان پوءِ ڪئين سال لنگهي ويا
    ڏينهن جي آخري سج
    اولاهين سمنڊ ڪناري تي
    سانت شام جي وقت پڇيو
    تون ڪير آهين
    تڏهن به کيس ڪو جواب نه مليو.
    (رابندر ٽئگور بنگالي)
    *
    اڄ آچر آهي
    اڄ آچر آهي
    اڄ، پهريون ڀيرو
    انهن مون کي سج جي روشنيءَ ۾ آندو
    ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي ڄمار ۾
    مون آسمان ڏٺو
    عجب کاڌم ته ايترو ڏور
    ۽ ايترو نيرو
    ۽ ايترو وشال
    مان بنا چرپر جي
    بيٺو رهيس
    ۽ احترام وچان
    ڪاري ڌرتيءَ تي ويهي رهيس
    ڀت سان پٺ ڀرائي
    هاڻ موت جو به خيال نه اٿم
    نه وري آزاديءَ جو
    زال جو، ڌرتيءَ جو
    سج جو
    ۽ نه ئي پنهنجو
    مان خوش آهيان.
    (ناظم حڪمت، ترڪي)
    *
    ۽ تون ڇا چوندين
    ڀائڙا اچ!
    هل ته خدا ڏانهن هلون
    جڏهن سندس اڳيان بيهنداسين
    ته مان کيس چوندس:
    ”اي مالڪ، مان نفرت ڪريان ڪين
    هو مون کان نفرت ڪن
    مان ڪنهن کي ايذايان ڪين
    هو مون کي چهنبڪن سان مارين
    مان ڪنهن جي ٻني تڪيان ڪين
    هو منهنجي ٻنيءَ جي تاڙ ۾ رهن
    مان ڪنهن تي چٿرون ڪريان ڪين
    هو منهنجن ماڻهن تان ٽوڪون ڪن“
    ۽ ڀائڙا، ۽ تون ڇا چوندين؟
    (جوزف سيمئن ڪاٽر جونيئر، ڊينمارڪ)
    *
    اکيون ٻه جاڙيون ڀينرون
    جڏهن اسان جن گناهن تي وقت ايندو
    ماڻهو مضبوط ٿي ويندا
    پوءِ اسان توبهه جي ٽانِڪ سان
    خدا جو لباس سبنداسين،
    تو سمنڊ گروي رکي ڇڏيو
    ۽ آکيرن مان چورايل سون
    ٻار جي پهرئين ڏينهن تي مَليو ويو
    تون دک کي چتيون لڳائج
    مون وٽ اوڌر گهڻي آهي ۽ دڪا گهٽ
    اکيون ٻه جاڙيون ڀينرون
    هڪ منهنجي گهر پرڻائي وئي ٻيءَ تنهنجي گهر
    هٿ ٻه ماٽيلا ڀائر
    جن باهه ۾ منزل ڪئي آهي.
    (سارا شگفته) ترجمو: ولي رام ولڀ (ڦلواڙي تان کنيل)
    *
    ”ھڪ ھڪ پٿر
    تنهنجي وجود جو
    پيڇو ٿو ڪري،
    ماءُ جون التجائون،
    ڀينرن جا لڙڪ
    سکين جون دعائون
    ۽ پيءُ جي پڳ
    تنهنجي وجود بچائڻ لاءِ
    ناڪافي آھن.
    عاشقيءَ جو سمنڊ جهاڳيندڙ ڇوڪري
    ھاڻي تنهنجي،
    سنگسار ٿيڻ جي موسم ،
    ڏاڍو ويجهو اچي وئي آھ،“
    (پارس حميد)
    *
    هڪڙي ماءُ
    هٽ تي
    پنهنجا گڙدا گروي رکي
    ٻارن لاءِ اٽو وٺي آئي
    جيرا ته
    گذيل عيد تي ڪپڙن واسطي
    وڪڻي چڪي هئي
    جتين لاءِ
    واڻئي آنڊا وٺڻ کان انڪار ڪيو
    ڇو جو اهي السره زده هئا
    (ملڪ نديم)
    *
    ” گوليءَ کي ڪهڙي خبر ته
    ھُوءَ ڪنهن
    معصوم جي سڀني مان گذري ٿي
    يا ڪنهن مجرم جي،
    گوليءَ کي ڪهڙي خبر ته
    رات جي اوندھه ۽
    ڏينهن جي سوجهري ۾
    ڪهڙو فرق آھي.
    گوليءَ کي ڪهڙي خبر ته
    ڏک ۽ خوشيءَ جا ڳوڙھا
    ڪهڙا ھوندا آھن،
    گوليءَ کي ڪهڙي خبر ته
    ھلائڻ وار۽ جها اندر ۾
    محافظ ويٺو آھي
    يا، ڪو سفاڪ قاتل !
    گوليءَ کي ڪهڙي خبر،
    گوليءَ ته معصوم آھي !!
    (علي اظهار)

    آئون پاڻ ۾ مئو پيو هوس
    جيترو وقت پاڻ هڪ ٻئي کان ڌار رهياسين
    ايترن ڏينهن ۾ هڪ اوڏڻ
    ٽي پرايا گهر ٺاهي ورتا
    بجلي جو ميٽر 23 سؤ مان وڌي
    7354 يونٽن تائين پهتو
    ٻه دفعا ٻٻر جي وڻ کي ڇانگيو ويو
    ڪجهه ٻارن ڳالهائڻ به سکي ورتو
    هڪ شاعر ٻه مجموعا به ڇپائي ورتا
    هڪ خلائي شٽل زمين تي واپس موٽي آئي
    پوڙهي ڌوٻيءَ تيرهون ڀيرو پنهنجو وڳو ڌوتو
    بالي ووڊ ۾ 19 فلمون رليز ٿيون
    ٻن نوبل انعام يافته سائنسدانن خود ڪشيون ڪيون
    دنيا ۾ اٺ جهاز ڪريش ۽ ٽي اغوا ٿيا
    پر
    ايترن ڏينهن ۾ آءٌ هڪ دفعو به
    (پنهنجو پاڻ ۾) زنده ڪو نه هئس.
    (فراق هاليپوٽو)
    *

    اڙي شهر جانا، ڪي توکي سنڀارون
    ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون.

    اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي،
    سپر هاءِ وي لڳ هو پيليون ديوارون،
    صبح پهريان ڪرڻا جهٽي سنڌالاجي،
    هوائن ۾ مهڪن گلابن جون ڏارون،
    ته شاعر جون گذريون هتي پنج بهارون.
    (حليم باغي)
    *
    خالي ھٿين ڏسون پيا بيٺا بزار ۾،
    ڪيڏا وڪامجن ٿا چهرا بزار ۾ !

    ھوندو ھو جن بُتن تي ايمان پاڻ کي،
    وڪبا اُھي ڏٺاسين، سستا بزار ۾!
    (سعيد سومرو)
    *
    کٽي پوندي هي ڪاري رات وري پرڀات اچڻي آ،
    پنهنجي چاهت جي چرڙيا، وري برسات اچڻي آ،

    صدا ڪويل جي گونجي ٿي سراپا رقص مورن جو،
    وري ٿر جي انهيءَ ڌرتيءَ تي پکين جي لات اچڻي آ.
    (ستار سروهي)
    *
    نيڻ منهنجا ڀنا، ڪنهن نه ڄاتو ڪڏهن،
    ڪير مون کان ڇنا، ڪنهن نه ڄاتو ڪڏهن،

    ويس ڳاڙهو سکي، عشق پيو ٿو لڇي،
    خون آ، يا حنا، ڪنهن نه ڄاتو ڪڏهن.
    (منور ملاح)

    جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نئون رنگ، نئون آهنگ، نوان خيال، نوان استعارا، تشبيهون، ڪنايا ۽ جدت موجود آهي. اهي احساس آهن، جيڪي وڻندڙ آهن، جديد شاعري نون رستن تي پنڌ ڪري ٿي ۽ عالمي (International) شاعريءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي ٿي، موضوع به نوان چونڊيل آهن، جنهن ۾ بهادري، سورهيائي، محبت، پيار، سچائي، جماليات، سونهن، نرت، نياز، جدوجهد، ڏک، خوشي، احساس، جذبا، انسانيت، سهپ داري، وفاداري، عشق، عزم، مقصد، مطب هر موضوع آهي. جيڪي هن معاشري جو حصو آهن. جديد سنڌي شاعري، موهن جي مٽيءَ جهڙي سڳنڌ سان واسيل آهي. مينهن جي پهرين ڪڻي جهڙي خوشبو اٿس، ڌرتيءَ، ثقافت، تاريخ، تمدن سان ٽمٽار آهي. جديد سنڌي شاعري صدين پڄاڻان به ختم ٿيڻي ناهي. نه رڪجڻي آهي. کير ٿر جي قطارن جيئن کڙي آهي. ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ وهنتل صبح جي باک جهڙي آهي. جديد سنڌي شاعري ۾ روشني جا شعلا آهن حوالي طور ڪجهه شاعري هيٺ پيش ڪريان ٿو:
    تو جو رُخ تان پاندُ هٽايو،
    چنڊ به تنهنجا پير ڇهي ٿو،

    ڪوي! ڇڏي ڏي دنيا کي تون،
    هوءَ منهنجي آ، ڇا به چوي ڪو،

    تاج! ڪٿي ٿو شعر لکان مان،
    اُڏي پاڻهي شعر اچي ٿو.
    (تاج جويو)
    *
    ڏيئڙو باغيءَ جيان،
    رات ۾ بيٺو رھيو،
    ڪنڌ لوڏيائين نٿي،
    پير چوريائين نٿي،
    ڏيئڙو باغيءَ جيان،
    رات ۾ بيٺو رھيو.
    (نور محمد سومرو)
    *
    کيس چئجو هتان گذر نه ڪري،
    شهر جو شهر در بدر نه ڪري،

    کيس چئجو اکيون ٿڪي پونديون،
    کيس چئجو منظرن جو ڊگهو سفر نه ڪري.
    (اقبال رند)
    *
    پير تنهنجا چمڻ جي خواهش م،
    دل ٻڏي وئي ترڻ جي خواهش ۾،

    ننڊ آئي نه رات ڀر شبير،
    صبح تو سان ملڻ جي خواهش ۾.
    (شبير هاليپوٽو)
    *
    بي لباس خوابن کي ڪا ريشم جي تقدير ڏئي وڃ،
    سڀ ڪو سپنو ساڀيا ماڻي، اک اک کي تعبير ڏئي وڃ،

    ڀاڳ اڀاڳ جي صحرا ۾ ڪا اَڻ جهل آس اُمنگ ڦٽي،
    سج ارادن جو ڪو اڀري، باغي ڪا تدبير ڏئي وڃ.
    (مريم مجيدي)
    *
    توکي چُميندي،
    مون کي پنهنجا چپ ڪڏهن به،
    ڇوڏا نه لڳا آهن.
    *
    گهڻن ڏينهن کان ستي ناهيان،
    شب بخير جي چمي موڪل،
    ته ننڊ اچي.
    (امر سنڌو)
    *
    ”بهارن جي پن ڇڻ ٿي اوڳڙ ڪري“
    پريشان ٿيون ٽاريون اوگهڙ ڪري.

    آباڻن کان ڦيرائجن ڪيئن اکيون،
    امڙ ساڻ ڪهڙي ڪو آڪڙ ڪري!
    خُدا ڏئيم طاقت اُٿاري وجهان،
    خميرن مُئن کي وڏي رڙ ڪري!
    (علي دوست عاجز)
    *
    ھر طرف ھُونءِ رات جو ڪيڏو حراس ھو!
    نڪتو سفر تي چنڊ، ته رستا ٻري پيا.

    ھي ڪيفيت وصل جي گهڙيءَ ۾ رھي امر!
    لُونءُ لُونءُ ۾ ڄڻ ته سج جا ڪِرڻا ٻري پيا!
    (امر کهاوڙ)
    *
    دل جي دک جا سفير هِن جذبا،
    هاڻ ڄاتئي ته نير هِن جذبا،

    پنهنجي معصوميت سبب ميڪشَ!
    هر وهيءَ ۾ صَغير هِن جذبا.
    (مئڪش سومرو)
    *
    پيار سان اختلاف ڪئن ٿيندو،
    پنهنجي ڪو برخلاف ڪئن ٿيندو،

    تون وڃين اعتڪاف ۾ ويٺينءَ،
    مون کان تنهنجو طواف ڪئن ٿيندو.
    (ذوالفقار گاڏهي)
    *
    آس جو آسمان بند ڪيان،
    ڪيئن مٺ ۾ جهان بند ڪيان،

    ڪو به موتي نه ٿو خريد ڪري،
    هي اکين جو دڪان بند ڪيان...!
    (ابل اداس ٻٻر)

    گهنگهرو تنهنجي ڇير جا،
    مجري واري رات،
    ڪيڏا پار ڪڍي رنا.
    تو جو نوٽ وٺي رکيا،
    تو وٽ ساري رات.
    ڪيڏا پار ڪڍي رنا.
    (گلزار سيال)
    *
    ٿوري ترتيب پد مڻي ڏينديءَ!
    منهنجي وارن کي تون ڦڻي ڏيندينءَ!

    رات تو ساڻ منهنجي کيچل ۾،
    آهي ٻيڙي ڇڳي، هڻي ڏيندينءَ!
    (معصوم بخاري)
    *
    خوشبوئن سان واسجي ويو آ وجود
    تنهنجي ڀاڪر سان بسنتي در کُليا.
    (منصور سيتائي)
    *
    باز ڳيرو جهٽي ويو آھي،
    کنڀ ٽاريءَ ۾ ويا رھجي.
    (اسد مڱڻهار)
    *
    جدائي ڇا ٿيندي آ
    نفرت ڇا ٿيندي آهي؟
    دشمنيءَ جو جذبو پاليندڙ کان پڇ،
    اُجالا ڇا ٿيندا آهن؟
    حادثي ۾ پنهنجون اکيون وڃائيندڙ کان پڇ،
    جيت ڇا ٿيندي آ
    قدم قدم تي هارائيندڙ کان پڇ،
    زندگي ڇا ٿيندي آ؟
    موت جي هنج ۾ آخري گهڙيون گهاريندڙ کان پڇ
    ۽ جدائي ڇا ٿيندي آ؟
    ڪنهن کان به نه پڇ
    اچ ۽ اچي هڪ نظر مون کي ڏس!
    (مشتاق ڀرڳڙي)
    *
    تنهنجي آخري خط کان سواءِ
    ٻيو ڇاهي پڙهڻ لاءِ
    لائبرريءَ جا سڀ ڪتاب
    تنهنجي آڱرين جهڙين لڪيرن سان
    انڊر لائين ٿيل آهن
    فلسفو ڳالهائيندڙ وڻندڙ ٽهڪ رکندڙ
    ۽ مشهور ادائن واري، تنهنجي چنچل سهيلي به
    شڪاري ڪتن جهڙي خوابن ۾،
    گم ٿي وئي هلي
    جهرڪين جي آوازن تي بيزار ٿيندڙ شاعر
    حقي جي بڙ بڙ ۾ ڪيتري بڪواس لڪائي آخري ڀيرو
    ديوار جي پويان بيٺل شخص کي
    بجو ڏئي کلي ٿو
    تون جيڪڏهن ديوار جي پويان آهن ته هٽي وڃ
    تاريخ ساز فيصلا، ٽڙيل آڱريل کان وڌيڪ
    خطرناڪ ناهن هوندا،
    تنهنجي آخري خط جو آخري جملو آڱرين وانگر
    مگر
    مان ديوار جي پويان ناهيان.
    (آڪاش عامر)
    ماڳ ڏي ٿا هلن قافلا درد جا
    درد سان ٿا وڌن دادلا درد جا

    ٻار ٻڍڙا جوان جستجو جيءَ جي
    نيٺ ٿيندا طئي مرحلا درد جا.
    (درد هوش محمد ابڙو)
    *
    تنهنجي اوسيئڙي ۾
    سڪل واري مان ڳوڙها ٺاهي جبل ٿي
    ڪولر کان ٻاهر پيل قلفي جي ڄمار گذاري اٿم
    تنهنجي نه اچڻ جي خوف ۾
    صبر جي جهوليءَ سان
    پاڻ مان وسوسا ڇلپايا اٿم
    توکي پنهنجو ڪرڻ جي جستجو ۾
    ٿڪجي پيل منهنجي استعمال کي آسمان ۾ رکندڙ
    اڪيلي ڪڪري ڏيکاري اٿم، آئون جيڪو
    ٿر جي اونهي کوهه جهڙين تنهنجي اکڙين ۾
    ڏول جيئن ڪري پيو آهيان
    ڄڻ پاڻ سان به
    ياري ٽوڙي ڇڏي اٿم
    پر تون آهين جا
    منهنجي حصي جي ننڊ تون ڪري رهي آهين...!
    (مختيار سهتو)

    جديد سنڌي شاعري ۾ ترقي پسند جو تصور
    جديد سنڌي شاعري ۾ ترقي پسنديءَ جو اثر جديد شاعريءَ ۾ موجود آهي. جيئن دنيا بدلجي رهندي آهي. تيئن وقت سان گڏ ادب به پنهنجا ماپ جا اصول مٽائيندو رهندو آهي. هونئن ويهين صدي ترقي پسند صدي رهي آهي. جنهن ڪيتريون ئي نيون ايجادون ٿيون. تيئن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ به بدلجندي رهي انور پيرزادو لکي ٿو:
    ”ترقي پسند ادب هڪ لحاظ کان انساني مفادن جو محافظ ادب آهي، انسان جي شاندار آئيني لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ادب اهڙو ادب، جنهن جو مقصد ادب نه هجي، پر زندگي هجي، انسان هجي ۽ هن جي ترقي هجي. انساني زندگيءَ کي اجارڻ ۽ سينگارڻ جي جوابداري ۽ ڪم خاص ڪري ادب تي ئي رهيو آهي.
    پر انسان ذات ۾ طبقا ٿين ٿا. سڀ انسان مفادن جي لحاظ کان هڪ جهڙا نه ٿا ٿين، هڪڙا ظالم ٿيو پون، ٻيا مظلوم، هڪڙا سچا ٻيا ڪوڙا، هڪڙا حق جا پوڄاري ۽ ٻيا باطل جي رڃ جي پويان ڊوڙندڙ، هڪڙا نيڪيءَ جا پتلا، ۽ ٻيا بديءَ جا ڪموڊ. ان ڪري ادب به طبقاتي ٿئي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ترقي پسند ادب کي مظلوم انسانيت جي مفادن جو بچاءُ ڪرڻو پوندو. ظالم طبقن جي مذمت ڪرڻي پوندي.“ ترقي پسند ليکڪ کي سچ ۽ حق جي پاسي رھيا آهن. جديد سنڌي شاعري ۾ اهڙا کوڙ مثال موجود آهن.
    ڏس نه وزارت ڪاڻ وڏيرو،
    لوسين جيئن ڪري لُولاٽ،

    آس اڃا آڪاش نه لاٿي،
    ڳڀرو ايندا اُچي ڳاٽ.
    (آڪاش انصاري)
    *
    سينو تنبيءَ ساڻ لڳائي، هُن ٿي سوچيو سپنو آهيان
    ڪيئي پيڙهيون پوءِ به جيئان ٿو، آدجڳاد ان نپنو آهيان
    *
    سنڌو منهنجي ماءُ لڳي ٿي،
    ٻيڙي ڀانيان جهولي ڙي،
    ڇولي آئي ڇولي ڙي.
    (ماڻڪ ملاح)
    *
    شام ڌاري ڪناري تي پهچي ڪري، تو ڪو نوخيز منظر ڏسڻ پئي گهريو،
    پر جو منظر هِهڙي سونهن اُرهه تي ڏٺي پنڊ پهڻ بنجي هُن ضد ترڻ پئي گهريو،
    او پرين! عرض ڪيان جي تون منهنجي ٻڌين ڇولين تي اجايو پئي ناراض ٿئين،
    تنهنجي ڀڄندڙ بدن ۾ سندن ڇا خطا، تنهنجي بت نديءَ ضد ڇهڻ پئي گهريو.
    (غفار تبسم)
    *
    چئو پيار ملي ويندو،
    ملندو ته ڪڏهن ملندو.
    جوڀن ته هليو ويندو.
    (رخسانه پريت چنڙ)
    *
    ڇو ڪري جو چوان، يا نديءَ جو بدن،
    هوءَ ته آهي سڄو روشني جو بدن،

    هوءَ ته آهي گلابي ڪليءَ وانگيان،
    هن جي چهري ۾ آ چاندنيءَ جو بدن.
    (ايوب کوسو)
    *
    وڏ ڦڙو وسڪار
    ڪولهڻ مورو ڳائيندي
    ڇنڊي ويٺي وار.
    وڏ ڦڙو وسڪار
    ميڙي اوڏڻ ٿي کڻي
    ڪوڏن جا ڪي هار.
    (بشير منگي)
    *
    مان ورق ٿي ڪتاب جان کلان به هان پرين مگر،
    تو آڱرين جي رقص جو ثواب ئي نه آڇيو.

    ۽ رنگ نور سان ڀنل غزل جنم ڏيان به هان،
    مگر ڪويءَ جو تو ڪڏهن خطاب ئي نه آڇيو.

    مان راحتن جي رنگ سان حيات جي ڪٿا لکان،
    سزا سزا جي لفظ کي دعا دعا چئي ڇڏيان.

    چيم ته تنهنجي سامهون لڇڻ جو سمنڊ ٿي پوان،
    تو زندگي کي زرد ڪو عذاب ئي نه آڇيو.
    (اظهر ٻانڀڻ)
    *
    بارش جو امڪان لڳي ٿو،
    ٿيندو هو مهمان لڳي ٿو،

    نيٺ اچي ممتاز ڪندو هو،
    دردن جو درمان لڳي ٿو.
    (ممتاز سيال)

    جديد اردو شاعري 20 صدي پهرين ڏهاڪي کان شروع ٿي، ليڪن ڪافي وقت تائين پوءِ ڪجهه شاعري فارسي آميزيءَ جي ور چڙهيل رهي. فارسي استعمال ڪندا رهيا، علامه اقبال کان فيض احمد فيض تائين اهو رويو نظر اچي ٿو. فراز، پروين شاڪر، قتيل شفائي، ساغر صديقي، بشير بدر ۽ ٻين شاعرن، فارسي لفظن کي گهٽائي جديد اردو شاعري طرف توجهه ڏنو، ٻئي پاسي فيض جهڙو وڏو شاعر فارسيءَ جي ور چڙهيل رهيو، سندس پهريون مجموعو نقش فريادي پڻ فارسي لفظ آهي، جيڪا غالب جي پڻ سٽ آهي.

    مجھ سے پہلی سی محبت میرے محبوب نہ مانگ
    میں نے سمجھا تھا کہ تو ہے تو درخشاں ہے حیات
    تیرا غم ہے تو غمِ دہر کا جھگڑا کیا ہے
    تیری صورت سے ہے عالم میں بہاروں کو ثبات
    تیری آنکھوں کے سوا دُنیا میں رکھا کیا ہے۔
    مجھ سے پہلی سی محبت میرے محبوب نہ مانگ
    (فیض احمد فیض)
    کوئی رات میری آشنا مجھے یوں بھی تو نصیب ہو
    نہ خیال ہو لباس کا وہ اتنا میرے قریب ہو
    بدن کی گر آنچ سے میری آرزو کو آگ دے
    میرا جوش بھی بھک اٹھے، میرا حال بھی عجیب ہو
    (پروین شاکر)
    *
    میری غربت نے اڑایا میرے فن کا مذاق
    تیری دولت نے تیرے عیب چھپا کے رکھے ہیں
    (ساغر صدیق)
    *
    تتلیوں کا رنگ ہو یا جھومتے بادل کا رنگ
    ہم نے ہر ایک رنگ کو جانا تیرے آنچل کا رنگ
    تیری آنکھوں کی چمک ہے یا ستاروں کی ضیا
    رات کا ہے گُھپ اندہیرا یا تیرے کاجل کا رنگ
    دہڑکنوں کے تال پر وہ حال اپنے دل کا ہے
    جیسے گوری کے تحرکتے پاؤں میں پایل کا رنگ
    پھینکنا تم سوچ کر لفظوں کا یہ کڑوا گلال
    پھیل جاتا ہے کبھی صدیوں پہ بھی اک پل کا رنگ
    (قتیل شفائی)
    *
    آگ لہرا کے چلی ہے، اسے آنچل کردو
    تم مجھے رات کا، جلتا ہوا ایک جنگل کردو

    چاند سا مصرعہ، اکیلا ہے میرے کاغذ پر
    چھت پہ آجاؤ، میرا شعر مکمل کردو
    میں تمہیں دل کی سیاست کو ہنر دیتا ہوں
    اب اُسے دہوپ بنادو، مجھے بادل کردو

    اپنے آنگن کی اُداسی سے، ذرا بات کرو
    نیم کے سُوکھے ہوئے پیڑ کو، صندل کردو

    تم مجھے چھوڑ کے جاؤگے، تو مرجاؤں گا
    یوں کرو جانے سے پہلے، مجھے پاگل کردو
    (بشیر بدر)
    *
    تیرے قریب آکے بڑی اُلجھنو میں ہوں
    میں دشمنوں میں ہوں کہ تیرے دوستوں میں ہوں

    مجھ سے گریز پا ہے تو ہر راستہ بدل
    میں سنگِ راھ ہوں تو سبھی راستوں میں ہوں

    بدلا نہ میرے بعد بھی موضوع گفتگو
    میں جا چکا ہوں پھر بھی تیری محفلوں میں ہوں۔
    (احمد فرازؔ)
    *
    اک یہی آس ہی کافی ہے میرے جینے میں
    دل نہیں آپ دہڑکتے ہیں میرے سینے میں

    تجھ سے جو گھاؤ ملے دل سے لگا لیتے ہیں
    کتنی لذت ہے تیری ذات کے غم پینے میں
    (وصیؔ شاھ)


    جديد سنڌي شاعري تي رومانوي اثر
    ڊاڪٽر نبي بخش لکي ٿو هڪ جلدي لغت ۾:
    رومان: معني! ادب ۾ عشق محبت واري صنف.
    رومانوي روماني: رومان پسند، خيالي دنيا ۾ رهندڙ عشق محبت وارو داستان.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو:
    ”هي تحريڪ انگريزي ادب تي گهڻو اثر انداز رهي آهي. ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن هن تحريڪ جي اصولن موجب اعليٰ ادب تخليق ڪيو آهي. هن قسم جي تحريڪ جي شروعات ورڊس ورٿ ۽ ڪالرج جي شعر جي مجموعي ”سريلا گيت“ (Lyried Bollads) سان ٿئي ٿي. جيڪو 1798ع ۾ ڇپيو. هنن يوناني ۽ لاطيني علم ادب جي تلقيد ڪندڙ انگريزي ادب جي راهه کي ڇڏي نوان رجحان پيدا ڪيا، قديم ادب ۾ دقيق ۽ ثقيل لفظن ۽ ترڪيبن ۽ پر تڪلف سجاوٽ ۽ مشڪل محاورن جي حرفت تي فخر ڪيو ويندو هو. ورڊس ورٿ ۽ ڪالرج انهيءَ راهه کان هٽي شاعري کي عوام جي زبان ۾ پيش ڪيو ۽ موضوع به عوامي ۽ فطري چونڊيا. فطرت جي ترجماني ڪندي ورڊس ورٿ اهڙا موضوع چونڊيا جن نهايت رواجي سمجهيو ويندو هو. ورڊس ورٿ ۾ اهي لاڙا فرانس جي عظيم مفڪر روسو جي تعليم ذريعي پيدا ٿيا. روسو ”انسان ۽ فطرت“ جي نظريي جو علمبردار هو.“ جديد سنڌي شاعري ۾ رومانس اهم موضوع آهي. جديد سنڌي شاعرن رومان کي بهترين ۽ اعليٰ فني فڪري طريقي سان لکيو آهي ۽ جديد سنڌي شاعري مرڪڻي ٿي پئي آهي. حوالي طور ڪجهه شاعري هيٺ ڏيان ٿو.
    جا بدن کان پل ۾ ٿي پرائي هئي
    پيار ۾ دل نه ڪنهن سا ورائي هئي.

    تنهنجا رنگين ڀاڪر ڀرڻ لاءِ مون،
    ڪا نه پوتي ڦلين سان ڀرائي هئي.

    سانوڻيءَ جي ڪڪر سنهي بوند تون،
    منهنجي دل جي اڃايل ترائي هئي.
    واعدا چنڊ وانگر تو نوان ڪيا،
    پر رسڻ ۾ ڪئي ساڳي ڍرائي هئي.
    (وسيم سومرو)
    *
    باک ڇلڪايا گلابن جا گلاس،
    پوپٽن پيتا شرابن جا گلاس.

    ننڊ ۾ ڪيڏا تِکا شيشا لڳا،
    ڪنهن ڀڳا هي رات خوابن جا گلاس.

    اوت مون کي! اوت مون لئه اڻ ميا،
    رنگ جوڀن جا، شبابن جا گلاس.

    مون گناهن جا رکيا ترتيب سان،
    ڪنهن رکيا وچ ۾ ثوابن جا گلاس.

    بک ۽ افلاس ٽوڙي ٿا ڇڏين،
    نظرين ۽ انقلابن جا گلاس.

    اُڃ مونکي رڃ ۾ اڇلي ڇڏيو،
    ڪيئن سنڀالي دل سرابن جا گلاس.
    (احمد سولنگي)
    *
    ڪو نه پهتي، راهه ۾ رهجي وئي،
    دل چري ويساهه ۾ رهجي وئي،

    زندگيءَ مان تون وئي آن اوچتو!
    زندگي اونداهه ۾ رهجي وئي.
    (امر اقبال)
    *
    تو کان جيڪو به پل جدا هوندس،
    تون ائين سمجهجان فنا هوندس،
    تنهنجو اوسيئڙو پوءِ ڀي رهندو،
    مان مٽيءَ جي جڏهن ڪٿا هوندس.
    (رحمت سومرو)
    *
    ڇڙن ٿا ساز هي سارا سُهائي رقص ۾ آهي،
    کڙن ٿا چنڊ ۽ تارا، خدائي رقص ۾ آهي،

    نچي ٿي نينهن جي مستي، ٻري ٿو عشق جذبن ۾،
    اسان ۾ ٿو جلي جاني جدائي رقص ۾ آهي.
    (رحمت پيرزادو)
    *
    ڇوڪري جو تن ۽ من خاموش هو،
    عشق جو سارو وطن خاموش هو،

    روح ۾ رڙيون هيون واڪا هيا،
    سرد راتين جيان بدن خاموش هو.
    (حبدار سولنگي)
    *
    پاڻيءَ جو اکيون آهن ڪاڳر جو بدن آهي،
    پٿرن جون ڳليون آهن، ڪاڳر جو بدن آهي،

    ڪنهن وقت ڊهون ٿا ۽ ڪنهن وقت ٺهون ٿا پيا،
    بارن جون ڀريون آهن، ڪاڳر جو بدن آهي.
    (ابرار ابڙو)
    *
    سڪڻ جو سِيڪ ٿو ساڙي ٿڌا رخسار اوري ڪر،
    گسن تان رات اونداهي اچي سا ڏينهن ڏوري ڪر.

    مڇي لئه ملڪ کاري ۾ مٺو بس نانءُ تنهنجو آ،
    ڇڪي رڇ، لڳ، لڱن سان يا ککي دل ڌار توري ڪر.

    تکي ۽ تيز درزياڻي! هلي آ پاڻ ڪئنچي سان،
    سبائڻ ساهه ٿو چاهيان ڇتر جو ڇيهه ڪوري ڪر.
    (روحل ڪالرو)
    *
    سموري شهر مان ميڙي سهيڙي،
    خوشين جا خواب ٻوريءَ ۾ وڌا اٿم.
    (احساس ميرل)
    *
    ٽاري تي ڪي ڦول ٽڙيا يا،
    ڪنهن ناريءَ سي چوٽ سجايا،
    سڀ ڪجهه مايا.
    ويو وڌيءَ جو گل جي ڳل تي،
    شبنم ڪُنئرا هٿ گهمايا،
    سڀ ڪجهه مايا.
    (علي آڪاش)
    *
    تڙپي مون تولاءِ رُنو هو، اهڙو تنهنجي ياد ڏنو هو،
    دلڙي کي ايذاءُ پڇيو هو ماءُ، ته ”ڇوري ڇا ٿيو ٿئي“؟
    ويٺي ويٺي ڇال ڏنو مون ڄڻ ڪو سامهون نانگ ڏٺو مون،
    منهن تي منهنجي خوف هو ڇانيل، اهڙو تنهنجي ڳوٺ کان آيل،
    ڇرڪ ڀرايو واءُ، پڇيو هو ماءُ، ته! ”ڇوري ڇا ٿيو ٿئي“.
    (شتاب زرداري)
    *
    ميري جڳ ۾ هڪ دل اُجري ڪيرُ ڏسي!
    انڌي ديس تي انڊلٺ اُڀري ڪير ڏسي!

    ساجن کي ته اچڻ ڏيو، سج جو ڏسجو حال!
    ٻهڪي پوندي خوب ٻه پهري ڪير ڏسي!
    (اسحاق سميجو)
    مٿان چوڏهين چنڊ
    هيٺان تنهنجون ڳالهيڙيون
    کير ملايل کنڊ
    جرڪي ۽ چمڪي
    تنهنجي ڪري ڳوٺ ٿو
    موتئي جيئن مهڪي.
    (خليل عارف سومرو)
    *
    جتي ساوا وڻ الا
    هيٺان نيري نڀ جي،
    منهنجو ماڳ اتي،
    سپنا ساڀيان ڄاڻ ٿيا،
    نيڻن ڳڀيا ڳڀ جي.
    منهنجو ماڳ اتي.
    (شاهنواز گهوٽو)
    *
    جنهن سمجهيو آ، غلامي مقدر غريب جو،
    تر جو وڏيرو، مير اهڙو، خان سنگدل.
    (سيما عباسي)
    *

    جديد سنڌي شاعري ۾ جماليات
    سنڌيڪا لغت ۾ عبدالستار بلوچ جمال جي معنيٰ لکي ٿو جمال: سونهن حسن، خوبصورتي، جديد سنڌي شاعري جماليات سان ڀري پئي آهي. سونهن فطرتي آهي، سونهن انسان جي پسنديده شئي آهي. سونهن جا ڪيئي تصور ٿين ٿا. جبلن جي اوچائي جي سونهن، وڻندڙ آبشارن جو حسن، ندين جي خوبصورتي، پکين جو قطار ۾ اُڏرڻ، ڌرتي تي ساوڪ جي چادر، محبوبه جي اکين جي سونهن، چنڊ ۽ ستارن جو آڪاس تي جرڪڻ، سمنڊ جي ڇولين جو حسن، وڻن جي پنن جو حسن، ناچڻي جي نچڻ جو حسن، چهري جي خوبصورتي وغيره جديد سنڌي شاعري ۾ اوهان کي جماليات جا ڪيئي مثال ملندا.
    مثال طور:
    سهڻل جا سينگار واهوا، دل کي وڻن ٿا،
    دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي وڻن ٿا.

    ڪارا ڪارا، ڪنڊڙا ڪنڊڙا، سهڻا سهڻا سنهڙا سنهڙا،
    وانگوڙيءَ ۾ وار واهوا، دل کي وڻن ٿا.

    تيل ڦليل، ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيس هو ڪارا،
    گهرا گهنڊيدار، واهوا، دل کي وڻن ٿا.

    لب لالڻ جا مرڪيو مرڪن ڏند موتين جيان جرڪيو جرڪن،
    ڪونج ڳچي ۾ هار، وهوا دل کي وڻن ٿا.

    گڏ گذارڻ، اٿڻ ۽ ويهڻ، طالب الموليٰ رسڻ ۽ پرچڻ،
    محبت جا معيار وهوا، دل کي وڻن ٿا.
    (طالب الموليٰ)
    *
    هوءَ ندي ۾ ڇا نهاري ٿي وڃي،
    چاندني ڇولين تي هاري ٿي وڃي،
    واعدن جي تاوَ ۾ ڪا ڇوڪري،
    برف وانگر عمر ڳاري ٿي وڃي.
    (سائل پيرزادو)
    *
    اڄ آءُ ته ڪو ويهي ديدار ڪيون سهڻا،
    ڇاتي سان ملا ڇاتي چپ چار ڪيون سهڻا،
    ننڍپڻ ۾ ڪياسين جي سنڌوءَ جي ڪناري تي،
    اڄ آ ته اُهي پختا اقرار ڪيون سهڻا.
    (تابش بخاري)
    جُهو ميا ھا گُل، واءُ به ڪيڏي کِلي ھئي،
    ھُئي ڪائنات وجد ۾ جيڏي کِلي ھُئي!

    ويئي ته اُن جي واٽ به سرتين جيان رُني،
    جنهن ڳوٺ ۾ جوان ٿي کيڏي کِلي ھئي.
    (مشتاق گبول)
    *
    تون گل هجين مان ماڪ ٿي تنهنجي مٿان وسندو رهان،
    منهنجا پرين! تنهنجو بدن چمندو رهان ڇهندو رهان،
    ڳاڙهاڻ بڻجي شام جي تو ۾ پرين گُم ٿي وڃان،
    تنهنجي سندر چهري منجهان ٿي باک مان ڦٽندو رهان.
    (لياقت علي لياقت)
    *
    ڄامشورري جي هوائن جو قسم،
    دل لُٽڻ جي وارتائن جو قسم،
    هاسٽل کي ٻاهران سجدو ڪري،
    مون کنيو توسان وفائن جو قسم.
    (مشتاق ڦل)
    *
    بسنتي رُت جي نظارن وانگي،
    ساٿ تنهنجو آ قرارن وانگي،
    يا خُدا! مونکي سدائين رکجان،
    سادڙو منهنجي ڪجهه يارن وانگي.
    (وشال امير)
    *
    تنهنجي سامهون نمي پئي خوشبو،
    تان بدن مان سمي پئي خوشبو،
    منهنجي ويجهو اچي جو ويٺين تون،
    پنکڙين مان ٽمي پئي خوشبو.
    (شير مهراڻي)
    رنگ شباب ڇڻيا،
    راتوڪي طوفان ۾.
    خوشبو بي گهر ٿي وئي،
    هاءِ گلاب ڇڻيا.
    راتوڪي طوفان ۾
    (رضا بخاري)
    *
    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
    ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.
    (جمن دربدر)

    جديد سنڌي شاعري ۾ فن فڪر ڳهرائپ ) احساس، جذبا خيال مقصد ۽ سڳند جي خوشبو موجود آھي. جديد سنڌي شاعري موضوع بهادري سورھيائي، جدو جهد، انساني چگائي، ھمٿ، طاقت سان گڏ گس به ڏيکاري ٿي ته ماڳ تي پهچائي ٿي، ڏک، خوشيون، بردباري، پيار، سڪ، سونهن، سان نکريل ، صبر جي باک جهڙي مرڪندڙ آھي. جديد سنڌي شاعري ۾ ماڳ، مڪان، منظر نگاري، ڳوٺ واھڻ، وستي وستي، شهر، ڏھر، تاريخ، ثقافت، تمدن، ڌرتي جا رنگ، ڍنڍون ڍورا، نديون، منڇر، ڪينجهر، کيرٿر، مسجدون، سئي، سهڻي، موکي، ماروي جا ڪردار جاڳندڙ ۽ چرندڙ آھن. جديد سنڌي شاعري مورجيان ناچ به ڪري ٿي ته، سنڌوءَ جي لهرن جيان، جرڪي به ٿي،
    مان روپ ھوءَ آرسي آھي
    مان اک هوءَ روشني آھي.

    شهر آھي منافقي آھي
    ڳوٺ تنهنجي ۾ زندگي آھي

    چنڊ تارا اداس راتين جو،
    ھوءَ ڪمري ۾ وڃي ستي، آھي.
    (نياز پنهور)
    تنهنجو يادون گلاب جهڙيون ھن
    ڄڻ پروڪي شراب جهڙيون ھن
    تنهنجو اکيون ڇا اکيو آھن،
    شاعري جي ڪتاب جهڙيون ھن.
    (معشوق ڌاريجو)
    *
    تنهنجو يادون ۽ ھي اڪيلائي
    زرد شامون ۽ ھي اڪيلائي،
    دوست ٿياسين اسين ٽئي،
    سمنڊ، آئون ۽ ھي اڪيلائي.
    (بخشڻ مهراڻوي)
    *
    سر تي تنهنجون سارون ۽ هي درد هيا ڪجهه ڌرتيءَ جا
    پاڻ ته مفلس ماڻهو هئاسون، ڪابه ٽجوڙي ڪانه هئي.
    (حاجي ساند)

    پيار درد جي پيدوار آھي
    وجود جي پاکر ۾
    رکيل تنهنجو گرم لهجو
    اک جي دائميت کي
    پنبڻين جو در ڏنو آھي
    ويساک جي مند جي اچڻ تائين
    قيد ۾ رکي ڇڏيو آھي
    اھو احساس ھنن کي ڪينءَ ٿيو!
    پٿر ڪيڏا پياسا آھن
    منهنجي من جي ميٺاس مان اڃ اجهائڻ لاءِ
    هو منهنجي پوري بدن تي
    سمهي پيا آھن
    (عزيز قاسماڻي)
    *
    ڪفن ميرو ٿي چڪو
    ھي ڪو پهريون وڇوڙو ناھي
    جنهن ۾ آئون زندھه ناھيان
    حقيقت ۾ آئون مئل ڄائو ھوس
    منهنجو اکيون به بند ھيون
    زندھه رھڻ جي طعني واري تشبيھه مان
    توکي منهنجو حوال حذف ڪرڻو ھو
    ڪنهن کي ڳچي تائين پوري
    ان کان سندس پهرين خواھش
    دريافت ڪرڻ جهڙي ھن زندگي ڇاڇا نه آڇيو ھو؟؟؟
    پوءِ به
    ھو مون کان منهنجو سڀ ڪجهه کسڻ چاھين پيا
    ۽
    ڪفن تي ميرا ھٿ نه پيا چاھين
    مونکي ھو پاڪ ڪري پوريندا !
    مون ان ڪري باوضو رھڻ ڇڏي ڏنو ھو
    مٽي ميري ٿيندي پئي وئي
    پر اوھان سڀ خاموش رھيا
    آءُ به پنهنجي زبان وڍرائي آيوھس
    ۽ تون پنهنجي نام نهاد نڪ جي
    سلا متي جو جشن ڀل ملهاءَ
    ديس ۾ ڪٿي به اڃا ايترو پاڻي ناھي
    جنهن ۾ تنهنجو نڪ
    ۽ منهنجو لاش ٻوڙي سگهجي
    (عرفان لنڊ)

    جديد سنڌي شاعري ۾ ھر صنف اعليٰ معيار جي لکي وڃي ٿي جديد دور مطابق ان ۾ رنگ ۽ آھنگ پريون وڃي ٿو، غزل گيت، وائي بيت، ترائيل، ڏيڍڻو، ڪافي، نظم، نئين ڪويتا، ٿيڙو، ھائيڪو، ھڪ سٽو، وغيره جديد انداز ۾ لکيو وڃي ٿو. جنهن جي خيال جي پختگي گهرائي آھي.
    جيڪا شاعريءَ کي عظيم بنائي ٿي.
    منهنجي سيني ۾ ڪعبي جهڙي دل،
    پوءِ ماڻهن چيو ته آ ڪافر.
    (بشير سِسَائي)
    *
    ڀچيائون حال شهر جو ته ڪنڌ جهڪائي چيم،
    ماڻهو سڀ حيات ھن، ضمير جو پتو نه آ.
    (عزيز ڪنگراڻي)
    *
    آڙوءَ کي ڳل ساڻ لڳائي، راز چوي ٿي سل
    آنءُ منجهي پيو آھيان، ڪهڙو آڙو ڪهڙو ڳل
    (مير محمد پيرزادو)
    *
    نه ڪو انت آھي، نه آھي ازل ڪو
    نه ئي ڪا حياتي نه آھي اجل ڪو
    اسان يار پنهنجا خدا پاڻ آھيون
    مُلي ماڻهپي ۾ وڌو آخلل ڪو
    (ساجد سومرو)
    *
    ماڻهن کي دل جو درد ٻڌائي آ ڇا ڪبو؟
    لڙڪن جو ساڳيو ضد ته لڪائي به ڇا ڪبو؟
    گهيري آڳ جي آ جڏھن ساري ڪائنات
    آڙاھه پو اندر جو وسائي به ڇا ڪبو
    (جاويد شبير)
    *
    درين جا تاڪ ۽ تاڙيون، پراڻا در سلامت رک
    اسان کي ڇڏ کڻي مالڪ تون پنهنجا گهر سلامت رک

    اکيو آڙنگ، اکيون بارش، اکيون ڄڻ نر تڪيون آھن،
    مهاڻن جا خدا ھاڻي ڍنڍن ۾ جر سلامت رک
    (سرواڻ سنڌي)
    *
    اکيون گهر کان ٻاھر، گسن تي نه رک
    ۽ ھا! ڀروسو، بيوسن تي نه رک
    رُٺل آن ته سرمي سان سامهون نه اچ
    ھٿن ساڻ ٽانڊا، ڪکن تي نه رک
    (آس ٻٻر)
    *
    آڱر منهنجي کي موڙي، ھٿ کي ھو ڇهي ويو
    دل منهنجي ڇا گهري ٿي، جو ڌڙڪي رھي آ اڄ
    (اندارن شبنم)
    جديد سنڌي شاعري تي پنهنجا ويچار ونڊيا اٿم اميد ته قبول ڪندا ڪي شاعر رهجي به ويا آهن. انهن کان معذرت خواهه آهيان، ڪوشس ڪئي اٿم ته اوهان پيارن پڙهندڙن کي هي منهنجو پورهيو قبول پوي. پنهنجو رايو به ڏيندا. مهرباني محترم علي نواز گهانگهري صاحب جي مهرباني، جنهن هن منهنجي پورهيي کي اوهان تائين پڄايو.

    مير حاجن مير
    15 اپريل 2018ع
    سيوهڻ شريف


    سيوهڻ جي قدامت ۽ لعل شهباز قلندر

    قدامت
    سيوهڻ جي تاريخ ايتري پراڻي ٿي سگهي ٿي، جيتري انسان جي تاريخ آهي. سيوهڻ جي ڀرپاسي جي باري ۾ ايم. ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب ”پيرائٿي سنڌ ڪٿا“ ۾ لکي ٿو ته:
    ”47،000،000 39،000،000 سال اڳ لڪيءَ جي سامهون کان جهمپير وغيره تائين چوني جي پٿر واري لڪي سلسلي جو جڙڻ، زندگي ساڳي رني ڪوٽ سلسلي قسم واري ھلندي آئي، سواءِ ان جي ته هڏائين مڇين ۽ پکين ۾ وڌيڪ اوسر ٿي، ٿڻن وارا جانور به سرجڻ جي اڳڀرن ڏاڪن تي اچي پهتا.“(1)
    سيوهڻ انسان جي ابتدائي دور وارو شهر رهيو آهي. جنهن دور ۾ انسان غارن ۾ رهندو هو. ان دور جون غارون سيوهڻ، ڀڳي ٽوڙي جبل، نئنگ، ڪائي ۽ لڪيءَ ۾ ملن ٿيون. تاريخ ۾ سيوهڻ کي سنڊو نما، سنڌوستان، سيوستان، سهواڻ، سهوڻ ۽ ٻين نالن سان سڏيو ويو آهي. موجوده دور ۾ سيوهڻ شريف نالو مشهور آهي. يوناني هاڪاري سڪندر اعظم مقدونيءَ 26 325 ق.م. ۾ سيوهڻ جي قلعي تي قبضو ڪيو هو. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ چيو هو.
    جي تو اڃا نه ڄاتو آ ڪير ديس واسي،
    تنهنجو جنم اجايو تنهنجي مٽي اڻاسي،
    آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اُتي آ،
    هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.
    موريا گهراڻي جو راڄ به سيوهڻ تي رهيو. سيوهڻ ايرانين جي اثر هيٺ به رهيو. يونانين شاڪن ۽ ڪشن پڻ حڪومت ڪئي. گيت شهنشاهت جي به سيوهڻ ۾ حڪومت رهي، گپت شهنشاهت جي دور ۾ سيوهڻ ۾ ٻڌ مذهب زور ورتو. گپت شهنشاهت کان پوءِ سٿين سيوهڻ تي حڪومت ڪئي. سٿين هندو ذات جي ماڻهن سان شاديون ڪيو، ان بعد هندو مذهب زور ورتو. راءِ گهراڻي (راجپوتن) جي دور ۾ سيوهڻ مشهور قلعو هو ۽ سنڌ (سنڌ سمه) سڏبي هئي. راءِ گهراڻي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ برهمڻ گهراڻو آيو. ان دور ۾ سيوهڻ جا رکوالا راجا چنديرام هالو ۽ راجا متو هئا.
    بني اميه دور ۾ سنڌ تي جام ڪاهون ٿيون. خير محمد ٻرڙو پنهنجي ڪتاب ”سيوهڻ صدين کان“ ۾ لکي ٿو: محمد بن قاسم ثقفي 17 سالن جو نوجوان مڪران، ديبل، ٺٽو، نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) فتح ڪرڻ کان پوءِ بندهان (ٻلهڻ) کان ٿيندو، سيوهڻ کي فتح ڪرڻ لاءِ سن 93هه/ 712ع ۾ ريگستان واري دروازي وٽ لهي، منجنيق سان ڪوٽ تي حملو ڪيو.“(2)
    سيوهڻ غوري گهراڻي ۽ دهلي، جي سلطانن جي دور ۾ ناصرالدين قباچه سنڌ ۽ ملتان وارو گورنريءَ وارو عهدو برقرار رکيو، ان وقت سيوهڻ اُچ جي حڪومت هيٺ هو. خلجي دور 695هه /1295ع ۾ علاء الدين خلجي (محمد شاهه) پنهنجي چاچي ۽ سهري جلال الدين فيروز خلجيءَ کي قتل ڪري، دهليءَ جو باشاهه مقرر ٿيو. جنهن نصرت خان ۽ الخ خان کي سيوهڻ، ملتان، اُچ ۽ بکر پرڳڻن لاءِ گورنر مقرر ڪيو. تغلق دور ۾ محمد شاهه تغلق 2 مهينا دهليءَ مان اچي سيوهڻ رهيو، جنهن سيوهڻ جو تخت گاهه ختم ڪري ڇڏيو، هن سيوهڻ لاءِ راجا رتن جاڙيجي کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو، راجا رتن سيوهڻ جو رهاڪو هو.
    مشهور سياح ابنِ بطوطا 734هه/ 1333ع تي سيوهڻ پهتو، جنهن لکيو آهي ته سنڌ ۾ ’سيوستان‘ نالي شهر موجود آهي. مان سيوهڻ آيس، مون ماڻهن جون منڍيون ٽنگيل ڏٺيون. مان ڊپ ۾ مسجد جي ڇت تي رهيس.
    تغلقن کان پوءِ ڄام انڙ سيوهڻ تي حملو ڪيون ملڪ رتن کي ماري. سيوهڻ قلعي تي قبضو ڪيائين ۽ حڪمران ٿيو. سومرا دور اٽڪل ٽي سو پنجاهه سال رهيو هو. 443هه کان 1051ع کان 752هه 1351ع تائين هو. سومرن جي حڪومت ان وقت سيوهڻ کان لاڙ تائين هئي. سيوهڻ کان اتر مٿي تائين تغلقن جي حڪومت هئي. اِن دور ۾ قلندر لعل شهباز سيوهڻ پهتو هو. سومرن جي حڪومت ڪمزور ٿي ته سمن زور ورتو 734هه /1333ع ۾ سيوهڻ ۾ اونار/ انڙ کي پنهنجو اڳواڻ بنائي، ان کي ڄام جو لقب ڏنئون، سومرن جي (آرميل) همير کي قتل ڪري حڪومت تي قبضو ڪيائون ۽ نئين حڪومت جو بنياد وڌائون. ڄام فيروز جي شڪست کان پوءِ سنڌ ارغونن جي هٿ هيٺ هلي وئي، ارغونن کان پوءِ سيوهڻ ترخانن جي قبضي هيٺ اچي ويو. جڏهن ترخانن جي حڪومت ختم ٿي ته سيوهڻ مغل سلطنت جي حڪومت هيٺ اچي ويو. مغل حڪومت ماڻهن تي وڏا ظلم ڪيا. ماڻهن کان بيگاري ڪم، جبري محصول جي اوڳاڙي، غير قانوني محصول، سرڪاري اهلڪارن ۽ عملدارن طرفان منظم ڪيل ڦرلٽ ۽ چوريون، عوامي ملڪيتن تي قبضا ۽ جانورن تي غير قانوني قبضو، اچ وڃ وارن رستن تي تباهي ۽ بربادي، واهن جي کوٽائي نه ٿيڻ، وڌيڪ ڍلن جو وٺڻ، مختلف قبيلن جي ماڻهن کي قيد رکڻ بنا سبب جي، مرزا يوسف بيگ ۽ مرزا احمد بيگ ماڻهن کي سيوهڻ جي قلعي ڀرسان ڪوڙا هڻندا هئا. مغلن کان پوءِ سيوهڻ ۾ ڪلهوڙن حڪومت هلائي. سندن حڪومت جي شروعات ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان ٿي. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن حڪومت ڪئي، اصل ۾ ٽالپر بلوچ آهن. 1259هه/ 1843ع ۾ انگريزن ٽالپرن کي شڪست ڏئي، حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ سيوهڻ کي ڊپٽي ضلعي جي حيثيت ڏنائون. 1947ع ۾ سيوهڻ سنڌ صوبي ۾ شامل هئڻ ڪري، پاڪستان سرڪار جي حڪومت سان ڳنڍجي ويو.

    قلندر لعل شهباز
    مخدوم قلندر لعل شهباز مروندي ولد ڪبير الدين (لقب) سيد ابراهيم جو جنم 538هه/ 1143ع تي ”مروند“ ۾ ٿيو، بعد ۾ سيوهڻ شريف (سيوستان) ۾ اچي رهيو. پاڻ حافظ قرآن، جيد عالم، صرف نحو جو ماهر، عظيم شاعر ۽ مصنف هو. سندس اصل نالو ”عثمان“ آهي.(3) سندس شجرو هن ريت ملي ٿو:
    سيد عثمان مروندي ولد ڪبيرالدين (لقب سيد ابراهيم) ولد شمس الدين ولد سيد نور شاهه ولد سيد محمود شاهه ولد سيد احمد شاهه ولد سيد هادي شاهه ولد سيد مهدي شاهه ولد سيد منتخب شاهه، ولد سيد غالب شاهه ولد سيد منصور شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه ولد سيد امام جعفر رضي الله.
    ڪتابن ۾ اچي ٿو ته ”مروند“ آذربائيجان ۽ تبريز ڏانهن اقليم پنجين ۾ آهي ۽ مروند ۾ سندس ولد سيد ڪبير الدين جو مقبرو زيارت گاهه عوام لاءِ آهي. ٻي روايت آهي قلندر لعل شهباز جي والد موجوده عراق ۾ ڪربلا معليٰ دروازي تي ابراهيم جوابي جي مزار آهي. قلندر لعل شهباز بابا ابراهيم جو مريد هو. حضرت ابراهيم، مريد شاهه جمال مجرد جو هو. قلندر لعل شهباز جا ٽي گهاٽا دوست هئا، انهن سان خاص ڪچهريون ڪندو هو اهي هئا:
    1. بابا فريد الدين گنج شڪر پاڪ پٽڻ وارو.
    2. غوث بهاءُالحق ذڪريا ملتاني.
    3. سيد جلال الدين سرخ بخاري اچ وارو.

    قلندر لعل شهباز جا مشهور مريد ۽ فيض حاصل ڪندڙ بزرگ
    1. حضرت مخدوم بلاول (ٽلٽي)
    2. حضرت ميان مير (لاهور)
    3. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (ڀٽ شاهه)
    4. حضرت قادر بخش بيدل (روهڙي)
    5. خوش خير محمد فقير هيسباڻي
    6. محمد حسن عرف بيڪس سائين (روهڙي)
    7. سيد ناٿن شاهه (لڪي شاهه صدر جو رهاڪو)
    8. لعل موسيٰ (ٺٽي جو رهاڪو)
    9. نبن فقير (ڳڙهي ياسين وارو)
    10. پير صلاح الدين (ڪوٽڙيءَ وارو)
    11. حاڪم شاهه (پٽ وارو)
    12. سيد محمد شاهه (مٽياري)
    13. حاجي غلام نبي مهيسر (ميهڙ وارو)
    انهن کان سواءِ وڏا وڏا عالم، بزرگ، مولوي، استاد، شاعر، اديب، سياح، زاهد، عابد، فنڪار، آرٽسٽ، ليکڪ، ذاڪر ديني عالم، بادشاھه، وزير درگاهه قلندر شهباز جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن. سندس مريدن جو وڏو تعداد آهي، عقيدتمند پوري پاڪستان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن مان به اچن ٿا. قلندر لعل شهباز جا فيض حاصل ڪندڙ ٻيا به ڪيئي مشهور بزرگ آهن.

    قلندر لعل شهباز جا ڪتاب
    1. ميزان صرف
    2. عقد (عقود التعليات) فارسي
    3. اجناس
    4. صرف صغير
    ’ميزان صرف‘ مولانا عبدالحئي ايڊٽ ڪري ڇپايو آهي. ’عقد‘ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو آهي. ٻئي ڪتاب اڳ مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا. عقد ۾ صرف نحو تي بحث ڪيو ويو آهي.

    قلندر لعل شهباز جي روضي جي اڏاوت
    قلندر لعل شهباز جي وزير سيد علي سرمست 674هه ۾ قلندر لعل جي تربت تي ڇٽي ٺهرائي، جيڪا هن وقت صحن ۾ موجود نه آهي. پهرين مقبري جو قبو ملڪ اختيار الدين سيوهڻ جي گورنر ٺهرايو هو. جڏهن فيروز الدين تغلق هندستان جو حڪمران هو. مرزا جاني بيگ شهنشاهه اڪبر جي دور ۾ درگاهه جي توسيع ڪرائي ۽ صحن ۾ سنگ مرمر جي پٿر سان فرشبندي ڪرائي. نواب ديندار خان گورنر شهنشاهه شاهجهان جي دور ۾ ٻاهريون دروازو ۽ درگاهه جي ٻاهران مسجد ٺهرائي. ان کان علاوه سيوهڻ شهر ۾ ڇُٽي آمراڻي ۽ جمن جتي ستيءَ جا عاليشان مقبرا تعمير ڪرايائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي (وزير اعظم پاڪستان) 1977ع سونو دروازو (جيڪو ان کي ايران مان تحفي طور مليو) لڳرايو. روضو قديم هئڻ ڪري 1993ع ۾ قلندر لعل شهابز جو روضو شهيد ٿي ويو (ڪِري پيو). بعد ۾ وزير اعظم پاڪستان شهيد بينظير ڀٽو 1994ع ۾ درگاهه جي سڌاري واڌاري ۽ نئين گنبذ جو بنياد رکيو.

    قلندر لعل شهباز جو عرس ۽ ميندي
    قلندر لعل شهباز جو عرس سيد سرمست سندس وڏي خليفي (وزير) پهريون عرس 18 شعبان 651 ۾ ملهايو هو اهو عرس اُن وقت کان هن وقت تائين جاري رهندو اچي، جيڪو هاڻي 18، 19، 20 شعبان تي ملهايو ويندو آهي. ٽئي ڏينهن ميندي جي رسم پڻ ٿيندي آهي. قلندر لعل شهباز ڪيترن ئي ملڪن جا سفر پڻ ڪيا هئا، عراق انڊيا ايران کان ٿيندو آخري ڏهاڙن ۾ سيوهڻ شريف ۾ اچي رهيو هو. سندس وفات 650هه: 1252ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي هئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

    قلندر لعل شهباز جي شاعري
    زعشق دوست هر ساعت، درون نار مي رقصم،
    گهي بر خاڪ مي غلطم گهي برخار مي رقصم.
    ترجمو: دوست جي عشق ۾ هر گهڙي باهه جي مچ ۾ پچي رهيو آهيان، ڪڏهن مٽيءَ ۾ ليٿڙيون ٿو پايان ته ڪڏهن وري ڪنڊن تي نچي رهيو آهيان.
    بيا اي مطربِ ساقي! سماع شوق لا درده،
    ڪه من در شاديء و صلش، قلندر وار مي رقصم.
    ترجمو: اي ساز وڄائڻ وارا ساقي اچ! ۽ دل ۾ راڳ ٻڌڻ وارو شوق ڏي، ڇاڪاڻ ته آءٌ ميلاپ جي خوشيءَ ۾ مست قلندر بڻجي نچي رهيو آهيان.
    شدم بدنام در عشقش بيا اي پارسا هم بين،
    نمي ترسم ز رُسوائي، سرِ بازار مي رقصم.
    ترجمو: محبوب جي عشق ۾ بدنام بڻجي ويو آهيان، اي نيڪ پرهيزگار! تون به اچي ڏس خواري ۽ بڇڙائيءَ کان نه ٿو ڊڄان وچ بزار ۾ نچي رهيو آهيان.
    مرا مخلوق مي گويد، چندان چه مي رقصم،
    بدل دراريم اسراري، ازان اسرار مي رقصم.
    ترجمو: مون کي ماڻهون چون ٿا اي فقير! ايترو ڇا لاءِ نچي رهيو آهين؟ کين جواب ڏيان ٿو ته ڪنهن اسرار خاطر نچان ٿو.
    اگر صوفي شده يارم، بيا تاخرقه اي پوشم،
    اگر زنار بر بستند، دران زنار مي رقصم.
    ترجمو: جيڪڏهن صوفي آهين ته منهنجو يار آهين، اچ ته توکي صوفين واري گودڙي پهرين، پر جيڪڏهن جوڳي بڻجي جڻيا پائين ته مان انهيءَ ويس ۾ نچي رهيو آهيان.
    من آن دُرم ڪه در بحر جلا الله بود استم،
    بڪوءِ طور با موسيٰ ڪَليم الله بود استم.
    ترجمو: مان اهو موتي آهيان جيڪو الله تعاليٰ جي جلال واري دريا ۾ موجود آهيان طور سينا جي جبل تي حضرت موسيٰ ڪليم الله سان آءٌ گڏ بيٺو هئس.
    آيا ملا! مَڪُن ظاهر، سرا اسرار مردان را،
    نمي داني نه دانستي، ڪه سر الله بود استم.
    ترجمو: اڙي ملان! مڙسن جي رازن وارين ڳالهين کي ظاهر نه ڪر، تون نه ٿو ڄاڻين ۽ نه ڪي ڄاڻين سگهين ٿو ته مان الله تعاليٰ جو هڪ ڳجهه آهيان.
    آيا عثمان مروندي! چرامستي درين عالم،
    بجز مستي و مدهوشي، دگر چيزي نه دانستم.
    ترجمو: اي عثمان مروندي! هن جهان ۾ ڇا جي ڪري مست آهين؟ جواب ڏيان ٿو ته سواءِ مستي ۽ مدهوشي جي آئون ٻي ڪا به ڳالهه نه ٿو ڄاڻان. 

    مددي ڪتاب

    1. ايم ايڇ پنهور ”پيرائتي سنڌ ڪٿا“ عمر سومرو اڪيڊي، ڪراچي 2011ع.
    2. ٻرڙو خير محمد سيوهاڻي ”سيوهڻ صين کان“ مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع.
    3. مير حاجن مير سيوهڻ جون ادبي شخصيتون سچائي اشاعت گهر دڙو، حيدرآباد 2014ع
    4. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2004ع.
    5. يادگار قلندر مرتب انور ساگر ڪانڌڙو،
    6. تاريخ مظهر شاهجهاني ”يوسف ميرڪ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.


    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ بهادري ۽ سورهيائيءَ جو تصور

    انسان جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي، اُن وقت کان ان ۾ فطري بهادري، جرئتمندي ۽ جستجو موجود رهي آهي. سنڌي ماڻهن هر دور ۾ پنهنجي بهادري ۽ سورهيائيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. سڪندر مقدونيءَ سان ويڙهه کان پوءِ عربن ڪيتريون ئي شروعاتي جنگيون سنڌ وارن سان لڙيون. محمد بن قاسم سان راجا ڏاهر جي جنگ، سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿي ۽ راجا ڏاهر کي سرخرو ڪري بيهاري ٿي. سومرن جي دور ۾ دودي سومري ۽ علاءُ الدين جي جنگ، سنڌ جي ماڻهن جي سورهيائيءَ جو ثبوت ڏئي ٿي.
    مريد خان بلوچ جو مرزا محمد صالح ترخان کي مارڻ، انڙپور واري جنگ، مغلن ۽ چنن جي جنگ، جهوڪ واري جنگ، (صوفي شاهه عنايت جي) ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ مير عبدالله خان جي جنگ، آجڻي واري جنگ، ڪرنين واري جنگ، مڪلي جي پهرين جنگ، جوکين ۽ لاشارين جي جنگ، مير فتح علي خان جي تيمور شاهه جي ڪابلي لشڪر تي چڙهائي، کرڙيءَ واري جنگ، ڪلي واري ٻي جنگ، سنڌ جي لشڪر جي انگريزن جي ڪئمپ تي ڪاهه، مياڻيءَ جي جنگ، دوآٻي جي جنگ حرن جون انگريزن خلاف بغاوتون ۽ جنگيون، ميانوال تحريڪ ۽ بلاولي تحريڪ سنڌي ماڻهن جي بهادريءَ جا ثبوت آهن.
    مٿين جنگين جو بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته، سنڌ جو ماڻهو هر دور ۾ بهادري، سورهيائي ۽ جرئتمنديءَ سان جنگ لڙيو آهي. جنگ کٽڻ يا هارڻ جا اسباب الڳ الڳ هوندا آهن. سنڌ جي ماڻهن جنهن ديده دليريءَ سان پنهنجي جرئتمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي، ان جي تاريخ گواهه آهي.
    جنگ جو مقصد رڳو وڙهڻ نه آهي. انسان هر دور ۾ جيئڻ جي جنگ وڙهندو پيو آيو آهي. حقن جي حاصلات لاءِ جنگ، بهادريءَ سان زندگي گذارڻ انسان جي عبادت رهي آهي. شاعرن هميشه دليرن کي همٿايو ۽ ڳايو آهي.
    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ وطنيت، قوميت، جدوجهد، شجاعت، صداقت، جرئتمندي، بهادري، سورهيائي، انساني قدرن جي ڳالهه، حوصلي ۽ همٿ جو اهڃاڻ آهي. شاهه لطيف مرد توڙي عورت جي بهادري، سورهيائي اهڙي نموني پيش ڪئي آهي، جو اُھي تاريخي ڪردار جيئرا جاڳندا ٿي پيا آهن لطيف ساهه، ويساهه ۽ اتساهه ڏيندڙ شاعر آهي. آس، اميد ادراڪ، فهم ۽ فڪر ڏيندڙ شاعر آهي. لطيف جو هر سر حوصلي ۽ سورهيائيءَ سان ڀريو پيو آهي. لطيف همت هارڻ بدران جيئڻ جي جدوجهد جو چوي ٿو.
    آيل آُن نه وسَهان، هنجون جي هارين،
    آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين،
    سڄڻ جي سارين، سي نه ڪي رون نه چون ڪي.
    (سر يمن ڪلياڻ)
    مارئيءَ جي زندگيءَ جي جستجو ۽ اهڃاڻ، ڀٽائيءَ بي نظير ڪري پيش ڪيا آهن. جيڪا پنهنجي وطن ۽ پنهنجي عزيزن سان سچائيءَ ۾ جدوجهد ڪري ٿي. ان سورميءَ جو ڪردار ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو اعليٰ مثال آهي. مارئي ڏکن ڏاکڙن ۾ زندگي گهاري ٿي، پر طعام، وهاڻا، طول، هار، سينگار اڇلي ڇڏي ٿي، پنهنجي ضمير کي زندهه رکي وفا جا وچن ڪري ٿي پنهنجي بهادري ۽ سورهيائي ۾ چوي ٿي:
    وَرَ سي وطن ڄائيون، صحرا سَتر جِن!
    گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اَباڻن،
    ويڙهيا گهُمن ولين، جهانگي منجهه جهنگن،
    مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳَڻائي سيجَ ۾!
    مارئيءَ جي ڪردار کي لطيف سرڪار همٿ ۽ جرئتمنديءَ وارو ڪري پيش ڪيو آهي. سهڻو ٿي پيو آهي، سچائيءَ سان ڀريو پيو آهي، سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ لکي ٿو:
    ”سٺو شاعر عام تجربن جي جاکوڙ ۾ هوندو آهي. جڏهن ته وڏو شاعر تخيل ۽ احساس کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ سان گڏوگڏ ذهنن کي پڻ متحرڪ بڻائڻ لاءِ ووڙيندو آهي.(1)“ لطيف آفاقي شاعر آهي، ذهنن کي متحرڪ بڻائي ٿو.
    ڳِچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون ۽ زَنجير،
    پيڪڙا پيرن ۾، ڪوٺِينُ اَندر ڪيرَ،
    چاري چؤ گاننِ ۾، واهيت ڪن وزير،
    ڇَنِ نه ڇَڄي آهيان، اَهڙي سِٽ سريرَ،
    مارو ڄام مَلير، پُڇج ڪي پنوهار کي.
    مارئيءَ کي لوهه جا ڪڙا زنجيرون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون پيون آهن پوءِ به هوءَ همٿ هارڻ بجاءِ مارن جي لاءِ اتساهه واري ڳالهه ڪري ٿي.
    ارسطو چيو ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي“
    ”شيلي پنهنجي مضمون (Defiance of poetry) ۾ لکي ٿو: (The poet is the un acknowledged legislator of mankind) ”يعني جيڪي ڪجهه اڄ لکي ٿو سا اڄ جي شاعري آهي پر سڀاڻ اُها قانون بڻجي ويندي.“ جنهن جو مقصد اهو آهي. اها شاعري اوهان جي حقن جي ڳالهه ڪندي. اوهان سان گڏ هوندي، اوهان جو ساٿ ڏيندي، اوهان جي رهبري ڪندي اوهان جي احساسن جو ڀرم رکندي. اُها قانون (حق) جو ڪم ڏيندي.
    لطيف سرڪار اهڙو ئي شاعر آهي، جيڪو صديون گذرڻ باوجود به هو اسان سان گڏ آهي ۽ اسان سان صديون اڳتي به گڏ هلندو. جنهن جو سفر طويل آهي. انساني سورهيائي آهي. جستجو سان جيئڻ جو لطيف چوي ٿو.
    ٽيئي پرچيا پاڻ ۾ تند ڪٽارو ڪنڌ
    *
    آئون ڪيئن سوَڙين سمهان، مون وَر گهاري ولهه.
    *
    ڇنل ڇڄ هٿن ۾ ڪلهن ڪوڏارا.
    *
    هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
    وجهن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾.
    لطيف سرڪار سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن بهادري جرئتمندي، سورهيائي، جستجو ۽ انصاف جي ڳالهه اعليٰ نموني سان ڪئي آهي. سندس فن، فڪر جو فهم، ادراڪ اونهو ۽ عميق آهي. جنهن کي سمجهڻ پرکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ سٺي ذهن جي ضرورت محسوس ٿيندي پئي رهي آهي.
    ”شاهه جي نظر ۾ سورهيه اُهو آهي، جو ويڙهه، يا ڪٽڪ ۾ بنا ڪنهن وسوسي يا ھٻڪ جي، ڪاهي ٿو پوي. نه زرهه ٿو بت تي پهري، نه پنهنجي بچاءَ ۾ ڍال اڳيان ٿو ڍاري. هو سرجو سانگو لاهي نيزي ۽ تلوار جو مارو ڪندو ٿو اچي. سواءِ ويڙهه جي ٻيو ڪو به ويچار اندر ۾ نه ٿو اچيس سچو سورهه اهو آهي.“ (2)
    ڪلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،
    اَڃا اُن کي جيئڻ جو، اسانگو آهي،
    سورهه سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گهري.
    *
    سورهه! مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
    (سر ڪيڏارو)
    لطيف جي شاعري جذبن، خيالن، ذهنن، احساسن کي متحرڪ ڪرڻ جو فن رکي ٿي. لطيف جو فڪر، اهو آھي، جو پئي پراڻو نه ٿو ٿئي. اتساهه ۽ ويساهه ڏيندڙ آهي. پراڻي دور ۾ عورت کي حقير، ڪمزور، نٻل ڏيکاريو ويو آهي. لطيف عورت جي ڪمزوريءَ جي نفي ڪري ٿو. هن معاشرتي نظام ۾ هاڻ دنيا گلوبل وليج ٿي وئي آهي. هن جديد دور ۾ دنيا هڪ ڳوٺ ٿي وئي آهي. ان هوندي به عورتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم، ناانصافي ۽ سندن حقن جي لتاڙ ٿيندي رهي ٿي. سڌريل ملڪن ۾ عورت کي ڪجهه حق حاصل آهن پر الله في ملڪ ۾ عورت کي گهر جي اندر ئي رهڻو پوي ٿو. سندن حقن کي پائمال ڪرڻ، جنسي تشدد ڪرڻ، تعليم نه ڏيارڻ، مردن جو عورتن مٿان هاوي هئڻ، ٻهراڙي ۾ عورتن کان زمين جو ڪم ڪرائڻ. لطيف ان دور ۾ ئي عورتن جي حمايت ڪئي هئي ۽ انهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي هئي. لطيف سسئي، سهڻي، مارئي، مومل ۽ ٻين عورتن کي بهادر ڪري پيش ڪيو آهي. سندن بهادريءَ کي امر بڻايو آهي. سندس فڪر آهي ته: عورت هيڪلي هوندي به همٿ نه ٿي هاري، توڙي پير پٿون ٿا ٿينس، هٿ لهو لهان ٿا ٿينس، پوءِ به هوءَ پنهنجي سچائيءَ سان جبل ٿي جهاڳي ۽ رڻ جي راهي آهي.
    واءَ! وڃاءِ مَ سو، پُٺيءَ جنهن پنڌ ڪريان،
    ڇٽا ڇَپَر پرينءَ جو، پيرُ پرنيان تو،
    بر ۾ بورائو جو، سو لڳي متان لٽئين.
    (سر سسئي)
    اي واءُ! جن پيرن جي نيشانن تي لڳي سفر پئي ڪريان، سي ڊاهي گم نه ڪري ڇڏ، اي طوفان! ڏونگرن ۾ پرين جو نشان توکي سونپيان ٿي سو رڻ ۾ منهنجو سونهون آهي... سو لڳي لٽي نه ڇڏ. سسئي اڪيلي سر بهادري ۽ جرئتمنديءَ جو اعليٰ مثال آهي. لطيف به ان سورهيائيءَ کي ڳائي ٿو، لطيف گهڻ رخو فنڪار آهي. لطيف سسئيءَ جي سونهن، عشق، همٿ، حوصلو، فراخدلي، جذبو جمال، جاکوڙ، جاڳ، جستجو فن جي ڪماليت سان پيش ڪئي آهي.
    مَرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه ماتُ،
    هوندا سي حياتُ جيئڻا اَڳي جي جئا.
    (سر سسئي)
    لطيف چوي ٿو جيڪي حوصلو بهادري همٿ رکن ٿا، سي مرڻا نه آهن، اُهي مري به جيئندا آهن، تن جو مرڻ به زنده هوندو آهي. ڏک، مشڪلاتون، تڪليفون اُهي زندگي جو حصو هونديون آهن پر دل هاري نه ويهجي.
    جيئن سهڻي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪچو گهڙو کڻي اڪيلي سر نڪري پئي ٿي. سهڻي پنهنجي حوصلي ۾ بلند آهي، سچائيءَ جو جذبو گڏ اٿس. همته جي هماليه آهي درياهه جي دهشت هُن لاءِ ڪجهه به نه آهي پڪي ارادي سان نڪري ٿي، ان جاءِ تي ان کي پهچڻو آهي. جتي وڃڻ سندس روز جو معمول هو.
    ڪَنڌييءَ اڀيون ڪيتريون، ”ساهڙ ساهڙ“ ڪن،
    ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي ”گهوريس“ گهڙن،
    ساهڙ سندو تن، گها گهائي گهڙن جي.

    ڪچي ساڻ ڪهي، پڪو پڇي نه سهڻي،
    لنگهيو لڙ لطيف چئي، وڇارن وهي،
    سا ڪيئن نينهن نهي، جنهن کي نينهن نڌوکڻي.
    (سر سهڻي)
    جنهن کي بهاري حوصلو همٿ هجي اُها ڪچي يا پڪي گهڙي جو ڇو سوچي؟ سهڻي جا ارادا مضبوط آهن، سيني ۾ کير ٿر اٿس. لطيف هيڻن، ڪمزورن، هارين، مزدورن ۽ ماروئڙن جو ساٿ ٿو ڏئي. انهن جو ڀرجهلو ٿو ٿئي. موت کان نه ڊڄڻ جو سبق ٿو ڏئي، عاشق مرندا ناهن شهادت ماڻيندا آهن.
    ”شعر ۾ آوازن جو ترنم يار دم (Rhytham) ۽ صوتي حسن ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. اهڙين نعتن سان لطيف مالا مال آهي. خيال (Thought) جو تصور ڪهڪشائن کي پهچي ٿو. فني فڪري گهاڙيٽا هيئت اصلوڪا خوبصورت اٿس. فورڊ ميڊيڪس هيومر (Fard Madex Hueffer) چيو:
    ”شعر نالو آهي ناياب لفظن جي مجموعي جو“
    لطيف جي فن جون حسناڪيون منفرد ۽ اعليٰ پايي جون آهن جيڪي پوپٽن جهڙيون حسين خوبصورت آهن. لطيف جو فڪر هر دور ۾ هڪ جهڙو آهي. پروقار ۽ دليراڻو آهي.
    ڀَڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان؛
    ڪانڌ مُنهن ۾ ڌَڪڙا، سيڪندي سُونهان
    ته پڻ لَڄَ مران، جي هُونس پُٺ ۾.
    (سر ڪيڏارو)

    شاهه صاحب نه صرف شاعر آهي، بلڪه هو اهڙو ڏاهو ۽ سونهون آهي جيڪو قدم قدم تي ڪردار سان گڏ هلندو رهي ٿو. اهو ڪردار اهڙي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو جو لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ٿي وڃي. لطيف جذبن کي جلا بخشيندڙ شاعر آهي. شعر پڙهڻ سان ذهن طاقتور ٿي پوي ٿو. مومل جا عاشق بهادر هيا، سر ڏنائون موٽ نه کاڌائون ڀٽائي چوي ٿو. اُنهن عاشقن جو قبرون ٺهي ويون، پر پوئتي نه هٽيا. ٻيو اڳيان مومل جو حسن به هيو.
    جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
    پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سجَ وڙاءُ،
    اچي ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارنِ ڪڪوريو.

    گجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون،
    هڻي حاڪمن کي، زور ڀريون زبرون،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
    (سر مومل)
    ڀٽائيءَ جو فڪر سماج لاءِ اتساهه جو ذريعو آهي. جيڪو هميشه شعور ڏيندو رهي ٿو، مدد ڪندو رهي ٿو. ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت ڏانهن روش جا ٻه مختلف دور معلوم ٿين ٿا، هڪ ان وقت جي دور جي جاگيرداري سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ ٻيو انهن قدرن کان هٽي، عورت جي خوداعتمادي ۽ خود اختياريءَ جي نمائندگي ٿو ڪري.“ (3)
    لڙ مَ لاڙائو ٿيو، هَلي ڪر هِمٿ،
    سڄ سامهون منهن ۾، متان ڪَرئين ڪٿ،
    سپيريان جي سٿ، ڳاڙهي سِڄ ڳالهه مِڙين.
    تون پاڻ نه پٺتي لڙ، سج ٿو لهي تون همٿ رکي اڳتي وڌ يا وڌندو رهه پنهنجي منزل تي پُڄ.
    لطيف مورڙي کي جاکوڙي ڪري پيش ڪيو آهي. مورڙو ته معذور آهي! پوءِ به هو، وير وٺن لاءِ ترسي نه ٿو، بهادر ٿي مقابلو ٿو ڪري. پنهنجي حوصلي ۽ سورهيائي سان پلاند ٿو وٺي.
    گهوريندي گهور پيا، اگهورِ گهوريائون،
    ميڪر ماريائون، ملاحن مُنهن سنرا.
    (سر گهاتو)
    لطيف جو شعر گهڻ معنائن وارو آهي، جوڳي سنياسي کاهوڙي لطيف جا معشوق آهن،
    مون سي ڏٺا ماءِ! جنين ڏٺو پرين کي،
    رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سنديءَ جاءِ،
    تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تارِ ۾.
    (سر کاهوڙي)
    اي امڙ! مون اهي فقير ڏٺا، جن سپرين جو ديدار ڪيو آهي، انهن ڪاملن وٽ هڪ رات گهاري اچجي، انهن جي سڃاڻپ هن اونهي ساگر ۾ ترهي (توڪل) جو سبق ٿي ڏئي، جذبو ٿي جاڳائي، جستجوءَ جي جاکوڙ ٿي ٿئي.
    ”سر سورٺ ۾ فن ۽ فنڪار اهم آهن. ٻيجل عام منگتو ناهي، هن کي پنهنجي فن تي ناز آهي. هو فن جي جذباتي اثر پذيريءَ سبب جو گهرڻ چاهي، وٺي سگهيو ٿي، پر جيئن ته هو عام فنڪار نه هو، هن جي اڳيان ڌن، دولت، تاج تخت بي معنيٰ هئا.“ راءِ ڏياچ بهادر ۽ سورهيه هيو ڊڄڻ وارو نه هيو، سر ڏنائين پاڻ کي امر ڪيائين.
    سؤ سِرَن پائي، جي تند برابر توريان،
    اُٽل اوڏانهن ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي،
    سَکِڻو هَڏُ آهي، سِر م سڃڻ ناهه ڪي.
    (سر سورٺ)

    مددي ڪتاب
    1. تاج بلوچ جديد ادب جو تجزيو سوجهرو پبليڪشن ڪراچي 2014ع صفحو 122 .
    2. شاھه جو رسالو ڪلياڻ آڏ واڻي روشني پبليڪشن ڪنڊايارو 1997ع صفحو 54 .
    3. تنوير عباسي ”شاھه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪشن ڪنڊ يارو 2000ع صفحو 78 .
    4. شاهه جي شاعري، شاھه جي رسالي ڪلياڻ آڏوئي واري رسالي تان ورتل .


    حضرت سچل سرمست جي مذهبي رواداري

    حضرت سچل سرمست پيار، محبت، انسان دوستي ۽ سچ جو شاعر آهي. ڪوڙ، دوکي، منافقي ۽ فريب جو مخالف آهي. سچل انسان پرست، غريبن اٻوجهن جي ڳالهه ڪندڙ شاعر آهي. دهشتگردي، انتها پسندي ۽ فرقيواريت جو انڪاري سچل ٽوڻن ڦيڻن، انسان دشمن ٺڳن، تعويذن ڌاڳن، جاھل مولوين، انڌن عقيدن ۽ جاهليت جي نفي ڪري ٿو.
    سچل سچ جي پاسي آهي. ”آڳاٽي زماني ۾ انسان جو پهريون ويساهه جادو (magic) منتر (Harms) ڏائڻين (Witches) ڀوتن، پرين ۽ قدرتي نظارن ۾ هوندو هو، تن ۾ هُن جو ويساهه هو. اهي ويساهه پوءِ روايتن طور هلندا رهيا ۽ انهن جي سمجهائڻ جو ڪم قبيلن جي داناءُ ماڻهن جو هوندو هو. جڏهن انسان ۾ سوچ وڌيڪ پيدا ٿي، ضرورتون وڌڻ لڳيون، تڏهن انهن قدرت جي قائم ڪيل حقيقتن، خيالن، راين، تعلقاتن کي معلوم ڪيو ۽ پرکيو. جيئن چيو ويندو هو ته جيڪڏهن چانڊوڪيءَ ۾ پوک ڪبي ته فصل ڀلو ٿيندو، جي اونداهين ۾ پوک ڪبي ته فصل سٺو نه ٿيندو. اهي سڀ بي سمجهيءَ جا عقيدا هئا. (1)
    عقل ۽ عقيدو جدا جدا شيون آهن، ڪي ماڻهو عقيدي جي تقليد ڪن ٿا، بنا ڇنڊ ڇاڻ جي عقيدي کي عقل جي ميزان ۾ تورجي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪجي بعد ۾ عقيدي کي اپنائڻ گهرجي. سچل عقل کي اڳيان رکي مذهب کي اپنايو آهي. سچل جي سيني ۾ عشق آهي، عشق ئي سچل کي منزل تي پڄايو آهي. عشق ئي راهه جو رهبر اٿس، مجازي عشق کي حقيقي عشق جي پل چيو ويندو آهي. سچو عشق ئي زندگي تبديل ڪري چڱائي ڏي وٺي وڃي ٿو. برين عادتن ۽ خرابين کان روڪي ٿو.
    سچل پنڌ عشق دا سچا، ٻيا ڪل پنڌ اجايا.
    سنڌ جو ناميارو محقق پير حسام الدين راشدي لکي ٿو:
    ”سچل مان سمجهان ٿو ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جي شاهه لطيف کان تمام گهڻو مٿي آهي. هن لحاظ کان مٿي آ ته شاهه پنهنجو پيغام فقط پاڻ تائين محدود رکي ٿو، پاڻ ئي ان جو شارح ۽ پاڻ ئي ان تي تڪميل ٿئي ٿي. ليڪن سچل پنهنجي زماني کان وٺي ويندي اڄ تائين ۽ مون کي يقين آ ته هن کان پوءِ به جيڪو سنڌي شاعري ڪندو اهو سچل جي پيغام کي اڳتي وڌائيندو.“ (2) سچل جو فڪر وسيع آهي. مختلف ڪيفيتن ۾ لکيو اٿس. هر شاعر جي لکڻ جو انداز الڳ هوندو آهي. سچل جو فڪر ٻين شاعرن تي به حاوي ٿيو آهي. روحل فقير به اهي رمزون ورتيون جيڪي سچل ورتيون هيون سچل چوي ٿو:
    نينهن واري نماز جو عشق ٿيو امام،
    نڪو اٿڻ نه ڪو ويهڻ نڪو آهي قيام،
    سجدو ۽ سلام، پنهنجو ڪيوسين پاڻ کي.
    روحل چوي ٿو:
    ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرين ابتا پير،
    هڪ هندو ٻيو مسلمان، ٽيو وچ وڌائون وير،
    انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
    پر روحل راهه پرين جي جان گهڙي ڏٺوسين گهير،
    ته رب مڙني ۾ هيڪڙو جنهن ۾ ڦند نه ڦير،
    سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبت الله ۾.
    سچل سجاڳي ۽ آزاد خيال ڏيندڙ شاعر آهي. ”سچل جهڙو آزاد خيال شاعر سنڌ ۾ ٻيو ڪونهي، ”سچو راهه ڪفر دي سانون مرشد آپ بتايا.“ ”دين ڪفر، اسلام ڇڏڻ درڪار“ هو محسوس ڪري ٿو ته ظاهري مذهبن پابندين جو ٻوساٽيندڙ قفس آهي جنهن ۾ زنده دل آزادي جو ڪوڏيو پکي پل به گهاري نه سگهندو.“ (3)
    ڏسو عشق جو انصاف
    سڀئي مذهب ڪيئن معاف
    مڪي جا وڻ مقصد ڪيهو
    ڪر اندر تن طواف
    وادي ۾ وحدت جي
    جُڙي لام نه ڪاف
    الا انسان سري واناسره
    غازين آهي غلاف.
    جوئي مذهب عشق جو
    سوئي آهي صاف
    ”سچو“ انهيءَ ڳالهه ۾
    خس نه آهي خلاف.
    سچل وڏو عاشق پرست هو، سچل سچو عاشق، هو لالچ کان پري نفرت جو مخالف، انسان جي چڱائي جو حامي ۽ پراين جي خلاف هيو. ”سچل حق پرست، اعليٰ دماغ، فراخ دل، همدرد انسان هو. اقتدار جو مخالف، دنڀ ۽ فريب جو دشمن آزاد خيال ۽ بي ڊپو شخص واجهه وجهي به ڳوليو نه لڀي. هن وقت هجي ها ته انقلابي بڻجي پوي ها. سندس صدق ۽ دل جي صفائي ۽ قربُ سنگدل کي موم بڻايو ڇڏي.“ (4) سچل بغض رکڻ وارو ناهي سچي دل سان سڀ ڪجهه چيو ڇڏي.
    مذهبن ملڪ ۾، ماڻهون منجهايا،
    شيخي پيريءَ، بزرگيءَ بيحد ڀلايا،
    ڪي نمازون پڙهن نوڙي، ڪن ممبر وسايا،
    اوڏا ڪين آيا عقل وارا عشق جي.
    *
    بزرگ شيخ مشائخ يارو، نا مخدوم ٿياسين،
    نڪي قاضي نڪي مُلا، معلم پير بڻياسين،
    نڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي، رنگ رساهه رکياسين،
    ”سچل“ ٻاجهو عشق الله جي، نه ڪوئي هنر سکياسين.
    سچل جي شاعريءَ ۾ مذهبي رواداري، عشق ۽ صوفيت نظر اچي ٿي. هو خاموش ويهندڙ شاعر ناهي حق ۽ سچ چوندڙ شاعر آهي. سندس شاعريءَ جا فڪري رخ وسيع آهن. جيڪي انسان ذات جا همدرد آهن. سچل عشق ۾ هر شيءِ ڇڏي ڏئي ٿو. ڳچي ۾ ڳارو وجهي منصور جي محبت ۾ گرفتار ٿو ٿئي.
    عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتوسين، عشق ڏنو اولارو،
    محبت مؤن منصور وجهايو، ڳچي جي وچ ڳارو.
    حضرت سچل سرمست مذهب جو انڪاري ناهي، سچل مذهب جي خراب روين ۽ غلط رسمن جو انڪاري آهي. تڏهن ته خود چوي ٿو.
    ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آئون جو ئي آهيان سوئي آهيان،

    ڪو مؤمن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاهل نالو ظاهر چوي
    ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آئون جو ئي آهيان سوئي آهيان.

    ڪو پنٿ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بهار بسنت چوي،
    ڪو ميراثي ڪلونت چوي، آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.

    ڪو مُلا چوي ڪو قاضي چوي ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي،
    ڪو روزيدار نمازي چوي، آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.

    ڪو رد چوي ڪو بد چوي ڪو بيديني بيحد چوي،
    ڪو مشرڪ ڀي ملحد چوي، آئون جو ئي آهيان سوئي آهيان.

    ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شر ڀريو شيطان چوي،
    ڪو بزرگ ڪو مستان چوي آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.

    ڪو خاص چوي ڪو عام چوي ڪو پختو ڪو خام چوي،
    ڪو ”سچو“ سچو نام چوي آئون جوئي آهيان سوئي آهيان.
    سچل چوي ٿو اوهان کي جو چوڻو آهي اهو چئو ملحد چئو، ڪافر چئو مسلمان يا مستان چئو، ملا چئو، قاضي چئو آئون جيڪو آهيان اهو ئي آهيان. سچل سرمست پنهنجي وقت جو بيباڪ شاعر آهي. هو جتي هر جاءِ جانب جو جلوو پسي ٿو، اتي هو مستيءَ واري حالت ۾ پاڻ کي حق چوڻ واري حجت به ڏاڍي بي ڊپائي مان ساري ٿو. سرمست جي ڪلام ۾ ان جا به ڪيترائي مثال موجود آهن. هو چئي ٿو ته مالڪ پاڻ آدم جو پوش پائي آيو آهي. ان لاءِ هو جٿي ڪٿي پاڻ آهي. هو ئي منصور آهي ته هو پاڻ ئي ان جي خلاف فتويٰ جاري ڪندڙ آهي. مطلب ته هر رنگ ۽ هر منظر ۾ ”حق“ پاڻ ئي موجود آهي. اها صوفين جي آخري منزل فنا جو حال آهي. فنا ۾ ئي سالڪ کي بقا حاصل ٿئي ٿي ۽ هو ان منزل تي خود حق جو پرتو بڻجي پوي ٿو. در حقيقت اها ئي اُها منزل آهي.“ (5)
    ڪن مڙيئي قتلام، پاڻ ڪريان جي پڌرو،
    جدا جماعت کان، آهيان پاڻ امام،
    دم نه اڳيون دين ٿيو، ڪفر نه ڪو اسلام،
    فارغ هو وڻ فرض ڪنون، سنت کي سلام،
    سچو آيو سچ ۾، ناهي حلال حرام.
    *
    نه ڪا مسجد تڪيو، نه ڪو ٽڪاڻو،
    تاتي ٿين ٿاڻو، جاتي ”مون“ ”تون“ ناهه ڪا.
    ”ڪلچر جو وجود انسان جي عملن تي دارومدار رکي ٿو. ان جي بقا ۽ مدد به ساڳي طريقي سان ٿي سگهي ٿي. ڪلچر کي سرشتي (System) ۾ آڻڻ واري شيءِ خود فطرت (Nature) آهي. جنهن ڪلچر کي عام طريقو (Comman way) يا (Gneral way) جوڙ جڪ (Structure) ۽ ڪارڪردگي (Behaviour) ڏنا آهن، ان جوڙ جڪ ۾ انساني جسماني جوڙ جڪ ۽ ان جون صلاحيتون موجود آهن.“ (6) سچل جي ميرن حڪمرانن سان عليڪ سليڪ هئي. سچل انهن جي تابع نه هو، ڇو ته ان کي لالچ ڪا نه هئي. سچل ان دور ۾ غلط رسمن، ڪوڙن ملن، پنڊتن، پادرين جي ڊوهي عملن کي رد ڪيو. انساني چڱائي ۽ انسانن جي حقن جي ڳالهه ڪئي. سچل فقيرن غريبن درويشن ۽ حقيرن جو شاعر آهي. سچل جي شاعري ۾ ٻه فلسفا عام آهن، هڪ عشق ۽ ٻيو مذهب، لطيف جو فڪر ڳوڙهو فڪر آهي ته سچل جو فڪر ۽ فلسفو عام ۽ آسان آهي. سچل جي شاعري سنڌي، سرائڪي، فارسي، اردو ۽ پنجابي ۽ ٻين ٻولين ۾ ملي ٿي. ”سچل سرمست جي شاعريءَ جو هڪ مکيه نقطو وحدانيت آهي، جنهن کي سمجهائڻ لاءِ هن جي شاعريءَ جو ڳچ حصو وحدانيت جي چوڌاري ڦري ٿو. سنڌي اساسي شاعرن ائين به وحدانيت / پاڻ سڃاڻڻ واري فلسفي جي گهڻي اپٽار ڪئي آهي، پر سچل سرمست انهن سمورن ۾ ٻين کان ڪجهه وڌيڪ اڳتي آهي. هو حق جو سچو عاشق آهي. ان ڪري هو ڪٿي به ”پاڻ کي“ ڪجهه به نه ٿو سجهي. بلڪ هن جي نظر ۾ اهو شرڪ آهي ته هن کي پاڻ کي جدا جدا سمجهي. سچل جي نظر ۾ خدا ۽ بندو هڪ آهي. (7)
    اول ڪفر پوءِ مڃڻ، پوءِ منجهه اسلام،
    مُلا سمجهين ڪين ڪي، تون محبوبن جي مام،
    ڪهج هي ڪلام، جيڪي ناقصئون نِگيا.
    سچل سرمست عشق جو امين شاعر آهي. فن ۽ فڪر ۾ عميق آهي، احساس ۽ جذبي جو سفير شاعر آهي: ”سچل سرمست جو فڪر انسان پر، انسان شناسي، خلوص سهپ، رواداري، امن، سُک ۽ شانتيءَ جو درس ڏئي ٿو. هو فرد جي شخصي احترام جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ فرقي پرستيءَ کي نندي ٿو. هن جي نظر ۾ انسان جو درجو اعليٰ آهي، تنهن ڪري انسان کي غصي، نفرت، ڪيني، حسد ۽ فرقي پرستيءَ جي بنياد تي سماج ۾ ڀڃ ڊاهه نه ڪرڻ گهرجي. بلڪه سچل سائين جي فڪر موجب انسان کي هن دنيا اندر پنهنجو مرتبو جيڪو هن کي شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه جي طفيل عطا ٿيو آهي، سڃاڻڻ گهرجي.(8)
    سچل جو پيغام ڏسنداسين ته اهو آسان آهي، گهڻو ڪو منجهيل نه آهي، سندس فڪر سمجهڻ ۾ آسان آهي. ”ڪو لرج شيڪسپيئر جي ڊرامن کي ذهن ۾ رکي چيو Willing suspension of dibbers life جو وجود آهي يعني پڙهندڙ پنهنجي غير يقيني ڪيفيت يا راءِ ۽ سوچ کي ٿورڙي دير لاءِ رضاڪارانه طور تي معطل ڪري آرٽ مان لطف وٺي ٿو پڙهندڙن ۾ پنهنجي راءِ کي معطل ڪرڻ جي جيتري صلاحيت هوندي اوترو ئي فن جي گهرائيءَ ۾ وڃي سگهجي ٿو ۽ ان مان مزو ماڻي سگهجي ٿو.“(9) مقصد پائي سگهجي ٿو، سڪون وٺي سگهجي ٿو، منزل تي پهچي سگهجي ٿو.
    ڪيڙو مست پرين جي، کڻي ناز مون کي،
    وسريو روزو، ناهي ياد نماز مون کي.

    شوق شراب پيان، پڙ وٽ راتو ڏينهان،
    ڪونهي وري قاضي مُلان جو ڪو لحاظ مون کي،

    نيڻن ننڊڙي حرام آهي، تان روز ازل،
    سرندو سوز سڄڻ جو آهي ساز مون کي.

    وائي وات ڪهائي مئيءَ کي جيڪا پرين،
    اچي وري ”هُو هُو“ پرين جو ٿو آواز مون کي،

    سچل مقصد سارو تون هي تون هي الله،
    ڏس ڪو راز پنهنجي جو ڪو نياز مون کي.
    حضرت سچل سرمست جو فڪر، فهم، ادراڪ ۽ خيال عام آهي. جيڪو هر ماڻهو آساني سان سمجهي سگهي ٿو. عشق جي جام پيئڻ جي تلقين ڪري ٿو.
    جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستوو مست مدام.




    حوالا ۽ مددي ڪتاب
    1. پٺاڻ، غلام حسين. تحقيق جو فن. سنڌي ساهت گهر 2007ع. ص8.
    2. راشدي، پير حسام الدين ساريم اڄ سنگهار سهيڙيندڙ سيما 2007ع. ص18.
    3. مورائي، رکيل مرتب سنڌ جو سرمست. ليکڪ اسانند مامتورا ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ 2009ع. ص 32.
    4. تيرٿ بسنت، سنڌ جو سرمست مرتب (رکيل مورائي) ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ 2009ع. ص 31.
    5. بخاري، مخمور. سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر. ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، 2015ع. 334.
    6. ٻوهيو، الهداد سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ2011ع صا 202 .
    7. بخاري، مخمور سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر. 2015ع. پبلشر نوٽ عبدالعزيز عقيلي صه 7.
    8. تنيو، گل محمد (مرتب) سچل جو ڪلام. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو2005ع.
    9. بيگ، مرزا علي قلي رسالو ميان سچل فقير جو. ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ2008ع.
    10. آغا، غلام نبي گل حسن خان صوفي سچل سرمست. ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ2015ع.
    11. بدوي، لطف الله ڪنڊڙي وارن جو ڪلام. سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو2006ع.


    سامي، مايا، ڪوڙ ۽ نفرت کي نندي ٿو

    سامي ويدانيت، صوفيت ۽ تصوف جو شاعر آهي. هي مايا، ڪوڙ ۽ نفرت کي نندي ٿو. انسانيت، محبت ۽ پيار جو درس ڏئي ٿو، ڪلفت ڪدورت ۽ ٻيائيءَ کي من مان صاف ڪرڻ جو چوي ٿو. سچ سونهن ۽ اخلاق جو راهي آهي، ساميءَ جا سلوڪ (شلوڪ) مختصر هوندي به هت چئن سٽن ۾ جامع ڳالهه ڪئي آهي. ڪائنات جو شعور پرکي حقيقت تي پهچڻ جو چوي ٿو. دنيا هڪ خواب آهي يا ڪجهه ڏينهن لاءِ مهمان گهر، هتي ڪيئن رهجي سامي ان ڳالهه کي واضح ڪري سمجهايو آهي ته ڪايا مايا جي پويان نه پئجي محبت وارو رستو اختيار ڪجي، جنهن ۾ انسانيت ۽ زندگي آهي.
    ”شاهه، سچل ۽ سامي پنهنجي سماج جا حساس ۽ سڄاڻ شاعر هئا. هنن کي اُن جي دک ۽ ان جي امنگ جي خبر هئي. هنن ان جي اُمنگ جي ترجماني ڪئي ۽ ان جي دک جو علاج تجويز ڪيو. سنڌي سماج کي هڪ آزاد ۽ باعزت سماج ٿي رهڻو هو. ان مان نفاق ۽ ٻيائيءَ کي ختم ٿيڻو هو. ان کي دوئيءَ جي بدران وحدت جي ضرورت هئي. ان ۾ پنهنجي اجتمائي وجود جو شعور پيدا ٿيڻو هو. ان ۾ فرد ۽ گروهه جي مفاد کي جماعت جي مفاد تي قربان ٿيڻ سکڻو هو. يعني اُن جي سڀني انفرادي غرضن کي گهٽجي هڪ گڏيل ۽ جامع غرض جي صورت وٺڻي هئي ته جيئن گهڻي گهڻا مفاد ۽ گهڻي ۾ گهڻيون خود پسنديون اُن ۾ سمائجي وڃن ۽ راضي ٿين ۽ نيٺ پنهنجو وجود اُن ۾ گم ڪري ڇڏين، ان جي بهتر شهرين ۾ فرض جو احساس جاڳڻو هو. جنهن کي وطن وستيءَ يا قوم لاءِ قربانيءَ جو جذبو چئبو آهي.“(1) سامي، مايا، ڪروڌ، کي ننديو آهي. مايا عارضي آهي انسان، انسانيت کي اهميت ڏئي.
    مايا ڀُلائي، وِڌو جيءَ ڀرم ۾،
    پاڻ پانهنجو پاڻ ۾، ويٺو وڃائي،
    اَڻَ هوندي درياءَ ۾، غوطا نِتُ کائي،
    منهن مڙهيءَ پائي، سامي ڏسي ڪينڪي.

    مايا جڳ ٺڳي، سامي سارو وس ڪيو،
    جن تي سايو سنت جو، تن کي ڪين لڳي،
    هو لنگهي وَرَ سراپ کون، پهتا پار اڳي،
    جتي جوت جڳي، اَٺ ئي پهر انيئي.

    انڌن ڏي آئي، مايا بڻجي موهڻي،
    ڦري ڪيائين ڦوڪ سڀ، ڏيئي وڏا ئي،
    سامي سُجاڳن کون، ڀڳي ڀئه کائي،
    ڪن شادي سدائي، ماتامي گُر گيات سان.
    سامي محبت جو شاعر آهي، ”جي ساميءَ کي مجاز ۾ پسجي ته هُن جي لفظن مان اهڙو تاثر ملي ٿو، جڏهن چوي ٿو ته آءُ ته پياريانءِ، ڀري پيالو پريم جو! هونئن سامي هڪ ويدانتي شاعر آهي. هو روحانيت جي باري ۾ واضح طور پنهنجا خيال ظاهر ڪري ٿو، مايا جي موهه کي نندي ٿو. اوديا جي اونهي کوهه مان نڪرڻ جي تلقين ڪري، ستگروءَ جي شرڌا رکڻ، اُن جي مهما ۽ پيروي لاءِ چوي ٿو. سندس سلوڪن کي جن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. اُهي بنيادي طور روحانيت جي تعليم بابت آهن. محبت، پريم ۽ عشق وغيره وارا عنوان به مالڪ جي حقيقي عشق بابت آهن. اڪثر سلوڪن جي ظاهر مضمون کي ڏسجي ته اُهي محبت ۽ مجاز جي مضمون ۾ آهن اُنهن ۾ سڄڻ جي سڪ جو بيان موجود آهي ۽ چوي ٿو.
    بنا سڪ سڄڻ جي، ڪنهن پاتو ڪينڪي،
    نڪري ڪيئن ڏهيءَ ري منجهون کير مکڻ،
    ڦل ورائي وڻ، سامي سُڃو سکڻون.(2)

    محبت جو مت، ڪامل آهي ڪهڙو،
    سَچُ ڄاڻن، سائينءَ کي، ڄاڻي جوٺ جڳت،
    سامي پڇ پرتيت سان، گورک، نادر دت،
    ڇڏي ويل وقت، لنگهي چڙهيا چِٽَ تي.

    دوست ڏني ديد، جنهن کي پرچي پانهنجي،
    مري ٿيا سي محبتي، سامي سڀ شهيد،
    حاضر رهن حضور ۾، ماهر مل خريد،
    اَٺَئي پهر عيد، ملي ڪن محبوب سان.
    سامي محبوب سان ملڻ ئي عيد سمجهي ٿو. محبوب سان ملڻ لاءِ سچو عشق ضروري آهي، سچو عشق ئي محبوب سان ملائيندو. محبوب سان ملڻ کان پوءِ ئي، زندگي مقصد ماڻي ٿي. سامي وٽ عشق اهم ئي آهي. ”هيڏو پريم ساگر، خوشيءَ ۽ اسان جو سامي ڀڳتي ۽ ست سنگ وسيلي سچي سائينءَ کي حاصل ڪرڻ جي پرارٿنا ڪري ٿو، تنهن وٽ مجاز به آهي. ان جو زبان ۽ بيان ۾ ڪن بابن ۾ ذڪر ملي ٿو. اڪثر هنڌن تي حقيقت جو اشارو به آهي. پر پريم، نيهي، عشق، عاشق، سڪ ۽ سهاڳڻ وارن بابن ۾ مجاز جا اشارا موجود آهن. اهڙن ڪجهه سلوڪن جي حوالي سان هيءَ ڳالهه بيان ڪرڻ گهران ٿو ته ساميءَ وٽ مجاز به آهي ته عشق به آهي.(3)
    عشق آسان نه ڄاڻ، سامي چيو ستگروءَ،
    مڇيءَ مرگهه ڀَنوَرَ کون، پڇي ڏس پَرماڻُ،
    ڏئو ڏسي نه رهي، پتنگ جلائي پاڻ،
    چَڪَويءَ جو چندر ساڻ، هميشه ئي هت رهي.

    اَچي عشق اُٺو، جاني تنهنجي جيءَ ۾،
    تنهن حالون بيحال ڪيو، وجهي پير پُٺو،
    گهلي ويو گمراهه ۾، پڇي ڪين ڪٺو،
    رهندين اَڃا رُٺو، ڪي ڪندين مهر مٺن تي؟
    سامي عاجزي نياز نوڙت سان هلڻ جي تلقين ڪري ٿو وڏائي خود خدا کي سُهين، هيٺائون هلڻ گهرجي.
    چارئي ٿا چون، هَلُ هيٺاهينءَ واٽڙي،
    مٿاهينءَ ۾ مامرو، ڌاڙا ڍير ڌون،
    متا توهي سا ڪن، مڏيءَ ڌڻي مامرو.
    سامي درد وندن جو شاعر آهي. ڏکن جي ماريل ظلمن جي ستايل جي همراهي ڪري ٿو.
    ڪريان ڪهڙو حال، دروندن جي دل جو،
    ڪُٺا ڪڇن ڪينڪي، لنولائي ٿيا لال،
    صدقي ڪيائون سڪ تون، سامي تن من مال،
    تن کي ڪوهه ڪريندو ڪال، جي مرڻ کان اڳي مئا.
    ”شاهه، سچل ۽ سامي عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻهو آهن. اهي سنڌي سماج جي هڪ وڏي بحراني دور جا پيداوار آهن. هو ذهني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقار آهن. هو پنهنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنهي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آهن. هو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقين آهن. هو مفڪر به شاعر به فنڪار به هئا. هو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنهنجي زندگي هڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ هڪ ئي آدرش جا فدائي هئا“(4) شاهه لطيف ۽ سامي جو فڪر هڪ جهڙو آهي.
    شاهه لطيف چوي ٿو:
    وحدت مان ڪثرت ڪثرت مان ٿي ڪل.
    ته سامي چوي ٿو:
    عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو،
    جتي ڏس نيڻ ڀري تتي پير ڀرن،
    اٿندي وهندي ننڊ ۾، سامي مليا رهن،
    اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا.
    لطيف چوي ٿو:
    عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
    فنا ڪيا فراق ته به آهه نه سلن عام سين.
    سامي،
    جيئن مڇي جَل ري، تيئن عاشق مرن عجيب ري،
    سچي سڪ اندر جي، ڪنهن کي سلن ڪين،
    سدا رهن لنو لين، سامي درس ديدار ۾.
    ”سامي ويدانت جو متي جو فقير هو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ اُهي نج ويدانت وارا اصول ڪم آندا اٿس، جن جو تصوف ۾ به ذڪر آهي ۽ ڪي تصوف وارا اصول به ڪم آندا اٿس جي سڀني صوفين عام طور پنهنجي ڪلام ۾ ڳايا آهن.“ (5)
    ”سنڌ جي سڀني وڏن شاعرن جي برعڪس ڀائي چئنراءِ جا بيت ۽ سلوڪ نه ڪي سنڌ جي قصن وانگر داستانن جي عام روايت سان وابسته آهن. (6) بلڪه ساميءَ جو پنهنجو خيال آهي، صرف مرشد جي ڳالهه ڪري، باقي مذهب جي ڳالهه نه ٿو ڪري جيئن اسان وٽ شاهه لطيف، سچل، لطف الله قادري مذهب جي ڳالهه ڪن ٿا.
    ساميءَ جو فڪر وسيع آهي، عشق محبت، ان جا اهم رڪن آهن ته ڪوڙ، منافقي، مايا، جو سخت مخالف آهي ۽ عشق ۾ عميق آهي. جيئن ڪو سمنڊ گهرو هجي ۽ ان جي اونهائي ماپي نه ٿي سگهجي. سندس پرين عشق ئي آهي.
    چڻنگ پيئي چولي، عجائب عشق جي،
    ده دس بيٺس، دوس کي، فڪر سان ڦولي،
    اچي چڙهيس اوچتي، حيرت هندولي،
    سامي سر اولي، سهجي مليا سپرين.
    *
    عاشق ڪوٺائين، ته صرفو ڇڏ سرير جو،
    ڏيئي ستگر کي، پير اڳي پائين،
    تڏي لنولائين، سامي سپرين سان.


    حوالا
    1. محمد ابراهيم جويو. شاهه، سچل، سامي. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2006ع، صفحو 66.
    2. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي تاريخ جلد 2، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد 2004ع صفحو 252.
    3. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي تاريخ جلد 2. حوالو اڳ آيل آهي صفحو 254.
    4. محمد ابراهيم جويو. شاهه، سچل، سامي. حوالو اڳ آيل آهي صفحو 28.
    5. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي تاريخ جلد 2. حوالو آيل آهي صفحو 240.
    6. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي تاريخ جلد 2 حوالو آيل آهي صفحو 243.
    7. سامي جا سلوڪ (مرتب) بي ايڇ ناگراڻي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007ع.
    8. شاهه جو رسالو ڪلياڻ آڏواڻي، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 1997ع.


    شيخ اياز جي جديديت جو فڪري جائزو

    سنڌي شاعريءَ جو ڪئنواس وسيع آهي. اتهاس جي ورقن جو حصو آهي. اساسي شاعري ثقافت، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جو مينار هوندي آهي. شاعريءَ ۾ مختلف صنفون ٿين ٿيون، اهي هر ديس (ملڪ) جي سڃاڻپ ٿي ويون آهن. جيئن غزل ايران ۽ عربستان، هائيڪو (Haiko) جاپان، ترائيل (Troilet) فرانس، آزاد نظم فرانس، دوهو هند، بيت ۽ وائي سنڌ جي پيداوار آهن.
    غزل کي سنڌي شاعرن پنهنجي ديس جو ويس پارائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هاڻي ڌارين خوشبو نه رهي آهي. جڏهن ته علم عروض اهو ئي استعمال ٿئي ٿو. ڇو ته علم عروض پيداوار عربن جي آهي. ترائيل کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ وارو شخص هري دلگير آهي.
    بيت سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي، اصلوڪي اساسي صنف آهي، ان ۾ وقت سان گڏ جدتون اينديون رهيون آهن. بيت سومرا دور (1050ع 1350ع) ۾ ڳاهه جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. سومرا دور جا شاعر سمنگ چارڻ، پير پٺو، ڀاڳو ڀان، مائي مرکان شيخڻ جا نالا ملن ٿا. سمادور (1351ع 1521ع) ۾ شاعر شيخ حماد جمالي وفات (700هه) نوهه هوٿياڻي، شيخ اسحاق آهنگر قاضي قادن (جنم 1463ع وفات 1551ع) ارغون، ترخان ۽ مغل دور (1521ع 1718ع) جا شاعر مخدوم پير محمد لکوي، مخدوم نوح. شاهه لطف الله قادري (جنم 1611ع وفات 1679ع) شاهه عنايت رضوي (جنم 1621ع وفات 1721ع)، جمن چارڻ (1628ع وفات 1738ع) ڪلهوڙا دور (1718ع 1783ع) جا شاعر مخدوم ابوالحسن سنڌي، (جنم 1616ع ۽ وفات 1715ع) مخدوم ضياء الدين (جنم 16177ع وفات 1757ع) مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1682ع وفات 1752ع) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (جنم 1689ع وفات 1752ع) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (جنم 1690ع وفات 1761ع.) مولوي عبدالخالق، مولوي محمد حسين خواجه محمد زمان لنواري وارو، روحل فقير، عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم عبدالله نرئي واور ۽ ٻيا شاعر ملن ٿا. ٽالپر دور (1783ع 1843ع) ۾ سچل سرمست (جنم 1739ع وفات 1829ع،) سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي (جنم 1740ع وفات 1810ع)، مراد فقير (1744ع ڌاري ڄائو وفات 1796ع)، سامي (1750ع وفات 1850ع) پير محمد راشد روضي ڌڻي (جنم 1756ع) صوفي دلپت راءِ (جنم 1777ع سيوهڻ ۾ ڄائو، وفات 1841ع حيدرآباد.) فقير عثمان سانگي، خليفو نبي بخش قاسم، خوش خير محمد فقير، فقير نانڪ يوسف، شاهو فقير، درياء خان فقير، حمل فقير ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اچي وڃن ٿا.
    سمنگ چارڻ، پير پٺو، ڀاڳو ڀان، مائي مرکان شيخڻ، شيخ حماد جمالي نوح هوٿياڻي، شيخ اسحاق آهنگر جو بيت روايتي بيت آهي. ”قاضي قادن جي ڪلام ۾ ”سنڌي بيت“ هيئت ۽ فن جي لحاظ کان تڪميلي صورت کي پهتو“.(1) ”قاضي قادن کي سنڌ جو پهريون بيت جو ڪلاسيڪل شاعر سڏيو وڃي ٿو.“ (2) قاضي قادن روايتي بيت کي پاسيرو ڪري ان کي نئين هيئت ڏني. شاهه لطف الله قادريءَ وري ڊگهن بيتن جو رواج وڌو.
    سنڌي بيت جي اوسر
    ”بيت سنڌي شاعريءَ جي اُها اعليٰ ۽ اصل صنف آهي، جيڪا سنڌ جي سچي سماج مان (سرجي) جنهن کي سڄاڻ چارڻن، ڀانن، ڀٽن ۽ سگهڙن پنهنجي سينن ۾ محفوظ ڪيو ۽ پوءِ هڪ نسل کان ٻي نسل تائين، ڳائي وڄائي پهچايو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌي بيت پنهنجي فني سٽاءَ موجب سلامت آهي، سنڌي بيت، سنڌ جي ماحول ۽ زماني جي فڪري اظهار جو ذريعو آهي. آڳاٽي وقت ۾ ڪي ڳاهون ڪن داستانن جو سينگار بڻيون، ڪي بيت وري مجازي محبت جا موتي بڻيا، ته ڪي وري سالڪن جي سلوڪ واري واٽ جا سڳنڌ ڀريا سرها گل ثابت ٿيا.“ (3)
    اوائلي بيت ڀٽن، ڀانن، چارڻن، مڱڻهارن، ڳاهن رجزن ۽ قصن طور ڳايو جيڪو لوڪ ادب ۾ شامل ٿيو. بيت جڏهن ڀٽن، ڀانن، چارڻن کان اڳتي وڌيو ته قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو شاهه عبداللطيف ۽ ٻين بيت کي امرتا بخشي ۽ شاعري جي هڪ اصلي صنف طور سڃاڻجڻ لڳو.
    ”فني لحاظ کان گهڻو ڪري بيت هندي دوهي ۽ سورٺي سان ملندڙ جلندڙ ٿين ٿا. اهڙي طرح ڪن بيتن ۾ دوهي جيان ٻن سٽن تي مشتمل قافيا ٻنهي سٽن جي پويان ٿين ته ڪي وري سورٺي جيان ٻنهي سٽن تي مشتمل ۽ قافيا ٻنهي سٽن جي وچ ۾ استعمال ٿيل هوندا آهن. اهڙي طرح بيت، سورٺي ۽ دوهي کان اڳتي وڌي ٻن سٽن جي قيد مان آجو ٿيو.“(4) قديم دور ۾ بيت گهٽ وڌ ماترائن تي جو لکيو ويو آهي اهو قبول ڪيو ويو آهي. اڳئين دور ۾ دوها بيت ۽ سورٺا بيت پڻ لکيا ويا آهن. بيت ماترائن تي ئي لکجي ٿو. جديد بيت 13+11 ماترائون يا 11+13 ماترائون جي فارميٽ تي لکيو وڃي ٿو، جديد بيت شيخ اياز کان شروع ٿئي ٿو. شيخ اياز جا همعصر ۽ ان کان پوءِ جا شاعر، ان ئي فارميٽ ۾ لکن ٿا ۽ ان ئي فارميٽ کي تسليم ڪن ٿا.

    جديد بيت
    جديد سنڌي بيت جو 20 صدي جي ڇوٿين ڏهاڪي ۾ بنياد پيو. جديد سنڌي شاعري جو باني ڪشنچند (بيوس) جنم 1885ع وفات 1947ع آهي. ڪشن چند بيوس جو ننڍڙو ڪتاب شيرين شعر 1937ع ۾ ڇپيو. ان وقت اڪيلو ”بيوس“ ئي هو، جيڪو عروضي شاعري جي وچ ۾ ان جي مضمونن کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هُن موضوع جي تبديلي آڻي، انفراديت قائم ڪئي. بيوس پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي، محسوس ڪيو ته غير وطني شين مان ڪجهه ورڻو سرڻو ناهي. (5)
    ”1944ع ڌاري سنڌي شاعرن مان ڪن اهو واضح طور محسوس ڪيو ته سنڌي شاعري جي جمود کي ٽوڙڻ کپي، اهي شاعر شيخ اياز، شيخ راز ۽ نارائڻ شيام هيا. جن آزاد نظم، گيت ۽ سانيٽ لکڻ جي ابتدا ڪئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ادبي حلقن ۾ جديد شاعري ۽ خاص طور آزاد نظم تي گهڻي ڏي وٺ ٿي، جديد شاعرن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. پر آهستي آهستي تنقيد جو طوفان ڍرو ٿي ويو. ڇو جو انهن شاعرن ۾ اهڙا شاعر به هئا. جن ماضي ۾ عروضي ۽ روايتي ڪلام به چيو هو. هنن کي جن بزرگن قبول نه ٿي ڪيو، تن وٽ دليل عروض ۽ ايراني اثر هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عروضي شاعر هن نئين طرز کي پنهنجو ڪري نه ٿي سگهيا ۽ هر نئون شاعر هن نئين گروهه ڏي ڇڪجي پئي آيو. جن، ڪڏهن ڪو تخليقي ڪارنامو انجام ڪو نه ڏنو هو ۽ ”ڪفر جو پوش“ ڪنهن نه ڪنهن شاعر تي پئي ڏنائون.“ (6)
    ڪشنچند بيوس کان پوءِ جيد سنڌي ٻوليءَ جو شاعر شيخ اياز ئي آهي. شيخ اياز جديد سنڌي شاعري کي محرڪ ڏيندڙ آهي اياز گيت غزل، وائي، بيت، نظم دوهو، ٽيڙو، ڏيڍڻو ۽ ٻين صنفن کي اوج بخشيو، جديد سنڌي شاعري جو مهاراجه، هيرو ۽ منهندار شاعر آهي. ان ڪارنامي ۾ شيخ اياز سان گڏ ان دور جا همعصر شاعر به آهن.
    شيخ اياز جديد سنڌي شاعري ۾ اُهي جدتون آنديون جن سان سنڌي شاعري ڪر کڻي بيهي رهي ۽ روايتي شاعر کي پٺيرو ڪري ڇڏيائين. جتي شيخ اياز سنڌي شاعري ۾ نوان تجربا ڪيا، اُتي ٻوليءَ ۾ نئين وستار آڻي سنڌي شاعر کي جلا بخشي. نوان خيال، نيون تشبيهون، نوان گهاڙيٽا نوان استعارا ۽ ڪنايا آندائين.
    فارسي شاعري جي اثر کان جان ڇڏايائين. شيخ اياز جي شاعري انسان ذات جي فڪري فلسفي جي لوچ سوچ آهي. شيخ اياز جو بيت احساس، جذبن، مزدورن، هارين، هيڻن، ڪمزورن، حقيرن ۽ هر انسان جي ڳالهه ڪري ٿو. شيخ اياز خود پنهنجي بيت بابت چئي ٿو:
    ”منهنجي بيت جي هيئت قديم شاعري جي بيت جهڙي آهي، باقي اُن جي موضوع ۾ جدت آهي. بيتن ۾ ڪم آندل ٻولي ٺيٺ سنڌي آهي، ڇو ته بيت جي ٻولي ۾ فارسي آميزيءَ جي گنجائش بلڪل نه آهي ۽ هندي آميزيءَ جي گنجائش به گهٽ آهي. بيت سنڌي زبان جي منفرد صنف سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻولي جي مقفيٰ شعر ۾، قافيه لفظ ائين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اِهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته اُن جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ سِٽ جي آخر ۾ نه ڪافيو آهي نه رديف، پر اُن جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي، ٻيءَ هر صنف سخن کان زياده آهي. اهو خيال غلط آهي ته سنڌي بيت ناموزون شعر آهي. جيتوڻيڪ اُن جو فارسي بحر وزن سان ڪوئي به تعلق نه آهي. بيت جي تقطيع به ايتري پختگي ۽ گرفت سان ٿي سگهي ٿي، جيتريءَ ٻيءَ ڪنهن صنف سخن جي ڪئي وڃي ٿي. دراصل سُٺي سنڌي بيت جي تخليق نهايت مشڪل آهي ۽ سٺو بيت اهو ئي لکي سگهي ٿو، جنهن کي روح ۾ رواني ۽ ٻولي تي بي انتها قدرت هجي سنڌي بيت الهامي شعر آهي، آيت آهي، مون سنڌي بيت کي تصوف ۽ روايتي شاعري جي ڍير مان ڪڍي اَڇو اُجرو ڪري نئين رنگ ۽ روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها ڪوشش ڪيستائين ڪامياب آهي اُن جو منصف مان نه آهيان. (7)
    پرين کي پهچاءِ، ڪانگا! منهنجون ماڻڪيون،
    جنهن جي سونهن سواءِ، ڏسان ته ڏوهي ٿيان.

    هي چوٽا، هي چهچٽا، ٻيهر ملندا ڇا،
    ٻيهر کِلندا ڇا، چپَ کير ولين وانگيان.

    جڏهن املتاس جا، ڇڻيا ڪالهه ڇُڳا،
    تنهنجا ڳل رُڳا، ڇو آيا سوچ ۾.

    سانجهيءَ سج لهي ويو، اِن کان ڪهڙي پوءِ!
    وَڃ نه پرين ووءِ، منهنجو جيءُ جهري پيو.

    ٻانهون گلن ٽاريون، ڳچيءَ ۾ پائي،
    ڇاتيءَ سان لائي، مون ۾ ڇُپيا سپرين.

    1. شيخ اياز جي بيت ۾ جدت.
    2. شيخ اياز جي بيت ۾ اکين جو ذڪر.
    3. شيخ اياز جي بيت ۾ جماليات.
    4. شيخ اياز جي بيت ۾ ڪيڏارو.
    5. شيخ اياز جي بيت ۾ عڪسي مشاهدو.
    6. شيخ اياز جي بيت ۾ رواني.
    7. شيخ اياز جي بيت ۾ تجنيسي حرفي.
    8. شيخ اياز جي بيت ۾ منظر نگاري.
    9. شيخ اياز جي بيت ۾ ٻولي جو حسن.
    10. شيخ اياز جي بيت ۾ ضمير جو آواز.

    1. شيخ اياز جي بيت ۾ جدت
    جدت جي معنيٰ ئي آهي نئين ڳالهه، نواڻ، نئون خيال، نئون مشاهدو، جديد شاعري ۾ جيڪا نئين ڳالهه ڪيل هوندي، نئين تشبيهه، نئون استعارو نئون رستو اختيار ڪري ته اھا جديد شاعري چئجي ٿي، جنهن شاعريءَ ۾ پراڻين روايتن جو اثر نه هجي. ”قديم توڙي جديد شاعرن ۾ هي پهريون شاعر آهي، جنهن گهڻي کان گهڻو شعر لکيو آهي. جديد شاعري جي حوالي سان شيخ اياز جو تمام وڏو نالو آهي. هو جديد شاعري ۾ سڀني کان مٿاهون مقام رکي ٿو. اياز ئي جديد سنڌي شاعريءَ جي ٻوٽي جي آبياري ڪري کيس ميويدار وڻ بنايو آهي. هو واحد جديد سنڌي شاعر آهي جنهن جديد توڙي قديم شاعريءَ جي سڀني صنفن جهڙوڪ: وائي، ڪافي، غزل گيت، بيت، نظم، قطعو ڏيڍڻو، چوسٽو، هائيڪو، آزاد نظم، ڇيڄ وغيره صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. نه فقط طبع آزمائي ڪئي آهي، پر مڙني صنفن تي چڱو چوکو لکيو آهي ۽ هر صنف تي قائدن ۽ قانونن مطابق لکيو اٿس. هن شاعري جي هر صنف ۾ موضوع خواهه هيئت جي لحاظ کان پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.“ (8)
    ”اسان وٽ جديديت ۽ جديديت پڄاڻان واري حالت (Modern/Post modern condition) جو اهو روپ ناهي، جيڪو اولهه ۾ آهي. اهي تيزي سان ايندڙ تبديلي کي ويجهي کان ڏسن ٿا. ۽ انهن جو رد عمل پڻ اوتري تيزي سان ايندو آهي. اسان وٽ ادب ۾ ته دنيا جي نقطئه نظر World wiew آهي ئي ڪو نه (لطيف سرڪار، اياز، امداد ۽ ڪجهه ٻين تخليقارن کان سواءِ) اسان جو اديب انهن بين الاقوامي مسئلن ڏي توجهه ئي ڪو نه ٿو ڏئي.“ (9)
    مٿي حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ اياز رڳو سنڌ جو نه پر بين الاقوامي (دنيا جو) شاعر آهي. سڄي دنيا جي شاعرن جا جيڪي موضوع آهن، اُهي شيخ اياز جي شاعري جا موضوع آهن. امن آزادي انقلاب سچ سونهن، پيار جي ڳالهه جديد نموني ڪئي آهي. شيخ اياز جديد شاعري ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. نوان موضوع آندا، نوان خيال قلمبند ڪيا.
    تڙ تي ايئين نينگريون، ٽڙي ٽَهه ٽَهه ڪَن،
    موراڙيون مَهڪن، جيئين سانوڻ مينهن ۾.

    ڪيڏا مون مهمان، ڄڻ ته ستارا لان ۾،
    سڀ آپي ۾ اوپرا، سڀڪنهن پنهنجي آن،
    اَلا! هي اِنسان، آخر تائين اجنبي!

    ڇوري هُونئن به ڇيڳري، ويتر اُتر اوت،
    چارئي چُنيءَ پوت، اُڏرن پيا واءَ ۾.

    آنءُ رڳو لهرون، تون ئي ساگر سونهن جو،
    ها، پر مون ۾ تون، مان جو ڇُلان ڇوهه سان.

    موتي موتي ٿي ويو، سورٺ تنهنجو مُک،
    ڌرتيءَ ويڙهيو دُک، تو جو ڏنا ٽهڪڙا.

    لوڪ ٿو ننڊون ڪري، جلي منهنجي جاڳ،
    ازل جي آواز مان، روح بڻيا راڳ،
    ڀڙڪيا الا آڳ، جرڪڻ لڳي جندڙي.

    2. شيخ اياز جي بيت ۾ اکين جو ذڪر
    اکين سان ئي هن دنيا کي ڏسبو آهي. شيخ اياز جي شاعري ۾ اکين جو ذڪر عام جام آهي، اکيون حسين ۽ خوبصورت هونديون آهن. اکيون محبوب جون ته هر عاشق کي موهي وجهنديون آهن. ڪي زخمي به ٿيندا آهن ته ڪي قتل به اکين سان ٿيندا آهن. اکين جو ذڪر هر شاعر ڪيو آهي. شيخ اياز اکين جو ذڪر منفرد ۽ جدا گانه ڪيو آهي.
    ڪي ڪي ”اکيون“ اوپريون، توڙي ڄاڻ سُڃاڻ،
    ڪي ڪي اکيون آرسيون، جن ۾ نينهن نياڻ،
    ڇڪجي پنهنجو پاڻ، جڙجي وڃن جيءَ ۾.

    آءُ ڀٽائي آءُ تنهنجي کَههِ، منهنجون ”اکيون“،
    ڏس مون تنهنجو ڪينرو، ڀوريو ناهي ڀاءُ،
    ساڳيو جوڳ جڙاءُ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.

    ”اکيون“ تنهنجون ڪامڻي! مَڌُ ڀَريون پياليون،
    نِتُ نِتُ نراليون کيپُ کُٽي ئي ڪو نه ٿو.

    هي جي ڪولهي پارڪر، پيرين اگهاڙا،
    ڪيڏا ڪُهاڙا، آهن تن جون ”اکيون“.

    آهي اَنتُ اَٿاههُ، ساگر تنهنجي سونهن جو،
    ”اکين“ آ ويساههُ موتي ڏسي مُٺِ ۾.

    3. شيخ اياز جي بيت ۾ جماليات
    جماليات جو تصور دنيا جي شاعرن، مفڪرن، فليسوفن، ڏاهن، ٿيلس، اينگريمينڊر، انيگزيمنس، پيٿاگورس، هير اقليطس، وليم بليڪ، سقراط، افلاطون، وڪٽرهيوگر، ڪانٽ، هيگل شاپنهار، رومي، سعدي، ڪروچي، شاهه عبداللطيف، شيخ اياز ۽ ٻين وٽان ملي ٿو. شيخ اياز جي بيت ۾ جماليات جرڪا ڏيئي رهي آهي.
    The aesthetics of nature can be understand to certain itself either with certain distincitive properties of natural phenomena that can be classified as aesthetic e.g., Beauty, sublimity, grandeur or profusion, or with certain kins of experience distinctively provoked by nature or certain kin of atttudes appropriately brought to nature. (10)
    ”جمالياتي احساس هڪ اهڙو انساني جذبو آهي، جنهن کي تخليقي عمل کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري جماليات، عمل جو سڀ کان وڏو محرڪ آهي. جمالياتي احساس انسان جي اِرادي کي تحرڪ يا عمل ۾ آڻي ٿو ۽ تخيل کي هڪ اهڙي درجي تي پهچائي ٿو، جتان تخليق جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. اها ڳالهه عام پورهيت جي پورهئي ۾ موجود هئڻ جي باوجود پهرين نظر ۾ نظر نه ٿي اچي. جڏهن ته فنڪار يا ليکڪ جي تخليقي عمل ۾ وڌيڪ چٽي ۽ سڌي نظر اچي ٿي.“ (11) شيخ اياز جي بيت ۾ جماليات، محبوبه جهڙي سهڻي نظر اچي ٿي.
    چولو لاهي چٽ ۾، آرس ڀڳائين،
    ڇاتيءَ مٿان پت کي، گهوري ڏٺائين،
    ڀتر هنيائين، اڱڻ آيل ڪانو کي.

    مون جو تنهنجا چَپَ، چميا پئي ننڊ ۾،
    ڪهڙيءَ نديءَ ڪپ، مليا پئي پاڻ ۾.

    اهڙي سونهن نه اڳ ڌٺي، اَڙي اَلاڙي!
    وار ته بلاڙي، ٻانهون گلن ٽاريون.

    پنهنجي پوتيءَ جا پلئه، ڪيئن وَرايا ٿي،
    ڄمون ڄايا ٿي، مان ٿو ڀانيان نينگري!

    چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ،
    آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.

    موناليزا مرڪ، رنگ مُهاڻيءَ ڪارڙو،
    منهنجي اکين سُرڪ، هن مان ڀري ڪيتري.

    انبن پڪيون انبڙيون، لڳي پئي لُڪ،
    چوراهي تي چُڪ، ڪنهن کي ڳولي ٿي پئي.

    4. شيخ اياز جي بيت ۾ ڪيڏارو
    ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي بگڙيل صورت آهي. جنهن جي معنيٰ ”جنگ جو ميدان“ آهي. (12)
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته ”ڪيڏارو، گجراتي لفظ ”ڪيدارو“ ”ڪيڏارڻ“ ۽ سنسڪرت لفظ ”ڪيار“ جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جنگ.
    هر قوم ۾ ڪي اهڙا مرد مانجهي ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي سورهيائي همٿ، جدوجهد ۽ بهادريءَ طور سڃاتا ويندا آهن. سنڌ اهڙن بهادرن، دليرن، دودن، هوشن سان ڀريل رهي آهي.
    سنڌي ادب ۾ سُر ڪيڏارو ٻن حوالن سان چيو وڃي ٿو، هڪ: ڪربلا جو واقعو، ٻيو کرڙيءَ جي جنگ جو احوال، ”کڙي جي جنگ“ ميرن ۽ افغاني شاهه شجاع ملڪ جي وچ ۾ سکر جي ڀر ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جا جوڌا پنهنجو چيلهيون هڪٻئي سان ٻڌي پنهنجي ڌرتي جي تحفظ لاءِ لڙيا ۽ ڪافي شهيد ٿي ويا. اهڙن بهادرن کي (tribute) پيش ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي شاعرن ذڪر ڪيو آهي.
    موجوده دور ۾ ظلم، ڏاڍ، بربريت، ناانصافي، جبر، بي واجبي، حق تلافي تي به ڪيڏارو چيو وڃي ٿو.
    ”شيخ اياز ”سنڌ جو آواز“ اهو خطاب ۽ اعزاز سنڌي قوم پنهنجي بي مثال قومي شاعر کي وڏي پيار ۽ پنهنجائپ منجهان ارپيو. شيخ اياز هڪ باڪمال ڏات ڌڻي، هڪ محب وطن، ۽ سنڌ دوست شاعر طور پنهنجي ڪل ڄمار قومي سجاڳي ۽ بيداريءَ واري ڪيفيت ۾ گذاري. سندس للاٽ جي لاٽ ڪڏهن نه اُجهاڻي، سندس من ۾ ديس جي محبت جو ڏيئو ڪڏهن به جهڪو نه ٿيو. سندس سياسي، وابستگيءَ (Commitment) جو مرڪز ۽ محور سنڌ هئي ۽ سنڌي ماڻهو ئي هئا. (15)
    اياز صدين جو سرجڻهار آهي. هو انسان جي ماضيءَ جو مڻهيار، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو سونهون شاعر آهي. هن سنڌي شاعري ۾ جيڪو انقلاب، جيڪا نئين جاڳرتا (Renaissance) جيڪا بغاوت، جيڪي تجربا، جيڪو آهنگ، جيڪو لهجو ۽ جيڪا زبان ڪم آندي آهي. اهي سڀ ڳالهيون هن خطي جي سدا موجوده Status جي چوڪيدارن ۽ علمبردارن کي نه وڻيون ۽ هنن شيخ اياز ۽ سندس ساٿين تي الزامن جا تير وسايا فتوائون جاري ڪرايون.“ (16) پر پوءِ به شيخ ڪڏهن نه جهڪيو نه وڪيو، هر انسان کي جدوجهد، ۽ سجاڳي ڏيندو رهيو.
    لهوءَ لَتِ پَتِ، ڌرتي منهنجي ديسَ جي،
    پَرکي پيئي پَت، جهونجارَن جي جَنگ ۾.

    سڻيم تنهنجو سڏ، پهتس پهتس او پرين،
    هيڻو اٿم هڏ، پر سگهه ڏسين ٿو ساهه جي.

    سدا آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
    ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي راهه،
    متان سوچيو ساهه، متان موٽو ماڳ کان.

    تلوارن جا تک، زرهن جا زپڪا،
    لاکيڻن لپڪا، ڇڪيل واڳون ويڙهه ۾.
    شاعري اها ئي آهي، جيڪا قومن جي ترجماني ڪري، انسانيت جي تڪليفن ۽ ڏکن ڏوجهرن ۾ مددگار ٿئي. هيڻن جي همراهه ٿئي، احساس ۽ جذبن جي ڳالهه ڪري، ذهن کي شعور ڏئي، جيڪا ذهن کي فولاد جي طاقت ڏئي، انسان کي اگهي ۾ ڪم اچي ته خوشين ۾ گيت ٿئي. شيخ اياز حوصلي بهادري جرئتمندي کي ساراهيو آهي، سندس شاعري ۾ بڙڇيون، ڀالا، تير، تلوارون اُڀا آهن. سورهيه ٿي بيٺو آهي.
    سدا اُڀريا سنڌ ۾ ڪُوپا ڪنچل لوڏَ،
    هُوڙهيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان.

    مٿان ڪُڻڪيون ڪونجڙيون، هيٺان ڪٽاريون،
    راوت وڙهيا روههَ ۾، گهاوَ وجهي گهاريون،
    اڱڻ تي آريون، ڪو مل ڪرڻا چنڊ جا.

    ڀُونءِ به ساري ٽامِڻي، اڀ به اُلن وَسَ،
    هڻي تيز تراريون، ڪُسيا ڪُلهن ڪس،
    ترندي رت ترنگ ٿا، مور نه تاتن تس،
    گس ٿيا سڀ گس، وار نه گسيو هڪڙو.

    سرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو،
    متان وڙهندي ويڙهه ۾، پٺ تي واجهايو،
    لايو، سجايو، نيٺ ته ٿيندو لوءِ جو.

    5. شيخ اياز جي بيت ۾ عڪسي مشاهدو
    شيخ اياز جي شاعري ۾ عڪس، اهڃاڻ ۽ مشاهدي جا چٽا پٽا رنگ، ظاهر آهن. شيخ اياز وسيع مطالعو ڪندڙ شاعر هو، جنهن پوري دنيا جو ادب پڙهيو هو. سنڌ جون وهڻ واستيون، ڳوٺ، بر ٿر چڱي طرح ڏٺا، جي شهرن ۾ ٺڪاڻو ٺاهيائين، ته سنڌو جون ٻئي ڪنڌيون گهميائين، اکين سان عڪس ورتائين ته هٿن سان گل چميائين، جبلن جا ڊگها ڪنڌ به ڏٺائين، ته سر سبز علائقا ڍنڍون ڍورا، وڻ واهڻ، ٻوٽا، هرڻ هٺيلا ۽ جوڳين سان جڙاءُ رکيائين. صوفيت کي ساهه ۾ سانڍيائين ۽ مشاهدو ماڻيائين.
    عڪسي مشاهدي جون جيڪي عام صورتون آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون:
    1. بصري مشاهدو (Visual imagery)
    2. غير متحرڪ مشاهدو (Static imgery)
    3. متحرڪ مشاهدو (Kinetic imagery)
    4. رنگين عڪسي مشاهدو (Colour imagery)
    5. انتقالي مشاهدو (Synaesthetic imagery)
    6. ٻڌڻ واري مشاهدي جا عڪس (Auditory imagery)

    1. بصري مشاهدو
    1. ڀنڀرڪي ۾ ڀونءَ تي، ٿڌا ٿرين ٿاڪ.
    2. اڄ نه کوهيءَ نار، نه هو گهڙا چيلهه تي،
    3. جيئن ڪي ڪهوءَ ڏار، تيئن هو مڙس ملير جا،
    4. ڪارا ڪڪر اڀ ۾، چنگ چڙي جي لار.

    2. غير متحرڪ مشاهدو
    1. اڃا پکي پار جا، مون ۾ لامن تي،
    2. ڏس هي سينهوءَ سنگ، ڀڳل چوڙيون اڏ ۾.

    3. متحرڪ مشاهدو
    1. ٺٽي جي رابيل ۾، وري کڙندس مان.
    2. ڪتيون ڪر موڙن، آءُ اُٿي توتي لکان.
    3. جيئن سنڌوءَ جي لهر گهري نيري سمنڊ ۾.
    4. چپ اُتي ئي، چميون سڀ ڪاڏي ويون.
    5. مان جو پوئينءَ رات جو پانڌيئڙو آهيان.
    6. ڇا کان اڃا چُوسَ، تو ۾ ماڻهوءَ رَت جي.

    4. رنگين عڪس مشاهدو
    1. لهسي نه لوساٽ، منهن ۾ ڦول ڦلايا.
    2. آڌيءَ رات اُلاءُ، چانڊڪيءَ ۾ چنڊ جو.
    3. سانجهي ڳاڙها وڻ، هاڻي ڪارا ٿي ويا.
    4. چانديءَ جا پازيب ۽ ڳاڙهي ڇيٽ پڙو.
    5. ڪنڊيءَ سايون سڱريون، پسي ڳاڙها گل.
    6. کٿيرين خوشبوءَ، ويڙهيو مون کي واس ۾.

    5. انتقالي مشاهدو
    1. مارين جيارين پيو، ٻي ڪنهن صورت ۾.
    2. منهنجي مرقد تي اچي شمعون ٻاريندينءَ.
    3. اڃا مارين، ڇو نه ٿو جيئڻ ۾ ڇاهي.
    4. مرين ويندي موت تون، منهنجي چانئٽ تي.
    5. اکيون پُوريندي ڪڏهن پنهنجي انت تي.
    6. ماريندا ڪنهن موهه، توکي تنهنجا ڏاکڙا.
    7. هي جا تنهنجي لحد تي، کڙي آ رابيل.

    6. ٻڌڻ وارو مشاهدو
    1. اُنهيءَ جي سنگيت، ڪا ٻڌين ٿو ٻوڙا.
    2. ڪَويليون ڪوڪن، جڏهن بڙ جي ڏار تي.
    3. تون ته سوڙ تاڻي، ٻُڌين ٿوريون ڳالهڙيون.
    4. ڇا لئه لرزين ٿو، گيت ڪنور جا تون ٻڌي.
    5. ٻاٻيهي جو ٻڌان، ڪنيءَ ۾ پڙلاءِ.
    6. ڪڪر ڪن ڏئي، پيا ٻُڌن مَيارون.

    6. شيخ اياز جي بيت ۾ رواني
    شيخ اياز جي بيت ۾ رڌم، ترنم ۽ رواني، تازگي اهڙي ته آهي جيئن ڪو آبشار وهندو هجي. اياز بيت ۾ اهي احساس ميڙيا آهن، جيڪي ڏسندڙ واسندڙ آهن، اياز لفظن ۾ ساهه وجهي ٿو ڇڏي، اهي لفظ چرندڙ ڦرندڙ ٿي پيا آهن ۽ ڳالهائي رهيا آهن، ڪجهه چئي رهيا آهن پيغام ڏئي رهيا آهن. شيخ اياز جي بيتن ۾ مٽي جي مهڪ، ڇهندڙ احساس، سسئي جي سڪ، مومل جا ماڻا، سهڻيءَ جي سچائي، سورٺ جي سونهن، موکي جا مڌ، سورهيائي جا سڏ ملن ٿا. بيت جي رواني تمام خوبصورت آهي. اياز لفظن کي گهڙي، لسائي ڪري اهڙي نموني استعمال ڪيو آهي جو عام پڙهندڙ کي به ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي، نه ئي ڪو اٽڪاءُ محسوس ٿئي ٿو.
    تون چانڊوڪي چيٽ جي، منهنجو من چڪور،
    اچي ڪڏهن اور، مون سان ڳالهيون ڳجهه جون.
    مٿيون بيت ۾ ڏسو ڇا ته رواني اٿس اياز جي سڀني بيتن ۾ اهڙي ئي رواني آهي، جيڪا هڪ سٺي شاعر جي سڃاڻپ آهي.
    آئي رت رابيل جي، پيا پرين پور،
    نيهن جا ناسور، اندر ۾ اکلي پيا.

    نهاريم نيراڻ ۾، تڪيندي تارا،
    ڪٿي آن ڪنهن جاءِ تون، پرهه کان پيارا،
    چنڊ پٺيان چارا، رُليم ڪيئي راتڙيون.

    سدا سيلاني، آهي ساهه اياز جو،
    ڳچي ۾ ڳاني، پرين وجهه نه پيار جي.

    7. شيخ اياز جي بيت ۾ تجنيس حرفي
    ”شاعر پنهنجي اشعار ۾ اهڙا لفظ لڳاتار ڪم آڻي ٿو جن جا پهريان اکر ساڳيا هوندا آهن، يعني هم جنس هوندا آهن تجنيس جي معنيٰ ئي آهي ”هم جنس“ لفظ ڪم آڻڻ.“ (17) شاعر اهي لفظ ان لاءِ گڏ آڻيندا آهن ته جيئن شعر سهڻو ٿي پوي ماڻهن کي پسند اچي، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ تي جلد حاوي ٿئي. شيخ اياز به اهڙن لفظن جو استعمال ڪيو آهي.
    سڄڻ سان سُر ٻاٽ، ساري جڳ ٻڌو پئي،
    ڏس ڏس وئي ڦهلجي، ان مان نڪري لاٽ،
    اڄ سڀئي گهر گهاٽ، ان سان گونجن ٿا پيا.
    هن شعر ۾ پهريان چار لفظ (س) جي شروعات وارا آهن، وري ٻي سٽ ۾ ٻه لفظ (ڏ) وارا، وري ٽي سٽ ۾ (س) وارا 2 لفظ ۽ (گهه) وارا ٻه لفظ آهن، اهڙن لفظن جي استعمال کي تجنيس حرفي چئبو آهي.
    هي ٿڌڙيءَ جي رات ٿر ۾ ڪيئي ڪو لهڻيون.
    تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چپ چپات،
    آئي تنهنجي بات، راسُوڙا رڪجي ويا.
    پهرين سٽ ۾ 2 لفظ (ڪ) وارا، ٻي سٽ ۾ ٻي لفظ (چ) وارا ٽي سٽ ۾ ٻه لفظ (ر) وارا موجود آهن، شيخ اياز بيتن ۾ تجنس حرفي جو استعمال گهڻو ڪيو آهي، ته جيئن شعر سهڻو ۽ وڻندڙ ٿئي.

    8. شيخ اياز جي بيت ۾ منظر نگاري
    دنيا جي سمورن علمن جي ماءُ شاعري آهي، ڇاڪاڻ ته سوچ ۽ فڪر جا سمورا اوائلي نڪتا ان ۾ محفوظ ڪيا ويا، تنهنڪري علمن ۽ فنن جون ڪي به جدا جدا شاخون ڪو نه هيون، ايستائين جو خود علم ۽ فن به هڪ ئي شڪل ۾ هئا. (18)
    شاعري ۾ منظر نگاري اهم رڪن آهي، شيخ اياز جي شاعري منظر نگاري سان مالا مال آهي شيخ اياز پنهنجي شاعراڻي اک سان اهي منظر ڪيچ ڪيا آهن، جيڪي جهڙي تهڙي شاعر جي وس جي ڳالهه نه آهي.
    گهر کان ٻاهر مينهڙو، گهٽي ساري گپ،
    نينگر اٽي لپ، وڌو پينوءَ پاند ۾.

    جهرڪيءَ آکيري منجهان، ٻچا ٿي کائي،
    بلا الائي آئي، ڪيئن وڻ جي مٿان.

    چانديءَ ڦلڙيون پاکڙا، ڄڃ وڃي پيئي،
    نؤ ورنيو نيئي، چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جي.

    سرتي سويري، وهنتي جيئن تلاوَ ۾،
    آيا اُن ويري ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا.

    هو جي ٺڪراڻيو، جن جا نيرا گهاگهرا،
    هو جي جيسلمير ۾، مون ڪلهه اُماڻيون،
    واٽون ويڳاڻيون، تِن بِن سانوڻ مينهن ۾.

    9. شيخ اياز جي بيت ۾ ٻوليءَ جو حسن
    اسان سڀ سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ دنيا يعني سماج ۾ رهون ٿا، جيڪو ٻولي سان گڏ ۽ ان جي ئي حدن اندر لڳاتار بدلجندڙ رهي ٿو ۽ ترقي ڪندو ٿو رهي. هونئن به انساني بنيادن تي تخليقي تهذيب (Creative civilization) ۾ ٻولي بدلجندڙ ۽ هميشه تيار ۽ مستعد طاقت جيان ڪم ڪندي آهي. ٻوليءَ جو هي ارتقائي ۽ حياتياتي پهلو (Biological Aspect) ٻوليءَ جي ڪارج کي سماج جي ارتقا ۽ حياتيات سان لاڳاپي ۾ آڻي ٿو. هنن خاص ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻولي جو اڀياس هاڻي سماجيات (Sociology)، حياتيات (Biology) نفسيات (Psychology)، سماجي نفسيات (Social Psychology) ۽ انسانيت (Anthropology) جهڙن علمن جي اصولن پٽاندر ڪرڻو پوندو. ائين علم ڪلچر (Cult urology) به ٻولي جي ماهرن سان واسطو رکي ٿو. اهڙي ريت ٻولي جي علم جي حيثيت هڪ اهڙي علم جهڙي ثابت ٿئي ٿي. جيڪو سڀني عمراني علمن سان تعلق رکي ٿو ۽ جنهن ۾ هنن سڀن علمن جي اصولن جو استعمال ٿي سگهي ٿو. (19)
    چون ٿا هر 30 ڪلوميٽر کان پوءِ ٻولي جو لهجو مٽجي ٿو، سنڌ ۾ ڪجهه لهجا مشهور آهن، جهڙوڪ اتر جو لهجو، لاڙي لهجو، ڪاڇي جو لهجو، ڪوهستان جو لهجو، ٿري لهجو، وچولي سنڌ جو لهجو وغيره. سٺي شاعر جي اهائي سڃاڻپ آهي ته اهي سڀئي لهجا قبول ڪري، انهن سڀني لهجن کي عام رواجي لهجي ۾ جذب ڪري، ٻولي کي حسين ڪري پيش ڪري جيئن اهو محسوس نه ٿئي ڪنهن خاص لهجي جو اثر نه هجي، پنهنجي قلم سان پنهنجي لکت کي اهڙو ته حسين ۽ خوبصورت بنائي جا هڪ تاريخ ٿي وڃي. شيخ اياز به اهڙو معجزو ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي حسين ڪري ڏيکاريو آهي. فارسي ٻولي جا لفظ ختم ڪري. نج سنڌي ٻوليءَ جا قديم ۽ جديد لفظ آڻي ٻوليءَ کي حسين بڻايو آهي، ته ٻولي زنده جاويد ٿي پئي صدين جي ڪٽ لڳل لفظن کي تراشيو آهي.
    مون چيو مينديءَ کيت کي، اُٿي ڦُٽي پؤ،
    مون کي ڪيئي سؤ، رتا گهرجن هٿڙا!
    *
    اَڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،
    سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر سان ڪڪريون.
    *
    اُڀ ۾ نڪتي انڊلٺ، ڄڻ ڪوئي ڪٺمالُ،
    مٿان پون مينهڙا، هيٺان چري مال،
    ڪير چوي جنجالُ، آهن جيئڻ ڏينهڙا.
    *
    ماڻهوءَ گل گلاب جيئن، ٽڙندا ڏسان آنءُ،
    مِڙندا ڏسان آنءٌ، اوشل! ڦٽ فراق جا.

    10. شيخ اياز جي شاعري ۾ ضمير جو آواز
    شيخ اياز جي شاعري ”پختي شاعري“ آهي شاعري جي هر صنف کي اياز پنهنجي قلم جي نوڪ سان نواڻ بخشي آهي. جنهن ديس ۾ عدل ۽ انصاف جي اڻاٺ هجي، ظلم مٿان ظلم هجي، سچ چوڻ اوکو هجي، غريب تي مارو ماري هجي. شيخ اياز ان صورتحال ۾ پنهنجي ضمير جو اواز بلند ڪرڻ لئه چوي ٿو نه ڪنهن ظلم آڏو نه جهڪجي نه رڪجي، نه هٽجي نه وڪجي.
    ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،
    پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين،
    ته تنهنجي سائين ڏات ڏهوڻي ٿي پوي.

    اوچو آهي رکَ کان، هي تنهنجو آواز،
    جنهن جو پورو راز، تو نه پروڙيو جيئري.

    سگهه ڏي اهڙي سچَ، منهنجي جڪڙيل جيءَ کي،
    ڳچي ٿئي ڳچ، ته چوان جو چوڻو هجي.
    شيخ اياز بيت کي اوليت جي بنياد تي هر ڪتاب ۾ پهريون رکيو آهي. بيت شيخ اياز جي پسنديده صنف آهي. بيت بابت پنهنجي دوست محمد ابراهيم جويو ڏانهن هيئن خط لکي ٿو:
    ”ڪڏهن سکر آءُ ته توکي پنهنجي ”بيتن“ جو پس منظر ڏيکاريان اچي ڏس ته ستارن جي سونهن ڇاٽ ڪيئن ٿي ڇڻي، چنڊ جا ڪرڻا وڻ منجهان واٽ ڪيئن ٿا ڪن، چنڊ جو گهرو گهاءُ ڪيئن ٿو چڪڻ لڳي ۽ ڪيئن صدين جو سوداءُ جيءَ ۾ جاڳي پوي ٿو.“ (20) شيخ اياز سنڌ جو عظيم شاعر آهي. جنهن سنڌي ادب، ٻولي کي امرتا بخشي، ڳوڙها خيال، ۽ جدت ڏني، سنڌي شاعري کي نئون موڙ ڏئي، بين الاقوامي ستطح تي پهچايائين.
    وينگس ڦلڙي نڪ ۾، پايو لڏي ٿي،
    سانجهي ٻڏي ٿي، تارا اڀريا اُڀ ۾.

    ڪاريون راتيون ڪنبڻي، اتر اوتون ڏي،
    ساهڙ پوءِ به سڏي، سهڻي توکي سير ۾.



    حوالا
    1. ممتاز مرزا ”ميين عيسيٰ جا سنڌي بيت.“ ”مرتب“ شاهه عبدللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع صه16.
    2. مير حاجن مير ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ سچائي اشاعت گهر حيدرآباد 2014ع ص 45.
    3. ممتاز مرزا. مرتب حوالو ساڳيو ص 16.
    4. ميان مير چانڊيو، ”سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر.“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007ع صفحو 103.
    5. عبالجبار جوڻيجو. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد 2004ع صفحو 213.
    6. عبالجبار جوڻيجو. ڪتاب حوالو مٿي آيل آهي صفحو 214.
    7. شيخ اياز ”ڀؤنر ڀري آڪاس.“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2008ع صفحو 13.
    8. ميمڻ عبالمجيد سنڌي ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع صفحو 596.
    9. مبارڪ لاشاري جديد، تنقيد ٻولي ۽ ادب سنڌيا پبليڪيشن شڪارپور 2016ع صفحو 163.
    10. شير مهراڻي ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2013ع. صفحو 160.
    11. بدر ابڙو، ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري.“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2015ع ص 166.
    12. هوتچند مولچند گربخشاڻي ”شاهه جو رسالو“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1996ع ص 665.
    13. غلام قادر سومرو ”مقالو“ مرثيه نگاري ۽ سيد ثابت علي شاهه نئين زندگي حيدرآباد 1993ع ص 17.
    14. الطاف حسين جوکيو. سر ڪيڏارو. مرتب: منظور احمد قناسرو، ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ 2008ع صفحو 17.
    15. شيخ اياز ”اٿي اور الله سان“ مهاڳ محمد ابراهيم جويو. ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ 2010ع صفحو 19.
    16. شيخ اياز ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ 2008ع صفحو 8.
    17. ميان مير چانيو، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر“ روشني پبلڪييسن ڪنڊيارو. 2007ع صفحو 137.
    18. بدر ابڙو ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2015ع صفحو 36.
    19. الهداد ٻوهيو. ”سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2011ع.
    20. شيخ اياز ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ سقافت کاتو حڪومت سنڌ 2010ع صفحو 45.
    21. ”شيخ اياز ڀؤنر ڀري آڪاس“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2008ع.
    22. ”شيخ اياز ڪلهي پاتم ڪينرو.“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2008ع.
    23. شيخ اياز ڪي جو ٻيجل ٻوليو ======================2008ع.
    24. وڄون وسڻ آيون ============================== 2008ع.
    25. شيخ اياز ڪپر ٿو ڪن ڪري ====================== 2008ع.
    26. شيخ اياز پتڻ ٿو پور ڪري ======================== 2008ع.
    27. شيخ اياز ٽڪرا ٽٽل صليب جا ===================== 2008ع.
    28. واٽون ڦلن ڇانئيون ============================ 2008ع.
    29. راج گهاٽ تي چنڊ ============================ 2009ع.
    30. بڙ جي ڇانوَ اڳ کان گهاٽي ======================== 2009ع.
    31. شيخ اياز. اڪن نيرا ڦليا========================= 2009ع.
    32. شيخ اياز. جهڙ نيڻان نه لهي ====================== (2009)ع
    33. شيخ اياز اڀر چنڊ پس پرين======================== 2010ع.
    34. شيخ اياز.، هيئنڙو ڏاڙهون گل جيئن ================== 2010ع.
    35. شيخ اياز. الوداعي گيت ========================= 2010ع.
    36. شيخ اياز ننڊ وليون ============================ 2010ع.
    37. شيخ اياز ڪتين ڪر موڙيا جڏهن 1، 2،3، =============== 2010ع.
    38. شيخ اياز. سر لوهيڙا ڳڀيا ========================= 2010ع.
    39. شيخ اياز. سورج مکي سانجهه ====================== 2010ع
    40. شيخ اياز. ڇوليون ٻوليون سمنڊ جو ن ================== 2010ع
    41. شيخ اياز گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾ ==================2010ع
    42. شيخ اياز. سانجهي سمنڊ سپون ===================== 2010ع.
    43. شيخ اياز ڪونجون ڪر ڪن روهه تي ================= 2010ع.
    44. شيخ اياز ڪاري رات ڪهنگ ===================== 2010ع.
    45. شيخ اياز وڏا وڻ وڻڪار جا ======================== 2010ع.
    46. شيخ اياز اٿي اور الله سان ========================= 2010ع.
    47. شيخ اياز ================================== 2010ع.
    48. شيخ اياز مينهن ڪڻيون ========================= 2010ع.
    49. شيخ اياز اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀڻي=================== 2010ع.
    50. شيخ اياز پکي ساڳي پار جا======================== 2010ع.
    51. شيخ اياز هي جي نهرون ننڊ جون ========== 2010ع.


    نارائڻ شيام جي غزل تي هڪ نظر

    سنڌي ٻولي ۾ سنڌي هندن جو ادبي ڪم تاريخي آهي. ڪن تاريخ تي لکيو ته ڪن ڪهاڻي، شاعري، ناول، درسي ڪتابن، تنقيد ۽ لغات وغيره تي پاڻ ارپيو.
    سامي، صوفي دلپت راءِ سيوهاڻي، ديوان ننديرام سيوهاڻي، منشي اڌارام ٿانو داس، ديوان ڪوڙومل چندن کلناڻي، پرمانند ميوارا ۾، ڪشن چند بيوس، ريٽا شاهاڻي، رشي ڏيارام گدومل، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، امر لعل هنگوراڻي، ڄيٺمل پراسرام گلراجاڻي، لعل چند امر ڏنو مل جڳتياڻي، ديوان خانچند شاماس منگترام واسواڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، نارائڻ داس ميوارام واسواڻي، چندا سنگهه شاهاڻي، ديوان وطڻ مل سيوهاڻي، هوندراج دکايل، هري دلگير، هري موٽواڻي، لڇمل ڪومل، واسديو موهي، موتي پرڪاش،
    آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي،
    مٽيءَ مان سون بنائڻ وارا سنڌي.
    (موتي پرڪاش)

    گورڌن محبوباڻي ڀارتي، وينا شرنگي، چيتن ماڙيولا سيوهاڻي، لعل پشپ، سترام داس سائل، گوبند مالهي (بنياد وجهندڙ سنڌي ادبي سنگت)، پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر سدا رنگاڻي (خادم) سڳن آهوجا، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڊاڪٽر مرلي ڌر ڪشنچند جيٽلي، ۽ ٻيا ڪيئي نالا اچي وڃن ٿا جن ادبي ميدان ۾ پاڻ مڃايو آهي.
    ٻئي پاسي ڀٽائي جي شارحن جو ڪريڊيٽ به اسان جي هندو ڀائرن ڏي وڃي ٿو. جن ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ۽ ڪلياڻ آڏواڻي اهم آهن.
    پاڪستان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ سندن خدمتون ادب سان لاڳاپيل رهيون، هو سنڌ جا اصل رهاڪو هيا، مذهبي بنياد تي انهن کي جدا ڪيو ويو، هندستان موڪليو ويو.
    نارائڻ شيام ڳوٺ کاهي قاسم تعلقي نوشهري فيروز ۾ 25 جولاءِ 1922ع تي پيدا ٿيو. سندس تخليق ۾ جدت، سادگي ۽ نواڻ آهي، جيڪا وڻندڙ ۽ موهيندڙ به آهي ته خوبصورت به آهي. ”رائيڊن جو چوڻ هو ته رڳو زندگي جو مشاهدو ئي شاعري لاءِ ضروري ڪو نهي بلڪه، ان مشاهدي جي تخليقاتي استعمال سان ئي شاعري وجود ۾ ايندي آهي پر ضروري آهي ته تخيل کي عقل ۽ شعور ذريعي، وزن ۽ قافيي جي مدد سان ضابطي ۾ رکجي. شاعر وٽ فن جو شعور ضروري آهي، پر ته به تخيل بنيادي شي آهي، جيڪا شعر کي زندگي ڏي ٿي. (1)
    ”نارائڻ شيام غزل ۾ نوان تجربا ڪيا، ”غزل عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: عورت سان پريم، رهاڻيون ڪرڻ. هيءَ صنف ايران مان / يعني فارسي زبان مان سنڌي زبان ۾ آئي. ان جا اوائلي اهڃاڻ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ملن ٿا. علم عروض جي قائدن ۽ ضابطن وارين صنفن ۾ غزل جي جاءِ مٿاهين آهي.“ (2)
    ”قصيدي وانگر غزل جو هر بند ٻن سٽن جو ٿيندو آهي، جنهن ۾ شاعر مڪمل خيال سمائيندو آهي. غزل جي هڪ بند جو ٻي بند سان تعلق نه هوندو آهي، پهرين بند کي مطلع، پوئين کي مقطع چيو ويندو آهي. پهرين بند جون ٻئي مصرئون هم قافيه ٿينديون آهن. ٻين بندن جون پويون مصرئون پهرين بند سان هم قافيه ٿينديون آهن. غزل ۾ 5 کان گهٽ ۽ 17 کان مٿي بند نه هئڻ گهرجن.“ (3)
    نارائڻ شيام شاعري جي ٻين صنفن سان گڏ غزل جو نڀاءُ ڪيو آهي. ان جي سنڌي شاعري گواهه آهي. شيام غزل جي صنف کي ڪهڪشان ٿي پهچايو آهي.
    نه دل پنهنجي نه تون پنهنجو،
    سهارو مان وٺان ڪنهن جو.

    رڳو مرڪي نهارڻ ڀي،
    پرين! توکي لڳو اَهنجو!
    *
    سڄي جهان جي اوندهه جي زور لائيندي،
    ته ڇا چراغ اسان جو ڪوئي وسائيندي.
    *
    لکندي ھن جا وار کليل ھا،
    خط جي خوشبو ھيءُ به ڏسيو پئي.
    *
    پنهنجو سور سڀن کي هرڪو پنهنجو سور سڻائي،
    ڪوئي ڪنهن جي پيڙ نه ڄاڻي، جيسين پاڻ به ساڳي چوٽ نه کائي.
    *
    تنهن جي هر مُرڪ تان نثار بهار،
    ڇا ته رنگيني، ڇا ته رعنائي.
    سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز، نارائڻ شيام سان بي انتها پيار ڪندو هيو، شيخ اياز هڪ ڪتاب سر نارائڻ شيام جي نالي سان لکيو. نارائڻ شيام جي وڇوڙي تي شيخ اياز کي دلي صدمو پهتو، ان صدمي جي شدت ۾ سر نارائڻ شيام لکيائين.
    تنهنجي رک کڻي ويون، گنگا جون لهرون،
    سنڌوءَ اُٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گهڻو.
    (شيخ اياز)

    شيخ اياز لکي ٿو:
    ”مون 1965ع واريءَ جنگ ۾ هن کي علامت بڻائي نظم لکيو هو،
    هي سنگرام
    سامهون آ
    نارائڻ شيام...
    ”ان نظم جي اشاعت تي مون کي جيڪي سهڻو پيو، مون خوشي سان سَٺو ۽ ان کان پوءِ شيام ڄڻ منهنجي وجود جو حصو ٿي چڪو آهي.“ (4) ٻئي پاسي نارائڻ شيام به اهڙو محبت جو اظهار شاعري ۾ ڪندو رهيو.
    وطن ڇڏڻ وقت مون ٿي سمجهيو، ڪندو نه ڀلجي ڪو ياد ليڪن،
    اياز، احسان، راز پارا، ڪي قرب وارا اڃان به آهن.
    ٻٽن لفظن جو استعمال شاعري کي سهڻو بنائي ان ۾ رڌم رواني، ترنم ۽ لسائي پيدا ڪري ٿو. نارائڻ شيام پڻ غزل ۾ اهڙا ڪيئي ٻٽا لفظ استعمال ڪيا آهن، جن سان شاعري ۾ ترنم به پيدا ٿيو آهي ته سلاست به وڌي وئي آهي. جنهن جا ڪيئي مثال موجود آهن.
    آهيس لا شعور ۾ ڇا پيڙا ايتري،
    هر شخص ڇو لڳي ٿو ائين ئي دُکي دُکي.
    *
    انڪار جفا، جفا ٿيو پر،
    اقرار وفا، وفا نه آهي.
    *
    رهان ٿو دور ته ڇا هي اِتي وسي ٿي دل،
    ٿيو ملڻ کان به وڇڙڻ گهڻو گهڻو مشڪل.
    *
    وکون وڌياسين جي تن جو ڪرين ڇو شيام شمار،
    اڃا ته آهه اسان جي پري پري منزل.
    *
    ڦرندي ته لفظ لفظ جي معنيٰ ڦري وئي،
    ساڳي ئي ڳالهه ڳالهه جدا ڀائنجي پئي.
    ”شيام جي شاعري ۾ ٻوليءَ جي مڌرتا، ڪلپنا جي اڏام، ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سڳنڌ سان لڳاءُ، سنڌ ۽ انسان جي رنگا رنگ جذبات جو اظهار ملي ٿو. شيام، سنڌي شاعري ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ اسان جي ادبي حصي جو اَٽوٽ حصو آهي.“ (5) نارائڻ شيام ٻين صنفن سان گڏ جيڪي غزل ۾ نوان تجربا ڪيا نوان گهاڙيٽا ڏنا جدت جي نئين راهه ورتي، فني فڪري نوان رستا تلاشي ان تي سفر ڪيو. اهو سفر منفرد به آهي ته لاجواب به آهي.
    باهه مجبور جي محفل کي لڳايون، ساٿي!
    جوت جا دل جي وساڻي سا جلايون ساٿي!

    ڇا ٿيو ساز ڀڳل آهه تون نه ڇيڙينس کڻي،
    ڪنهن طرح ڌيان ته محفل جو ڇڪايون ساٿي!

    ڪيسين ائين راهه جي ڪنڊن کان بچائيندي قدم،
    خون سان تن کي به رنگين بڻايون، ساٿي!

    آهه اِنسان جي سر تي جو غلاميءَ جو داغ،
    صاف سو داغ غلاميءَ جو مٽايون، ساٿي!

    جنهن اڳيان چنڊ ۽ سورج به لڳن، ’شيام‘ ڦڪا،
    جوت سنسار ۾ اهڙي ڪا جڳايون، ساٿي!
    نارائڻ شيام جديد سنڌي شاعري جو سرموڙ شاعر آهي، جو غزل تي معراج تي پهچائڻ ۾ ساٿي رهيو ۽ پوءِ جديد سنڌي غزل ٽڙندو رهيو ۽ ڪيئي گلاب ڦٽي پيا، جديد سنڌي غزل اجرو ٿي پيو. جنهن ۾ سنڌوءَ جون لهرون ناچ ڪن ٿيون. شيام جي غزل ۾ اهي رنگ ظاهر ٿين ٿا، جيڪي سندر به آهن ته سادا ۽ سچا به آهن، جن ۾ سپنا به آهن ته تعبير به آهي. شيام غزل جو محبوب شاعر آهي. جنهن جي غزل ۾ هميشھ تازگي محسوس ٿئي ٿي.
    سور کائي شعور پاتو سين.
    زنگيءَ ڀر جو سور پاتو سين.

    دل کي گهائي اکين ئي سوچيو ”شيام،“
    دل وڃائي غرور پاتوسين.
    *
    ڪڏهن پلجي به ڪائي ڳالهه تو چوري نه مون چوري،
    ملياسين ڪيئي ڀيرا پر اسان ويهي نه دل اوري،

    اٿي محفل منجهان، تنهنجي هئم جلدي وڃڻ جي پر،
    بهانا پڻ مون ڳوليا، دير جيئن ترسي سگهان ٿوري.

    ڊني ڊپ جي ڪري اڄ پنهنجو پاڇو پڻ وٺي آئي،
    جڏهن ڀي هونءَ ملڻ آئي هميشه هيڪلي آئي.
    شيام بلند پايه شاعر هو ۽ جديد شاعرن ۾ سندس حيثيت تمام مٿانهين آهي. شاعر جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين ۽ هر صنف ۾ نوان لاڙا، نئون رنگ ۽ نوان اسلوب پيدا ڪيائين. شعر ۾ نئين اسلوب پيدا ڪرڻ وارو هي شاعر 10 جنوري 1989ع تي دهلي ۾ گذاري ويو. جديد سنڌي شاعري جا ڪيئي ڪتاب ڇڏي ويو. ڌرتي جو قرض لاهي ويو،
    ٻار ڪمري ۾ اچي ماٺ ۾ نڪري ويا،
    ميز تي اِئين ئي رکئي چاءِ تنهنجي ٿي ٿڌي.
    *
    بند پلڪون ٿيون شرم ٻوٽيءَ جان،
    اک ملائيندي توکي لڄ آئي.

    اهو ئي گهر دريون ساڳيون، وريل تن تي وليون ساڳيون،
    مگر سا گل جهڙي ڏسڻ ۾ ڪينڪي آئي.

    کليل بي نور اک وانگر لڳو پئي گهر جو دروازو،
    اچي بيٺينءَ تون در تي، ڀانءِ اُن ۾ روشني آئي.



    حوالا
    1. ڊاڪٽر فهميده حسين. ”ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ“ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997ع صفحو 63.
    2. ميان، مير چانڊيو، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر. روشني پبليڪيشن ڪنيارو 2007ع صفحو 106.
    3. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالحميد سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2002ع صفحو 216.
    4. شيخ اياز سر نارائڻ شيام ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2009ع صفحو 764.
    5. شيخ اياز سر نارائڻ شيام حوالو اڳ آيل آهي صفحو 762.
    6. نارائڻ شيام ”راهون پنڌ پيون“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سنڌ.


    حوصلي ۽ بهادري جو شاعر استاد بخاري

    سنڌي شاعري جي اڀ تي شاهه لطيف ئي چنڊ آهي. ان سان گڏوگڏ ستارن جو هئڻ لازم ملزوم وارو استعارو آهي. انهن ستارن ۾ سنڌ جا سڀئي شاعر موجود آهن. پوءِ ڪو گهڻو ٿو چمڪي ڪو ٿورو ٿو چمڪي، ڪو شاعر ستاري وانگر هلندي ڪري به پئي ٿو. جنهن کي اسان تارو ٽٽي پوڻ به چوندا آهيون. ان تاري جي ٽٽڻ جو ڪو سائنسي سبب ضرور هوندو!
    پر جنهن جي فن ۾ ڪا کوٽ هوندي ۽ فن فڪر کان وانجهيل هوندو آهي. خيال جي پختگي نه هوندي آهي. اهو فن جي کوٽ سبب عوام کان ڪٽجي ويندو آهي. جن جو فن، فڪر، فهم، اعليٰ مقصد وارو هوندو آهي، جدت سان گڏ نوان استعارا، نيون تشبيهون، نوان خيال، نيون راهون جنهن شاعري ۾ هونديون آهن. اها شاعري پنهنجي مقصد ۽ منزل تي پهچندي آهي. سنڌي شاعري ۾ استاد بخاري جنهن نموني شاعري سان نڀاءُ ۽ سنڌي شاعريءَ کي بلند رکيو آهي. سو سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ مٿانهون ۽ اعليٰ مقام وارو آهي. استاد حوصلن، همٿن، اميدن، آسن، امنگن ۽ سوجهرن جو شاعر آهي، سورهيائي ۽ بهادري جو شاعر آهي، تمنا ۽ تحريڪ جو شاعر آهي.
    تمنا ۾ تحريڪ موجود آهي،
    ترقي جي تاريخ موجود آھي،
    جتي آرزو اُتي جستجو آ،
    زماني جي تصديق موجود آھي.
    ٽي ايس ايلٽ چيو ته ”حقيقي شاعري جو معيار ئي اهو آهي ته ڪنهن به مقبول لاڙي جي تبديلي کان پوءِ زنده رهندي آهي.“ جيئن لطيف فرمايو ”وکر سو وهائج جو پئي پراڻو نه ٿئي.“ استاد بخاري جي شاعري جو لهجو عوامي لهجو آهي. ان عوامي لهجي هوندي استاد جيڪي شاعري ۾، جدت جا گل پوکيا آهن، يا رستو ورتو هيو، اهو رستو خوبصورت رستو هيو. جنهن ۾ ڌرتي سان محبت، ٻوليءَ سان پيار ۽ انساني جدوجهد شامل آهي.
    بحر ٿي اي دوست ڇر ٿيندو نه ڪر،
    تون آن ڪارونجهر، ڪڪر ٿيندو نه ڪر.
    پير پختا ڪر پپر جي پاڙ جان،
    واءَ وانگر دربدر ٿيندو نه ڪر.
    *
    ڪير ٿو جهلي ته تون دودو نه ٿي،
    شينهن ٿي شهمير ٿي پر شودو نه ٿي،
    تون مهراڻ ٿي موج ٿي هالار ٿي سمنڊ ٿي،
    پر اي نوجوان بازار جو سستو سودو نه ٿي.
    The beautiful is that good which is pleasant becase it is good.
    ”جماليات شاعري جي شهه رڳ رهي آ. هيرا اقليطس بنيادي طور پهريون فيلسوف هو، جنهن کي جديد ڏاهپ جو روح روان ۽ ”جدليات جو ابو“ مڃيو وڃي ٿو. ان بعد ڪيئي فيلسوف، ڏاها، سائنسدان، مفڪر، اديب شاعر، سونهن جو ذڪر ڪندا رهيا آهن. سونهن کان سواءِ هي دنيا خالي آهي.“ انساني وجود مان سمجهان ٿو جماليات سان لاڳاپيل آهي. استاد بخاري جي شاعري ۾ ڪمال جي جماليات ۽ جدت آهي. جنهن جا رنگ هر موسم ۾ رونق افروز آهن. استاد جي شاعري جماليات جو ذڪر اوهان کي عام جام ملندو.
    اسان سرهاڻ جا گيسو صبا بڻجي سنواريون ٿا.
    ڪندا شبنم جي قطرن کي نگاهن سان سلام آهيون،
    نه ڪنڊن کي کيڪاريون نه ٿو هر سان رکون ياريون،
    مگر رابيل جا نوڪر گلابن جا غلام آهيون.
    *
    چاهيان ٿو تنهنجو عشق لڪايان، لڪي نه ٿو،
    مان ٿو مُٺين ۾ مشڪ ڇُپايان ڇُپي نه ٿو.
    تشبيهه ڪا به تو سان ملايان ملي نه ٿي،
    شعرن سان شان تنهنجو وڌايان وڌي نه ٿو.
    ٻوليءَ جا وارث منهندار شاعر ئي هوندا آهن جيڪي لفظن کي گهڙي، لسائي ڪري آسان بنائي شاعري ۾ ڪتب آڻيندا آهن. جيئن هر عام ماڻهو هر لفظ کي آساني سان سمجهي سگهي. شاعر لفظن کي دوام بخشيندا آهن. انهن کي امرڪندا آهن. ڪٿي نوان لفظ ڪم آڻيندا آهن ته ڪٿي گم ٿي ويل لفظ به ڪم آڻيندا آهن. اهو شاعر جي ائپروچ تي هوندو آهي. هو لفظن کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري. لفظن کي ڪيئن ٿو جلا بخشي. هڪ سجاڳ شاعر جو ڪم پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪرڻ به آهي ته ڏيهه جي ماڻهن سان سکن، خوشين ڏکن، ڏوجهرن ۾ گڏ رهڻ به آهي. ناانصافي ڏاڍ، حق سچ جي به ڳالهه ڪرڻي اٿس. ماڻهن جي ستل شعور کي جاڳائي همٿون حوصلا به ڏيڻا آهن. استاد جي شاعري ۾ ٻوليءَ جو حسن، تشبيهي حسن، تجنيس حرفي ۽ اندوني قافين جو استعمال، عوامي ٻولي جو استعمال، مرڪب لفظ ۽ ٻيا انيڪ نوان خيال ملن ٿا. استاد بخاري حوصلن ۽ همٿن جو امين شاعر آهي. هو سجاڳي به ڏئي ٿو ته حق وٺڻ جي راهه به ٻڌائي ٿو جدوجهد ۾ به گڏ رهي ٿو. ڪنهن انسان سان ڏاڍ جبر ٿيڻ تي دانهون، ڪوڪون، واڪا به ڪري ٿو. حقن جي حاصلات لاءِ اڳتي هلڻ لاءِ ”هوڪا“ به ڏئي ٿو.
    استاد بخاري جرئتمندي بهادري ۽ سورهيائي جو شاعر آهي.
    ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو! ارتقا رڪجي نه ٿي،
    زندگي جي آرزوءَ ۾ جستجو ٿڪجي نه ٿي،
    ساٿيو سندرا ٻڌي هلندا هلو وڌندا هلو،
    پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي.
    *
    ٻاٽ ڪٽجي روشني جو ڳاٽ اوچو ٿي پوي،
    جان جا ڪپڙا ڇا منهنجا بُڪَ ڪٻٽ ساڙي ڇڏيو.
    سيج آ جائيءَ جي منهنجي قوم سنڌيءَ کي ملي،
    مون کي ڇا منهنجو قبيلو سوليءَ تي چاڙهي ڇڏيو.
    *
    صحرا ساگر بنجي وڃن هي ممڪن آ،
    بحرن مان بر بنجي وڃن هي ممڪن آ،
    نا ممڪن ڪجهه ڪو نه رهيو آ، او ڏاڍا!
    ڏونگر ڀوڀر بنجي وڃن هي ممڪن آ.
    رودڪي جي پيداوار غزل ايران کان ٿيندو جڏهن سنڌ ۾ پهتو ته سنڌ جي شاعرن ان غزل کي سنڌي اجرڪ جو ويس پارايو ته سنڌ جي صوفيت جهڙو ٿي پيو. استاد بخاري بيت، وائي، هائيڪو، گيت، لوڪ گيت ڪافي، نظم، چوسٽو ۽ صنفن سان گڏ جديد سنڌي غزل لکيو.
    حسينن کي هر وقت تحفا ڏيون ٿا،
    جي نغما نه آهن ته سُڏڪا ڏيون ٿا.
    اوهان جيڪي دلدار دوکا ڏيو ٿا،
    سي دل کي بنائي دلاسا ڏيون ٿا.
    چري دل کي تنهنجي چپن جو قسم آ،
    دلاسا نه هوندا ته دڙڪا ڏيون ٿا.
    گهڙيون چار بازار جو چهچٽو آ،
    اسان کان وٺو پيار، هوڪا ڏيون ٿا.
    ٻه ڳوڙها، ٿڌي ساهه ۾ يار ويڙهي،
    اٿڻ وقت استاد ڀيٽا ڏيون ٿا.
    *
    تنهنجو نظرون مزو غضب جو آ!
    توبهه توبهه نشو، غضب جو آ!
    چنڊ جو آ رڳو چِٽو چهرو،
    تنهنجو نقشو سڄو غضب جو آ.
    کنڊ ماکي مِٺي، سُٺي ساٿي،
    تنهنجو بوسو مٺو غضب جو آ.
    هجر جو مسئلو قيامت پر،
    وصل جو مرحلو غضب جو آ.
    تنهنجي ’استاد‘ کي مٺا تنهنجي،
    شوق، شعلو بڇيو غضب جو آ.
    سنڌ جو ناميارو نقاد، محقق ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو استاد بخاري جي ڪتاب اوتون جوتون ۾ لکي ٿو ته ”استاد جو ڪلام اهڙا موضوع پيش ڪري ٿو، جيڪي ڪنهن قوم کي زنده رکڻ لاءِ ضروري آهن.“ استاد جي شاعري ست رنگي انڊلٺ وانگر جرڪا ڏيئي رهي آهي. استاد ٻوليءَ جو سونارو به آهي. ڪٿي طوفان به آهي ته ڪٿي مڻهيارو به آهي.
    اٿن اوٿر گجن گوڙون، وهن واهڙ،
    تڏهن سمجهو ته ڪجهه تڙپيا اسين آهيون.

    ٽاڪاڻا ٽچڪايان ٿو پيو اکرن کي اوجاريان ٿيو پيو،
    آءٌ سنڌيءَ جو سونارو.

    ڪوڏيو مڻڪا، ماڻڪ، لال پيش پرين جي جهڙا حال،
    ماروئڙن جو مڻهيارو.
    استاد بخاري جي تخليق ۾ جيڪي مزاحمت جا اهڃاڻ آهن، اهي هر جابر بادشاهه سان اٽڪيو بيٺا آهن. جيئن سائنس چوي ٿي ته دنيا گول آهي ۽ هلندي رهي ٿي. تيئن استاد جي شاعري بيٺل پاڻي وانگر ناهي وهندڙ، آبشارن جهڙي آهي. جنهن جو پاڻي صاف به آهي ته مٺو به آهي. اهو پاڻي پياسن جي اڃ اُجهائي ٿو. ۽ اجهائيندو رهندو.
    استاد سچ جو راهي آهي.
    ڊاهيندا رهون ڊوهه اهو ڏوهه ته ناهي،
    ڏوهن کي سڏيون ڏوهه اهو ڏوهه ته ناهي.
    *
    هيءَ ڪوڪ، سنهي وار کان خنجر کان تکي آ،
    هيءَ ڦوڪ، ٿڌيءَ هير کان اوٿر کان تکي آ.
    وهمن جي مقامن ۾ سُتي پئي آ مگر جي،
    هيءَ قوم اُٿي پئي ته پوءِ محشر کان تکي آ.
    *
    اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو؟
    ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو.
    استاد بخاري کي کڻي دفن ڪريو،
    ڌرتي کان مگر ڌار اهو ڪيئن ٿيندو.
    سنڌ جو ناميارو شاعر تاج جويو پنهنجي ڪتاب ”استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر ۾ لکي ٿو ته ”استاد حوصلي جو هماليه ۽ خوداريءَ جو کير ٿر هو. هو سڄي زندگي حوصلي سان رهيو، حوصلو ڏيندو ۽ حوصلو ڏياريندو هو.“ استاد جي شاعري ۾ موسيقيت، رواني سلاست، نغمگي، ترنم ۽ شائستگي آهي.
    ڇا قوم تي لکان مان يا حسن تي لکان مان،
    افسوس زندگي هڪ پورو نه ٿو پوان مان.
    مقتل کان ٿورو اڳتي محفل جو ڏس مليو آ،
    مان موت کي لتاڙي ٿو زندگي کي ڳوليان.
    سنڌ جو ناميارو شاعر علي دوست عاجز لکي ٿو ”استاد بخاريءَ سنڌ جي وکريل سونهن ۽ ثقافت کي سموهي سٽن جو روپ ڏنو. ان ڪري ئي استاد جي شاعري ۾ برسات جي پهرين ڦڙين تي اُٿندڙ ڪچي ۽ ڪاڇي جي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي. سندس شاعري جي البم ۾ ڊڀن سان ڍڪيل پيچري کان وٺي اَڪن جي ڦلڙين، ڪنول جي گلن، درياءَ جي لڙئي پاڻي ۾ ترندڙ ٻيڙين جي اڇن سڙهن کي ڇهندڙ چنڊ جون تصويرون آهن. جن ۾ پورهيت جي پگهر ۽ محبوبه جي مُرڪ جي مهڪار رل مل آهي؟ سندس شاعري سنڌ جي تهذيب ثقافت جو آئينو ۽ سنڌي لفظن جي کاڻ آهي. سندس هر لفظ ۽ خيال احساس جي تارن کي ڇهندڙ جهرڻن وانگر شفاف سولو سڌو ۽ فطري نظارن وانگر وڻندڙ آهي. هن جي شاعري جي جڙ زمين ۾ آهي پر ان جي ڀاڪر ۾ آسمان به اچي وڃي ٿو.“ استاد جي شاعري ۾ سمنڊ واريون ڇوليون سنڌو درياهه جون ويرون، منڇر ڍنڍ جون لهرون ۽ نئين گاج جو رڌم موجود آهي.
    ڪاٿي آ قوم سنڌي قومي زبان ڪٿي آ،
    ٽي وي اسان جي اڌمن جو ترجمان ڪٿي آ.
    تاريخ جو جبر ٿو طعنو هڻي پڇي پيو،
    آزاد قوم، تنهنجو اوچو نشان ڪٿي آ.
    *
    ٽٽو دل جو شيشو بنائي نه سگهبو،
    ڀڳو ڏار وڻ جو لڳائي نه سگهبو.
    اهو آهي مشهور استاد ڪڏهن،
    ويو وقت واپس ورائي نه سگهبو.
    استاد هڪ سچيت آرٽسٽ هيو سندس فن فڪر جي اڏام وسيع هئي. لهجو / هيئت ڊڪشن پنهنجو هيس سنڌي شاعري ۾ وهائو تاري جي مثل آهي. سندس فن جي روشني جهيڻي ٿيڻي ناهي. هو ڪڏهن به مرڻو ناهي. ڇو ته فنڪار مري سگهي ٿو پر فن جو موت نه ٿيندو آهي.
    کون کہتا ہے کے موت آئی گی تو مر جاؤنگا،
    میں تو دریا ہوں سمندر میں اُتر جاؤنگا۔
    بخاري ته ڇا پر ڀٽائي به برقعو مٽائي سميٽي ويو پٺيان ڪي چڱا چار اشعار رهندا هميشه هميشه،
    ٻيلو نه جهلي ٻور اهو ناممڪن،
    تنهنجو نه پوي پور اهو ناممڪن،
    استاد جو آواز لٽيو ٿا لڙ ۾،
    اونده ۾ لڪي نور اهو ناممڪن.



    حوالا
    1. استاد ”او تون جو تون“ روشني پبليڪيشن ڪنيارو 2005ع.
    2. استاد بخاري ”لهر لهر ريا“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع
    3. تاج بلوچ ”جديد ادب جو تجزيو“ سوجهرو پبليڪيشن 2014ع
    4. استاد بخاري ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
    5. تاج جويو ”استا بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2012ع
    6. استا بخاري، ”بخاري جا قطعا“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009ع
    7. استا بخاري ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“ روشني پبليڪيسن ڪنڊيارو 2001ع
    8. استا بخاري هي گجرا هي گولا روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004.
    9. استاد بخاري وطن ۽ ويساهه روشني پبيليڪشن ڪنڊيارو 1997ع
    10. شير مهراڻي ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ جماليات“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2013ع


    محمد ابراهيم جويي صاحب جو جنم هنڌ ڳوٺ آباد ۽ سندس ڪتاب

    سائين محمد ابراهيم جويو ولد محمد خان جويو جو جنم اڳوڻي ضلعي دادو هاڻوڪي ضلعي ڄام شورو تعلقي ڪوٽڙي جي ڳوٺ ”آباد“ ۾ 13 آگسٽ 1915ع تي ٿيو. سندس والد محمد خان هارپو ڪندو هو. هي ڳوٺ ”آباد“ سيوھڻ روڊ لڪي شاهه صدر کان 3 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف آهي. جنهن ڳوٺ ”آباد“ ۾ سائين محمد ابراهيم جويو ڄائو، اهو ڳوٺ ”آباد“ هن وقت موجود نه آهي. درياءَ جي ڪناري تي هئڻ ڪري ڪيترائي سال اڳ ۾ ڳوٺ آباد درياءَ جي لهرن جي ور چڙهي ويو. ان ڳوٺ جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري لڪي شاهه صدر، سن، آمري، حيدرآباد، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن ڏي لڏي ويا. ان ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو ان ڳوٺ مان لڏو کڻي درياءَ کان ڪجهه پرڀرو اولهه طرف نئون ڳوٺ اڏيائون، ان ڳوٺ جو نالو ساڳيو ”آباد“ رکيائون، جيڪو هن وقت اتي موجود آهي ۽ ”آباد“ نالي اهو ڳوٺ سڏجي ٿو. رڳو پراڻو ڳوٺ آباد درياء جي لهرن ور نه چڙهيو پر ريلوي لائين ۽ Indus high way پڻ درياءَ جي ور چڙهي ويا.
    ڳوٺ پراڻي آباد ڀرسان ريلوي ٽريڪ به هوندو هو. جتان ريل گاڏيون گذري سيوهڻ، دادو لاڙڪاڻو جيڪب آباد، ڪوئيٽا، ڪوٽڙي، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏي وينديون هيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، ان ريلوي ٽريڪ کي لڪي شاهه صدر کان ٿورو اڳتي، پراڻو ريل ٽريڪ ختم ڪري جابلو پٽيءَ مان نئون ريلوي ٽريڪ ٺاهيو ويو. جيئن ريلوي ٽريڪ کي جابلو پٽيءَ مان ٺاهيو ويو. تيئن Indus high way کي پڻ جابلو پٽيءَ مان ٺاهيو ويو. هن وقت ڳوٺ آباد ڏي لنڪ روڊ، سيوهڻ کان اچبو ته لڪي شاهه صدر کان ٿورو اڳيان ۽ حيدرآباد کان اچبو ته آمريءَ کان ٿورو اڳتي، ڳوٺ ”ٺٽي“ وٽان لنڪ روڊ ڳوٺ ”آباد“ ڏي وڃي ٿو. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب پرائمري 4 درجا ڳوٺ آباد ۾ پڙهيا، 17 اپريل 1927ع تي ”سن“ جي اي وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. 1930ع تي سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخل ٿيا. جتان 1934ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1941ع ۾ ايس ٽي ڪاليج بمبئي مان بي ٽي پاس ڪيائين. محمد ابراهيم جويو جو تعلق غريب خاندان سان هو. سندس سڀ خاندان وارا هارپو ڪندا هئا. جويو صاحب سنڌ جو هڏ ڏوکي، سچو انسان رهيو آهي. سنڌي ماڻهن کي شعور ڏيندڙ، سندن ذهنن جي آبياري ڪندو رهيو آهي. هميشه سنڌ، سنڌي ماڻهن، سنڌي قوم جو سالار رهيو آهي، جويي صاحب جا سائين جي ايم سيد سان سٺا لاڳاپا هيا. جويو صاحب سائين جي ايم سيد کي ”سائين وڏو“ چوندو هو، احترامن هن وقت تائين به سائين جي ايم سيد کي ”سائين وڏو“ چئي مخاطب ٿيندو آهي. جويو صاحب سنڌ جي جيد نامور شاعر شيخ اياز کي به همٿائيندو هو، شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ لکيو آهي ته:
    ”ابراهيم جويو سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي. مان جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته، چاهيندو آهيان ته ان تي پهرين نظر سنڌ جي هن عظيم دانشور جي پوي ۽ اهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته مون کي ان جي امرتا جي پڪ ٿيندي آهي. منهنجي ڪتاب ”بڙ جي ڇانوَ اڳ کان گهاٽي“ ۾ شامل هڪ نظم ”چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان تون هيئنءَ “ جي شرح جنهن خوبصورتي سان هن ڪئي آهي، اهڙي ورلي ڪو ڪري سگهندو.“ (1)
    جويي صاحب ڪيترن ئي شاعرن جي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا آهن. جيڪي هڪ الڳ ۽ منفرد تاريخي حيثيت رکن ٿا. پاڻ ڪيترائي سال تدريس سان پڻ وابسطا رهيو. جويو صاحب 1938ع تي سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1951ع تي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جيڪو 1961ع تائين رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جا اهي ڏهه سال تاريخ ۾ شاندار ليکيا وڃن ٿا. جويي صاحب سنڌي ادبي بورڊ کي بحران مان ڪڍي ترقي ڏياري. جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ٻيو ڀيرو سيڪريٽري 1963ع کان 1967ع تائين رهيو. جويي صاحب جا ترجما سنڌي ادب ۾ شاهڪار ليکيا وڃن ٿا. سنڌي ٻولي ۾ عالمي ادب ترجمو ڪري. ٻاهرئين ادب کان روشناس ڪرايو. جويي صاحب جي ڪتابن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو. ڪي پاڻ لکيا اٿس ڪي ترجما ته ڪي ايڊٽ ڪيا اٿس.

    1. اسلام جو تاريخي ڪارنامو (ترجمو) 1945ع
    2. ايملي عرف تعليم ترجمو 1950ع
    3. ٻارن جي تعليم ترجمو 1972ع
    4. وحشي جيوت جا نشان ترجمو 1977ع
    5. گليلو ترجمو 1977ع
    6. فڪر جي آزادي ترجمو 1977ع
    7. شاهه، سچل سامي اصلوڪو 1978ع
    8. ٻارن جو مسيح ترجمو 1980ع
    9. ماڻهوءَ جو ڀاڳ 1980ع
    10. فلسفي جو ابتدائي ڪورس ترجمو 1983ع
    11. عورت زاد ... 1983ع
    12. محڪري جا مضمون ترجمو 1985ع
    13. علم تدريس مظلومن لاءِ ترجمو 1990ع
    14. فرينچ انقلاب جلد 1 ترجمو 1990ع
    15. هوءَ جا ٽمڪي ٻاهڙي 1995ع
    16. اسان جي ٻولي اسان جي تعليم 1996ع
    17. مٺ موتين جي 1996ع
    18. ادب ٻولي تعليم 1998ع
    19. ڳالهيون ڪتابن جون جلد 1- 2000ع
    20. ڳالهيون ڪتابن جون جلد 2 -2001ع
    21. خط ٻن اديبن جا ... 2001ع
    22. خط ٻن استادن جا ... 2002ع
    23. سڏ پڙاڏو ... 2003ع
    24. پيار، نبار ۽ اٿاهه... 2007ع
    25. سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي 2007ع
    26. سنڌ منهنجي خوابن جي 2008ع
    27. تعليمي پڌرنامو 2011ع
    28. سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي 2011ع
    29. سنڌ جو املهه هيرو تاج محمد ابڙو سهيڙيندڙ

    جڏهن ته انگريزي ڪتابن ۾
    1. Save Sindh save sub continent 1947
    2. Communalisms betravel the day for freedom 2007
    3. ...................... volume-2 2007
    4. Sindhu Desh a Nation in chains
    5. Shah, Sachal, Sami

    ان کان سواءِ به جويي صاحب نصابي ڪتابن ۾ ”سنڌي پرائمري“ اچو ته گڏجي پڙهون. سنڌي ريڊر ڪلاس پهريون، سنڌي ريڊر ڪلاس ٻيو، سپليمينٽري ڪلاس ڇهون، سنڌي نصاب ڪلاس (نائون ۽ ڏهون) سنڌي ٻولي جو ڪتاب ڪلاس (يارهون ۽ ٻارهون). سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حير بخش جتوئي، تاج محمد ابڙو ۽ سنڌ جي ٻين سياستدانن، اديبن، شاعرن جا سوين ڪتاب پاڻ ايڊٽ ڪيا اٿن، سنڌ جو ناميارو دانشور محترم جامي چانڊيو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:
    ”جيتوڻيڪ سنڌ ۾ جديد قومي سوچ ۽ وطنيت بابت 1950ع جي ڏهاڪي کان وٺي سڀني کان وڌيڪ سائين جي ايم سيد لکيو آهي، پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ قوميت جو روشن خيال فڪر پهرين پهرين سائين جويي صاحب ڏنو. اها ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهه آهي. جڏهن ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ جهڙا ۽ ٻيا شاهڪار مقالا لکيا. جڏهن ته ان دؤر ۾ سائين جي ايم سيد تي مذهبي قوميت ۽ ٻه قومي نظريي جو وڏو اثر هو. ائين گذريل ست ڏهاڪا جويي صاحب وطنيت ۽ قوميت جي شعور جي روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ تحت آبياري ڪئي. جنهن جو مثال هن جا سوين مضمون، مقالا ۽ شاهه سچل سامي جهڙا ڪتاب آهن، هن ورهاڱي کان اڳ مذهب کي قوميت، سياست ۽ رياست کان جدا ڪرڻ جو جديد سيڪيولر شعور ڏنو.“ (2)
    هن مقالي لکندڙ جون جويي صاحب سان کوڙ ساريون ملاقاتون ٿيل آهن. منهنجي ڪتاب رنگ، خوشبوءِ گل جو مهاڳ پڻ جويي صاحب لکيو هو. جويو صاحب منهنجو ڳوٺائي به آهي. جيئن ته منهنجو ڳوٺ سندس ڳوٺ جي ڀر سان اڌ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ڳوٺ محمد يعقوب پنهور جي نالي سان آهي. سنڌ جي ناليوارن اديبن شاعرن خاڪي جويي ۽ تاج جويي جو به اباڻو ڳوٺ آباد ئي آهي سندن والد به آباد ۾ ڄائو نپنو هو. سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ نيوز ايڊيٽر نياز پنهور پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:
    ”سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي سماجي ۽ قومي شعور جو اهو سج آهي، جنهن جي روشني جا ڪرڻا هن ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ کي منور ڪري چڪا آهن. جديد سنڌ ۽ جديد سنڌي ادب جي تشڪيل ۽ تعمير جو تصور جويي صاحب کان سواءِ سوچي ئي نه ٿو سگهجي.“ (3) جويي صاحب جون سنڌ، سنڌي ادب، سنڌي ماڻهن لئه ڪيل خدمتون تاريخ ۾ زنده رهنديون. مون کي جويو صاحب سدائين بڙ جي گهاٽي وڻ جيان لڳندو آهي، نم جي ٿڌڙي ڇانوَ جو احساس ٿيندو آهي. وطنيت جو سچو علمدار آهي. روشن خيال ۽ روشن ضمير انسان آهي.
    نوٽ: هي مقالو محمد ابراهيم جويي صاحب جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو هو.



    حوالا
    1. ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون شيخ اياز.
    2. مضمون ڪاوش جامي چانڊيو
    3. مضمون ڪاوش نياز پنهور


    وفا غريب سهي بي ضمير ناهي ڙي

    جديد سنڌي شاعري ۾ غزل جي صنف ۾ ڪيترن شاعرن پاڻ مڃايو آهي. پر سنڌي جديد غزل ۾ وفا ناٿن شاهي ساهه وِڌو آهي. وفا ناٿن شاهي جو غزل عمدو ۽ اعليٰ پايي وارو آهي. وفا غزل ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. سنڌي جديد غزل کي مٿاهون ۽ نمايان رکيو آهي. وفا جديد سنڌي غزل کي تاج پهرايو آهي. جنهن سان غزل من موهيندڙ، دل کي ڇهندڙ، نازڪ، نفيس ملائم ٿي پيو آھي.

    ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان.
    نرم سهي بي ساهه ته ناهيان.

    ايڏو ڇو ٿا ڇرڪو مونکان،
    مان دوزخ جي باهه ته ناهيان.

    نيٺ خطا ٿي ويندي مونکان،
    آدم هان، الله ته ناهيان.

    قيد ٿيا سوني پڃري ۾،
    واڻيي جو ويساهه ته ناهيان.

    ڇو ٿا مونکي ڦاهيءَ چاڙهيو،
    ايڏو حق آگاهه ته ناهيان.

    ”سندس انداز بيان ڏاڍو رنگين ۽ پيارو آهي، ذوق جماليات جو عنصر به سندس ڪلام ۾ جام آهي. ان کي اگر معتدل ۽ محتاط انداز ۾ نه رکبو ته پوءِ فن کان متجاور ٿي وڃي ٿو ۽ ممڪن آهي ته اهو ناقابل برداشت حدن تائين پهچي وڃي. هر صنف تي وفا جا تجربا موجود آهن، غزل نظم، آزاد نظم، رباعي قطعي وغيره ۾سندس خيال آفريني پسنديده حدن تائين موجود آهي“ (1)
    اک جي رستي تان کڻي ڇڏ مونکي.
    دل جي بندوق هڻي ڇڏ مونکي.

    ڇو ٿو ٺڪرائين ننڌڻڪن وانگر،
    ڪنهن جي ڌڻ سان ته ڌڻي ڇڏ مونکي.

    پيار جا پنڌ، جبل جون چاڙهيون،
    آهه تڪليف گهڻي، ڇڏ مونکي.
    *
    مونکي دُنيا وفا وفا ٿي سڏي،
    معجزو تنهنجي پيار جو آهي.
    ”ياد رکڻ گهرجي ته شاعري ۾ ڪچي جي ٻولي، پڪي جي ٻولي، پڪي جي ٻولي يا شهري ٻوليءَ جي ووڪيو بليري استعمال ڪرڻ سان ڪوبه وڏو يا ننڍو شاعر ناهي بڻجي سگهندو. اصل ڳالهه شاعر جي گهرائي ۽ بيان جي بيساتگي، جنهن جي بنياد تي شاعر جي عظمت جا ماڻ ۽ ماپا مقرر ٿيندا آهن. ها! ائين ضرور آهي ته شاعر جنهن ٻوليءَ کي اظهار جو ميڊيم بڻائيندو آهي، هن کي ان جو پارکو ۽ محافظ ضرور هجڻ گهرجي. ان سطح تي ’وفا‘ کي ووٽ آهي ته توڙي جو سنڌي ٻولي هن جي ماءُ ٻولي ڪانهي، پر ان ئي ٻولي ۾ هن بيساخته شاعري ڪري آئوٽ سائيڊ شاعر سڏرائڻ کان پاڻ کي بچائي ورتو آهي ۽ ننڍپڻ کان، سنڌ جي خاص ڪري رُورل ايرياز ۾ رهڻ ۽ پرورش پائڻ سبب هن سنڌ جي وستين واهڻن، ثقافت، لوڪ داستانن، روماني ڪردارن، اهڃاڻن ۽ تمثيلن کي پنهنجي تخيل جي مٽيءَ ۾ ڳوهي سموهي، هر سطح تي پاڻ کي هن ڌرتي جو ڄائو شاعر ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. (2) هو ڌرتي جو غيور شاعر هيو، سڄي عمر سنڌي ٻولي سنڌي عوام ۽ سنڌيت سان سچو رهيو وفا ڌرتي جو شاعر هو.
    ٻڌي ڪفن ۾ کڻي ويو هزار ڏک تنهنجا،
    تتي ٿڌي ۾ ويو جو توسان نباهي ڙي.
    *
    رستن مٿان ڪاوا اُڀا
    منهنجا اُگهاڙا پير ٿئي.
    وفا ناٿن شاهي رومانوي شاعري ۾ ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. نوان خيال نيون تشبيهون، وفا جي شاعري جو پهريون مرڪز آهي. هر غزل ۾ نئون رنگ آهي. هر سٽ ۾ ساهه آهي، هر خيال ۾ چاهه آهي، غزل جو گلاب شاعر آهي.
    وئين جڏهن پير پائي باغ ۾.
    باغ پيو پاسا ورائي باغ ۾.

    رنگ ۽ خوشبو جي پٺيان رُلي،
    پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾.

    تنهنجي واعدن سان ڪچهريون ٿو ڪريان،
    آس جي چادر وڇائي باغ ۾.

    تون ڀي وئين گل ڀي ويا هاڻي مٺا،
    ڪير ويٺو ڌوڙ پائي باغ ۾.

    بند اکيون موسم گل جون وفا،
    ڪو پيو ڪپڙا مٽائي باغ ۾.

    ”وفا ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ، غزل جي اهڙي روايتي ماحُول ۾ هر ڀيري تخيلقي تازگيءَ جو احساس پئي ڏياريو آهي، هن جا سوين شعر زبان زد عام آهن ۽ اهي پنهنجي سادگيءَ معصوميت ۽ سچائي سبب پڙهندڙن جي دل ۾ ڌڙڪن وانگر رهن ٿا. ان جو سبب آهي، هن جي سادي کان سادي شعر ۾ به، موجود بي پناهه گهرائي، بي انداز وسعت ۽ بي مثال تخليقي حسن. فني سماجي شعور ته هن جي شعر ۾ درياهه جي ٻن ڪنارن وانگر گڏوگڏ هلي ٿو. هن وٽ لفظ مُئل، مردار، غير متحرڪ ۽ بي معنيٰ نه آهن، بلڪه زندهه متحرڪ ۽ با معنيٰ آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعريءَ جي ذري ذري ۾ زندگي پنهنجي پوري حُسن ۽ ڀريل سيني جهڙي مقناطيسي ڇِڪ ۽ ڪشش سان موجود آهي. هو سنڌيءَ جو واحد شاعر آهي، جنهن هزارين غزل لکيا آهن ۽ انهن غزلن، دلين جا اُهي اُهي قلعا فتح ڪيا آهن. جيڪي اڃان تائين ته ڪنهن سڪندراعظم جي نصيب ۾ به نه آيا آهن. (3)
    برسي پئي برسات وڃين ٿي ڪاڏي!
    حيرت ۾ اڌرات وڃين ٿي ڪاڏي!
    *
    سنهيون آڱريون ۽ ڇلا موڪرا،
    پريشان سڀ ڇوڪريون ڇوڪرا.
    *
    بي عيب بدن تنهنجو، سنڊول بدن تنهنجو،
    ناياب بدن تنهنجو، انمول بدن تنهنجو .
    *
    لڙڪ منهنجا تنهنجي رُخسارن مٿان،
    سنگ مرمر تي ٽٽل ڳانيءَ جيان.
    *
    اکيون پور نه ٿيندو ڪر،
    دل کان دور نه ٿيندو ڪر.

    سڀ ڪو حاتم ناهه وافا،
    سوچي جهول جهليندو ڪر.
    *
    زندگي فڪر خام، ڇا ڪريون،
    خودڪشي ڀي حرام ڇا ڪريون.
    مئڪشن جو وضو شرابن سان،
    مئڪشي پيش امام ڇا ڪريون.

    تون اکيون ئي نه ٿو ملائين وفا!
    توسان دل جو ڪلام ڇا ڪريون.
    *
    بدن ۾ جيستائين ساهه رهندو،
    اسان جو توسان چريو چاهه رهندو.
    *
    ڪڙي هئي ٽوهه جي هر ڦاڪ وانگر زندگي پنهنجي،
    مگر ماکيءَ جيان ڪوڙن ڪسارن مان لنگهي وياسين.
    وفا ناٿن شاهي سنڌي جديد شاعري جو هڪ اهم نالو آهي، جنهن پنهنجي قلم سان سنڌي غزل جو مان اوچو ڪيو. ان ۾ خوشبو پکيڙي هر سٽ کي مھڪايو پنهنجي فن کي صدين تائين زندهه رکيو.
    نه فرض پالي سگهان ٿو، نه پيار ساهيڙي!
    ٻُڌاءِ اهڙِي جيئڻ مان مراد ڇاهي ڙي!
    هو تنهنجا ٿورا نه لاهي سگهيو ته ڳائيندو،
    وفا غريب سهي، بي ضمير ناهي ڙي.



    حوالا ۽ مدد ڪتاب
    1. مهراڻ شاعر نمبر سنڌي ادبي بورد ڄام شورو 1990ع ص 67
    2. ’وفا‘ وفا ناٿن شاهي روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2003ع ص 19،20.
    3. ’وفا‘ وفا ناٿن شاهي روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2003ع بئيڪ ٽائيٽل لکندڙ اسحاق سميجو
    4. ’وفا‘ وفا ناٿن شاهي روشني پبليڪيشن ڪنديارو 2003ع.


    ارجن حاسد جي شاعري ۾ ساهه آهي چري ڦري ٿي

    سنڌي شاعري جي باغ ۾ جيڪي گل آهن، هر ان گل جي خوشبو پنهنجي پنهنجي آهي. شاعر ته ڪيئي آهن پر ڪن جي شاعري، ساهه کڻندي چر پر ڪندي نظر اچي ٿي. اهڙن خوبصورت شاعرن ۾ ارجن حاسد به آهي. جنهن ڌرتيءَ کان دور رهندي به پنهنجي ماءِ جي ٿڃ ملهائي آهي، سنڌ ٻولي جي خدمت ڪئي آهي. غزل اهڙو ته لکيو اٿس، جنهن جو ڪو مثال ئي ڪونهي اهڙي ته ٻولي استعمال ڪئي اٿس غزل ۾، جو غزل ڪهڪشان تي پهچي ويو آهي. ۽ دل ورائي ورائي پڙهڻ تي چئي ٿي. اُهي تجربا ڪيا اٿس، جيڪي شايد ٻين نه ڪيا آهن. اڻ ٿيل تجربا جيڪي ارجن حاسد ئي انهن کي پنهنجي فن ۾ قابو ڪيو آهي.
    هوا خريد ڪندو آهيان، وڪڻندو آهيان،
    وڏي ۾ وڏو سيٺ سڏجندو آهيان.
    زمين مان ٿو ڦٽي نڪري، نرم ٻوٽي جيان،
    ڪڏهن ته ٽار تي ميوو ٿي مهڪندو آهيان.
    ”ارجن حاسد صاحب جو هر شعر شعور سان ڀريل آهي. هن جو شعر اڄ جي زندگي جي تصوري تنقيد آهي ۽ دل جي ڌڙڪن آهي، فن شعر جو جسم آهي ۽ خيال روح، حاسد جي غزلن ۾ جسم ۽ روح ٻئي ملوڪ آهن.“ ڪجهه غزلن جا بند هيٺ ڏيان ٿو:
    ڀاڪر ٻنهي جا، ڄڻ ته ٿي ڳٺڙي چُري پُري،
    لئه تال کي ستار ڪا هوريا ڇهي ٿي جيئن.
    *
    اداس آهي چنتا، ٿو ٻوساٽجي من،
    اُرهه چمندي پهتو هو دن وٽ اچي ڇو.
    *
    مرچن کي ٿُوم کي به ڏنو هُن سواد ڪيئن،
    ٻاجهر جي روٽلي ۾، الاچي، اهو ته ڏس.
    *
    کُليل تاڪ سوساٽ، رُلندڙ پڙاڏا،
    ڇڻيا پن سرءَ جا بڻيا وڻ اگهاڙا.
    *
    مڇي پچايم سپنن جي پر، ٿالهي کي اُپواس،
    پرڇيان ڪنهن لئه احساس تي آيو ٿي ڪهڪاءُ.
    *
    مٺ ڀري ڳوڙها تتل چُلهه ۾ وڌئي،
    ڪنهن جي لئه چانور رڌيندي سڏ ڪندي!
    ڳٺڙي جو چرڻ پرڻ، ارهه چمندي دن وٽ پهچڻ، ٻاجهر جي روٽلي ۾ الاچي، بڻيا وڻ اگهاڙا، مڇي جو سپنن ۾ پچڻ، ڳوڙها تتل چلهه ۾ وجهڻ، ڇا ته تشبيهون اشارا، ڪنايا ۽ نواڻ آهي. ارجن حاسد جي هر غزل اهڙي جدت سان ڀريو پيو آهي. ارجن جي هڪ غزل تي پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، ڇو ته سندس شاعري سنڌي شاعري جو اهم حصو آهي. ارجن حاسد 2004ع ۾ سنڌ آيو هو ۽ قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي (ھن مقالي لکندڙ) سان ڀاڪري ڀائي مليو، سو اهو پيار اڄ به نه ٿو وسري مون ارجن حاسد کي مون چيو ته مان اوهان جي شاعري سان تمام گهڻي محبت ڪريان ٿو. اها اسان جي پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. هو انڊيا ويو هليو، ان بعد پنهنجو ڪتاب ساهي پٽجي مون ڏي موڪليائين. ساهي پٽجي سڄو مجموعو غزلن تي مشتمل آهي. وطن جي وڇڙڻ جو درد ساهي پٽجي ۾ به موجود آهي.
    چوان سنڌ جي پاڪ مٽي ڇهان مان،
    اکين تي رکان مان، پو چپن سان چمان مان،
    ڪڏهن ڪو نياپو، چٺي ٿي اچي جي،
    سڄو ڏينهن حاسد لڇي ٿو لڇان مان.
    ارجن حاسد ڪينجهر ڍنڍ تي 26 ڊسمبر 2004ع تي رات جو ٻين بجي جيڪو غزل لکيو هو ان جا ٻه بند آهن ته:
    مان هڪ هڪ وڻ کي هٿ لايان،
    هر ماڻهوءَ سان ڀاڪي پايان،
    مان ٻار نڌڻڪو ڄڻ حاسد،
    ٿو کير وٽي لئه واجهايان.
    ارجن حاسد سنڌ کي ڇڏڻ کان پوءِ پاڻ نڌڻڪو محسوس ٿو ڪري ”ٻولي کي مان بخشڻ سان گڏوگڏ، حاسد تصويرون چِٽڻ ۽ اسٿيون کڙيون ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿو.
    ڌرتي جي ساهه ساهه ۾ انڊلٺ جا ترورا،
    مکڙين جي لوڏ لوڏ اکين کي وڻي ٿي جيئن.
    هيءَ انڊلٺ آسمان ۾ ڪانهي نڪو برسات جي ڪري آهي. هيءَ بهار جي انڊلٺ آهي، رنگين مکڙين جو هوا ۾ لڏڻ رنگن جا جهلڪا ۽ هڪ تصوير جا سامهون اچڻ اهڙي ئي نموني هڪ ٻي تصوير:
    گرجندڙ بادل، وڄون، من چهچٽو،
    فرش تي بوندون اڱڻ ۾ ناچڻيون.
    هاڻي ٻه اسٿتيون ڏسو جيڪي پاڻ ۾ ڪهاڻي کڻي ٿيون اچن:
    ڪڪڙن جي ويڙهه شام جو،
    رات جو ٿاڻي تي گڏ جون جي.
    (ويڙهه صرف ڪڪڙن جي ڪٿي هوندي آهي)
    *
    چؤنڪ تان ويڻي به هڪ ورتم کڻي،
    رات ڇنڇر جي اگهاڙي بي حيا.
    غزل ۽ رومان هڪ ٻئي سان جڙيل، هڪ ٻئي ۾ وڪوڙيل جسم هوندا آهن. حاسد جو جسم گهڻو ڪري بي جسم Abstract آهي ۽ جتي هو رومان کي جسم بخشي ٿو، اُتي به هو رومان جو صرف ساماڻيل احساس تخليق ڪري ٿو.
    ڀاڪر ٻنهي جا، ڄڻ ته ٿي ڳٺڙي چري پري (جسم)
    لئه تال کي ستار ڪا هوريان ڇهي ٿو جيئن. (احساس)
    ڄڻ ته ڀڻ ڀڻ اچي هٿ اکين تي رکيو. (جسم)
    ڪنهن جي چوڙين جي آهٽ ٻڌڻ ۾ اچي. (احساس)
    ارجن حاسد جي غزل ۾ تشبيهه استعاري جي ڪن اهڙين سمڀاونائن جو نوٽ وٺي سگهجي ٿو.
    نهار ٿي لڳي جهريل عورت،
    ليئاڪا جهڙا سونهن جا پاڇا،
    ٿانوَ کڻي ٿي گهمي ڪنڀارڻ،
    جسم سڄو ئي چيڪي مٽي.“ (2)
    ارجن حاسد جي شاعري جا رنگ ڪڏهن ميرا ٿيڻا ناهن صدين تائين پکڙيل رهندا، سنڌي ۽ سنڌي ٻولي جا عاشق واس (خوشبو) وٺندا رهندا.
    هزار ڀيرا رُٺاسين، رُناسين پڻ حاسد،
    تڏهن به من ته هميشه رهيو ئي ٿانيئڪو.

    گُل تي شبنم جي روشنيءَ جهڙي،
    ڳَل جي سرهاڻ زندگيءَ جهڙي.



    حوالا
    1. حوالا ۽ مددي ڪتاب ارجن حاسد (اُڃ) گوپلاڻي چيئرٽيبل ٽرسٽ انڊيا 1999ع
    2. ارجن حاس، (ساهي پٽجي) احمد آباد انڊيا مارچ 2006ع
    3. شاعري ارجن حاسد جا ٻه ڪتاب اڃ ۽ ساهي پٽجي تان ورتل.


    ڪاڇي جي مٽيءَ جو ڪوي...!

    هر تخليق جو معيار پنهنجو پنهنجو هوندو آهي. جنهن تخليق ۾ جان (ساهه) هوندي آهي اُها تخليق امر هوندي آهي. لڙ ۾ لٺيون هڻڻ کان بهتر آ، ڪا هڪ سٽ تخليق ڪجي جا ’امر‘ هجي، استاد بخاري چيو ته:
    ’ڪوڙي قصي کڻڻ کان هڪ سٽ سچي چڱي آ‘
    احمد خان مدهوش پڻ کوڙ اهڙي شاعري ڪئي جا دل تي چٽجي وڃي ٿي.
    جڏهن کان اک لڳي تو سان، تڏهن کان اک لڳي ناهي،
    جڏهن کان چاڪ ڪئي تو دل، تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي.

    هي ٻه سٽون احمد خان مدهوش جون ڪا به طاقت منهنجي دل تان ڊاهي نه ٿي سگهي. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي غزل سنڌوءَ جي پاڻي مان وهنتل آهن جيڪي ڪڏهن به ميرا ٿيڻا نه آهن. سدائين چنڊ جيان چمڪندا رهن ٿا. ڪاڇي جي پيرن جو هڳاءُ رکن ٿا، محبوب جي نيڻن جون ادائون پسائن ٿا.

    اچين ٿو جي سامهون ته تابش ٿي ماري،
    لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري،
    اکين تي نه الزام ’مدهوش‘ ڌر تون،
    اکين کي ته دل جي سفارش ٿي ماري.

    اکين کي دل جي سفارش، تابش، خواهش کي اهڙي خوبصورت نموني احمد خان مدهوش اظهاريو آهي. لفظن ۾ هن ساهه وجهي ڇڏيو آهي. شيخ اياز چيو ته ”ڪئنواس تي مصورن جون عمريون گذري وينديون آهن. تڏهن هو ڪائي پائيدار مصوري ڪري سگهندا آهن. شاعري ڪا ٽيبل ٽينس راند نه آهي.“ احمد خان مدهوش خوبصورت شاعر آهي جنهن جو گهاڙيٽو ٻين شاعرن کان منفرد ۽ جداگانه آهي، جيڪو سندس جي شاعري کي جلابخشي ٿو. تخليقار پنهنجي ڌرتي، ٻولي، ثقافت، رسمن، رواجن تهذيبن کي تحفظ پڻ ڏيندا آهن. احمد خان مدهوش کي شاعري جو سخن ’خانداني ورثو‘ جلال کٽي کان مليل هو. پاڻ فطري شاعر هو.
    مان هان فطرت جي هنج ۾ نپنو،
    شاعري ۾ تڏهن نکار آهي.
    (سعيد ميمڻ)

    سندس شاعري جو نکار هميشه آباد رهيو آهي، شاعري جي عشق ۾ امرتا ماڻي افلاڪ تي پهتو آهي.
    آتڻ چونو ڪت، تاڻيان تند نه نبري،
    پاڻا روئي رت، چرخو مون چڪ ڪيو.
    (شاهه)

    شاعري جو سفر آڻانگو پنڌ آهي، ڪنڀر جي آوي ۾ پچڻو آهي. پاڻا روئي رت ڪري منزل تي پڄڻو آهي. احمد خان مدهوش چرخو چڪ ڪري. منزل تي پهتو. جنهن منزل لاءِ هو نڪتو هيو. مدهوش فارسي ۽ روايتي شاعري مان جند ڇڏائي عوامي شاعري جي راهه ورتي. جتي سندس استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، نثار بزمي، اسحاق راهي، ناظم منگي، طالب لغاري، ميهر فقير ۽ ٻيا ڪيترائي سفر ۾ رهيا. مان مٿي چئي چڪو آهيان ته هن ڪاڇي جي ڪوي پنهنجو رستو/ منزل منفرد ۽ جداگانه رکيو جيڪو کيس ”امر“ ڪري ويو.
    احمد خان مدهوش سرائيڪي ٻولي جو به خوبصورت شاعر هيو جنهن ۾ سونهن، محبت، پيار، دل جون ڳالهيون سرائڪي ٻولي ۾ خوبصورت نموني اظهاريون آهن. مدهوش جي شاعري ۾ عشق ۽ وصل جا موضوع خاص آهن. سندر شاعري جو خالقڻهار آهي. ٻولي جو استعمال حسين اٿس.
    مَئين ته الائي ڪيا ٿي ويسان،
    جنهن ويلي تيڏا ٿي ويسان،
    دوزخ ڀي هَٽ ويسين، جي، مئين،
    ڀاڪر وچ سوگها ٿي ويسان.
    عشق مجازي هجي يا حقيقي، مگر عشق سچو هجي مدهوش سچو عاشق هو، ٻولي جو ڌرتي جو، سونهن جو، شاعري جو، عشق ۾ چوي ٿو.
    پرين پاڻ پنهنجو وساري ڇڏيو ٿم،
    مگر عشق تنهنجو اجاري ڇڏيو ٿم.
    مدهوش سماجي اڳواڻ به هيو، شهر جي بنيادي مسئلن ۾ هو شهرين سان ڌرتي، احتجاج، بک هڙتال ۾ گڏ هوندو هيو. هو هڪ بهترين سماجي اڳواڻ هيو جو هي ٿيندڙ ملٽي نيشنل ڪمپنين خلاف احتجاجن جي اڳواڻي پاڻ ڪندو هيو، عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندي فخر محسوس ڪندو هيو اصول پرست انسان هيو.
    زهر ڏيو ڦاهي چاڙهيو يا منجهه ڪڙاهيءَ ڪاڙهيو،
    ڪهڙو به رکو دستور، پر ڇڏيو ڪين اصول.
    سرائيڪي شاعري ۾ ميٺاج ٿئي ٿو. ان جو لهجو وڻندڙ ۽ موهيندڙ هوندو آهي. سرائڪي ۾ گيت جو ميٺاج اهڙو ته مٺو ٿئي ٿو جو هر ٻڌندڙ کي موهي مست ڪري ڇڏيندو آهي. مدهوش جو هي گيت ان رنگ ۾ رنگيل آهي، مدھوش سرائڪي سان گڏ سنڌي ۾ به گيت لکيو آھي.
    هر هر سهڻو چهرو ڏسجي، ڀيرو تي ڏئي ڀيڙو ڏسجي،
    ڦير تي ڏئي ڦيرو ڏسجي، ڏسجي - ڏسجي- ڏسجي.
    سهڻن گلڙن سونهارن جو،
    قدرت جي ان شهڪارن جو،
    پيارن پيارن رخسارن جو،
    رنگ گلابي گهرو ڏسجي، هر هر سهڻو چهرو ڏسجي.
    جنهن مان روح کي راحت پهچي،
    جنهن سان دل کي آٿت پهچي،
    نيڻن کي ڀي نعمت پهچي،
    ”مدهوش“ اُن ڏي ويٺو ڏسجي، هر هر سهڻو چهرو ڏسجي.
    مدهوش جي شاعري ۾ حرف تجنيس جو استعمال تمام گهڻو مروج آهي. غزل، گيت، وائي ۾ اڪثريت سان اظهاريو اٿس، سندس شاعري ۾ ميٺاج وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ ترنم ۽ رڌم جي روانگي دل تي جلد اثر ڪري ٿي ۽ شعر من موهيندڙ ٿي پوي ٿو.
    دل پاڪ، اکيون پاڪ، نظر پنهنجي ڪري پاڪ،
    حسناڪ جو هيراڪ، ٿيءَ حسناڪ جو هيراڪ.

    دلڙيون ڦري ڦٻائڻ، ڦندا وجهي ڦاسائڻ،
    نٽ ناٽ سان نٽائڻ، سڀ حرڪتون اکين تي.
    مدهوش ديدار جي خواهش ۾ سڀ ڪجهه فنا ڪرڻ وارو شخص هيو، محبوب ئي هن لاءِ سڀ ڪجهه هيو.
    يار هڪڙي جهلڪ رڳو ڏيکار،
    سر جدا ڏيائين، ڌڙ جدا ڏيائين.
    احمد خان مدهوش سنڌ جو عوامي شاعر هيو جنهن سنڌي شاعري کي پاڻ ارپي ڇڏيو 26 جون 2010ع تي اسان کان وڇڙي راهه رباني ورتي ۽ ائين چئي ويو.
    مان پکي هان پيار جو،
    پيار جي اظهار جو،
    ڌار جو نه مارجو،
    مان پکي هان پيار جو.


    نئين ڪويتا جو شاعر واسديو موهي

    شاعري سڀني لطيف فنن جو روح ۽ سڀني کان اُتم آهي. شاعري کان موسيقيءَ جو درجو گهٽ، موسيقي کان مصوري جو درجو گهٽ، مصوريءَ کان بت تراشيءَ جو درجو گهٽ، بت تراشيءَ کان عمارت سازي جو درجو گهٽ آهي.(1)
    جديد سنڌي شاعري ۾ نظم پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي پيداوار آهي. نظم جا چار نمونا لکيا وڃن ٿا.
    1. نظم
    2. آزاد نظم
    3. نثري نظم
    4. تجريدي نظم
    پهرئين دور ۾ سنڌي شاعري ۾ نظم قبول نه پئي ڪيو ويو ۽ ان کي مڃرائڻ ۾ ڪافي تڪليفون شاعرن کي پهتيون. روايتي شاعرن جو چوڻ هو ته نظم شاعري ناهي. ٻي پاسي، جديد شاعرن ان کي شاعري تسليم ڪيو نظم لکيو. نظم ۽ آزاد نظم وزن ۾ لکيو ويندو آھي ليڪن ان ۾ قافين رديفن جي ڦير غير جي اجازت هوندي آهي.
    جڏهن ته نثري نظم ۾ وزن جي ڪا پابندي نه آهي ۽ ته ان ۾ خيال جي پختگي، گهرائپ مقصديت هئڻ گهرجي، خالي نثري سٽون نه هجن.

    نثري نظم ڇا آهي؟
    ”نثراڻو نظم شاعري جي هڪ اهڙي صنف آهي جيڪا هڪ اهم ضروري پيغام کي پابندي شاعري جي صنف ۾ لکي سگهڻ جي ڪري، ٿورڙي رعايت سان نثراڻن لفظن کي شاعراڻي انداز ۾ بيان ڪري پنهنجو سنيهو ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. شاعري جي هيءَ صنف وزن ۽ بحر جي پابندين کان آجي آهي.
    مان جي سرمد هجان ها، ته قطب مينار جي
    چوٽي تي چڙهي نغارو وڄائي چوان ها
    جاڳو اي ننڊ ۾ الوٽ انسانو جاڳو
    پنهنجن حويلين ۽ حجرن مان
    هو چوڏهين جو چنڊ ڏسو
    جي سانوڻ جي گهٽائن ۾ ڇپي ويو آهي
    ۽ جي ان ڪري اورنگزيب جي هٿان ماريو
    وڃان ها ته مون کي افسوس نه ٿئي ها
    اگهاڙپ اوڇڻ ٿيندي آهي بي عيب انسان جو
    پر ٻن رباعين لاءِ رڳو جلاد اڳيان سر
    جهڪائڻ زندگيءَ جو ڪهڙو نه اجايو اڪلاء آهي!“
    (شيخ اياز)(2)
    موجوده دور ۾ نثري نظم کي نئين ڪويتا سڏيو وڃي ٿو، ڪن شاعرن کي اعتراض آهي ته ان صنف کي نثري نظم سڏيو وڃي، اڪثريت شاعرن جي اها راءِ آهي ته انهيءَ کي نئين ڪويتا سڏيو وڃي. انڊيا ۾ سنڌي شاعرن نثري نظم کي نئين ڪويتا جي نالي سان لکيو آهي ۽ انڊيا ۾ ڪجهه ڪتاب نئين ڪويتا جي نالي سان به ڇپيا آهن. هن وقت سنڌ ۾ اڪثريت سان نئين ڪويتا لکي وڃي ٿي.
    واسديو موهي غزل سان گڏ نئين ڪويتا لکي آهي، جيڪا خوبصورتي ، نواڻ، خيال، مقصد سان ڀرپور آهي. واسديوَ موهي جي ڪتاب ”ريل جي پٽڙي ميري“ ۾ غزل ۽ ڪوتائون آهن. واسديو نثري نظم ڪوتا جي نالي سان لکيا آهن. واسديوَ موهي جي ٻئي ڪتاب ’چهنب ۾ ڪک‘ غزل ۽ ڪوتا تي مشتمل آهي. نئين ڪويتا سان نڀاءُ واسديوَ موهي ڪمال جو ڪيو آهي. جنهن سان نئين ڪويتا پنهنجي حيثيت ماڻي چڪي آهي.

    رشتو
    بابو ڳوڙها ڳاڙڻ تي
    سخت چڙندو آهي
    مامي جي گهر جو در
    رڌڻي جي دريءَ کان نظر ايندو آهي
    روز ڏهين بجي
    مامو آفيس لاءِ نڪرندو آهي
    امان دريءَ وٽ بيهي
    بصر وڍيندي آهي.
    ورهين کان
    ڏهين بجي
    مان ساڳيو نظارو ڏسندو آهيان
    امان بصر وڍيندي ڳوڙها ڳاڙيندي آهي...!
    *

    جياپو
    مون کي ٻوليون وڻنديون آهن
    پر ٽن کي پيار ڪندو آهيان
    انگريزي کي
    مونکي روٽي ڏيندي آهي
    هنديءَ کي
    مون کي ديس سان جوڙيندي آهي.
    سنڌيءَ کي
    مون کي سپنا ڏيندي آهي.
    ”موهيءَ جو پنهنجو پيچرو پري پري کان ڏيکاري ڏيڻ لڳو آهي. شروع شروع ۾ نئين ڪوتا لکندي، سندس شعاع پري کان پڌرو هو. ڀاوَ، ٻوڌ، لهجو، معنوي سمپورڻتا، سهج سرل مزاج، هر ڪنهن جو شعور ته نه ٿو پهچي. فن ۽ فڪر جو ڪٿي به ڇيهه ڪونهي ڪنهن سان ڪا ڀيٽ ڪانهي“(3) وا سديوَ موهي سنڌي شاعري پنهنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ رکڻ وارو شاعرآھي هن جي شاعري ۾ جدت به آهي فڪر به آهي. ڌرتي کان ڏور رهڻ جو صدمو اڃا سهي پيو ۽ لکي ٿو:

    پيرَ
    مان ڌرتي منهنجي امان ڳايان،
    آسماني پنن تي
    ان جي ڪوتا لکان
    پنهنجي گهميل اک سُڪائڻ لاءِ ليڪن
    اُن جي گود
    ڪٿان آڻيان
    مٽيءَ جو سڳنڌ ماڻيان
    مينهن پوي جي...
    هن ريتيلي ملڪ ۾
    بارش سڙڪن تي
    صرف غاليچو بڻجي
    جنهن زمين تي
    منهنجا پير هئا
    منهنجي ڀاءُ اُتان ڌڪي ڇڏيو
    اڃا
    ٻيءَ تي ٽڪيائي مس
    چلهه گم ٿي ويئي
    هاڻي هي پير
    هوا ۾ آهن.
    واسديوَ موهي غزل ۾ به پاڻ ملهايو آهي، پر مون سندس نئين ڪويتا تي ڪجهه لکيو، ان ڪري ته هن صنف تي گهٽ لکيو ويو آهي. واسديي جي نئين ڪويتا پڙهڻ سان من کي سڪون ملي ٿو ۽ دل چوي ٿي هر هر ان کي پڙهجي، ان مان مقصد ماڻجي ۽ هن جون ٻيون ڪيئي نيون ڪوتائون آهن جيڪي پڙهڻ گهرجن. سسئي ۽ ليلا، سنڌي، خون، سورميون، هٿ، ترقي، ورڇيل، سزا، وڻ، کير، ٽماٽي جي ڦار، جلندڙ گهر ٻاهران، دوست، دشمن، درجا، شنک، راز ميلاپ سپاهي، ماڻهو، ٽِرپ... ٽِرپ... ٽِرپ، نئون وطن، سمجهاڻي ۽ ٻيو ڪيئي نيون ڪوتائون من ڇهن ٿيون. واسديو موهي جو هڪ طويل نئين ڪويتا ڏئي مقالي کي پورو ٿو ڪريان. دل ته چوي سندس غزل تي هڪ جدا مضمون لکان ها! جي وقت اجازت ڏني ته سندس غزل تي به لکندس ڇو ته سندس غزل ڪمال جو آهي. هتي سنڌؤ جيان وهي پيو ته انڊيا ۾ جمنا جيئن وهي پيو.

    وڻ
    پهرين مون ڪهاڙي کان ڪم ورتو،
    ٿورو واڪو واڪاڻ کان پوءِ،
    نيٺ ڍيري ٿي پيو.
    پوءِ مون هن جا ڇوڏا لاهڻ شروع ڪيا،
    دک هن کي وڌيڪ ٻٺڪايو.
    مان هن کي مِل وٺي ويس،
    هو ضرور ڊنو هوندو
    پهچڻ شرط هو
    ٿاٻڙيو، ڪريو ۽ گولاٽيون کائڻ لڳو
    هن کي پڪڙي، مون
    وڏيءَ آريءَ هيٺان ڌڪي ڇڏيو
    چالاڪي ڪري
    مون آري جو گانو
    گانو
    تيز رکيو
    هن جا هنياءُ ڏار
    سڏڪا
    ڪير ٻڌي نه سگهيو
    پوءِ... رندو هڻي
    مون هن جي ٿولهه گهٽائڻ شروع ڪئي.
    (هن جي ڪرڪڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ، مون ڪڏهو ڪو ڇڏي ڏنو هو)

    هن جو تنتي سرشتو
    چمڪڻ لڳو
    مون هن جا عضوا کنيا
    اُنهن ۾ ڪو ڪو ٺوڪيا
    هن جي ننگائپ کي
    چادر سان ڍڪيو
    ۽ پوءِ
    مان هن مٿان ليٽي پيس
    مان پر اُپڪاري آهيان
    ڏس وڻ!
    مون توکي
    پکين جي
    گندگيءَ کان دور ڪيو
    جي تنهنجي ڪلهن تي
    آ کيرا ٻڌندا هئا
    شور ڪري، تنهنجو سر کائيندا هئا
    اُنهن نوريئڙن جي ڇن پٽ کان آجو ڪيو
    جي تنهنجي شرير کي
    رستا گليون پيچرا سمجهندا هئا.
    تنهن کان سواءِ
    انهن ڪيڙن ماڪوڙن کان بچايو
    جي تنهنجي جسم کي
    ڪوري ڪوري کائيندا هئا
    سڀني کان وڏي مهرباني
    تمام وڏي مهرباني
    توکي صرف هڪ ٽنگ هئي
    ٿوري تيز هوا به
    توکي جهڪائي ڇڏيندي هئي
    هاڻ
    مون توکي
    چار ٽنگون ڏنيون آهن.


    مددي ڪتاب ۽ حوالا
    1. شمشيرالحيدري. سنڌي شاعري جو اڀياس. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2012ع ص 70.
    2. ميان مير چانديو. سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي هڪ نظر. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007ع ص 113.
    3. واسديوَ موهي ’چهنب ۾ ڪک‘ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي انڊيا 2001ع ص 5.
    4. واسديو موهي ’ريل جي پٽڙي ميري‘ تخليق پبليڪيشن انڊيا 2009ع.
    5. واسديوَ موهي. چهنب ۾ ڪک 2009ع


    سنڌي ٻوليءَ جي عاشق جو وڇوڙو

    پروفيسر فتح الله صديقي جو جنم 1943ع تي قاضي ضياءُالدين صديقي گهر ۾ قاضي محلا سيوهڻ ۾ ٿيو. ابتائي تعليم سيوهڻ شريف مان حاصل ڪيائين. ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. سنڌي ادب جي دنيا ۾ اوهان کي کوڙ نالا اهڙا ملندا، جن ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي وڏا وڏا ڪم سر انجام ڏنا آهن. اهي ماڻهو شهرت جا قائل نه هوندا آهن. پنهنجي ڪم سان سچا هوندا آهن، پنهنجي ديس پنهنجي ٻوليءَ پنهنجي عوام ۽ پنهنجي عشق سان سچا هوندا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ پروفيسر فتح الله صديقي به هڪ هيو. جنهن جي دل ۾ ڪا به لالچ نه هئي. پاڻ 1973ع ۾ ليڪچر مقرر ٿيو. پهرين ٽنڊي جان محمد ۾ پنهنجو خدمتون سر انجام ڏنائين، بعد ۾ گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج سيوهڻ سان لاڳاپيل رهيو. پروفيسر فتح الله صديقي هڪ پيار ڏيندڙ شخص هو. سندس ڇانوَ ۾ ڪيترائي شاگرد پڙهيا اُهي شاگرد وڏن وڏن عهدن تي پهتا. پاڻ ڪاپي جو سخت مخالف هو ترقي پسند لاڙي جو حمايتي ۽ رجعت پرست نظريي جو سخت مخالف هو.
    1966ع ۾ ٻارڙن لاءِ پهرين اخبار (ٻارن جو خبرنامو) جاري ڪيائين 1969ع ۾ عالمي معلومات جو ڀاڱو پهريون ۽ 1970ع ۾ ساڳئي ڪتاب جو ڀاڱو ٻيو شايع ڪرايائين. اڳتي هلي سيوهڻ ۾ پنهنجو اشاعتي ادارو شهباز اڪيڊمي جي نالي سان قائم ڪيائين بعد ۾ ڪتابي سلسلو گلشن سريز جي نالي سان پڻ جاري ڪيائين. ڪيترائي سال ويهي اڪيلي سر سنڌي انسائيڪلوپيڊيا لکيائين جيڪا 2005ع تي ڇپي جيڪا لڳ لڳ 1200 پيجن تي مشتمل آهي. پروفيسر فتح الله صديقي اڪيلي سر اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪي ادارا پڻ مشڪل ڪري سگهندا آهن. پاڻ گهر ٻاري ڏيئي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو ميمبر، سگا شاخ سيوهڻ جو ميمبر ۽ لطيف فائوڊيشن جو ميمبر پڻ رهيو. پاڻ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپل، عائشه پبلڪ اسڪول جو پرنسپل، روشن تارا هاءِ اسڪول جو پرنسپل پڻ رهيو.
    سنڌ جي نامياري ليکڪ قومي تحريڪ جي اڳواڻ عبدالواحد آريسر هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”اديب، شاعر جڏهن هيءَ دنيا ڇڏيندا آهن ته ڪتب خانه ماتم ڪندا آهن.“ پروفيسر فتح الله صديقي جي وڃڻ کان پوءِ سندس لئبرري ۾ ماتم آهي ۽ ڪتاب ان شخص جو پچي رهيا آهن.
    جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
    جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو،
    مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ،
    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.
    (استاد بخاري)

    پروفيسر فتح الله صيقي 16 فيبروري 2016ع تي اسان کان جدا ٿي ويو. سندس ادبي ڪم سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. سنڌي ٻولي جي عاشق جي وڇوڙي تي خال محسوس ڪريون ٿا.

    (پروفيسر فتح الله صديقي جي چاليهي جي تقريب ۾ پڙهيل)


    سنڌ جو منفرد ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌي

    ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا. پنهنجي فن، فڪر، فهم ۽ عملي ڪم سان سڃاتا وڃن ٿا. ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار، لطيف فن سان لاڳاپيل ماڻهو، عوام جي اهنجن جا همدرد به ٿين ٿا ته ڏکن ۽ خوشين ۾ به ساٿ ڏين ٿا. روايتي رسمن، رواجن، انڌن ويڄن سان ٽڪراءُ به ڪن ٿا. خداداد صلاحيتن جا مالڪ به ٿين ٿا. سچ به چون ٿا ۽ کين موٽ ۾ زخم گهرا ملن ٿا. سختيون به سهن ٿا، ته جيلن ۾ وڃن ٿا، جبر، ڏاڍ، ظلم ۽ انڌ سان لڙن ٿا شيخ اياز چيو ته:

    سچ وڏو ڏوهاري آهي،
    روز ازل کان پڪڙ يو ويو آ،
    زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
    ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
    ڪڏهن زهر پياريو ويو آ،
    ڪڏهن ڦاهيءَ چاڙهيو ويو آ،
    تيل ڪڙهائي ڪاڙهيو ويو، آ،
    گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
    چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ،
    ها! پر پوءِ به ان جي ساڳي،
    رهندي آئي ريت اڀاڳي،
    جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو،
    تنهنجو سارو چين کڻي ٿو،
    اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
    پر، تو هي به ڪڏهن سوچيو آ!
    ڪنهن سان تنهنجي ياري آ،
    سچ وڏو ڏوهاري آهي.

    سنڌي ادب ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار گهڻي وقت کان ڪهاڻيون لکندا پيا اچن. پر انهن ۾ مدد علي سنڌي صاحب، انهن ڪهاڻيڪار کان مختلف، منفرد ۽ جداگانا ڪهاڻيڪار آهي. هو جڏهن لکي ٿو ته لفظ سندس وٽ، ڊوڙندا ٿا اچن. ڄڻ ڪي لفظ سندس مريد هجن. سندس خيال جي اڏام تمام گهڻي مٿاهين آهي. ان مٿاهين تي پهچڻ جهڙي تهڙي ڪهاڻيڪار جي وس ۾ نه آهي. هو لفظن ۾ ساهه وجهي ڄاڻي! هو نه رڳو ڪهاڻيڪار آهي پر شاعر، ناول نگار، مترجم، سفرناما به لکندڙ آهي ۽ مختلف اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. جن اخبارن جو مدد علي سنڌي ايڊيٽر رهيو آهي. اهي اخبارون پنهنجي دور جون مشهور اخبارون رهيون آهن. پاڻ اڳتي قدم رسالي جو روح روان به رهيو آهي. ماهوار سوجهري جو ايڊيٽر، سنڌ جو نامور شاعر تاج بلوچ مدد علي سنڌي جي ڪتاب ”شهر صحرا ڀانيان“ جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”مرحوم طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل جيڪي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ سنڌ جو درد رکندڙ فرد هئا، تن ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اڳتي هلي ماهوار سهڻي جي صورت ۾ انقلاب لاءِ، دنگئي پٿر ثابت ٿيو. شايد ٻئي ڄڻا حيدرآباد جي ميونسپالٽي ۾ پٿاري وارن کان آنو آنو، چار چار آنا، سرڪاري محصول طور اوڳاڙڻ واري ننڍڙي نوڪري به ڪندا هئا، ته انقلابي راهه کي هموار ڪرڻ لاءِ سڄو وقت پيا جاکوڙيندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ ’اڳتي قدم‘ نالي هڪ پرچو حيدرآباد مان پڌرو ٿيو، جنهن ٻين کي کڻي نه ڇرڪايو هجي پر ان پرچي مون کي وڏو اُتساهه ڏنو. ان ڪتابي سلسلي جو سهيڙيندڙ مدد علي سنڌي هو.“ (1)
    مون پنهنجي ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ ۾ پڻ لکيو هو ته سنڌي ٻولي ۾ سيوهڻ جي ادبي شخصيتن جو ادبي ڪم نمايان، تعريف لائق ۽ اُتساهيندڙ آهن. محمد جعفر جي ڪتاب ’حل العقود في طلاق السنود‘ ۾ سنڌي نثر جا فقرا ’شرح محمد جي مون مڃي‘،، ’الله جي رسول هي فرمايو‘، ’آئون واڻيو ناهيان‘، هل آئون تو جهڙو نه آهيان، وغيره. جيڪي سنڌي نثر جا (ٽڪرا) فڪرا چيا وڃن ٿا. سنڌي ٻولي جو پهريون بيت جو ڪلاسيڪل شاعر قاضي قادن کي چيو وڃي ٿو. سنڌي ٻولي جو پهريون درسي ڪتاب جو مرتب ڪندڙ ديوان نندي رام مير چنداڻي سيوهاڻي پڻ سيوهڻ جو هو. سنڌي ٻولي جو وڏو مرثيي جو شاعر به سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي سيوهاڻي آهي. سنڌي نثري شاعري جو پهريون مڪمل ڪتاب مدد علي سنڌي صاحب جو آهي. سنڌي ٻولي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي انسائيڪلوپيڊيا به پروفيسر فتح الله صديقي لکي جنهن جي بعد ۾ تقليد سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پڻ ڪئي. سنڌي ٻولي ۾ پهرين ذاتين جي انسائيڪلوپيديا پڻ خير محمد ٻرڙي سيوهاڻي جي آهي. منهنجو لکڻ جو مقصد اِهو قطعي نه آهي ته سيوهڻ جي اديبن شاعرن، ڪهاڻيڪارن، محققن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ٻين بهتر نه ڪيو آهي. بلڪ هر هڪ ليکڪ سنڌي ٻوليءَ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيو آهي. اهو ليکڪ سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهندو هجي، سندس لاءِ احترام آهي.
    سنڌ جو نامور شاعر محترم امداد حسيني مدد علي سنڌي جي ڪتاب ”پُنر ملن“ جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”پنر ملن جي رچنائن لاءِ سڌي سنواٽي سٽ اُهائي آهي ته اهي وڇوڙي جا ورلاپ آهن ۽ اڪيلائي جي احساس ان کي جنميو آهي. توهان انهن رچنائن کي شعري نثر / نثري شعر سڏي سگهو ٿا. هونئن سنڌي ادب ۾ اِها ڪا نئين شيءِ نه آهي ورهاڱي کان اڳ سدا گلاب ۾ اچي چڪي آهي. مدد علي سنڌي جو ’پنر ملن‘ اِن صنف تي پهريون مڪمل ڪتاب آهي.(2)
    مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين جا موضوع به من موهيندڙ دل کي ڇهندڙ آهن. ’پکا پکن سامهان اوري اچي اڏ‘ ’1970ع ۾ ڇپي سنڌ بلڪ هند ۾ به مڃتا ماڻيائين. مدد ڀاڳوند ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين جا نالا به منفرد اٿس. ڪرانيڪار، ڀڪشو، ويا گذاري ڏينهڙا، احساسن ۽ جذبن جو موت، کنڊر، دونهين ڌنڌ نه لاٽ، دل اندر درياوَ، اڀريو ڏينهن ڏکن جو، هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾، ٽٽل زندگي جي اڻپوري ڪهاڻي، اڌوري پنڌ جا آخري سپنا، هينئڙو ڪچي تند جيان ڪهاڻين جا نالا ئي اهڙا آهن، جيڪي ڪهاڻي جو مقصد ئي ظاهر ٿا ڪن. ڪهاڻين ۾ اهي احساس آهن جيڪي بيمار کي چاڪ ٿا ڪن ته مئلن کي جيئرو ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، مدد علي سنڌي سنڌين جو سچو سياسي ڪارڪن رهيو ٻه ڀيرا جيل به ويو. مدد علي جي گرفتاري تي سنڌ جي نامور شاعر غلام حسين رنگريز مدد صاحب لاءِ نظم لکيو:

    اي اهل فِڪرو اهلِ فن،
    زهر جا ڍُڪ پيئو چُپُ رهو،
    ۽ چپن کي سبو
    ڪجهه ڪڇو جي قصيدا لکو
    ور نه فڪرو نظر کي ڌريو ڌوڙ ۾
    ڪچ قبوليو ۽ سوريءَ تي سچ چاڙهيو،
    اي اهل قلم، اڄ قلم جو ڀڃو ڪنڌ هٿن سان
    پنن تي سياهيءَ کي هاري ڇڏيو
    خيالن ۽ جذبن کي ماري ڇڏيو
    جيو پر جنازن جيان
    ور نه هر چونڪ تي چوڪسي
    هر ڳلي دار هوندي
    ۽ اهل نظر پابجولان
    قطارن ۾ ايندا
    ۽ زندان کُلندا
    ۽ زندان ڀربا
    ۽ زندان ڀربا.

    اَسڪرووائلڊ چيو هو ته ”تخليقار کان وڌيڪ تخليق وڏي عمر ماڻي (پائي) ٿي.“ تخليقار پنهنجي تخليق ۾ ئي زنده رهندو آهي جسم فاني آهي پر تخليق فاني ناهي. تخليق صديون گذرڻ کان پوءِ به جهوني (پراڻي) نه ٿيندي آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ڀٽائي ۽ ٻيا شاعر آهن ڀٽائي جي تخليق صدين پڄاڻا پراڻي، نه ٿي آهي اُها سدا حيات گلاب آهي. شيخ اياز فرمايو:
    وکر سو وِهائج جو پئي پراڻو نه ٿئي.
    تخليق اهڙي ئي لکجي جا صديون گذرڻ کان پوءِ به زنده رهي. محترم مدد علي سنڌي جون ڪجهه سٽون اوهان جي نظر ڪريان ٿو.
     ”هو ۽ اينال سنڌوءَ جي ڪپر تي بيٺا هئا. سندس مٿان جنوري جو ڪڪرن سان ڀريل آڪاس هو. ڪڪر هڪ هڪ ٿي مڙيو پئي گڏ ٿيا. ٿڌي هوا، دور ڪٿان دلفريب هڳاءُ کڻي پئي آئي.“
     ”اسين جيڪي صبح جي ڳولا ڪندي، ڪنهن اونداهي رات ۾ مارجي وياسين.“
     ”نه نه مان هر دور ۾ ڪوئي اِتهاسڪ ڪردار بنجڻ نه ٿو چاهيان، مان سک ۽ سڪون جو ڳولائون آهيان ’هوءَ منهنجي ننڍي هوندي جو آدرش هئي منهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جا سمورا رنگ رتا سپنا هُن جي هن جي رنگن سان چِٽيل هئا مان کيس پهريون ڀيرو ڏسڻ ويس.“
     ”هن پنهنجي ٻانهن تي نهار وڌي، جنهن تي هن سندس نالو اڪرايو هو. اُهو نشان ڏٺو، جيڪو سگريٽ سان ڏنڀيو ويو هو.“
     ”نه ائين ڪونهي منيزه! رڳو ڪڏهن ڪڏهن حقيقي جذبا پر ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي تون، تون مون سان شادي ڪر، مونکي هن اڪيلائيءَ کان هاڻ ڏينهون ڏينهن ڊپ وڪوڙيندو ٿو وڃي.“
     ”(صبح؟) (ڪهڙو صبح؟) + (صبح ته ڪيترا هئا؟) + صبح ته انيڪ هئا. صبح، صبح ٿيو ئي ڪو نه هو، يا جيڪڏهن ڪو صبح ٿيو به، هو ته، اُهو صبح سندس جيون جي اُماوس رات جي ڪک مان ڦٽندڙ صبح ته نه هو!!! هي اهو صبح ته هو، جنهن صبح لاءِ، ها، جنهن صبح لاءِ هن ڪيترائي ورھه واجهائيندي گهاريا هئا.“
     ”هي ته ڪهاڻين جا ٽڪرا هئا هڪ نظم به اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو، نظم جو نالو آهي ’زندگي‘.“

    نظم
    زندگي
    اهو ئي سوچي
    مان چپ آهيان
    ته زندگي هر جنم ۾
    ۽ هر دور ۾
    ڪيڏو نه دير سان ملائيندي آهي
    ۽ ڪيڏو نه جلد
    جدا ڪندي آهي

    مٿيون سڀئي سٽون ايتريون ته شاندار آهن، هي رڳو سٽون ڇو؟ مدد علي سنڌي سڀئي ڪتاب ڪنهن پاڪ صحيفي وانگر آهن. جنهن کي ويٺو چمچي، پڙهجي ۽ ان تي عمل ڪجي، نامور ليکڪا قرت العين حيدر کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ وارو شخص به مدد علي سنڌي آهي. سنڌ جو نامور شاعر مختيار ملڪ پنهنجي مضمون ’سگهارو ڪهاڻيڪار‘ ۾ لکي ٿو ته:
    ”انگريزي ڪهاڻي ۾ ورجينا وولف، جيمس جوائس، ٽيڪنڪ ۾ انقلاب آندو ۽ پنهنجن افسانن کي پلاٽ، ڪردار ۽ واقعن کان آجو ڪري لکيو. ائين مدد علي سنڌي جي هرڪا ڪهاڻي هڪ فني تجربو آهي. هو پلاٽ ۽ ڪردار سان جڙيل آهي. پر هو اظهار ۾ گهڻو بيانيه (Narrative) آهي جيئن ايڊگر ايلن، کان پوءِ هينري جيمس تائين انگريزي ڪهاڻي جو انداز بيانيه آهي.“
    مدد علي سنڌي سنڌ جو وڏو ڪهاڻيڪار آهي سندس ڪهاڻين ۾ عشق ۽ پيار جا احساس، سچ ۽ محبت جي واٽ، روشن خيالي ۽ اِتهاس آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ اياز چيو ته ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.

    گهايل ڌرتيءَ جي سيني جي
    اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي.
    جا دنيا کي بدلائي ٿي.



    حوالا ۽ مددي ڪتاب
    1. احرامن جي سحر ۾ ڦاٿل مهاڳ شهر صحرا ڀانيان تاج بلوچ.
    2. امداد حسيني مهاڳ ”پنرملن“.
    3. پنرملن نثري نظر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2013ع.
    4. دل اندر دريا وَ مدد علي سنڌي، سڀئي گڏيل ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2013ع.
    5. مختيار ملڪ مضمون سگهارو، ڪهاڻيڪار ماهوار سوجهرو، آڪٽوبر، 2013ع.


    سنڌي ٻولي جي شاهه ليکڪا

    سنڌي ادب جي ماضي توڙي حال ۾ عورت اديبائن جو ڪردار شاندار رهيو آهي. هنن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ معاشري ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏئي. سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي. بلاشڪ عورت ليکڪائن ادب لاءِ جبل جيڏو ڪم ڪيو آهي. اهڙين ليکڪائن ۾ محترمه ج.ع. منگهاڻي صف اول جي ليکڪا آهي. جنهن ڪنهن خاص ادبي پروگرام ۾ شرڪت هڪ اڌ ڀيرو ڪئي هوندي. گهڻو تڻو ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان پاسيري رهي آهي. هوءَ روشن خياليءَ جي دنيا جي مالڪ آهي ۽ لطيف جي ڊڪشن جي معنويت تي مڪمل عبور رکي ٿي ۽ عقليت پسند ليکڪا آهي.
    هوءَ نه رڳو شاعره آهي پر هوءَ ڪهاڻيڪاره، ڪوهستان جي ٻوليءَ جي ڄاڻو، ناول نگار، مضمون نگار ۽ لطيف سرڪار جي شارح پڻ آهي، سندس ڪتاب، ”مانجو ڪوهستان“ جي ٻولي، اعليٰ شاهڪار جو هڪ زنده مثال آهي، هوءَ سٺي نثر نگار سان گڏ سُٺي شاعره به آهي. سنڌ ۾ سندس لکڻ جو ڏانءُ منفرد آهي. سندس نثر جا چند ٽڪرا هيٺ ڏيان ٿو:
    ”ٿوري ۾ خوش، نه هئه نه کئه، نه وَٺ نه کُوند، نه هُڻُ دُنبُڻُ، نڪو ٺَٽُ ٺنگر، نڪا ٽٽ ٻَٽاڪ، نڪا جَتِ پَتِ، نڪا وٽن امونگڙو (بيحد گهڻو) نه هوندو پر ڏيک اهڙو ڏيندا جو سندس اڳيان هوند هستيءَ (پيسي وارا) وارو هينمائي (جرئت ڪري) نه سگهندو. ڀلي ڪو پاسنگ (شاهوڪار) گهر جو ٽشينگُ (ٻٽاڪي مڙس هجي).“
    ”ماٺيڻا اهڙا جو وٽن ويهه ته ڪن پيا شونشڙاٽ ڪندا، گهڻي هُلَ ۽ اجائي بَڪَ سان ڪو نه پوين ڳالهائين ته اکر توري تڪي ڳالهائين. ميڙي سيڙي، ايڙ ميڙ جا اکر گڏي سڏي اڍون (ڍڳ) ڪو نه ڪن، باقي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا. اوجاڳي جا پڪا، وِهَڪ جا ڏاڍا، (مضبوط) ڪانڀون ڪڍي وهن ته سج اڀاري ڇڏين.“
    ”جبل ۾ طبيب ۽ حڪيم جو ڌار تصور ڪونهي. نه ئي جبل ۾ طبي وبا ۽ حڪمت بابت ڪي ڪلاس ٿيندا آهن. يا ليڪچر ڏبا آهن. جبل جا ماڻهو پاڻ ئي پنهنجا ويڄ طبيب آهن ستيون، ڦڪيون، پٽيون پاڻ ڪن. لطيف چواڻي، پاڻ ئي ٻڌن پٽيون، پاڻ ئي چڪيا ڪن. مصداق، جواڻ، سُڪو ليمون، کٽا ڏاڙهون، سونف، سُن مڪائي، چمبر ڪاٺي، نوشادر، وهرُ، وَڏف، سڪ اٺانگڙا، ايريال، جَلَ، ڦلَ، ايجڻيون، سڪي سُنڍ، ڪريا تَو، سونا، سُڪا ڦودني پن، اُر، جَئور ٽڪي، سِنهار، پٽ کٽالي، حسين ٻوٽو، اڇو زيرو، ڪَپُئي، بوئي مادُر، موريءَ ٻج، مصري ٻاٻريچي، ڪَئو جا پن، هِنڱ، هنجو، مورتا سنگ، مُنڍيري، ڪڙمت، اهي سڀ سندن دوائون، سُتيون، ڦِڪيون، پنيون ۽ پٽيون آهن.“
    ”نظر نهار تائين ڏسبو ته ڪو جبل تي تر ۾، ڪو چوٽيءَ تي، ڪو اڌ ۾ ڪو کڏي کوٻي، کانٽي، ڪَورَ، ڪَپَر اَڏَ، جهڏ، ڏر، ڏرڙ ۾ ڏٿ ميڙيندي نظر ايندو، جِتِ (جتي) پير پير اڳيان، ڳاڱا، ڳاڱيون، پيرون، چڀڙ، اٺانگڙا، ريبڙ، جهنگولا، وَهَر، پڇرا، مُڍيريون، ڪِڙِمَت، ڪرياتو، گيدوڙا، ڪونريون، جهنگ، بصر، ليهاد، کٽاليون، ٻير، ڪو ڍير، مونگها، ڦنگيون، پِنبِر، ڏونرا، واڙيل، هنجهو، هزار داڻي، حُسين ٻوٽو، مُڪ، سنگوٽيون، پٽ ڪنوار، سول، ايريال، انجير، گولون، لُلرُ، لاڻو، مليرو گهوگهيٽا، ڍُنگڻي، چيچن، سِنگريون، ٻَرڙو، پونگرو، مزليون، مريڙو، زَهَمَر، گولاڙا، واهَو، هرڙو سِنهارُ، ڊاک، ڏڌَر، ٽانڪاري، کنڀون، ڍامڻ، ڊپَ، کنبَ مانڌاڻو، ٽوهه، لاڻي، الله جي ماني، آهر... پر هر هڪ نعمت مان جبل اندر توڙي ٻاهر ڀريو بيٺو هوندو.“
    مانجو ڪوهستان ۾ ڪردار سڀ مانائتا آهن، سڀ ڪردار هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن. پر ج.ع. منگهاڻي هڪ متنازعه ڪردار دادلي گڊي تي خاڪو لکي سچ پڇو ته دادلي گڊي کي زنده ڪري ڇڏيو آهي. هڪ سنڌي ليکڪا اهڙي ڪردار تي لکي وڏو ڪمال ڪيو آهي.

    ”شاعر اصل ۾ ادبي دنيا جا خاص نمونا هوندا آهن. سندن حال تي ڇڏي ڏيڻ کپي، ڇو ته مٿن اهڙا معيار ڪو نه ٺهن جن تي عام ماڻهوءَ کي پرکيو ويندو آهي.“ محترمه ج.ع. منگهاڻي جي شاعري خوبصورت، من موهيندڙ، دل کي ڇُهندڙ ۽ اتساهيندڙ آهي. سندس شاعري ۽ روانگي اهڙي آهي ته ڄڻ ڪو درياءُ وهندو هجي.
    جلان ٿي آئون جلي ٿو بدن،
    سموري سچائي سلي ٿو بدن،
    مُنگهاڻي جو همدرد ۽ هم مزاج،
    مُنگهاڻي سان گڏجي هلي ٿو بدن.
    (منگهاڻي)

    سنڌ جو نامور شاعر، نقاد ۽ ماهوار سوجهري جي ايڊيٽر تاج بلوچ سنڌي شاعري بابت لکي ٿو،
    ”جمالياتي شاعري کي مون هڪ سهڻي ۽ من موهڻي عورت جي ڳهن جي صورت ۾ پئي ڏٺو آهي. ’هڪ سٽو‘ مون کي سدائين عورت جي نڪ جي ڪوڪي جيان محسوس ٿيو آهي. ’غزل‘ کي مون هُن جو بولو سمجهيو آهي. ’دوهو‘ هن جي ڪنگڻ جيان، نظم هن جي هار مثال، ’ترائيل‘ هن جي پيرن جي پازيب جيان ۽ وائي مون کي سريلي لهجي واري عورت وانگر لڳي آهي.“
    ج.ع. منگهاڻي جا طويل غزل چانڊوڪيءَ جيان روشن ۽ سندر آهن. سندس شاعري جي اڏام دور رس تائين آهي. سندس شاعري وارو سفر ميرو يا هليل رستي وارو نه آهي نڪور آهي.
    ڳالهه مرڪي تو وڇوڙي جي ڪئي،
    ريل ڪا ڄڻ دل مٿان گذري وئي.
    پياس ڪيڏي اُتاولي آهي،
    ڇا هِتي ڪو ڪلال ڪونهي.
    سنڌ ۽ سنڌيت هن جي فڪر جا سرچشما ۽ اهم موضوع طور رهيا آهن،
    سنڌ سان مضبوط ڪيئي سڱ آهن ساهه جا،
    سنڌ سان ليڪن ڪئي مون عاشقي ڀي مختلف.
    *
    سنڌ ڏاڍي آ مٺي، ڏاڍي مِٺي،
    سنڌ ڏاڍي آ مٺي جهونگار جي.
    *
    تون نه ٿو ڄاڻين سگهين، ڌوتا ڪڏهن،
    هن مٽيءَ جا معجزا ۽ ڪرشما،
    *
    ڏس ڪراچي وينتيون پيئي ڪري،
    ور ڪراچي ڏي وري تون مورڙا.
    محترمه ج.ع. منگهاڻي صاحبه جا ماھوار سوجهري ۾ لکيل ايڊيٽوريل به دلچسپ، کرا، سچا ۽ حقيقي آهن. جيڪي هيئين سان هنڊائڻ، سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جهڙا آهن.
    هن وقت تائين محترمه جا گهڻا ئي مشهور ڪتاب جهڙوڪ: (1) پتنگ پويان ڊوڙ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون 87 1986ع، (2) خوابن جا ايوان (شاعري) 1999ع، (3) ڇپر ڪين ڏي (تحقيق) 2002ع، (4) رولاڪ خواب (شاعري) 2006ع، (5) شاهه لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو (تحقيق) 2006ع، (6) رُڃ (ناول) 2006ع ۽ (7) مانجو ڪوهستان (خاڪا) 2014ع کٿوري ۽ خوشبو 2017ع.
    کٿوري ۽ خوشبو منگهاڻي صاحبه جو شاهه لطيف تي تحقيقي مضمونن جو ڪتاب آهي. اهي مضمون پڻ شاندار آهن، لطيف جي حوالي سان بيحد ڄاڻ ڏيندڙ آهن. هن وقت محترمه شاهه عبداللطيف جو رسالو به ترتيب ڏئي رهي آهي.
    محترمه ج.ع. منگهاڻي پنهنجي ڪتاب، ’شاهه لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو‘ ۾ لکي ٿي، ’لسٻيلي ۽ ڪوهستان ۾ گهاٽي جي معنيٰ ’گهڻو‘ آهي. اهو لفظ واقعي ڪوهستان ۾ انهيءَ معنيٰ ۾ آهي. پر اسان وٽ ڇِڊي جو ضد گهاٽو آهي.
    جملو: ”گهاٽو ٺاهجان، مهمان ائين نه چون ته شربت ڇڊو پيارئون.“
    جملو: ”ماکيءَ جو مَڌ گهاٽو هوندو آهي جنهن ۾ ليهءِ به ٿئي ۽ مٺاڻ به ٿئي.“
    سنڌ جي مختلف علائقن ۾ لفظن جون معنائون مختلف ڪڍيون (ڳالهايون) وڃن ٿيون. منگهاڻي صاحبه ڪوهستان ۽ لسٻيلي جي ٻولي جي وڏي ڄاڻ پروڙ رکي ٿي.
    پنهنجي تَر جي ٻولي جي ادراڪ کيس ٻين عالمن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ معتبر بڻائي ڇڏيو آهي. هن سنڌ جي اڳوڻن ڀٽائي جي شارحن ۽ عالمن جهڙوڪ: شوقيرام، قليچ بيگ، گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان انصاري، ٻانهي خان شيخ ۽ ٻين شارحن جي پورهئي کي ڪوهستان جي هلندڙ عهد ۾ به مروج ٻوليءَ سان ڀيٽيندي اصل ڪم کي آڏو آندو آهي. هوءَ غزل جي وڏي شاعره آهي. هن جي غزل جي غنائيت ۽ لفظن جي رعنائي انتهائي جديد صوتي آهنگ جو زنده مثال آهي ۽ ساڳي طرح نثر به سنس شاعراڻو، فصيح ۽ اعليٰ پائي جو آهي. نقادن جو چوڻ آهي، ’پنهنجي ليکي لفظ جي ڪا معنيٰ ڪونهي. پر هڪ اعليٰ فنڪار پنهنجي وجداني ۽ تخليقي سوچن سان لفظن ۾ نئون ساهه ڀريندو آهي ۽ معنيٰ جاڀنڊار لوڪ کي آڇيندو آهي. جيڪي اڳتي هلي ادبي ميراثي بڻجي پوندا آهن.‘
    منگهاڻي صاحبه، جو تحقيقي ڪم هجي يا تخليقي عمل. هو ٻولي ۽ وجداني سطحن جي پارکو هجڻ جي اتي سان پنهنجي تخليقي عمل کي ايڪسٽرا سينسري پرسيپشن جو مقام ڏياري ٿي.
    ’رولاڪ خواب‘ ۽ ’خوابن جا ايوان‘ هن جا ٻه بليغ شعري مجموعا آهين. ’ڇپر ڪين ڏي‘ ۽ ’شاهه لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو‘ ڀٽائي جي لسانيات بابت بي مثال ڪم آهي. ’رُڃ‘ سندس ڪلاسڪس ۾ شمار ٿيندڙ ضخيم ناول آهي، جيڪو انساني معاشري ۾ ڪردارن جي چونڊ واري مجبوريءَ ۽ نتيجن کي قبول ڪرڻ لاءِ هڪ خوصورت دستاويز آهي.
    شاهه لطيف سنڌ جو ڀاڳوند شاعر آهي، جنهن تي گهڻي ۾ گهڻو لکيو ويو آهي. شاهه جو فن فڪر پراڻو ٿيڻ وارو ناهي، صديون گذرڻ کان پوءِ به نون جو نئون رکيو آهي. سندس خيال جي اُڏام ۽ فن جي پُختگي کي هن وقت تائين ڪو ٻيو سنڌ جو شاعر پهچي نه سگهيو آهي. سنڌ جي وڏن وڏن عالمن، محققن، اديبن، شاعرن، دانشورن، مفڪرن لطيف سائين جي فن کي سولو (آسان ڪري) عام ماڻهن وٽ پهچائڻ جو ڪم ڪيو آهي. جيئن عام ماڻهو شاهه جي فڪر کي جلدي سمجهي سگهن. منگهاڻي صاحبه اِن ڪم ۾ ٻين اديبائن کان ڪجهه وِکون اڳتي آهي. شاهه لطيف جي لغات تي عورت اديبائن تمام گهٽ ڪم ڪيو آهي. پر منگهاڻي صاحبه لطيف جي لغات تي ڪم ڪري وڏن وڏن محققن شاعرن کي ڏندي آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن. ۽ اهي حيران به آهن هڪ عورت گهر ۾ ويهي، شاهه لطيف تي ايڏو لکي، ان جي لغات تي ڪيئن ٿي ڪم ڪري! مُنگهاڻي لفطن جون معنائون سمجهائي ٿي.
    متارا مري ويا، موکي تون ڀي مَرُ!
    تنهنجو ڏوس ڏمر، ڪونه سهندو ان رِيءَ.
    (لفظ) ”ڏوس ڏمر“ معنيٰ
    ڪلياڻ آڏواڻي - تنبيهه عتاب
    علامه آءِ آءِ قاضي - عتاب، تاب
    گربخشاڻي - تاب، عتاب
    شاهواڻي - عتاب
    منگهاڻي- ڪنجوسي، ڏمر، رُسڻ، ڪاوڙ، جيئن ته لفظ ”ڏمر“ عام آهي ۽ لفظ ”ڏوس“ بلڪل ئي اڻ ٻڌل، ڇو ته سڀني محترم محققن جون ڏنل معنائون اهو ئي ٿيون ظاهر ڪن ته لسٻيلي ۽ ڪوهستان ۾ ڪنجوس کي ”ڏوس“ (ڏوسي) ۽ شوم چيو ويندو آهي.
    لفظ ڏوس / ڏوسي جملن ۾
    جملو- ايڏو ڏوس نه ڪر! صحيح ماپي ڏي.
    جملو- سندس پيءُ ته سخي هو ۽ هيءَ صفا ڏوسي آهي.
    جملو- هاڻي ڇڏ کڻي ڏوس پڻو پنهنجو.

    بيت جي سمجهاڻي- پياڪ مري ويا موکي! ڪلال! اي ساقي! تون ڀي مَرُ! هاڻي تنهنجون ڪاوڙن، ڪنجوسيون ۽ رساما انهن سواءِ ٻيو ڪير سهندو؟
    هڪ ٻيو بيت:
    اڀر چنڊ! پس پرين تون اوڏا مون ڏور،
    سڄڻ ستا وِلهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
    پيرين آئون نه پڄڻي، ٻاٻل ڏي نه ٻور،
    جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيا.
    (لفظ) ”وِلهه“ معنيٰ
    ڪلياڻ آڏواڻي – کليل ٿڌي هوا
    علامه آءِ آءِ قاضي - ٿڌ
    گربخشاڻي – آلاڻ ٿڌ، کلي هوا، ماڪ
    شاهواڻي – کلي
    منگهاڻي- ماڪ، پرهه ڦٽي کان اڳ، رات مهل پسيل ٿڌ، آلاڻ ڀريو سيءُ (ولهه جو هوا سان تعلق ڪونهي) بلڪه ولهه ۾ نه هوا ٿئي ڪونه، هوا هوندي ته آلاڻ / پوسال سڪي ويندي، بنا هوا جي آلاڻ ڀري ٿڌ.
    جملو- رات ايڏي ولهه پيئي هئي جو سڀ رليون، رانٽا پسجي ويا.
    جملو- ولهه ۾ ستو هئين تنهن ڪري زڪام ٿيو اٿئي.
    جملو- ڌوتل ڪپڙا شام جو ئي رسيءَ تان کڻي ڇڏجئين نه ته رات جو ولهه ۾ پسجي خراب ٿي ويندا.
    بيت جي سمجهاڻي: اي چنڊ تون اڀري ۽ اُٿي پرين جو ديدار ڪر! هو مونکان پري آهن، پر توکي اوڏا / ويجها آهن محبوب وارن کي چندن مان چڪ ڪري، واسي ماڪ ۾ ستا پيا آهن. مان پيرن سان پنڌ ڪري وٽن پهچڻ جهڙي ناهيان ۽ بابل ڪو اٺ به نه ٿو ڏئيم جنهن تي چڙهي / سوار ٿي سويل ئي وڃي محبوب وٽ پهچان. ج.ع. منگهائي جي لکڻين تي ڪنهن کي اعتراز هجي ته ڀل هجي، پر سندس پورهيو، ان تنقيد، اعتراز کان گهڻو مٿاهيون، پيار ڀريو، مانائتو آهي، لطيف سمنڊ آهي ان سمنڊ کي ڪَڇڻ (ماپڻ) ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. منگهاڻي جي تحقيق ڪا حرف آخر نه آهي ڇو ته تحقيق جديد دور سان گڏ بدلجندي رهندي آهي. ان جي ڇنڊ ڇاڻ به ٿيندي رهندي آهي. منگهاڻي تي اعتراز ڪندڙن لاءِ هڪ بيت:
    ڳڀو پاڻيءَ ڍُڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،
    پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين،
    ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي.
    (شيخ اياز)
    سنڌي ٻولي ۾ قديم ڪهاڻي قصي جي صورت ۾ روايتي انداز ۾ ملي ٿي. جنهن ۾ پلاٽ، ڪردار، حقيقت نگاري ۽ ان ۾ موضوع جي نڀاءَ جي ڪمي رهي آهي. جديد سنڌي ڪهاڻي 1914ع کان پوءِ ليکي وڃي ٿي. جديد سنڌي ڪهاڻي ويهين صدي ۾ پيدا ٿي ان ئي صدي ۾ پچي راس ٿي. دنيا ۾ ڪهاڻيون چاليهه چاليهه پيجن تي لکيون ويون آهن ته ڪٿي هڪ سٽ جون به ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. را بندر ناٿ ٽنگور جتي ’زندهه يا مرده‘ جهڙي طويل ڪهاڻي به لکي، اتي اڌ اڌ صفحي جيتريون به ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ ’بانسري وارو‘، آپياري‘، ’ڀڳوان جي جاءِ‘ وغيره مشهور آهن. محترم ج.ع منگهاڻي ڪهاڻي م به پاڻ مڃايو آهي. پنهنجي قلم جي ڪئنواس سان ڪهاڻي ۾ اهڙا ته رنگ ڀريا آهن، جيڪي اجري صبح جهڙا آهن. محترمه قلم جي حرمت جو ڀرم رکيو آهي. سندر ڪهاڻيون لکيو اٿس.
    سنڌي ٻولي ۾ ناول ترجمي جي صورت ۾ آيو ”راسيلاس“ سنڌي زبان ۾ پهريون مڪمل ناول هو. جيڪو، ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌرام 1870ع ۾ انگريزي مان ترجمو ڪيو هيو. ان بعد مرزا قليچ بيگ جو اصلوڪن ناول ”دلارام“ آهي، 1887ع ۾ دلارام ناول لکيو هئائين. ٻيو اصلوڪن ناول مرزا قليچ بيگ جو ئي ”زينت“ آهي. عورت اديبائن ۾ پهريون ناول بادام ناتوان جو ’خوش خصلت خاتون‘ ليکيو وڃي ٿو. اهو ناول جو سلسلو جهڪو ضرور ٿيو آهي پر رڪيو نه آهي. محترمه ج.ع منگهاڻي جو ناول ”رڃ“ به خوبصورت ناول آهي. جنهن ۾ پلاٽ، مرڪزي خيال، منظرنگاري، ڪردار نگاري، اسلوب، مقصدي پهلوءِ ٻوليءَ جو خاص خيال رکيو ويو آهي. هن وقت تائين سنڌي ٻولي ۾ ٻيو ڪو ايڏو وڏو ناول نظر نه پيو اچي. وڏي ناول جو اِهو اعزاز پڻ منگهاڻي صاحبه ڏي وڃي ٿو. رڳو وڏي ناول جي ڳالهه ناهي، ناول سان نڀاءُ ان جي ڪردارن ۾ حسن ڀرڻ، خيال جي پورائي، منظر نگاري جي عڪاسي چٽي پٽي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻولي جو ماهر، ناول نگار محترم سراج لکي ٿو ته:
    ”منهنجي نظر ۾ ج.ع منگهاڻي جو (ناول) رُڃ پهرين نمبر تي عاليشان ناول آهي. اهو ٽيڪنيڪ Technique ڪهاڻي (Fiction) ڪردار نگاري Characterization ۽ منظوم نگاري جي لحاظ کان اعليٰ درجي جو ناول آهي. آئون ته ايترو به چوندس ته سنڌي ۾ مون هھڙا اعليٰ پائي جا ناول گهٽ پڙهيا آهن. آنءُ ان حد تائين به چوندس ته هن ناول کي دنيا جي سموري ڪائنات ۾ (فرينچ، انگريزي ۽ اسپينش ٻولين سوڌو) بهترين ادب سان بر ميچي سگهجي ٿو. کيس لکَ شاباسون هجن منهنجي خيال ۾ اهو ناول حڪما حڪمي پهرئين نمبر تي بهترين ناول آهي.“
    محترم ج.ع منگهاڻي جو ناول رڃ ته ورائي وارائي پڙهڻ جهڙو آهي، چند سٽون ناول رُڃ مان.
     ستارا انهرو ٿي چيو، ادا مهراب خان ته الائي ڇو اسان وٽ هڪ ڀيرو به نه آيو آهي!
     هن جو پيار اڄڪلهه جو نه هو، اهو ته ڄڻ ازل ابد کان هو.
     طارق خان صوفي تان اٿي اچي پلنگ تي ڀر ۾ ويهي چيو ماسي، ماءُ بنا زندگي گذارڻ ڪيڏي ڏکي ۽ اڌوري آهي.
     روز آڌيءَ رات جو جان بيبيءَ جو طارق خان وٽ اچڻ سندس معمول هو ۽ جيترا ڏينهن طارق خان اتي ترسيل هوندو هو ان معمول کي مينهن واءُ به روڪي نه سگهندا هئا.
     حياتي اوکي هجي يا سوکي بيهندي ناهي، زندگيءَ جو وهڪرو جاري ساري رهڻو آهي.
     سائين اوهان ته اسان کي پشتن کان سڃاڻو ٿا.
     محبتن جي سفر ۾ جڏهن تنهائيون مقدر بنجي وڃن ٿيون ته سڄو وجود تڙپي ٿو پوي ۽ پوءِ رُت بدلجڻ جو احساس ئي ڪٿي ٿو رهي.
     هوءَ خط پڙهندي ويئي ۽ لڙڪن جي ٻوڏ کيس اندر ۾ ٻوڙيندي رهي. هوءَ سڏڪن سان روئڻ لڳي.
     ”پُٽ توکي شاهه پڙهڻ جو شوق آهي؟“
     نذيران ٽهڪ ڏيئي چيو ”توتي ڪهڙو ڀروسو آهي.“
    محترم ج.ع منگهاڻي جو پورهيو پيار ڀريو سندرتا، چمڪندڙ آهي، سندس شاعريءَ، ڪهاڻي، ناول تحقيق تي گهڻو ڪجهه لکي سگهي ٿو. محترمه سنڌي ٻولي جي شاهه ليکڪا آهي، سدا مرڪندي رهي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندي رهي.



    مددي ڪتاب
    1. چپرڪين ڏي... (ج.ع. منگهاڻي شاهه لطيف چئير ڪراچي 2002ع)
    2. رولاڪ خواب (ج.ع. منگهاڻي شاهه لطيف چئير ڪراچي 2006ع)
    3. شاهه لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو (شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي 2006)
    4. رُڃ ناول (سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2011ع)
    5. مانجو ڪوهستان (ج.ع. منگهاڻي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2014ع)
    6. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر پروفيسر نور افروز خواجه (گلشن پبليڪيشن حيدرآباد 1999ع)
    7. سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل- ڪافي نمبر (سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد)
    8. ماهوار سوجهرو جا مختلف پرچا ايڊيٽر تاج بلوچ


    مشتاق گبول جي شاعري تي هڪ نظر

    مشتاق گبول جي شاعري جو رنگ الڳ ۽ منفرد آهي. جنهن مان هميشه گلاب جي گل جي خوشبو ايندي آهي. جديد دؤر جي تقاضائن موجب مشتاق گبول شاعري جي هر صنف کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان خوشبودار بڻايو آهي. جنهن ۾ فن ۽ فڪر جي گهرائپ ۽ ڳوڙهاڻ آهي. مشتاق جي شاعري ۾ اُهي احساس محبوب جي مرڪ جهڙا آهن، ته ڌرتي جهڙا سهڻا به آهن، غزل، بيت، وائي، ڏيڍڻو، ترائيل، دوهو، ٽيڙو، ٻين صنفن سان گڏ گيت کي نواڻ ڏني آهي. جنهن ۾ جدت به آهي ته سادگي، سچائي به آهي ته سونهن به آهي. مشتاق گبول اهي سمورا رنگ خوبصورت نموني نِکاريا آهن. جيڪي هڪ سٺي شاعر ۾ خوبيون هونديون آهن. گهاڻيٽا، هيئتون، تشبيهون، تمثيلون، استعارا ۽ ڪنايا توجهه طلب آهن. مشتاق مشاهدي ۽ مطالعي جي نظر ۾ رکي انهن کي خوبصورت نموني استعمال ڪيا آهن جن ۾ محبوب جا ماڻا به آهن ته صبح جي باک به آهي. سٺي ۽ اثرائتي شاعري ۾ هيٺيان رڪن اهم سمجهيا ويندا آهن.
    1. ترنم (Rhythm).
    2. قافيو (Rhyme).
    3. عڪسيت (Imagery)
    4. شاعراڻو خيال (Poetic thought)
    5. جذبو (Feelings)
    6. ٻولي ۽ اسلوب (Diction)
    مشتاق گبول جي شاعريءَ ۾ اهي مٿيون ڳالهيون سڀئي موجود آهن. جيڪي شاعري کي بهترين ۽ خوبصورت بنائن ٿيون. شيخ اياز چيو ته:
    ”سٺي شاعري ۾ جهوريون نه پونديون آهن“ مشتاق جي شاعري ۾ ترنم، رڌم ۽ روانگي موجود آهي.
    سانجهي ويلي ٽهڪڙا، سکين جيئن ڏنا،
    منهنجا نيڻ ڀنا، سوچي تنهنجي ساٿ کي.
    *
    رات عجب ھئي حالت دل جي،
    رات ته سج اُڀرڻ جو ڏر ھو.
    *
    پئي آرتي به تنهنجي اکين سان اُتاربي،
    ۽ نانءُ تنهنجو، دل جي چپن سان اُچاريو.
    ”مشهور فرينچ نقاد ٽين اهو نظريو پيش ڪيو هو ته ادب انساني سماج جي تخليقي قوتن جو اظهار آهي ۽ ادب ان ماحول جي تخليق هوندو آهي جنهن ۾ اهو پيدا ٿيندو آهي ۽ وڌندو ويجهندو آهي. سندس پيدا ٿيڻ وارو زمانو ۽ ماحول، ان ۾ ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا مٿس اثر ڪندا آهن ۽ سندس ذهن کي هڪ خاص رخ ۾ مخصوص سانچي ۾ تبديل ڪندا آهن. ان ڪري هر مڪان ۽ زمان جو ادب هڪ خاص نسل ۽ هڪ خاص ماحول ۽ خاص لمحي جي تخليق هوندو آهي.(1) مشتاق پنهنجي شاعري ۾ سماج جا عڪس اکين سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري پيش ڪيا آهن، ڪٿي دردن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪٿي خوشين جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪٿي سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪٿي هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي ڳالهه ڪري ٿو. مشتاق اهڙا عڪس چٽي ٿو، جو ڪردار جيئرا جاڳندا ٿي ٿا پون.
    ڇا ٿانءُ ڪنڀارڻ وٽ،
    مٽيءَ جو سڄو رتبو،
    ڇا ڏانءُ ڪنڀارڻ وٽ.

    چاڏيءَ ۾ مکڻ آهي،
    او سنڌ قسم تنهنجو،
    اينءَ منهنجو سڄڻ آهي.

    سهڻا ٿا لڳن ڪنڙا،
    جئن باغ ۾ جهومن گُل،
    ائن تنهنجا لڏن پنڙا.
    مشتاق گبول جي شاعري ۾ اهي حسناڪيون آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر ۾ هونديون آهن. مشتاق غزل کي اصل (اورجنل) اسلوب ۾ لکيو آهي. اُهي غزل احساسن جي ترجماني ڪن ٿا. دلين ۾ داخل ٿين ٿا ۽ نفيس خيال پيش ڪن ٿا. ”مشتاق جي سٽ سٽ ۾ سادگي ۽ بي ساختگي آهي. آءُ جڏهن به سندس غزل پڙهندو آهيان ته مشتاق پنهنجي پوري سڀاءَ سان منهنجي سامهون اچي ويندو آهي. هُن جي مُرڪ، هُن جو لهجو ۽ هُن جي نيڻ. نهار، سڀ عڪس، آئيني جيان، سٽن مان پنهنجو جلوو پسائن ٿا. آئون سمجهان ٿو، پنهنجي شخصيت کي شاعري ۾ ڍالڻ، ڪنهن شاعر جي اهم ۽ نرالي خوبي آهي. مشتاق پنهنجي شخصيت جا سڀ من موهڻا پاسا، پنهنجي شاعري ۾ آندا آهن. (2)
    مشتاق جي غزل ۾ نڪور احساس ملن ٿا.
    رت سان آھن ڀريل خبرون مليون،
    ڪير ويو اخبار کي گولي ھڻي !
    *
    ھڪ تِيلي ۽ ھڪ ياد ھُئي،
    رات دُکياسين سگريٽ ۽ مان.
    *
    شهر ٿو ويڙھبو وڃي ان ۾،
    وئي کُلي آ، بزار جي چُنري.
    *
    حجابن جي فريمن ۾ جَڙيل آ،
    اڳيان ھوندي به آ تصوير جهڙي !
    شاعري ۾ سلاست رواني، اهم شيءِ هوندي آهي ٻٽن لفظن جو استعمال شاعري کي نرم، ملائم ۽ آسان بنائي ٿو، ان ۾ ترنم پيدا ڪري ٿو. جنهن سان شعر سندر ٿي ٿو پوي ۽ من کي موهيندڙ ٿو ٿئي رڌم سان شاعري ۾ تحرڪ اچي ٿو. مشتاق گبول به شاعري ۾ ٻٽن لفظن جو استعمال ڪيو آهي.
    پنهنجي ئي رت دوست! رڱيا پنڌ پيچرا،
    پنهنجي ئي پير پير ۾ شيشا هيا سوين.

    ڪيڏي به رات رات هئي پرهه جو قسم،
    شاعر جي سٽ سٽ ۾ ڏيئا هيا سوين.
    سنڌ جو ناميارو شاعر آثم ناٿن شاهي لکي ٿو ته: ”مشتاق گبول پنهنجي هڪ انفراديت يا الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. مشتاق جي ذهن جو ڪيچنگ پاور سگهارو آهي. هن جو ذهن وڏا وڏا خيال جهٽي ٿو وٺي. هن وٽ اڇوتا موضوع به آهن ۽ انوکي جديديت (نواڻ) به. هن وٽ پنهنجي سوچن جي اظهار جو دلڪش ڏانءَ به آهي ۽ خيالن جي ادائگي جو خوبصورت هنر به.“ (3)
    ”مشتاق گبول جون وايون، سنڌي ڪلاسڪ واين جو جديد سنگم آهن. جن کي پڙهي نه رڳو جديد سنڌي شاعريءَ پر سنڌ جو ڪلاسڪ يگُ به مرڪڻ تي مجبور ٿي پوندو. مشتاق گبول نيون سوچون ۽ نوان خيال تخليق ڪري ٿو، اهڙا خيال جيڪي نه رڳو سنڌ جي ريڻي ۽ اڇڙي ٿر ۽ ماڻهن جي اڃايل ذهنن کي سيراب ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا.“(4)
    مشتاق جي وائي دل آويز وڻندڙ آهي. جنهن عشق، سونهن ۽ پيار، ڌرتي ۽ محبت جا سمورا رنگ موجود آهن هو واين ۾ جدوجهد بهادري ۽ سجاڳي جي ڳالهه ڪري ٿو. مشتاق جي واين ۾ خوبصورتي آهي.
    مون نه ڏٺي ڪڏهين،
    تو جهڙي ڪائي،
    سانجهي ڳاڙهي رنگ سان.
    *
    سڄڻ ”نارا جيل“،
    سرتيو سهرا ڪيئن چوان.
    *
    ڀڻڪي ٿي پئي ڀون،
    ڪنڌ مروڙيو ماٺ جو.
    *
    اونداهو آ گهاٽ،
    باهه وسامي ڇو وئي.
    *
    وڙهندي پنهنجي حق لئه،
    تيسين باهينداسين،
    جيسين ساهه سرير ۾.
    ڇا ته اڇوتا خيال آهن سنڌي شاعري ۾، مشتاق گبول سنڌي شاعري ۾ نوان تجربا ڪري پنهنجي شاعري کي خوشبوءِ ڏئي ڇڏي آهي. مشتاق جي شاعري گٺل پيٺل رستن تي نه ٿي هلي. هن پنهنجي شاعري کي نئون گس ڏنو آهي. نئون ويس پارايو آهي. نوان احساس آهن. جيڪي سنڌ جي اجرڪ جي ڦلڙين وانگي جرڪندا رهن ٿا.
    ٿري عورت جي جذبن جي عڪاسي ڪندڙ مشتاق گبول جو ھي گيت سنڌي گيتن ۾ ھڪ جديدءِ اھم گيت آھي:
    اُڃ ازل جي بُک جا بادل،
    آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
    ڏُڪر سُڪر جا ڏينهن ڳڻائي،
    ماروئڙن جا نينهن ڳڻائي،
    آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
    کنوڻيون کنوڻيون آس ڳڻائي،
    مون پياسي کي پياس ڳڻائي،
    آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
    عمر سڄيءَ جا ورھه وڇوڙا،
    ڪري ڏنائين مون کي جوڙا،
    آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
    ناتو ناتو زيور کان وڌ،
    ڪائي چيز نه آ، ورکان وڌ،
    سِڪ جون سُرخيون، قُرب جا ڪاجل
    آيل آھن ڏاج ڏنا مون.
    سنڌ جي نامياري شاعر وسيم سومري، مشتاق جي جنم تي، ڀيٽا ڏيندي لکيو هو.
    مون کي ٿا ڳولين،
    او هُو وڻ جروار جا.
    واقعي مشتاق گبول سنڌ جو پيارو شاعر آهي. جنهن پوپٽن جي پرن جهڙا گيت لکيا آهن ته پر جديد سنڌي شاعريءَ سان ناتو نڀائي سنڌ جو محبوب شاعر ٿي پيو آهي.
    آنءُ پرين جو نانءُ کڻان ٿي،
    آنءُ پرين جو نانءُ کڻان ٿي.
    شرم اچي ٿو، لَڄَ ٿئي ٿي،
    ڪٿ نه لڪڻ جي جاءِ مِلي ٿي،
    سُسندي سُسندي سوڙھي ٿيندي،
    پنهنجي پوتيءَ منجهه لِڪان ٿي،
    آن پرين جو نانءُ کڻان ٿي.
    ڪَتي ڪَتي کي آنءُ لتاڙي،
    ٽيڙو ٽيڙو پير رکان ٿي،
    تارو تارو ھٿ - تريءَ ٿي،
    مُرڪي مُرڪي روز ڏسان ٿي،
    آن پرين جو نانءُ کڻان ٿي.
    مشتاق جي شاعري جو تاثير سنڌوءَ جهڙو ۽ بلندي هماليه جهڙي آهي. جا سدائين مرڪندي رهندي. سندس شاعري جي روشني جهيڻي ٿيڻي ناهي.




    حوالا
    1. ڊاڪٽر فهميده حسين ”ادب تنقيد، فن ۽ تاريخ“. سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1997ع صفحو 72.
    2. مشتاق گبول ”چوڙين جو سڏڪو“ رم جهم پبليڪيشن دادو 2006ع صفحو 80.
    3. مشتاق گبول چوڙين جو سڏڪو 2006ع.
    4. مشتاق گبول ”ڇوڙين جو سڏڪو“ حوال اڳ آيل آهي صفحو 30.
    5. تارا تارا جهول ۾ مرتب امر کهاوڙ ۽ دوست سومرو 2013ع.
    6. مشتاق گبول ”خوابن جا رنگ“ 2010ع.


    بدن تنهنجو ريشمي آهي

    سنڌ جو خوبصورت شهر شڪارپور، جنهن کي ڪنهن دور ۾ پئرس سڏيو ويندو هو. ان ئي شهر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم جديد شاعر شيخ اياز جنم ورتو. ان ئي ضلعي جي هڪ ڳوٺ لونگاڻي ۾ منهنجو پيارو دوست خوبصورت شاعر مشتاق بخاري جنم ورتو. مشتاق بخاري جي تخليق سچ، سونهن، پيار ۽ محبت سان مالا مال آهي. تخليقي سفر ڪيترو ڏکيرو آهي اُهو هڪ ليکڪ ئي ڄاڻي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته راتيون جاڳي به تخليق کي مڪمل ڪبو آهي، پوءِ اها تخليق باهه مان پچي نڪرندي آهي. ان خيال جي اڏام آڪاس تي پهچندي آهي ۽ دلين تي به اثر ڪندي آهي. مشتاق بخاري به ان باهه ۾ پچيو آهي.
    اسان نانءُ ”مشتاق“ ماڻيو رڳو،
    ها، توکي نه ماڻي سگهياسين مِٺي.
    سنڌي شاعري ۾ جماليات جو ذڪر هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي، هر شاعر پنهنجي اک (آئيني) جي نظر سان لکيو آهي، حسناڪيءَ کي امرت بخشي آهي، تشبيهون، استعارا، ڪنايا مشتاق بخاري خوبصورتي سان استعمال ڪيا آهن.
    نه ڀڃ چوڙيون چنڊ سوين ٺهي پوندا،
    ستارا سڀئي ڌرتيءَ تي لهي پوندا.
    ڦڙو رَت جو، جي تنهنجي ٻانهن مان نڪتو،
    ته درياءَ اکين مان رَت جا وهي پوندا.
    مشتاق جي سٽ ۾ ”نه ڀڃ ڇوڙيون چنڊ سوين ٺهي پوندا.“ چوڙين جو ڀڄڻ، ستارن جو ڌرتيءَ تي لهي اچڻ، ٻانهن مان رَت نڪرڻ، اکين مان رت جا درياءَ وهي پوڻ، چئن سٽن ۾ انهن خيالن کي قلمبند ڪيو آهي، اِها مشتاق جي فن جي ڪماليت آهي. فن سان سچائي آهي جيڪا هڪ سٺي شاعري جي ساکي آهي.
    دنيا ۾ موناليزا جي ته مرڪ مشهور آهي. ان ئي تسلسل ۾ مشتاق پنهنجي محبوب کان هڪ مرڪ اُڌاري وٺي ٿو، ان مرڪ تي ئي جيئڻ چاهي ٿو.
    جلد ٽشو ۾ ويڙهي سيڙهي،
    تلسي ڪا سوپاري موڪل،
    واپس پوءِ ڪندس مان توکي،
    هڪڙي مرڪ اُڌاري موڪل.
    مشتاق جي شاعري ۾ ڳوٺاڻي فطرتي جماليات جي منظر ڪشي، ٻوليءَ جو طلسماتي اثر، عوامي لهجو، ثقافتي رنگ، منفرد خيال، سادگي، رواني، وڇوڙو، وصل، درد، عشق، ڳوٺن ۽ شهرن جو ذڪر نمايان آهي.
    کيس چئجو هتان گذر نه ڪري،
    شهر جو شهر دربدر نه ڪري.
    کيس چئجو اکيون ٿڪي پونديون،
    منظرن جو ڊگهو سفر نه ڪري.
    (اقبال رند)
    *
    مون لئه هرڪو غير تنهنجي شهر ۾،
    اڳتي ايندو ڪير تنهنجي شهر ۾.
    وک وک تي آهن وڇايل ڪنڊا هت،
    پايان ڪيئن مان پير تنهنجي شهر ۾.
    (مشتاق بخاري)
    *
    ”مشتاق بخاري“ پي او ڊکڻ،
    ڳوٺ لونگاڻي ياد نه ٿئي ڇا.
    (مشتاق بخاري)
    انسان سان درد جو رشتو پراڻو آهي زندگي ۾ ڪيئي درد ايندا ويندا آهن، انسان ان پيڙا مان گذري ٿو، گهڻو ڪجهه ڀوڳي ٿو. هونئن به شاعر پنهنجي دردن سان گڏ عوام جي دردن، ڏکن سورن، اهنجن جي ڳالهه ڪندا آهن. سنڌ جو ناميارو شاعر مير محمد پيرزادو هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”شاعري درد جي راهه آهي، ان راهه تي هلندڙ درد جا سفير ٿيندا آهن.“
    سڀ درد اسان جي قسمت ۾،
    بي درد اسان جي قسمت ۾،
    لکيل ناهن پيارا پيارا،
    ڪي فرد اسان جي قسمت.
    مشتاق جي شاعري ۾ جٿي پيار، مرڪ، سونهن، انسانيت، عاجزي، اخلاقيات جو ذڪر آهي اتي خوشبو جو به ذڪر عام جام آهي.
    وہ ایک بار آیا تھا مجھ سے ملنے کو،
    میری مکاں سے اب تک گذر ہو رہا ہے خوشبو کا۔
    (حنیف عاطر)
    *
    تنهنجي پار کان اڪثر جانان،
    ايندي آهي پيار جي خوشبو،
    من کي اڪثر مهڪائيندي آ،
    تنهنجي سوچ ۽ سار جي خوشبو.
    (مشتاق بخاري)
    مشتاق جي شاعري ۾ فني فڪري کوٽ به هوندي انهن پاسن تي هڪ نقاد ئي لکي سگهي ٿو. سندس شاعري سندس دوستي جيتري مونکي عزيز آهي. مشتاق بخاري ريشمي احساس جو خوبصورت شاعر آهي.
    بدن تنهنجو ريشمي آهي،
    ديد تنهنجي دلڪشي آهي،
    سونهن تنهنجي صاف ۽ اجري،
    چنڊ جي ڄڻ روشني آهي.


    سڳو ٽٽو ۽ ساز رنو

    سنڌ جي مٽي اُها ڀاڳوند مٽي آهي، جنهن مٽيءَ مان عظيم فنڪار، ڪلاڪار، اداڪار ۽ شاعر پيدا ٿيندا رهيا آهن. اُن زرخيز مٽيءَ، مائي جيوڻي، ماسٽر چندر، ڀڳت ڪنوررام، استاد محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، استاد منظور علي خان، استاد وحيد علي، استاد خورشيد خان، استاد گلزار علي خان سانگهڙائي، استاد محمد يوسف، عابده پروين، سيد سليمان شاهه، منظور سخيراڻي، مائي ڀاڳي، فقير حسين بخش”خادم“ تاج مستاني ۽ ٻيا ڪيترائي نامور فنڪار پيدا ڪيا آهن. سنڌ جي هڪ حصي کي ٿر سڏيو وڃي ٿو، اهو آهي علائقو نالي ته ٿر، پر فنڪارن، شاعرن، ڏات وندن، ساڃانهه وندن، ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. صادق فقير 20 مارچ 1964ع تي تپيدار فيض محمد جي گهر ڏيپلي ۾ اک کولي. صادق فقير راڳ جي سکيا پنهنجي مامي حسين فقير کان ورتي. صادق فقير اياز گل جي وائي.
    توکان ٿيندي ڌار،
    کلندي کلندي يار.
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
    پاڻيءَ تي ڄڻ ليڪا هئا ميان!
    تنهنجا قول قرار.
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
    توکان پوءِ ڪير اسان جي،
    سپرين لهندو سار،
    لڙڪ لڙي پيالار ڪري.
    اِها وائي صادق مٺي شهر جي هڪ محفل ۾ ڳائي جنهن تي تمام گهڻو داد ميلس بعد ۾ اها وائي 87 1986ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ريڪارڊ ٿي جيڪا جهر جهنگ، شهر ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهتي، جنهن کيس شهرتن جي بلندين تائين پهچايو. صادق اها وائي يونيورسٽي جي الودائي تقريب ۾ جڏهن چوندو هو ته هر اک ۾ پاڻي اچي ويندو هو. ان بعد صادق، اياز گل جو هڪ غزل ڳايو.
    دک جي نه پڄاڻي آ.
    هر شخص ڪهاڻي آ.

    هو ۽ مان ته اياڻا هون،
    دنيا ته سياڻي آ.
    صاق فقير جو ڳايل اهو غزل به تمام گهڻو مشهور ٿيو. صادق فقير شيخ اياز کي به دل سان ڳايو. شيخ اياز کي جنهن آواز جي تلاش هئي. اهو صادق فقير جوئي آواز چيو وڃي ٿو.
    شيخ اياز جو غزل:
    ”سکي پيا کي ملين ته چئجان ته چاندني تو سوا نه ٿيندي“
    ايترو ته مشهور ٿيو جو، صادق کي هر پروگرام ۾ اُهو غزل ڳائڻو پوندو هو ۽ وڏي چاهه سان ٻڌو ويندو هو. سندس آواز ۾ ايڏو ته ميٺاج هو، جو آواز ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي. شيخ اياز جو هڪ ٻيو غزل:
    ٿي ڪو ملتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري،
    هو پري آ پري آ پري آ پري.
    مشھور ٿيو سندس آواز ۾ ايڏو ته ميٺاج هو جٿي به ڳائيندو هو ته اتي ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي ويندا هئا. هو دل جو به سادو هو پارٽين، شادين، سالگرهن ۽ ٻين پروگرامن ۾ ڪو زر نه گهرندو هو. هن کي جيڪو به مليو بسم الله. عام فنڪارن کان هن جو لهجو اخلاق، منفرد ۽ مختلف هو. 87 1986ع واري دور ۾ PTV کان سواءِ ٻيو ڪو چئنل نه هيو. ان دور ۾ ريڊيو جو به عروج هو. مون سندس ڪيترائي ڪلام پهريون ڀيرو ريڊيو تي ٻڌا. صادق هڪ وائي ادل سومري جي ڳائي هيائين.
    الائي ڪنهن جو هو،
    هلندڙ لاري مان.
    هڪڙو گُل ڪري پيو.
    جا پڻ بيحد مشهور ٿي. مون هُن کي ڪيترائي ڀيرا روبرو ٻڌو. هڪ دفعي بڊي جبل جي چوٽي تي هڪ NGO طرفان مشاعرو ۽ راڳ جي محفل ڪرائي وئي ھئي، جنهن ۾ جمن دربدر، حليم باغي، شفيع فقير، علي دوست عاجز، اسحاق سميجو، صاق فقير، عباس کوسو، ناز سهتو ۽ ٻيا موجود هئا. چنڊ جي چانڊاڻ هئي، اڀ تي تارا هئا ۽ صادق جو ڇا ته آواز هو صادق اتي هڪ غزل ڳايو.
    ڪو آ رام جي پاسي، ڪو آ رحمان جي پاسي،
    منهنجو سجدو انهيءَ کي آ جيڪو انسان جي پاسي.
    ان وقت خاموشي ڇانئجي ويئي هئي. سندس آواز ڏور تائين پئي ويو. صادق سنڌي، اردو، سرائيڪي، مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ڳائيندو هو. صادق فقير غزل، وائي، نظم کي اوريجنل، ٽيڪنڪ ۾ ڳائيندو هو. صادق فقير کي ڪتابن سان وڏو چاهه هيو. ڪتابن جي لائبرري پنهنجي هوندي هيس. پاڻ پهرين پرائمري استاد هو بعد ۾ مٺي ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو هو. آڪاش انصاري جو نظم.
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا،
    نَڪي عشق، آتش فِشان ٿي اُڀاميو،
    نه ئي ديپ دل مان، اوهان جو اُجهاميو،
    نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين،
    نه سگريٽ جو ڪو ڦُلو ٿي ڇڻياسين،
    دُکياسين جَلياسين اڌورا اڌورا،
    اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا.
    جڏهن صادق مٿيون نظم ڳايو، ته ان کي به مڃتا ملي ان کان سواءِ صادق ٻيا ڪيترائي غزل، گيت، نظم ۽ وايون ڳايون. هي البيلو راڳي سعودي عرب عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ ويل هو. سندس گڏ گهرواري ۽ سالو به هيو. مڪي جي مختلف زيارتن ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هو عرفات جي ميدان تان مڪي موٽيو پئي ته سندس گاڏي جو ٻي گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو ۽ صادق جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. سنڌ جو هي ڀلوڙ راڳي ڪروڙين مداحن کي سوڳوار ڇڏي 26 فيبروري 2015ع تي الوداع ڪري ويو. سندس لاش واپس سنڌ آندو ويو ۽ مٺي ۾ ان کي دفن ڪيو ويو.
    اي سنڌ توکي الوداع.
    اي هند توکي الوداع.
    تو ۾ هيو سارو جڳت،
    اي جند توکي الوداع.
    (شيخ اياز)


    مير حاجن مير جا ڇپيل ڪتاب

     رنگ، خوشبوءِ گل شاعري 2008ع
     نيراب خواب شاعري 2012ع
     سيوهڻ جون ادبي شخصيتون تحقيق 2014ع
     سڄڻن ياد ڪيوم خط 2016ع


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 928
    ڪتابن جو مشاهدو: 2955017
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 768982
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ