ڪتاب جو نالو: وقت جو بادشاهه
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 787 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 263 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنهن کيس منفرد ۽ مٿانهون درجو ڏياريو آهي، موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. رسول ميمڻ تاريخ جي گھري شعور رکندڙ هڪ ڏاهي ليکڪ جي ذريعي تاريخ جي چهري تان دز هٽائي سچائين کي دريافت ڪيو آهي ۽ ڪاميابيءَ سان نباهيو آهي، اهو ان ڪري بہ ممڪن ٿي سگهيو آهي جو رسول ميمڻ جيترو لکي ٿو، ان کان وڌيڪ پڙهي بہ ٿو. تهذيبن جي ٽڪراءَ، قومي ۽ ثقافتي تضادن جي پس منظر ۾ ليکڪ جي تخليل ۾ اهڙي سنڌ جو خواب آهي، جتي ڌرمن، فرقن، ذاتين ۽ نظرين جي آڌار تي انسانيت جي ورڇ نہ هجي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪهاڻيون

  • وڻ جي قبر
  • نوم
  • ڳالهه به ايتري
  • مداري
  • وقت جو بادشاهه
  • ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل بورچيخانو
  • حسرتن جا ڪتاب
  • اڌ رنگو + اڌ رنگو
  • انبن جي موسم جو لوڪ گيت
  • عبدالله افغانيءَ جون ٻڪريون
  • انب
  • چور
  • اگهاڙو
  • کرو ۽ کوٽو
  • گهڙيال

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : وقت جو بادشاهه
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com



    WAQAT JO BADSHAH

    Writen by : Rasool Memon
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Published by : Digital Publishing House
    Tando Allahyar


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    پنهنجي امڙ
    قمرالنساءِ جي نالي
    جنهن مون کي ننڍپڻ ۾
    لازوال ڪهاڻيون ٻڌايون


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وقت جو بادشاھ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
    ”رسول ميمڻ هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنهن کيس منفرد ۽ مٿانهون درجو ڏياريو آهي، موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. رسول ميمڻ تاريخ جي گھري شعور رکندڙ هڪ ڏاهي ليکڪ جي ذريعي تاريخ جي چهري تان دز هٽائي سچائين کي دريافت ڪيو آهي ۽ ڪاميابيءَ سان نباهيو آهي، اهو ان ڪري بہ ممڪن ٿي سگهيو آهي جو رسول ميمڻ جيترو لکي ٿو، ان کان وڌيڪ پڙهي بہ ٿو. تهذيبن جي ٽڪراءَ، قومي ۽ ثقافتي تضادن جي پس منظر ۾ ليکڪ جي تخليل ۾ اهڙي سنڌ جو خواب آهي، جتي ڌرمن، فرقن، ذاتين ۽ نظرين جي آڌار تي انسانيت جي ورڇ نہ هجي.“
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پھچايون. ان سلسلي ۾ ڪيتري ڪاميابي ملي آھي ۽ اڳتي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ اوھان سڄڻن جي رھنمائي ۽ مدد جي ضرورت آھي.

    ساٿ سدائين قائم ..... سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪهاڻيون

    وڻ جي قبر

    جتي اڄڪلهه خير محمد جي گهر جو رنڌڻو آهي، اتي ڪڏهن نم جو ڊگهو وڻ هيو. وڻ به ڇا هيو، ڄڻ ٻارنهن ٻانهن وارو ديوُ گهر مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺل هيو. ان جا ڏار ماڙيءَ جي مٿين حصي کي ڇهندا هيا ۽ ويڪرو پڌر ڇڻيل پيلن پنن سان ڀريل هوندو هيو.
    هاڻي اتي وڻ جي قبر آهي، خير محمد جي رنڌڻي هيٺان جتي اهو وڻ ڪٽي پاڙن کي دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. رنڌڻي مٿان ان ٽماڙ عمارت جا ٽي رنڌڻا آهن. هر منزل تي هڪ ڀاءُ جو گهر آهي. ويڪري پڌر واري جاءِ ڊگهي عمارت ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جنهن لاءِ ڊگهي وڻ جي ڪٽڻ ضروري هيو.
    نئين جاءِ جي اڏاوت کان اڳ وڻ ڪٽيندي ڪنهن جي دل نه پئي چاهيو، پر اها مجبوري هئي. ان جا ڦهليل ڏار اڏاوت ۾ رڪاوٽ هيا. تنهن ڪري دل تي پٿر رکي پهريون وڻ کي ٿڙ وٽان ڪٽيو ويو جيئن ان يادگار وڻ جو نشان اکين اڳيان رهي، پر نئين اڏاوت کانپوءِ نم جو وڻ هر دفعي ڦٽي ٿي پيو ۽ ان جاءِ ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.
    “وڻ آهي يا جن؟” خير محمد چيو “ٿڏي تي وڻ کي پاڙن کان ڇڪي ٻاهر ڪڍون ها ته جان ئي ڇٽي پوي ها. ڪهڙو ضرور هيو وڻ لاءِ ايڏو جذباتي ٿيڻ جو؟ وڻ ئي ته هيو.”
    هن ڀائرن سان صلاح ڪئي، سڀ سوچ ۾ پئجي ويا. ڏاڍو ڏکيو هيو وڻ جي پاڙن کي کوٽي ٻاهر ڪڍڻ، مٿان ٽماڙ عمارت هئي ۽ وڻ جون پاڙون ٽماڙ عمارت جي بنيادن ۾ ڦاٿل هيون.
    هاڻي اها عمارت وڻ جهڙي هئي ۽ ان ۾ پيل ڏرا نم جا ڏار هيا، پاڙي جي ملان عمر کي گهرائي دعا گهرائي وئي.
    “اي خدا هن وڻ کي ڌرتيءَ ۾ سڪون سان سمهڻ جي توفيق عطا فرماءِ.”
    پر وڻ نه سمهيو، وڻ جاڳندو رهيو ۽ وڻ جيئرو هيو، ڇو جو هوءَ جيئري هئي. هن جي محبوبا علينا، جنهن سان وڻ جو عشق هيو، علينا جا سور، علينا جا ڏک، وڻ جا سور، وڻ جا ڏک هيا. ڀوري گلابي منهن واري علينا، جيڪا کلندي هئي ته سندس ڳٽن ۾ چُگهه پوندا هيا. جڏهن ننڍڙي هئي ته ان پنهنجن نازڪ هٿن سان اهو وڻ پوکيو هيو ۽ ان جي سيوا ڪئي. وڻ وڏو ٿيو ته ان سان کيڏي، ان جي سنهي ٿڙ ۾ هٿ وجهي گول ڦري، گيت ڳاتا ۽ ڳالهيون ڪيون، وڻ به عجيب هيو ڄڻ ماڻهو هيو، اهو کليو، رنو، وڏو ٿيو ته علينا کي ويڪري ڇاتيءَ سان لائي ڀاڪر پاتا.
    وڻ علينا جي پينگهه لوڏيندي هيو، ان جون نموريون علينا لاءِ هيون. جڏهن نموريون پيهي وارن ۾ وجهندي هئي ته وڻ ٿڌي هوا ڏيندو هيو. ان جو ٻور علينا تي ڇڻندو هيو. علينا ۾ ٻور جي خوشبوءِ هئي. ان تي ويٺل ساوا طوطا علينا کي سڏيندا هيا. وڻ علينا سان کيڏي وڏو ٿيو. جڏهن ننڍڙي هئي ته گهر ڏاڍو وڏو هيو. ٻاهرين در کان اوطاق جي ڀڪ ۾ سنهي گهٽي هئي، جتان لنگهي گهر ۾ داخل ٿبو هيو.
    ويڪري پڌر جي پاسي کان دالو هيو جنهن جون ڀتيون ڪنهن قلعي جي ڀتين جهڙيون ٿلهيون هيون، اندر ڪوٺيون هيون، جن مان سڄي هٿ واري ڪوٺي اناج ۽ بُنهه سان ڀريل هوندي هئي ۽ وچين ڪوٺي اوندهه سان، ان ڪوٺيءَ ۾ ڪاٺ جي صندل وٽ ٻن اڀريل فرش جي سرن هيٺان ٺڪر جي ماٽي ۾ ڪٽنب جو سون پوريل هوندو هيو، باقي کاٻي هٿ واري ڪوٺي ٻارن جي سمهڻ لاءِ هئي.
    اها نما شام هئي جڏهن ٻار هيٺ مٿي، ڪوٺين ۽ اڱڻ ۾ ڊوڙي اک ٻوٽ راند کيڏي رهيا هيا. گهر ٻارن جي گوڙ ۽ رڙين سان گونجي رهيو هيو. ڪا گهڙي نه گذري ته ڏاڪڻ مان ڪنهن ٻار جي ڪرڻ جو آواز آيو. ٻار رڙهندو اونڌي منهن اچي ڪريو. اها علينا هئي، جنهن کي مٿي ۾ ڌڪ لڳا ۽ منهن رت سان ڀرجي ويو، کيس کٽ تي سمهاريائون، پيءُ ڦاٽل مٿي جي زخم ۾ سرمو وڌو. رت ته رڪجي ويو پر زخم نه ڇٽو. بئريج روڊ جي مشهور ڊاڪٽر عبدالقادر ان کي پينسلن جون سيون هنيون ۽ ٽيوب لکي ڏنا، پر ڪو فائدو نه ٿيو. اوطاق ۾ رهندڙ ڏاڏي پاڙي جي بزرگ مائي حوا کي گهرائي ان سان صلاح ڪئي.
    “مائي ڇا ڪجي؟ ڇوڪريءَ جو زخم ڇٽي ئي ڪونه ٿو، تون ڪو ٽِڪو پَنجو ڪر.”
    مائي حوا اٿي، ان پڌر ۾ بيٺل نم جا ڇوڏا پٽي، همام دستي ۾ وجهي ڪٽي، تيل ۾ ملايا، جڏهن اهو محلول علينا جي زخم تي لڳو ته زخم ائين ڪومائجي ويو، جيئن ابرشم جي ٻوٽي جا گل. پوءِ مائي حوا جتان وڻ جا ڇوڏا پٽيا هيا، اتان کونئر وهندو رهيو، وڻ کي به دل هوندي آهي، دل اندر رت هوندي آهي، رت وهندو آهي ۽ وهندڙ رت ڄمندو آهي، ڪڏهن ماڻهوءَ جي دل ۾ رت کونئر جيان ڄمي ويندو آهي. جيئن نبي بخش جي دل، سوٽ نبي بخش جنهن سان اڳتي هلي علينا جي شادي ٿي.
    نبي بخش سٺو ڇوڪر نه هيو، ننڍي هوندي جڏهن اک ٻوٽ راند کيڏندو هيو ته علينا پويان ڊوڙي، ڪنڊ ۾ لڪي ان سان حرڪت ڪندو هيو. علينا هڪ شرميلي ڇوڪري هئي، اها هن کان ونئه ويندي هئي، پر هو کيچلو ڇوڪر کيس ڏاڍو تنگ ڪندو هيو. هڪ دفعي ان علينا سان ناراض ٿي کيس پٺيءَ ۾ ڌڪ هنيا، علينا پڌر ۾ ڪنڌ کڻي رني، نم جي وڻ جو پن پن هن سان گڏ رنو، شام جو نبي بخش پڌر ۾ اڪيلو بيٺل هيو. مٿي نم ۾ کڙڪا ٿيا، ڏار اچي نبي بخش جي مٿان ڪريو، نبي بخش جي ڄنگهه ڀڄي پئي، ڪيترا ڏينهن کيس ڄنگهه تي پلستر چڙهيل هيو، لٺ تي گهمي مٿي منهن ڪري وڻ کي ڪاوڙ مان ڏسي ڪچيون گاريون ڏيندو هيو. علينا جي جان ڇٽي پئي. هن نبي بخش کانسواءِ ٽي مهينا سڪون سان اک ٻوٽ راند ڪئي.
    ٻارن جي تيزيءَ سان وڏي ٿيڻ ۾ ڀوري مينهن جي کير جو ڪمال هيو، ڀوري مينهن پڌر ۾ برمي وٽ پاسي کان سرن جي دڪي تي بيٺل هوندي هئي. مينهن جي ذمي چار ڪم هيا. پٿر جي ڪُونر مان آمڻ بُنهه کائڻ، ڦوسا لاهڻ، ويلي تي ست سير کير ڏيڻ ۽ ڪڏهن ڦر ڪرڻ.
    گهر جي سڀني ڀاتين کي خبر هئي، مينهن جي ڳوري پٿر جي ڪُونر هيٺان کَپر نانگ رهي ٿو، جنهن جي جسم تي ناسي ساوا چٽ آهن، پر ڪنهن ان کي مارڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ کپر نه ڪنهن گهر ڀاتيءَ کي نقصان پهچايو. اهو رات جو نڪرندو هيو. ان جي ٻليءَ سان ويڙهه ٿيندي هئي ۽ ڪُئا کائي ڪونر هيٺان هليو ويندو هيو، کپر تڏهن مئو جڏهن نئين جاءِ ٺهي، مينهن کي وڪيو ويو، مزدورن ڪونر هٽايو ته نانگ شريف ماڻهوءَ جيان هيڏانهن هوڏانهن ڀڳو، پر سندس مٿان ڪوڏرن جي ڳنن جا زپڪا ٿي ويا.
    ننڍي هوندي ٻارن کير وٽيون پيتيون، جڏهن تازي کير جي اڇي گج انهن جي چپن تي مڇن جيان ٺهي بيهندي هئي ته اهي “ڏاڏو... ڏاڏو” چئي هڪ ٻئي کي چڙائيندا هيا، انهن جي اهڙي حرڪت تي ڏاڏو اوطاق ۾ ٽهڪ ڏيندو هيو.
    “ڏاڍا ڏنگا آهن ڇورا.” اهو چوندو هيو “پر منهنجي ڌيءَ علينا ڏاڍي سٻاجهڙي آهي.”
    ڏاڏو شام جو دوڪان تان موٽندو هيو ته علينا لاءِ الڳ جليبيءَ جو لفافو لڪائي وٺي ايندو هيو، هيڊي رنگ جي جليبيءَ علينا جا موتين جهڙا اڇا ڏنگ ڪڏهن هيڊا نه ڪيا.
    وقت سان ٻار ڏاڍا ذهين ثابت ٿيا، انهن مان ڪي سي ايس پي آفيسر ٿيا. ڪي انجنيئر، پر نبي بخش ڊاڪٽر ٿيو ۽ سندس شادي سوٽ علينا سان ٿي. اها شادي تڏهن ٿي جڏهن نبي بخش ٻئي سال ايم بي بي ايس ۾ پڙهندو هيو. علينا مان هن کي ٻه ڌيئر ڄايون، پنجين سال ۾ هن نرس سان شادي ڪئي، علينا ٻئي ڌيئر هنج ۾ ويهاري نم جي وڻ هيٺان ڏاڍو رني، نموريون ڳوڙهن جيان هيٺ ڪريون، علينا کي نبي بخش جي بيوفائيءَ تي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن جو ڏک ڏسي مٿان وڻ رڙ ڪئي، جيڪا علينا نه ٻڌي “پياري علينا ماڻهو ڀل بيوفا هجن، پر وڻ بيوفا نه هوندا آهن، توڙي جو انهن کي ڪٽيو ڇو نه وڃي.”
    جڏهن سڀني ڀائرن جون شاديون ٿيون ته وريون وڌيون ويون، جاءِ ننڍي ٿي پئي، آخر اهڙو وقت آيو جو پراڻي جاءِ کي ڊاهي نئين ٽماڙ عمارت جو بنياد وڌو ويو. وڻ کي ٿڙ وٽان ڪٽي ٽڪر ڪري آرامشن واري کي وڪيو ويو. علينا ڪٽيل ٿڙ کي ڀاڪر پائي رني.
    “اڙي نبي بخش... خدا جي مار پوئي، شل رب راضي نه ٿيئي، مونسان چڱائي نه ڪيئي، اڙي منهنجو وڻ ڪٽجي ويو.”
    هوءَ روئندي رهي ۽ زخمي وڻ جو کونئر ٽيپا ٽيپا هيٺ ڪرندو رهيو، ٽماڙ ٺهي ته وڻ جو ٿڙ خير محمد جي رنڌڻي وٽ رهجي ويو. ٿڙ ڪيترا سال چپ رهيو، نه سائو ٿيو، نه سڙيو، نه پن ڪڍيائين، نه واڌ ڪيائين، وڻ تڏهن وڌيو جڏهن کيس خبر پئي ته علينا کي نبي بخش طلاق نامو موڪليو آهي. وڻ ڪاوڙ ۾ ڦونڊجي ويو.
    نبي بخش نرس سان شاديءَ کانپوءِ پنج سال فوج ۾ گذاريا، جڏهن ميجر ٿيو ته ان استيفعا ڏني، ميلبورن ۾ شهريت حاصل ڪرڻ اڳ ان علينا ڏي طلاق نامون موڪليو، علينا کي بيهوشيءَ جا دروا پيا ۽ وڻ ٽماڙ ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.
    آخر صلاح ڪئي وئي ته وڻ کي فرش وٽان ڪٽيو وڃي، حاجي عارب کي گهرايو ويو، جنهن پنهنجي تاريخي ڪٽ لڳل ڪهاڙي سان ٿڙ کي صفا فرش وٽان ڪٽي ٻاهر اڇلايو. ٿڙ جو اهو ٽڪر ڏيڍ سال گهٽيءَ ۾ در اڳيان پيل هوندو هيو، جنهن تي شام جو علينا جون ڌيئر ويهي پيءُ جو انتظار ڪنديون هيون، پر نبي بخش ڪڏهن نه موٽيو. بس مائٽن کي اها خبر پي ته ميلبورن ۾ ٽيڪسي هلائيندو آهي ۽ سندس نرس مان ٿيل ٻار سٺن اسڪولن ۾ پڙهندا آهن، علينا در وٽان ليئو پائي ڪٽيل ٿڙ کي ڏسندي هئي. کيس محسوس ٿيندو هيو، مڙس جو لاش بي گور ۽ ڪفن پيل آهي، ان کي دفنائڻ وارا سڀ مري چڪا آهن.
    علينا اڃان جوان هئي، توڙي جو ان کي اکين هيٺان ڪارا نشان پئجي چڪا هيا پر سندس چپ نارنگيءَ جي ڦارن جهڙا رسيل هيا.
    اها رات قيامت کان گهٽ نه هئي جڏهن علينا جي شادي سندس مرضيءَ خلاف اهڙي شخص سان ڪرائي وئي جنهن جي عمر سٺ سالن کان مٿي هئي ۽ زال جي وفات کانپوءِ جوان اولاد جي وچ ۾ اڪيلو رهندو هيو. ان رات اڇي ڏاڙهيءَ وارو پوڙهو، اڇي پڳ ٻڌي، اڇي گهوڙي تي چڙهي ڪنهن فرشتي جيان آيو ۽ ان علينا جي روح کي قبض ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، علينا رني ته ڄڻ پراڻي جاءِ جي دڪي تي بيٺل ڀوري مينهن رانڀون ڪيون، مري ويل کپر جيئرو ٿي پيو. نبي بخش گج واري کير جي وٽي پي، چپن مٿان ڄميل کير جهڙيون مڇون ٺاهي هن کي تصور ۾ چڙائڻ لڳو.
    “علينا جو مڙس ڪراڙو... علينا جو مڙس ڪراڙو.”
    علينا پاتل ڳاڙهو رئو اڇلي عورتن جي وچ مان ڀڳي ۽ ان خير محمد جي رنڌڻي ۾ وڃي در بند ڪرڻ رڙيون ڪيون.
    “اڙي منهنجو وڻ ڪٽجي ويو، منهنجي قسمت جو وڻ... هئي منهنجو لاش... گهٽيءَ ۾ بي گور ۽ ڪفن پيل.”
    علينا جا ڳوڙها فرش وٽ ظاهر ٿيندڙ نم جي نشان تي ڪريا ۽ اهو ڦٽي پيو، ٿورو مٿي اڀريو، فرش جي سطح کان مٿي رنڌڻي ۾ رکيل مڇرداني هڪ پاسي جهڪي وئي، جڏهن پوڙهو ڪنهن عزرائيل جيان علينا کي اڇي گهوڙو تي ويهاري بنڊ ماسٽر کي اشارو ڏنو ته بنڊ وڄڻ سان گڏ رنڌڻي جي ٻاهرين ڀت ڪري پئي.
    ٻئي ڏينهن حاجي عارب کي گهرائي خير محمد گهٽ وڌ ڳالهايو.
    “واهه جا وڻ ڪٽيندو هئين ڳوٺ ۾... وڏي تعريف ٻڌي هئي تنهنجي. ڇڙو ٿو ڪٽ لڳل ڪهاڙو ڪلهي تي رکي رعب مان هلين، ڪٽي ته آڱوٺي جيترو ٿڙ به نه ٿو سگهين.”
    حاجي عارب اڀري آيل ٿڙ جو جائزو ورتو، نڪ تي هٿ رکي توبهن ڪئي.
    “هي وڻ آهي يا ٻيو ڪجهه؟” هن چيو “مٿي جا وار ڪٽبا آهن، انهن کي به اڀرڻ ۾ وقت لڳندو آهي، حيرت آهي، ويرم ئي نه لڳي ٿڙ زمين مان نسري بيهي رهيو.”
    هن ٽيڪم گهرائي ٿڙ چوڌاري کڏ کوٽي، ٿڙ تمام گهرائيءَ ۾ هيو. رنڌڻي جو پورو فرش ناس ٿي ويو. خير محمد هن کي چيو.
    “وڌيڪ نه کوٽ اجايو نقصان ٿي پوندو... بس هاڻي اتان ڪٽي مٿان مٽي وجهيس.”
    حاجي عارب ائين ڪيو، ٿڙ کي هيٺان ڪٽي مٿان مٽي وجهي پوري ڇڏيو، اوستو ابوبڪر آيو ۽ ان نئين جاءِ جي اڏاوت کانپوءِ بچيل ورونا ماربل جون سرون فرش ۾ هڻي ڇڏيون. وڻ صفا دفن ٿي ويو.
    ست سال وڻ دفن رهيو، ان ڪا به حرڪت نه ڪئي، پر ستن سالن کانپوءِ جڏهن پوڙهي جو موت ٿيو ۽ علينا بيواهه ٿي وئي ته صدمي ۾ ان تي اڌرنگي جي بيماريءَ جو حملو ٿيو. علينا جو هڪ پاسو سڪي ويو، اتي ان جي تيمارداري ڪرڻ وارو ڪو به ڪونه هيو، کيس پوڙهي مان ڪا اولاد به نه ٿي. نبي بخش مان ٿيل ٻه ڌيئر جوان ٿي چڪيون هيون. اهو مناسب سمجهيو ويو ته علينا کي پيڪن ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي جيئن ان جون ڌيئر سندس تيمار داري ڪري سگهن.
    اهي علينا جا آخري ڏينهن هيا، جيڪي هن اباڻي جاءِ ۾ گذاريا، جڏهن آخري پساهه کڻي رهي هئي ته ڊاڪٽر دين محمد هن جي سيني تي اسٽيٿواسڪوپ رکيو. خير محمد جيڪو ان وقت رنڌڻي ۾ ڊاڪٽر لاءِ چانهه ٺاهي ڪوپ ۾ وجهي رهيو هيو ان فرش هيٺان دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌو. هو نوڙيو ۽ ڪن فرش تي رکيائين. دل ڌڙڪندي رهي ۽ ڌڙڪي ڌڙڪي بند ٿي وئي. پوءِ اها ڪڏهن نه ڌڙڪي.
    اڄ به ان ٽماڙ عمارت جي هيٺين رنڌڻي ۾ وڻ جي قبر آهي، ورونا ماربل جي سرن جو ٿورو اڀار.


    نوم

    ٽيٽيهن سالن جي حق بخشرايل زليخان ان ويڪري کٽ تي پاسا بدلائيندي رهي جيڪا اٽڪل هڪ صدي پراڻي هئي. وقت جي ميراڻ ۾ توڙي جو جنڊيل پاوا ڪي قدر ڌنڌلڪا ٿي چڪا هيا، پر انهن جي غير واضح رنگيني ڏاڍي پراسرار بنجي چڪي هئي.
    ننڊ هن جي اکين کان ڏور نه هئي پر وڃائجي چڪي هئي. ڏور ويلن جو ڏس هوندو آهي، وڃائجي ويلن جي ڪا خبر نه هوندي آهي.
    جڏهن کان سندس حق بخشرايو ويو هيو، کيس قرآن سان پيار ٿي ويو هيو، سڄو ڏينهن عبادت ۾ گذاريندي هئي ۽ رات جاڳي رب کي ياد ڪندي هئي. هڪ دفعي هن سوچيو “جڏهن رب وسريو ئي نه آهي ته ياد ڪرڻ سان ڇا حاصل؟ ياد ان کي ڪبو آهي جيڪو وسري وڃي.”
    جڏهن ٻاويهن سالن جي هئي ته هن کي زوار خان محمد ڏاڍو وڻندو هيو، حويليءَ اڳيان ڳوٺ جي وڏي پڌر ۾ کٻي پاسي سنهي گهٽيءَ ۾ رهندڙ زوار خان محمد جيڪو انهن ڏينهن اڃان زوار نه هيو، جڏهن زوار ٿي موٽيو هيو ته ان کان اڳ هن جا حق بخشرائجي چڪا هيا.
    کٽ تي پاسا ورائي ننڊ جو انتظار ڪندڙ زليخان تصور ۾ ڏٺو زوار خان محمد ڳوٺ جي ويڪري پڌر وٽ سرنهن جي تيل تي ٻرندڙ نباتنما فانوس جي ڏنڊي کي ٽيڪ ڏيئي ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻي رهيو آهي. جڏهن ٻيڙيءَ جو دونهون مرد جي شڪل ۾ بدلجي هن جي نڪ وٽ لهرائڻ لڳو ته هوءَ هٿ هڻي ان کي هڪليندي اٿي ويهي رهي.
    “اي رب معاف ڪر” هن چيو ۽ رئو نڪ کي ڏئي ڇڏيو، پوءِ هن سڏ ڪيا “مائي جانل... او مائي جانل.”
    هن جي سڏن تي اڱڻ وٽ کاري ۾ پيل تتر کنڀيون ٽرڪيون “ڪُڙ ڪُڙ” ڪري جاڳي پيون، جانل اکيون مهٽيندي اندر پهتي ته زليخان نڪ تان رئو هٽايو.
    “ٻاهر چوڪيدارن کي چئه ته اهي ٻيڙي نه پيئن.” هن کيس چيو.
    جانل ٻاهر وئي، ان ڏٺو، چئن چوڪيدارن مان هڪ جاڳي رهيو هيو، هن کيس سانئڻ جو حڪم ٻڌايو.
    “جانل ٻيڙي دکائي ٻه ڪلاڪ ٿي ويا.” ان اوٻاسي ڏيندي چيو “دونهي جو ڪهڙو ڀروسو، باقي رک کي وقت ٿيو مٽيءَ ۾ ملي چڪي.”
    جانل اندر آئي ۽ زليخان مٿان ائين بيهي رهي جيئن وڃايل ننڊ ڳولهڻ نڪتي هئي ۽ نراس واپس پهتي هجي.
    “ويهه جانل... ويهه” زليخان ٿڪيل آواز ۾ چيو، جيئن جانل جي ويهڻ سان سندس ٿڪ لهي ويندا.
    “وضو ٿيل اٿئي؟” زليخان اڌ کليل اوجاڳيل اکين سان کيس ڏسندي چيو.
    جانل هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهي.
    “خالي پيٽ مسڪينن جا وضو گهٽ ٽٽندا آهن.” ان چيو ۽ تختي تان قرآن لاهي آخري آيت پڙهي، زليخان ان کان قرآن ورتو ۽ چمي سيني سان لائي واپس ڪيو.
    “گهڻي رات گذري چڪي آهي.” جانل چيو. “سانئڻ سمهڻ جي ڪوشش ڪر، سمهڻ بنا انسان عبادت ڪيئن ڪري سگهي ٿو، دماغ جاءِ هوندو ته رب کي جاءِ ملندي.”
    جانل جي ڳالهه ۾ وڏي بي آرامي لڪيل هئي.
    “ٿڪيل آهين؟” زليخان چيو “وڃ آرام ڪر، توکي به سڄو ڏينهن عبادت جيان گهر جو ڪم ڪرڻو پوي ٿو.”
    “ها سانئڻ” جانل چيو “شايد عبات ۾ ٿڪ نه آهي پر مان ڏاڍي ٿڪيل آهيان، امام جعفر جا ڪونڊا آهن، اڃان انهن جو بندوبست ڪرڻو آهي.”
    هوءَ هلي وئي ۽ زليخان هڪ دفعو وري تصور جي دنيا ۾ گم ٿي وئي. تن ڏينهن سندس ڀاءُ ڀوتار واحد بخش جيئرو هيو، ان جي ٻني ڪجهه آباد هئي ۽ باقي غير آباد، آباد ٻنيءَ ۾ ڪمدار جو ڪارن چٽن وارو اڇو گهوڙو صبح سان هلندو هيو ۽ سج لٿي تائين ان جون حدون نه کٽنديون هيون، اهو رات اهڙي ڳوٺ ۾ گذاريندو هيو جتي سهڙن جا ولر هوندا هيا، ڇري واري بندوق ڪلهي تان لاهي اوندهه ۾ جتي به هلائيندو هيو ته ماچيس جي تيلي کانپوءِ مئل سهڙن جا ڍير پيا هوندا هيا. هو هڪ ڏينهن سهڙن جو گوشت پچائيندڙ ان عورت تي عاشق ٿي پيو جنهن کي ايڏيون ته سونيون ۽ وزندار واليون پاتل هونديون هيون جو انهن سندس ڪنن جا سوراخ وڏا ڪري وڌا هيا، ان عورت جو ٺاهيل ٺرو هن هڪ دفعي ڀوتار واحد بخش کي پياريو، جنهن کي اولاد جي ڏاڍي تمنا هوندي هئي. ان رات سندس زال اميد سان ٿي ۽ اڪيلي اولاد عمر حيات ڄايو، جيڪو پيءُ جي وفات کانپوءِ اسيمبلي ميمبر ٿيو ۽ پڦي زليخان کان پري شهر ۾ رهندو هيو.
    ڳوٺ جي ڪن ماڻهن جو چوڻ هيو ته ٺري پيئڻ کانپوءِ وڏيرو واحد بخش زال سان سمهڻ کان اڳ بيهوش ٿي چڪو هيو، هو مسلسل ٽي راتيون بيهوش رهيو ۽ چوٿين رات جڏهن ماڻهو مزاج پرسي ڪرڻ سندس اوطاق تي آيا ته هر هٿ ملائيندڙ شخص محسوس ڪيو، وڏيري جو هٿ برف جيان ٺريل هيو.
    وڏيري واحد بخش جي زال واحد اولاد کي جنم ڏئي جوانيءَ ۾ گذاري وئي. عمر حيات کانپوءِ هن کي ڪا اولاد نه ٿي. شڪارپور جي شيوالي جي هڪ وئشيا جنهن سان ڪڏهن سندس ياري هئي، اها ڪجهه وقت حويليءَ ۾ رهي، ان جو اثر اهو ٿيو جو وئشيا جا جذبا سرد ٿي ويا ۽ واپس موٽي ان کي باقي زندگي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذارڻي پئي.
    وڏيري واحد بخش پنهنجي ڀيڻ زليخان جي شادي نه ڪرائي پر حق بخشرائي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو. حق بخشرائڻ کان پهريون هن سوچيو هيو ته اهو ان جي شادي ڪرائي غير آباد زمين جو مالڪ بڻائيندو، پوءِ سوچيائين غير آباد زمين جو مالڪ بنائڻ کان بهتر آهي، اها پاڻ غير آباد هجي.
    وڏيري واحد بخش جي غير آباد زمين پکين کانسواءِ ڪنهن نه ڏٺي، ڪمدار جو گهوڙو آباد زمين جي انت تي ان ڳوٺ وٽ ٿڪجي پوندو هجيو جتي سدائين سانجهيءَ جا پاڇولا هوندا هيا ۽ ان جو اسر سومهڻيءَ جهڙو هوندو هيو. ٺرو ٺاهيندڙ ڳورين والين واري عورت جي گهاڻي جو ڪمند ڪڏهن ڪين کٽو.
    ڪمدار هڪ دفعي غير آباد زمين جو انت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اتي آکيرن ۾ مئل جهرڪيون ڏسي واپس موٽيو هيو. ان ڏينهن هن کي سهڙن کان خوف محسوس ٿيو هيو. اهي سياري جا ڏينهن هياجڏهن وڏيري واحد بخش تي اڌر رنگي جي بيماريءَ جو حملو ٿيو، هن جو هڪ پاسو سڪي ويو ۽ ٻيو سائو هيو. هو آباد ۽ غير آباد زمين جيئن ورهائجي ويو. هن جي واڇ لڙڪي پئي ۽ سندس سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ لڙڪيل واڇ مان وهي هن جي ڪلهي تي ڪرڻ لڳا. حويليءَ ٻاهران ويٺل چار چوڪيدار بيماريءَ جو رستو روڪي نه سگهيا. انهن وڏيري لاءِ ايترو ڪيو جو جڏهن کين ڏس ملندو هيو ته فلاڻي هنڌ جهنگلي ڪبوتر ويٺل آهي ته انهن چئن چوڪيدارن مان هڪ دونالي سنڀالي اٿندو هيو ۽ اتي پهچندو هيو جتي جهنگلي ڪبوتر ويٺل هوندو هيو. اهو دونالي سڌي ڪري ڇريا ڇڏيندو هيو ۽ ڪبوتر هيٺ ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ جا ننڍا ٻار سِير ڏنل ڪبوتر کڻي ان پويان جلوس جي صورت ۾ هلندا هيا. حڪيم حضور بخش جي نسخي تي عمل ڪندي ڳوٺ جا سڀ ڪبوتر ماري وڏيري کي کارايا ويا ته جيئن کيس جسم ۾ گرمي پيدا ٿئي ۽ سڪل سائو ٿي پر وڏيري جو سڪل پاسو ڪڏهن سائو نه ٿيو ۽ هڪ ڏينهن دنيا مان موڪلائي ويو.
    ان ڏينهن زوار خان محمد جيڪو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هيو مئل ڪبوترن جو نوحو لکيو. هن کي پنهنجي ڪوٺي جي پلوڙي تي ويٺل ڪبوترن جو جوڙو ياد آيو جيڪو بندوق جي وار سان ائين هيٺ ڪريو هيو جيئن کجيءَ ۾ پٿر هڻڻ سان کارڪون ڪريون هجن. هن انهن جي ڳاڙهن پيرن جو نوحو لکيو ۽ اکيون ٻوٽي جڏهن پرسوز آواز ۾ ڳايو ته اکين کولڻ کانپوءِ سوين ڪبوتر هن چوڌاري گڏ ٿي چڪا هيا. کٽ تي ننڊ جو انتظار ڪندڙ زليخان وٽ سوچون سندس دماغ ۾ ڪولين جي قطار جيان اينديون رهيون. هن تسبيح کي کڻي چميو، مڻيا کيس رت جا ڦڙا محسوس ٿيا، جن ۾ زوار خان محمد جو نوحو سمائجي چڪو هيو. تسبيح ۾ رت جا ڦڙا زوار خان محمد جي ياد جيان پويل هيا. زوار خان محمد هن سامهون ڀت تي ڇاپيل هيو. هن جي ترين تي، ترين جي پويان، منهن تي ۽ ڪلهن پويان بيٺل هيو.
    هن سوچن مان جان ڇڏائڻ لاءِ رب تي سوچڻ شروع ڪيو. هن کي رب ڪاري ماتمي لباس ۾ نظر آيو. هن اٿي ٻه رڪعتون نفل پڙهيا ۽ تسبيح جو ورد ڪيو.
    “اي رب گناهن کان پناهه ڏي” هن دعا لاءِ ٻڪ جهليو ته لڙڪندڙ تسبيح جا داڻا ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي ويا. “انسان کي سوچون گناهگار ڪن ٿيون. منهنجين سوچين کي روڪ، اهي بند ڀڳل سيلاب جيان آهن، مونکي وهڻ کان بچاءِ.”
    لهندڙ وهيءَ ۾ هن جا جذبا چنبيليءَ جي ول جهڙا هيا، جيڪا سڙڻ کان اڳ پنهنجي حياتيءَ جا سڀ کان سهڻا گل ڏيندي آهي. انسان جي اڌ حياتي تجربي ۾ گذري ٿي ۽ اڌ حياتي تجربي جو کٽيو کائي ٿو. ڦل پچي ڦاٽندو آهي ۽ ٻج ڇڻندا آهن. نانگ کي ڪو ڏنگڻ لاءِ نه ملندو آهي ته پٿر کي ڏنگيندو آهي.
    اوجاڳي جي ماريل زليخان ڏينهن رات رب آڏو جهڪيل هوندي هئي، اها ان کي ٻاڏائيندي هئي ته کيس دل مان آواز ايندو هيو. هڪ سريلو آواز، چِٽ جي راتين ۾ ڪنهن وڻ تان اڀرندڙ ڪوڪ جو آواز. ڪارا ڪپڙا پائي مجلس ۾ پرسوز آواز ۾ نوحا پڙهندڙ خان محمد جو آواز. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ زليخان لاءِ ڪي ايڏيون پابنديون نه هيون. محرم جي ڏينهن ۾ ڪاري رئي سان منهن ڍڪي هن کي پلوڙي تان بيهي تعازين ڏسڻ جي اجازت هوندي هئي. هوءَ ڏسندي هئي ته ڪارن ڇولن جون ديڳيون باهه بنا ٽهڪڻ لڳنديون هيون. سونين والين واري سچل جي گهر ۾ تڏي تي رنگين ڪاغذن جا ڍير هوندا هيا. ڪينچون هلنديون هيون ۽ سائي رنگ جي لئيءَ ۾ آڱريون ٻوڙجي ٻاهر نڪرنديون هيون. ٺهڻ کانپوءِ تعازين جا گل ايڏا ته تازا لڳندا هيا جو انهن تي گمان ۾ پوپٽ لهندا هيا ۽ ماکيءَ جون مکيون مست ٿي پونديون هيون.
    زوار خان محمد جي پرسوز نوحن تي قبرون سڏڪنديون هيون، هو جڏهن علي اصغر جو پينگهو لوڏي مجلس پڙهندو هيو ته ڇاتيون ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون. سڏڪا آهُن ۾ تبديل ٿي ويندا هيا. اکين جو پاڻي ڳوڙهن جي گنجائش کان وڌي ڳلي ۾ گڏ ٿي ويندو هيو ۽ ماڻهو ڍڪ ڀريندا هيا. زوار خان محمد جي ڳلي جو سوز تڏهن جاڳيو جڏهن هن پيرين پنڌ عراق جو سفر ڪيو. هن ڪجهه ساڻ نه کنيو. هڪ ستن جي ٿيلهي ۽ ڀڳڙن جي هڙ، جڏهن عراق پهتو ته سندس کنيل ٻوجهه هلڪو ٿي چڪو هيو هن عراق پهچي حضرت حسين جي مزار تي هٿ کڻي صرف هڪ شيءِ جي گذارش ڪئي.
    “ڳلي ۾ سُر ڏئي ۽ سوز ڏي ته تنهنجي ثنا ڳائي ستل درد کي جاڳائي وجهان.”
    هو موٽيو ته ڳوٺ جون مجلسون پرسوز ٿي ويون، هن جي وجود مان ڦٽندڙ نوحا ڳوڙهن جا گل ڪڍندا، ولين جيان هر شيءِ کي وچڙندا گهرن گهٽين پاڙن محلن مان لنگهي چئن چوڪيدارن جي کٽ هيٺيان حويليءَ جو در ٽپي ان پپر تي چڙهيا، جنهن پپر هيٺان چٽ ڪٻريون ٽرڪي ڪڪڙيون ڳاڙهي جوئر کائي ناسي آنا ڏينديون هيون. پپر ڀرسان ٻير ۽ نم جا وڻ هيا. هڪ وڏو اڱڻ هيو ۽ پويان ڳاڙهين سرن جي پنجن ونگن واري دالي اندر ٽي ڪوٺيون هيون ۽ کٻي ڪنڊ واري ڪوٺيءَ ۾ حق بخشرايل زليخان رب آڏو سجدي ۾ جهڪيل هئي.
    زليخان جو جهان ڪوٺي هيو ۽ ڪوٺو قبرستان، جتي هن جون اکيون پوريل هيون، زليخان جي جهان جون شيون ڏاڍيون گهٽ هيون، هڪ قرآن، هڪ تسبيح، هڪ مُسلو، هڪ پاڻ، هڪ کٽ ۽ کٽ هيٺان چمپلن جو جوڙو.
    هڪ دفعي جڏهن بيمار ٿي ته کيس ڪو به حڪيم شفاياب نه ڪري سگهيو، مسجد مان زوار خان محمد کي گهرايو ويو. ان پردي پويان بيهي اهڙي پرسوز تلاوت ڪئي جو ماڻهن ڏٺو بيماري ڳوڙها ڳاڙيندي پردو پري ڪري حويليءَ جي ٻاهرين در کان نڪري هلي وئي. خان محمد جي تلاوت کي ياد ڪري هن قرآن کي چار چميون ڏنيون.
    “جيڏي دوا ڪوڙي آهي تيڏي دعا مٺي آهي” هن خدا کي سجدو ڪندي چيو “اي رب، ڀل دعائن کي ڪَوڙو ڪجانءِ، ڪُوڙو نه ڪجانءِ، منهنجيون بد دعائون ڪنهن لاءِ نه آهن، مان بخشيو، تون به ان کي بخشجانءِ، منهنجا حق بخشيل آهن، توکي حق آهي، بخشين ته بهتر، نه بخشين ته مالڪ آهين.”
    جڏهن بيماريءَ مان اٿي ته سرنهن پيلا گل ڪڍيا هيا، چوڏهينءَ رات ۾ ڌرتي آسمان هڪ ٿي چڪا هيا. هوءَ ڪوٺي تي وئي ۽ پنهنجا نيڻ کوٽي ڪڍيا، کيس پريان مسجد جا اڇا منارا اهڙن فرشتن جيان نظر آيا، جيڪي اڇن پرن سان اتي لٿا هجن، پوءِ اهو سوچي اداس ٿي وئي ته مسجد جي منارن تي هڪ زخمي ڪبوتر اکيون بند ڪري هڪ ڄنگهه تي بيٺل آهي. چانڊوڪي سرنهن جي تيل ۾ بدلجي وئي ۽ چنڊ وسامي ويو. هن کٽ تي پاسو ورائي وارن کي هٿ هنيو ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪيائين.
    “تيل ايڏو ٿي وجهي جو سڪي ئي نه ٿو.”
    سندس من چاهيو ته رڙ ڪري جانل کي گهرائي، پر رات جو آخري پهر هيو، جانل ٿڪيل هئي ۽ صبح سان اٿي ان کي ڪونڊن جو بندوبست ڪرڻو هيو. امام جعفر جا ڪونڊا ياد ڪري کيس پنهنجو مرحوم ڀاءُ واحد بخش ياد اچي ويو. جيڪو هر سال اوطاق تي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو گڏ ڪري کين کيرڻي کارائيندو هيو. زوار خان محمد امام جعفر جو قصو ٻڌائيندو هيو. اهڙي چپ هوندي هئي جيئن سڀ فنا ٿي چڪو هجي. خان محمد جو آواز گونجندو هيو. اهو پرسوز لفظن ۾ جڏهن ان گهڙيءَ جو ذڪر ڪندو هيو جڏهن امام صاحب جي رومال ۾ ويڙهيل منڍي گدري ۾ تبديل ٿي وئي ۽ گدري تي ڇري هلائي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته زليخان جيڪا پردي پويان اهو سڀ ٻڌندي هئي، کيس محسوس ٿيندو هيو، ڇري هن جي دل تي هلي هجي.
    زليخان کي ننڊ جو انتظار ڪندي اسر ٿي ويو، هوءَ اوڄاڳيل اکين سان ٿڪجي چڪي هئي. گهڙي گذري ته مسجد مان آزان جو سُريلو آواز اڀريو.
    “الله اڪبر... الله اڪبر”
    خان محمد جو آواز ٻڌي هن تي وجد طاري ٿي ويو.
    “صدقو وڃان مٺي رب تان.” هن چيو ۽ هٿ چُمي اکين تي رکيا.
    اسر جي سانت ۾ پرسوز سُريلو آواز هوا ۾ سمنڊ جيان ڇوليون هڻندو پئي آيو. هن تي گِهل طاري ٿي وئي، سندس اکيون بند ٿي ويون.
    “الصوات خير من النوم” هن جي ڪن تي پيو ۽ پوءِ کيس ننڊ ائين ورائي وئي جيئن رب جي قدمن ۾ ڪري پئي هجي.


    ڳالهه به ايتري

    اها اونهاري جي رات هئي. ٻوسٽ هيو. کنڀڙيون ته سانوڻ ۾ ٿينديون آهن پر اهو الائي ڪهڙو جيت هيو جيڪو کارڪ جي کوکڙيءَ جيترو هيو ۽ پنهنجا ڳاڙهسرا پر هڻندو اچي هن اڳيان ڪريو. هو ان وقت دالي ۾ ويٺل هيو. بجلي نه هجڻ ڪري چارجر جي روشنيءَ ۾ واضع نه ڏسي رهيو هيو. هن هلڪي روشنيءَ ۾ ڏٺو، اهو ڳاڙهسرو جيت هيٺ فرش تي گهمي رهيو هيو. ان هر هر پر اُڀا ڪري اڏامڻ جا سانڀاها پئي ڪيا. ان کان اڳ جو جيت اڏامي وڃي، هن پادر لاٿو ۽ جيت مٿان وسائڻ شروع ڪيو. هن محسوس ڪيو جيت مري چڪو آهي. اهو هڪ هنڌ ساڪت پيل هيو. ان ۾ ڪا به چرپر نه هئي، هو مطمئن ٿي ويو.
    ٿوري دير کانپوءِ ڏٺائين جيت چري رهيو آهي، اهو ڏسي وري پادر لاهي جيت مٿان وسائڻ شروع ڪري ڏنائين. جيت جي حرڪت صفا بند ٿي وئي، اهو هڪ هنڌ ڄمي ويو. سوچيائين هاڻي جيت صفا مري چڪو آهي. هو ڏسي ئي رهيو هيو ته گهڙيءَ کانپوءِ وري جيت ۾ چرپر شروع ٿي وئي ۽ اهو هلڻ لڳو.
    اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي، هن غور سان ڏٺو، اهو شايد سخت کل وارو اڏامندڙ ڳاڙهو ٽنڊڻ هيو جنهن تي ڌڪن جو اثر نه ٿي رهيو هيو. هن کي ڪاوڙ وٺي وئي ۽ وري پادر لاهي جيت مٿان وسائڻ شروع ڪيائين. جيت مٿان ايڏا ته زور سان پادر وهائي ڪڍيائين جو جيت ٻه اڌ ٿي ويو. هن محسوس ڪيو هاڻي جيت بلڪل مري چڪو آهي ڇو جو اهو ٻه ٽڪر ٿي چڪو هيو. پر ٿوري دير کانپوءِ جڏهن هن جي نظر جيت تي پئي ته ان جا الڳ ٿيل ٻه ٽڪر حرڪت ڪري رهيا هيا. هو وائڙن جيان انهن کي ڏسڻ لڳو. جيت جا ٻئي ٽڪر حرڪت ڪندا اڳتي وڌيا ۽ پريان فرش ۾ ٿيل سوراخ اندر گم ٿي ويا.
    هن زندگيءَ ۾ اهڙو لقاءُ نه ڏٺو هيو. هن جو معجزن ۾ ايمان نه هيو. هو هر شيءِ کي ٺوس حقيقت تي پرکڻ وارو ماڻهو هيو. اهو لقاءُ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هيو. هو منجهي پيو ۽ ان واقعي جو ذڪر معاشري جي مختلف ماڻهن سان ڪيو. جيئن ڄاڻي سگهي ته آخر اهو ڇا هيو؟ سچ هيو؟ ڪوڙ هيو؟ ڪو وهم هيو؟ گمان هيو؟ هڪ جيت جيڪو هن جي پادر جي ڌڪن سان ٻه اڌ ٿي ويو، پوءِ به چرندو هلندو فرش جي سوراخ ۾ اندر هليو ويو. اهو سوچي هو هڪ حياتيات جي ماهر وٽ ويو ۽ ماهر مسئلو ٻڌڻ کانپوءِ چيو:
    “دنيا ۾ ڪي اهڙا جيت آهن جيڪي ٻه اڌ ٿيڻ کانپوءِ به چرپر ڪري سگهندا آهن، جيئن نانگ، سپاريون ۽ ڪرڙيءَ جو ڪٽيل پڇ وغيره”
    هن کيس يقين ڏياريو ته اهو جيت نانگ، سپاري يا ڪرڙيءَ جو ڪٽيل پڇ نه هيو پر هڪ عام ڳاڙهو ٽنڊڻ هيو. جنهن کي هن ڪٽي ناس ڪيو. پوءِ هن حياتيات جي ماهر کان سوال ڪيو.
    “ڇا ڳاڙها ٽنڊڻ به ٻه اڌ ٿي چرپر ڪندا آهن؟”
    حياتيات جو ماهر منجهي پيو ۽ جواب ڏنائين:
    “اهڙا ڪي به ڳاڙها ٽنڊڻ نه آهن جيڪي چرپر ڪندا هجن.”
    ماهر جي ڳالهه ٻڌي هو پريشان ٿي ويو ۽ سوچيائين پڪ سان اهو ڪو معجزو هيو جيڪو کيس خدا ڏيکارڻ پئي چاهيو. ڇو جو هن جو خدا ۾ يقين گهٽ هيو. هو هلندو هڪ مولويءَ وٽ آيو. مولويءَ کيس ويهاري شوڪاريل پاڻي پياريو. هن مولويءَ کي سموري حال کان واقف ڪيو. مولويءَ آڱريون ڦڻيءَ جيان ڏاڙهيءَ ۾ ڦيريون ۽ پوءِ چيو:
    “رب پاڪ دنيا ۾ اهڙا لقاءَ ڏيکاريندو آهي جيئن بندا غيب تي ايمان آڻين. اهو اشارو آهي ته تون اڻ ڏٺل تي ايمان آڻي روزا، نماز ۽ ٻين احڪامن تي عمل ڪري سگهين، رب توکي معجزو ڏيکاري قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪي نظر نه ايندڙ قوتون آهن جيڪي انساني عقل کان مٿاهيون آهن. تون توبهه تائب ٿيءُ. قدرت توکي ڇوٽڪاري جو رستو ڏيکاريو آهي.”
    مولوي صاحب جي ڳالهين سندس دل تي اثر ڪيو. پر وري سوچيائين اهي نظر نه ايندڙ قوتون جِنَ به ته ٿي سگهن ٿا. اهو سوچي هو هلندو هڪ ڀوپي وٽ آيو. ڀوپو کوپڙي ۽ هڏا رکي لوبان جي دونهي ۾ منتر پڙهي رهيو هيو. ان کيس سامهون ويهاري حال احوال ورتو. هن ڀوپي اڳيان سڄي ماجرا بيان ڪئي ۽ ڀوپي اکيون بند ڪري وري کوليون ته اهي ڳاڙهن ٽنڊڻن جهڙيون هيون. ان جلال ۾ چيو:
    “سڀ ڪارو جادو آهي، اهو جيت نه جنُ هيو، تنهنجي گهر ۾ جنن جو واسو آهي. جِنَ هر شيءِ جو روپ ڌاري سگهن ٿا. اهي جِنَ تنهنجي گهر اندر فرش جي سوراخن ۾ رهن ٿا.”
    اهڙي ڳالهه ٻڌي هو وٺي ڀڳو ۽ ڀڄندو هڪ عالم وٽ آيو جنهن جو وڏو مذهبي مطالعو هيو. ان مسئلو ٻڌو ۽ کيس انتهائي مختصر جواب ڏنائين.
    “حياتي ۽ موت جو مالڪ رب آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي حياتيءَ جا ڏينهن لکيل انهن ته پوءِ ان کي ڪير به ماري نه ٿو سگهي. جيت جي حياتي هئي ۽ بچي ويو.”
    هو عالم جي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ هلندو هڪ سائنسدان وٽ آيو. سائنسدان کي هن جي ڳالهه تي يقين ئي نه پئي آيو.
    “ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مئل جيت هر هر جيئرو ٿي پوي. ضرور تنهنجي دماغ ۾ خلل آهي. سائنس ٺوس ۽ حقيقي شين ۾ يقين رکي ٿي. سائنس ۾ وهم ۽ گمان جي ڪا به گنجائش نه آهي. تون ڪنهن ڊاڪٽر کان اکيون چيڪ ڪراءِ يا ڪنهن نفسيات جي ماهر سان صلاح ڪر.”
    هن سائنسدان جي ڳالهين تي عمل ڪيو ۽ هڪ ڊاڪٽر کان اکيون چيڪ ڪرايون. هن جون اکيون بلڪل ٺيڪ هيون. هو هڪ ماهر نفسيات وٽ ويو. ماهر نفسيات هن کي Obsessional Psychosis جو مريض قرار ڏنو ۽ کيس ٻڌايو ته
    “اهڙا لقاءَ شيزو فرينيا جي مريضن سان ٿيندا آهن. ڪيترائي خوفناڪ خيال ڊيڄاريندڙ جانورن ۽ جيتن جي روپ ۾ هن اڳيان نروار ٿيندا آهن.”
    نفسيات جي ماهر جي تشخيص ٻڌي کيس يقين ٿي ويو ته هو هڪ نفسياتي مريض آهي. هو پگهر ۾ شل ٿي ويو. پوءِ سنجيدگيءَ سان سوچيائين، هن محسوس ڪيو اهو وهم يا گمان نه هيو پر حقيقت هئي. هن اهو جيت پنهنجين اکين سان ڏٺو هيو. اهو سوچي هو هڪ صوفيءَ وٽ ويو. صوفيءَ هن کي چيو:
    “ڪائنات جي هر شيءِ ۾ رب موجود آهي. ان جيت ۾ به رب موجود هيو.”
    هن کي صوفيءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ٿيڙ کائيندو اٿيو ۽ هو هڪ اديب وٽ آيو. اديب کيس ٻڌايو ته “علامتن جي دنيا ۾ جتي ايبسٽريڪٽ عام آهي. ڪيوبيزم اسٽرڪچرلزم ۾ تبديل ٿي رهيو آهي اتي سرئلزم جي اهميت وڌي وئي آهي. اها سڀ پوسٽ ماڊرنزم جي سحرانگيزي حقيقت نگاري آهي. تشيهن جي زير اثر ان سحرانگيز جيت وجود برقرار رکيو آهي ۽ تون پراسراريت جي ور چڙهي ويو آهين.”
    اديب جي وضاحت سندس ڪن وٽان تير جيان گسي وئي، هو هلندو مندر جي مهراج وٽ آيو ۽ مسئلو بيان ڪيائين، مهراج هن کي ٻڌايو ته
    “نرواڻ هڪ حقيقت آهي. جيڪڏهن ڪو چڱايون ڪندو ته چڱيءَ شيءِ ۾ ظاهر ٿيندو. جڏهن ڪو مدايون ڪندو ته بڇڙيءَ شيءِ ۾ ظاهر ٿيندو. ان جيت ۾ ڪنهن نٺر ۽ مڪار شخص جو روح هوندو. جيڪو پادرن لڳڻ کانپوءِ به جيئرو رهيو.”
    هو مهراج جي مندر مان نڪري اهڙي هنڌ ويو جتي چار فلاسافر ويٺل هيا. هن انهن اڳيان پنهنجو مسئلو بيان ڪيو. انهن مسئلو غور سان ٻڌو ۽ پوءِ بحث ڪيو.
    پهرين فلاسافر چيو: “سقراط زهر جو پيالو ان ڪري پيتو جو هن سچ ڳالهايو هيو. هن چيو هيو ديوتائون تبديل ٿي چڪا آهن. اهو جيت به ضرور ڪنهن ديوتا جو تبديل ٿيل روپ هوندو.”
    ٻئي فلاسافر چيو “افلاطون جو فلسفو حقيقتن کي ويجهو آهي، ان چيو هيو ته جوتي بابت موچيءَ کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي سگهي ٿو. سو منهنجو خيال آهي ته ان پادر جي چڪاس ڪنهن موچيءَ کان ڪرائجي جيڪو جيت مٿان هر هر وسيو ۽ جيت جيئرو رهيو.”
    ٽئين فلاسافر چيو “تون غلط آهين، افلاطون جو فلسفو ائين نه آهي جيئن تون بيان ڪري رهيو آهين، ڀلا ارسطوءَ آخر ڇو مابعدالطبعات تي زور ڏنو آهي؟ ضرور اهو جيت Metaphysical لقائن جو ظهور آهي. ڪا به شيءِ فنا نه ٿي ٿئي ۽ اها روپ مٽائي ٿي. جيت به روپ مٽايو ۽ فنا نه ٿيو.”
    چوٿين فلاسافر چيو “ڊيڪارٽ جو مشهور قول آهي Cognito Ergo Sum مان سوچيان ٿو انڪري آهيان. جسم ۽ ذهن جو گهرو تعلق آهي. جيڪي موجودات آهن اهي حواسن جو فريب آهن. جيت جي چرپر تي شڪ ڪنداسين ته خبر پوندي شڪ ڪرڻ لاءِ وجود جي ضرورت آهي۽ اها چرپر اسان جي وجود جي جدوجهد آهي.”
    وري پهرين فلاسافر ڳالهايو “جان لاڪ موجب پهريون حواس دماغ تائين معلومات موڪلين ٿا. دماغ معلومات سڄاڻي ٿو. پوءِ دماغ ياداشت واري خاني ڏانهن موڪلي ٿو. اتي معلومات، خيال يا تصور جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. انڪري ٿي سگهي ٿو هن جو ذهن ڪنهن وهم ۾ مبتلا ٿي موت بابت سوچيندو هجي ۽ هڪ جيت جي صورت ۾ موت کيس حياتيءَ جيئن نظر آيو هجي.”
    وري ٻئي فلاسافر ڳالهايو “پر برڪلي چوي ٿو ته مادي شين جو وجود نه آهي، صرف تصور آهي، دنيا مادي نه تصوراتي آهي جيڪا دماغ اندر موجود آهي. سو جيت ٻاهر نه هيو پر هن جي دماغ اندر موجود هيو.”
    وري ٽئين فلاسافر ڳالهايو “جيڪڏهن اهو مسئلو ڪانٽ جي نظريي موجب حل ڪريون ته پوءِ ائين چئبو، عڪس دماغ ۾ حواسن ذريعي پهچن ٿا. دماغ ۾ مختلف سانچا آهن ۽ عڪس سانچن ۾ ڍلجي مختلف شڪلين ۾ ظاهر ٿين ٿا. انڪري ٿي سگهي ٿو هن شخص جي ذهن ۾ مختلف حواس جيت جو روپ ڌاري ٻاهر نڪرندا هجن.”
    وري چوٿين فلاسافر ڳالهايو “ اهو ئي سبب آهي جو روسو چوي ٿو “فطرت ڏانهن واپس هلو” ڇو جو جيڪڏهن اسان فطرت کي ويجها ٿينداسين ته گهرن کان نڪري جهنگن ۾ رهنداسين ۽ جهنگ ۾ جيتن کي رهڻ جو به اوتروئي حق آهي جيترو انسانن کي، جيتن مارڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ اهڙا مسئلا پيدا نه ٿيندا.”
    وري پهرين فلاسافر ڳالهايو “والٽئر ان ڪري ته روسو جي مخالفت ڪئي آهي. جيڪڏهن فطرت ڏي موٽنداسين ته رات جو ڪٿي سمهنداسين. جهنگ ۾ رهڻ ڪري جيت اسان جي سوراخن ۾ هليا ويندا.”
    وري ٻئي فلاسافر ڳالهايو “هلو ڀلا هيگل جي جدليات تي ٿا اچون، جنهن چيو ته سچ ۾ تضاد آهي، هر اثبات ۾ نفي موجود آهي. سو تضادن تي سوچيندي اهو جيت رحم لائق نه آهي جنهن مٿان تشدد ٿيو پر انسان رحم لائق آهي جنهن جيت مٿان تشدد ڪيو. ڇو جو Antithesis جي زير اثر اهو جيت جيئرو رهيو ۽ انسان لاءِ وڏو مسئلو پيدا ڪري وڌو.”
    وري ٽئين فلاسافر ڳالهايو “پر مارڪس جو چيو آهي ته مادو ذهن جي پيداوار نه پر ذهن مادي جي پيداوار آهي. سو اهو جيت به ضرور مادي جي پيداوار آهي. جيڪڏهن ذهن کي استعمال نه ڪجي ته پوءِ اهو واجب آهي ته جيتن کي به جيئڻ جو ايترو حق آهي جيترو انسانن کي، اهو جيت سوچ آهي ۽ نظريا ڪڏهن فنا نه ٿيندا آهن.”
    وري چوٿين فلاسافر ڳالهايو “نطشي واهه جي ڳالهه ڪئي آهي، هن چيو خدا مري چڪو آهي هاڻي سپرمين حڪومت ڪندو. سو اهو جيت سپرمين جي علامت آهي، جيڪو مرڻو نه آهي.”
    وري پهرين فلاسافر ڳالهايو “ڪيئر ڪيگارڊ جيئرو هجي ها ته ضرور ان جيت کي ڏسي ڊڄي وڃي ها. کيس جيت ماري گناهه جو احساس ٿي ها ۽ وڌيڪ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿي محبوبا کي ڏسي پريان ڀڄي وڃي ها. هو وجوديت جو باني انڪري آهي جو ان ڪڏهن جيتن کي مرندي نه ڏٺو.”
    وري پهرين فلاسافر ڳالهايو “سارتر کي لک شابس آهي، جنهن وجوديت جي فلسفي کي اجاگر ڪيو ۽ چيو جيت جو وجود انڪري آهي جو دراصل نه آهي. جيڪڏهن جيت جو وجود نه آهي ته پوءِ پادرن لڳڻ کانپوءِ اهو ڪو ٻيو هيو جيڪو مري ويو ۽ جيت جيئرو هيو.”
    وري ٻئي فلاسافر ڳالهايو “برگسان ڊارون کي ان باري ۾ سٺا جواب ڏنا آهن، ڊارون ٺلهيون نسرتائي Evolutionary ڳالهيون ڪيون آهن. برگسان ڊارون کان انڪري عظيم آهي جو ان چيو قوت حيات مادي جسم ۾ قيد آهي، سو قوت حيات ان جيت ۾ موجود هئي جنهن کيس جيئڻ جو حوصلو ڏنو.”
    فلاسافرن جون ڳالهيون ٻڌي هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو، انهن جو بحث جاري هيو ته هو وچ بحث مان نڪري آيو ۽ مايوسيءَ مان قدم کڻندو هڪ باغ ۾ اچي ويٺو، هو اداس هيو، باغ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو هيو ته هن وٽ هڪ مالهي آيو ۽ اچي سلام ڪيائين ۽ چيو
    “سائين ڏاڍا اداس ۽ پريشان پيا ڏسجو، خير ته آهي؟”
    هن مالهيءَ کي ڏٺو ۽ سوچيائين جيڪر ان سان دل جو حال اوري، ٿي سگهي ٿو ان وٽ ڪو اهڙو جواب هجي جو ٻڌي هو مطمئن ٿي سگهي. پوءِ سوچيائين، اهو هڪ اڻ پڙهيل شخص آهي. ان کي اهڙن مسئلن جي ڪهڙي خبر جن جي وڏن ڏاهن کي ڄاڻ نه آهي. اهو سوچي مالهيءَ کي جواب ڏنائين “ڪا ڳالهه نه آهي ٿڪيل آهيان.”
    مالهي وڃڻ لڳو ته ان کي پويان سڏ ڪيائين.
    “اتي بيهه، توکان هڪ مسئلو پڇڻو آهي.”
    مالي موٽيو ۽ سندس سامهون ويٺو، هن کيس جيت جي پوري وارتا بيان ڪئي. مالهي ٻڌي کليو ۽ چيائين
    “سائين ڳالهه ڪهڙي ٿا ڪريو؟ دراصل اهو جيت پهرين ڌڪ سان مري چڪو هيو. مرڻ کانپوءِ اتي ڪويليون گڏ ٿيون، جيڪي سنهيون هجڻ ڪري چارجر جي نامناسب روشنيءَ ۾ اوهان کي نظر نه آيون. ڪويلين گڏجي جيت کي سوراخ طرف گهليو، توهان سمجهيو جيت جيئرو آهي، ان کي پادر هنيا، سڀ ڪويليون مري ويون، گهڙيءَ کانپوءِ ٻيون ڪويليون آيون، انهن جيت کي سوراخ طرف گهليو ۽ اوهان وري سوچيو جيت چري رهيو آهي. آخر پادر هڻي اوهان جيت کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ۽ ان جا ٻئي ٽڪر ڪويليون فرش جي سوراخ ۾ گهلي ويون. مان هڪ مالهي آهيان ۽ مون اڳيان روز اهڙا لقاءَ پيا ٿيندا آهن.”
    مالهيءَ جي ڳالهه ٻڌي سندس ڪن کُلي ويا. اکيون ويڪريون ٿي ويون ۽ پنهنجي منهن ڀُڻڪيو.
    “ڳالهه به ايتري!”


    مداري

    ايمپريس مارڪيٽ اندر،
    پڃري ۾ بند،
    ڪلهه مون ڏٺا،
    اهڙا ڪبوتر،
    جن جون اکيون،
    ڳاڙهيون هيون.

    اهي سٺا ڏينهن نه هيا، شهر جون بازارون اڪثر بند هونديون هيون، ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪندڙ ماڻهن شايد ئي ڪڏهن اهڙو وقت ڏٺو هجي. بئريج روڊ تي ڳوڙها گئس جا خول ۽ پٿر ائين پيل هوندا هيا جيئن آسمان مان انهن جو مينهن وسيو هجي. اتي اوچتو گهٽين مان ماڻهن جا ولر ظاهر ٿيندا هيا ۽ پوءِ اُڀ انهن جي نعرن سان گونجڻ لڳندو هيو.
    “جمهوريت زنده آباد... آمريت مرده آباد”
    سوين هٿ هوا ۾ بلند ٿيندا هيا ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي بند هٿن جون مٺيون ڏاڍيون زوردار محسوس ٿينديون هيون. پري کان ٻرندڙ ٽائرن جي دونهي ۾ اهو روڊ جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏيندو هيو. اتي فوج جون گاڏيون پهچنديون هيون ته ماڻهو پٿراءُ ڪندا هيا ۽ ان کان پوءِ ڳوڙها گيس جا گولا وسڻ شروع ٿي ويندا هيا. هجوم ۾ موجود ماڻهو ڳوڙها گيس جي دونهي ۾ پنهنجي قسمت تي روئندا هيا.
    تن ڏينهن ملٽري روڊ تي رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي رهندڙ مداريءَ جي گهر جون حالتون ٻين کان مختلف نه هيون. هن جي آمدني گهٽجي نه هجڻ برابر ٿي وئي هئي. جن روڊن تي بيهي هو مجموعو هڻي ڪرتب ڏيکاريندو هيو انهن روڊن تي ماڻهو ڪٺا ٿي جهموريت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هيا. بئريج روڊ جنهن تي هر وقت ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي اتي ان مداريءَ ماڻهن جي وچ ۾ ويهي ڪيترا ڪرتب ڏيکاريا هيا. هن جي هر ڪرتب تي هجوم ۾ حيرت ڇانيل هوندي هئي ۽ هن جي پر مزاح جملن تي ٽهڪڙا هوندا هيا. پر هاڻي اهو سڀ ختم ٿي چڪو هيو. روڊ ماڻهن جي رت سان رنگجي چڪا هيا. اهي ڳوڙها گيس جي دونهي ۾ ويڙهجي چڪا هيا. لب مهراڻ ڀرسان سرڪٽ هائوس کان ٿورو پري رائيس ڪئنال جي ساڄي ڪڙ تي ڪنهن وقت زير زمين پاڻي نڪاس جو منصوبو شروع ڪيو ويو هيو. اهو منصوبو پورو نه ٿيو، اتي واهه جي ڪناري گپ ۾ وڏا سيمنٽ جا پائيپ پيل هوندا هيا. مداريءَ جو گهر انهن مان هڪ ويڪري پائيپ اندر هيو. پائيپ کي هڪ پاسي پتر ڏئي مداري ان کي ڪمري جيان استعمال ڪندو هيو. پائيپ اڳيان چادرون ڏئي اڱڻ ٺاهي ويو هيو، جتي ڪنڊ ۾ ٽن سرن واري چلهه هوندي هئي ۽ ڀرسان ڪارا ٿانوَ مکين ۾ پيل هوندا هيا. هڪ پاسي ڪاٺ جي پيٽي رکيل هوندي هئي جنهن تي پراڻيون سوڙيون وڇايل هونديون هيون. گهر اڳيان گپ ۾ سروٽا رکيل هوندا هيا جن تان لنگهي گهر ۾ اچڻو ۽ وڃڻو پوندو هيو. اتي هر طرف مئل جانورن جي بوءِ ڦهليل هوندي هئي. پريان گند جي ڍيرن تي ان سيمنٽ جي پائيپ واري گهر ۾ چار ڄڻا رهندا هيا. هڪ هو، هن جي زال جيڪا سلهه جي مريض هئي، هن جو ننڍڙو پٽ ۽ رسي ۾ ٻڌل پيٽيءَ تي ويٺل ڀولڙو. واندڪائي وقت مداري پائيپ ۾ ويهي جهونگاريندو هيو ته پورو پائيپ ڪنهن ساز جيان وڄڻ لڳندو هيو. هو ان اندر ٽيڪ ڏئي لت لت تي چاڙهي وڏي مزي سان درديلا گيت چوندو هيو ۽ اڱڻ ۾ هن جي زال ائين مانيون پچائيندي هئي جيئن اها مداريءَ جي گيتن تي تاڙيون وڄائيندي هجي. ٻار ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ويٺل ڀولڙي کي هڪلي ان مان ميري گودڙي کولي بنسري ۽ ڊبڪڻي ڪڍي وڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ڀولڙو هر وقت ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ويٺو جسم کنهندو هيو. ٻار لاءِ اها بنسري ۽ ڊبڪڻي قيمتي سرمايو هئي. هن کي اها ئي خبر هئي ته ان بنسريءَ جي سرن ۽ ڊبڪڻيءَ جي کڙڪي تي چلهه جي باهه ٻري ٿي ۽ مئل جمهورو جيئرو ٿئي ٿو. ان بنسريءَ جي سر ۾ سوين جادو آهن جن تي مجموعا لڳن ٿا. ماڻهن کي حيرت لڳي ٿي ۽ ٽهڪڙا مچن ٿا. ٻار جي عمر ان وقت چار سال هئي پر پيءَ سان ان گرم شهر جي رجندڙ روڊن تي گهمي هن جا پير پٿر جيان سخت ٿي چڪا هيا. مداري صبح جو گهران نڪرندو رهيو ته هن جي ڪلهي ۾ اها ميري گودڙي پاتل هوندي هئي جنهن اندر ڪجهه وڏيون چادرون، بنسري ۽ ڊبڪڻيءَ کانسواءِ ڪاٺ جو انساني انگ، ٽين جو دٻو، ڪٽ لڳل چاقو ۽ ٻيو سامان هوندو هيو. هن جي هڪ هٿ ۾ ڀولڙي جي رسي هوندي هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ٻار جي آڱر، هو ملٽري روڊ ٽپي آدم شاهه ڪالونيءَ اندران نڪري بئريج روڊ تي پهچندو هيو. بئريج روڊ تي نور محمد نوناريءَ جو نوجوان پٽ هن جي انتظار ۾ بيٺل هوندو هيو. اهو نوجوان هن لاءِ جمهوري جو ڪردار ادا ڪندو هيو. جڏهن هو مداريءَ کي پريان ايندي ڏسندو هيو ته اڳتي وڌي ان سان ملندو هيو.
    “استاد اڄ مون کي ڏهين جو نوٽ ضرور ڏجانءِ.” اهو چوندو هيو “ڏس استاد امڙ لاءِ ڏهي وٺڻي آهي، بابي لاءِ ڀاڄي وٺڻي آهي، مان به رات کان ڪجهه نه کاڌو آهي.”
    مداري ان کي آٿت ڏيندو هيو.
    “پرواهه نه ڪر” هو چوندو هيو “مليا ته ضرور ڏيندو مانءِ... مان ڪي سڀ کيسي ۾ وجهي گهر ته نه کڻي ويندس.”
    مداري روڊ جي پاسي کان بيهي هڪ هٿ سان ڊبڪڻي وڄائي ٻئي سان بنسريءَ کي چپن تي رکي ڦوڪ ڏيندو هيو ۽ ڀولڙو ابتا سبتا ٽپا ڏئي نچڻ شروع ڪندو هيو. ماڻهون چوڌاري ڪٺا ٿيڻ شروع ٿي ويندا هيا. ڀولڙو اتي پيل ٽين جي دٻي مان چاقو هٿ ۾ کڻي وات مان آواز ڪڍي ماڻهن تي الر ڪندو هيو. ماڻهو پوئتي هٽي ويندا هيا ۽ هر طرف ٽهڪڙو مچي ويندو هيو، جڏهن هجوم وڌي ويندو هيو ته مداري ڀولڙي کي ٻڌي ڇڏيندو هيو ۽ ڀولڙو آرام سان ويهي جسم کنهندو هيو. مداري گودڙيءَ مان ڪاٺ جو انساني انگ ڪڍندو هيو، ان کي وچ مجموعي ۾ رکي چوندو هيو.
    “آهي ڪوئي مجموعي ۾ جوان جو پٽ جيڪو وچ تي اچي ان کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي؟”
    بيٺل ماڻهن مان ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي ته هو اڳتي وڌي سڀني جي سامهون ان کي هٿ ۾ کڻي، اوچتو جمهورو هجوم مان نڪري اڳتي ايندو هيو ۽ اتي اچي اهو ڪاٺ جو ٽڪر پنهنجي هٿ ۾ کڻندو هيو. مداري بنسري چپن تي رکي ڊبڪڻي وڄائي هٿن کي گول ڦيرائيندو هيو ته اهو ڪاٺ جو ٽڪر هن جي هٿن ۾ جڪڙجي ويندو هيو. نوجوان ان کي هٿ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. اهو ان کي هيٺ جهٽڪا ڏئي ڪيرائڻ جي ڪندو هيو پر اهو ڪاٺ جو ٽڪر ڄڻ ان جي هٿ سان ڄمي ويندو هيو. هجوم ۾ ٽهڪڙا پئجي ويندا هيا ۽ پوءِ وري جڏهن هو بنسري ۽ ڊبڪڻي وڄائي هٿن کي ابتو ڦيريندو هيو ته اهو ڪاٺ جو ٽڪر هن جي هٿ مان ڇڏائجي هيٺ ڪري پوندو هيو. پوءِ هو مختلف ڪرتب ڏيکاريندو هيو. ٽين جي دٻي ۾ سڪو وجهي ان جهڙا ڪيترائي سڪا ٺاهي ڏيکاريندو هيو. هڪ رومال ۾ گهڙي ويڙهي ان کي ڌڪ هڻي ٽڪر ڪندو هيو ۽ پوءِ بنسري وڄائي جادو پڙهي رومال مان صحيح حالت ۾ ٻاهر ڪڍي ڏيکاريندو هيو. شيشي جي گلاس ۾ پاڻيءَ اندر رنگ وجهي ٻئي رنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو هيو. هڪ رسيءَ کي وچ تان ڪٽي پوءِ ويڙهي کوليندو هيو ته رسي پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندي هئي. آخر ۾ هو پنهنجو دل ڏاريندڙ ڪرتب ڏيکاريندو هيو. هو بکايل پيلي منهن واري جمهوري کي سمهاري چاقو کڻي ان جي زبان ڪٽيندو هيو، جمهوري جي وات جي ڪناري کان رت ٻاهر وهندو هيو ۽ هو تڙپڻ لڳندو هيو.
    “ٻچا جلدي ڪر چادر کڻي آ” مداري ٻار کي ڪاوڙ مان وڏي آواز ۾ چوندو هيو، ٻار ٽپو ڏئي اٿي گودڙيءَ مان چادر ڪڍي پيءُ کي ڏيندو هيو. جمهورو ائين شانت ٿي ويندو هيو جيئن هو مري ويو هجي. مداري چادر کولي هن مٿان وجهندو هيو ۽ پوءِ بنسري چپن تي رکي ڊبڪڻيءَ وڄائي ان چوڌاريءَ گول ڦرندو هيو.
    “انتر منتر، لال بجهڪڙ، پئسن جي آ کڙ کڙ کڙ کڙ، کائيندو مکڻ چورو، اٿندو هاڻي پٽ جمهورو!” مداري چوندو هيو ۽ پوءِ جڏهن هو جمهوري مٿان چادر هٽائيندو هيو ته جمهورو کلندو چادر هيٺان اٿندو هيو ۽ ماڻهو تاڙيون وڄائيندا هيا. مداري ٽين جو دٻو ٻار کي ڏيندو هيو ۽ ٻار جڏهن هجوم ۾ چڪر لڳائيندو هيو ته دٻي ۾ پئسن جي کڙ کڙ ٿي ويندي هئي. هجوم مان دٻي اندر ايترا پئسا ڪٺا ٿي ويندا هيا جو هو پنج روپيا جمهوري کي ڏيندو هيو ۽ باقي پئسن مان ٽن سِرن واري چلهي تي رکيل ديڳڙيءَ ۾ دال ٽهڪندي هئي.
    ان کان پوءِ ڏينهن ڏاڍا خراب ٿي ويا، آسمان ۾ روز اڀرندڙ سج جا رنگ ساڳيا نه آهن. وقت شڪاريءَ جي هٿ تي ويٺل باز جيان آهي، شانت آهي ته سٺو. اڏامي ته ماري وجهي. ماڻهن مٿان اهي ڏينهن ڳوڙها گيس جي بادلن جيان هياجن مان لڙڪ وسندا هيا. مداري سج لٿي مهل گهر موٽندو هيو ته هن جي زال وڏي پائيپ اندر رلهيءَ تي ليٽيل هوندي هئي. ان جي کنگهه وقت سان وڌندي پئي وئي. ڪمزوريءَ کان اها اٿڻ ويهڻ لائق نه رهي هئي. مداريءَ جي هڙ ۾ ايترا پئسا نه هيا جو هو ان جو علاج ڪرائي سگهي. هو هڪ دفعي بشيرآباد جي علائقي مان ڪنهن ڊاڪٽر کي وٺي آيو هيو. ڊاڪٽر هن جي زال جو معائنو ڪري ٻڌايو هيو ته “تنهنجي زال سلهه جي مريض آهي، هن جو مڪمل علاج ڪراءِ نه ته هن جي حياتيءَ کي خطرو آهي.”
    پوءِ ان ڊاڪٽر هن کي دوائون لکي ڏنيون هيون جيڪي هو خريد ڪري نه سگهيو.
    شهر جا سڀ روڊ جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي چڪا هيا، ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي سخت قلم لاڳو ڪيو ويو هيو. مداريءَ لاءِ اهو ممڪن نه هيو ته هو وچ روڊ تي ماڻهو ڪٺا ڪري پنهنجا ڪرتب ڏيکاري. هو واندن جيان گهر ٻاهران گند جي ڍيرن تي چڪر ڏيندو هيو. هو ڪڏهن ڪاٺ جي پيٽيءَ مان بنسري ڪڍي وڄائڻ شروع ڪندو هيو. ڀرسان گند تان ڪانءُ اڏامي هن جي اڱڻ تي لهندا هيا ۽ مايوس ٿي واپس اڏامي ويندا هيا. ٻار پيءُ جي ڀر ۾ ويهي بنسريءَ جا آلاپ ٻڌندو هيو.
    “بابا مون کي بنسري سيکار.” ٻار پيءُ کي چوندو هيو “مان اها تو وانگر وڄائيندس.”
    مداري بنسري چپن تان هٽائي ٻار کي ڏيندو هيو ۽ ٻار ان کي چپن تي رکي سوراخن مٿان ابتيون سبتيون آڱريون ڦيرائيندو هيو. مداري ٻار جي اهڙي حرڪت تي کلندو هيو.
    “اڙي ائين نه ڀوڪ” هو چوندو هيو “او... هيئن”
    هو بنسريءَ کي ٻار جي هٿن ۾ سڌو جهلڻ لاءِ چوندو هيو ۽ پوءِ هن جي آڱرين کي پنهنجي هٿن سان حرڪت ڏيندو هيو. ٻار وڏي شوق مان بنسري سکندو هيو. جڏهن ماءُ جي تڪليف حد کان وڌي ويندي هئي ته ٻار ان جي دل وندرائڻ لاءِ بنسري کڻي هن مٿان ويهي وڄائڻ شروع ڪندو هيو ۽ ان جي بي ترتيب سرن ۾ ماءُ وڏو سڪون محسوس ڪندي هئي. اها هن جي اڻڀن وارن ۾ هٿ ڦيريندي هئي ۽ پوءِ هن کي پنهنجي ڇاتيءَ لائي ڇڏيندي هئي.
    ٻار ڪڏهن سيمنٽ جي وڏي پائيپ مٿان چڙهي ويهي رهندو هيو ۽ انهن فوجي گاڏين کي ڏسندو هيو جيڪي سرڪٽ هائوس ڏانهن اينديون وينديون هيون. انهن جي وڄندڙ سائرن جا آواز هر وقت فضا ۾ گونجندا رهندا هيا ۽ ٻار پائيپ تي بيهي وات مان ساڳيا تيز آواز ڪڍندو هيو.
    “آمريت مرده آباد” هڪ دفعي هن پائيپ مٿان بيهي نعرو هنيو، هن جو پيءُ هڪدم پائيپ اندران نڪري ٻاهر آيو ۽ پادر کڻي هن کي وهائي ڪڍيائين.
    “لهه هيٺ” هن چيو ۽ ٻار ٽپو ڏئي هيٺ لهي ڀولڙي جي ڀرسان اچي ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ويهي رهيو هيو. ٻار کي ڪا خبر نه هئي ته ان نعري جو مطلب ڇا آهي. هن اهو نعرو بئريج روڊ تي مظاهري دوران ٻڌو هيو.
    انهن ڏينهن ملٽري روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ وڌي وئي هئي. شهر ۽ ڀرپاسي ڳوٺن ۾ ماڻهو مقابلي لاءِ هٿيار کڻي ٻاهر نڪري آيا هيا. فضا ۾ هر هر هيليڪاپٽرن پرواز پئي ڪيو. مداريءَ کي ڪنهن ٻڌايو ته ڳوٺن تي بم وسايا ويا آهن ۽ سوين ماڻهو ٽينڪن هيٺان اچي ماريا ويا آهن. انهن افراتفريءَ جي ڏينهن ۾ مداريءَ جي زال جي طبيعت ڏاڍي خراب ٿي وئي. اها کنگهندي سيني تي هٿ رکي هيٺ ڪري پئي. مداريءَ سهارو ڏئي ان کي پائيپ اندر سمهاريو ۽ ٻاهر اڱڻ ۾ ڀولڙي اڳيان اچي روئڻ لڳو پوءِ هن ڪاٺ جي پيٽي کولي ان مان گودڙي ٻاهر ڪڍي پنهنجي ڪلهي ۾ وڌي ۽ ٽوال مٿي کي ويڙهي هن ٻار ۽ ڀولڙي کي ساڻ ڪري شهر جو رخ ڪيو.
    هو جڏهن بئريج روڊ تي پهچڻ وارو هيو ته پري کان هن کي اڀ ڦاڙ نعرا ٻڌڻ ۾ آيا. اتي هر طرف ماڻهن جا ڪارا مٿا هيا ۽ هر هر هٿ هوا ۾ بلند ٿي رهيا هيا. اتي ان ڏينهن مشهور اديب کي گرفتار ڪيو ويو هيو. ڪجهه ماڻهو جنرل ضياءَ جو پتلو کڻي آيا ۽ ان کي اتي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. نعرن جا آواز تيز ٿي ويا ۽ ان سان گڏ ڳوڙها گيس جا گولا هر طرف ڪرڻ لڳا. پوري ماحول ۾ فائرنگ جي آواز تي ڏهڪاءُ ڦهلجي ويو. ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن گهٽين ۾ ڀڳا. مداري به ڀولڙي ۽ ٻار کي ساڻ ڪري مياڻي روڊ طرف روانو ٿي ويو. هو پاسا وٺندو ڪپڙي مارڪيٽ جي ڪنڊ وٽ پهتو ته هن کي پري کان جمهورو نظر آيو.
    “مري وياسي استاد” جمهوري هن وٽ ويجهو ايندي چيو “چڱو ٿيو ملاقات ٿي وئي. ڳڀي جو ڪجهه ته آسرو ٿيو.”
    هو جمهوري کي ساڻ ڪري بندر روڊ طرف هڪ گهٽيءَ ۾ مڙيو، اتي ڪجهه سانت هئي. ٿورا گهڻا ماڻهو هيا جيڪي اتي نظر اچي رهيا هيا. مداريءَ ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ اها جاءِ مناسب سمجهي، هن گودڙي هيٺ لاهي ان مان بنسري ۽ ڊبڪڻيءَ ڪڍي وڄائڻ شروع ڪئي. ڀولڙو ابتا سبتا ٽپا ڏيڻ لڳو. ڪجهه ماڻهو ڪٺا ٿي ويا. ڀرسان هوٽل تي ڪجهه واندا ويٺل مهاڻا به اچي مجموعي ۾ بيٺا ۽ مداريءَ پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪيا. اڃا هو ڪرتب ڏيکاري ئي رهيو هيو ته ڀرسان پوليس جي گاڏي اچي بيٺي، پوليس گاڏيءَ مان لهڻ سان ماڻهن تي لٺيون وسائڻ شروع ڪيون. سڀ وٺي ڀڳا، خوف کان ڀولڙو ٽهي رڙيون ڪرڻ لڳو، ٻن پوليس وارن مداريءَ کي اچي ڳچيءَ کان جهليو ۽ هن کي منهن ۾ ڌڪ هنيا جنهن کان هن کي مٿي تي ويڙهيل ٽوال هيٺ ڪري پيو. ٻار روئندو اڳتي وڌيو ۽ ان پيءَ جو ٽوال هٿ ۾ کنيو. جمهورو وجهه وٺي ڪنهن گهٽيءَ ۾ ڀڄي ويو. پوليس مداري کي ماريندي گاڏيءَ ۾ ويهاري وٺي وئي. روڊ تي ٻار ۽ ڀولڙو رڙيون ڪندا رهيا. سڄو روڊ سنسان ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ جمهورو هڪ گهٽيءَ مان ظاهر ٿيو. ان مداريءَ جو وکريل سامان گودڙيءَ ۾ وڌو پوءِ هو ٻار ۽ ڀولڙي کي ساڻ ڪري ملٽري روڊ طرف روانو ٿيو. جڏهن هو گهر پهتو ته مداريءَ جي زال جي طبيعت ڏاڍي خراب ٿي چڪي هئي. اها اڌ بيهوش پائيپ اندر رلهي تي پيل هئي. جمهوري ٻار ۽ ڀولڙي کي اتي ڇڏي وٺي پويان پير ڪيا، ٻار پائيپ اندر وڃي روئڻ لڳو. اڌ بيهوش ماءُ جون اکيون آهستي کليون. انهن ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ اهي اکين جي ڪنڊن کان وهندا هيٺ مري وهاڻي ۾ جذب ٿي ويا.
    “امان... پوليس بابا کي پڪڙي وئي” ٻار سڏڪندي چيو “بابا جي وات مان رت وهي رهيو هيو.”
    ماءُ هٿ ٻار جي مٿي تي رکيو، ٻار روئندو رهيو ۽ ان پنهنجي ڦاٽل قميص سان ڳوڙها اگهيا. ماءُ محسوس ڪيو ٻار جو منهن ۽ چپ خشڪ آهن. ان ڪجهه نه کاڌو آهي، اهو بکايل آهي. اها رلهيءَ تان رڙهندي پائيپ مان ٻاهر نڪري آئي. ٻاهر چلهه وٽ پليٽ ۾ پاڻيءَ اندر سڪل ماني پيل هئي. هن اها کڻي ٻار کي ڏني ۽ پوءِ هو ميري پاند سان اکيون اگهي کائڻ لڳو. ماءُ اتي ئي چلهه ڀرسان پاٿاريءَ تي سمهي پئي ۽ پٽ جي منهن ڏانهن ڏسندي رهي. ٻار هر شيءِ وساري کائڻ ۾ محو ٿي ويو. اوچتو هن جي نظر ماءُ جي منهن تي پئي. ان جون بي جان اکيون ٻار ۾ کتل هيون ۽ ان جي وات مان ڪنارن کان رت وهي رهيو هيو. ٻار جو گرهه هن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. هن ڳيت ڏئي ان کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي. هو اٿيو ۽ ماءُ مٿان اچي هن کي لوڏڻ لڳو. اها چلهه ڀرسان شانت ليٽيل هئي. هن جون اڌ اکيون کليل هيون. ٻار ڏک مان ماءُ جي پيلي منهن کي ڏسندو رهيو. ان جي وات مان رت ائين وهي رهيو هيو جيئن مداريءَ ان جي زبان ڪٽي ڇڏي هجي. هن کي ماءُ جو منهن جمهوري جي منهن جيان نظر آيو جيڪو ڄڻ ماڻهن جي وچ ۾ بي سڌ ليٽيل هيو ۽ ان جي وات جي ڪنارن کان ڳاڙهو رت وهي رهيو هيو. ٻار محسوس ڪيو هن جي ماءُ جي زبان جمهوري جي زبان جيان ڪٽجي چڪي آهي. اها مري رهي آهي.
    ٻار ڊڪندو ميري گودڙيءَ مٿان آيو، هن ان مان چادر ٻاهر ڪڍي کولي ماءُ مٿان وڌي، هن پيءُ جو ٽوال مٿي تي ويڙهيو ۽ پوءِ هو بنسري چپن تي رکي هٿ سان ڊبڪڻي وڄائي ماءُ جي چوڌاري گول ڦرڻ لڳو.
    “انتر منتر، لال بجهڪڙ، پئسن جي آ کڙ کڙ کڙ کڙ. کائيندو مکڻ چورو، اٿندو هاڻي پٽ جمهورو”
    هن مداريءَ جيان چيو ۽ ڪاٺ جي پيٽيءَ تي ويٺل ڀولڙو تاڙيون وڄائڻ لڳو.


    وقت جو بادشاهه

    انتر منتر
    جادو جنتر
    ماڻهو بندر
    ڪنيءَ ۾ ڪک
    چلهه ۾ رک
    ٽهڪي پاڻي
    ٻاڦ جو راجا
    دونهي جي راڻي

    اهي ڏاڏا احمد زوار جي عروج جا ڏينهن هيا، هو ڪارو ڪوٽ پائيندو هيو جنهن سامهون کيسي مان وڏي منهن واري واچ جي چمڪندڙ زنجيري ٻاهر لڙڪي ڪاج وٽ اٽڪيل هوندي هئي. ٻيڙين جي ويڙهي سدائين هن جي کيسي ۾ پيل هوندي هئي هر ڳالهه شروع ڪرڻ کان اڳ هو هٿ وجهي کيسي مان ٻيڙين جي ويڙهي ٻاهر ڪڍي جلدي ۾ تيلي ٻاري وات جي ڪنڊ ۾ ڦاٿل ٻيڙي دکائي هڪ ڪش هڻندو هيو ۽ اطمينان سان پنهنجي کڙي آواز ۾ ائين ڳالهائيندو هيو جو لفظ هن جي وات مان شڪل ٺاهي ٻاهر نڪرندا هيا. لفظ هن جي وات مان ڌرتيءَ تي ڪري گهمڻ لڳندا هيا.
    ڏاڏي احمد زوار وٽ هڪ گيڙو رنگ جي گودڙي هئي، هو ڪڏهن ان کي کولي شيون ٻاهر ڪڍي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هيو. هن جي گودڙيءَ ۾ قيمتي ٻڙا هوندا هيا. هڪ وڏي تسبيح هئي جنهن جي ڪاري پٿر جا مڻيا اخروٽ کان به وڏا هيا، ڪولابا ۽ ڪنٺا هيا جن تي ديوناگريءَ ۾ لکيل لفظ قطار ۾ هلندڙ ماڪوڙن جهڙا هيا. هڪ ٽامي جي ڊگهي سيٽي هئي جنهن تي اهڙي گهوڙي جي تصوير هئي جنهن کي نڪ وٽ سڱ هيو. هن وٽ چانديءَ جا چار سڪا هيا جن تي وقت جي بادشاهه جي مورت هئي جيڪو هڪ وڏي پڳ پائي اکيون بند ڪري ڄڻ مئل حالت ۾ ليٽيل هيو. ان کي منهن تي ڏاڙهي ۽ مڇون هيون. ان جي منهن جا هڏا ٻاهر نڪتل هيا. ان جو ڊگهو نڪ ۽ سنها چپ ڪنهن ڊگهي سڙهه واري ٻيڙيءَ جيان لڳي رهيا هيا. اهي چار سڪا هن ڪيترن پارکن ۽ ماهرن کي ڏيکاريا پر ڪوئي نه ٻڌائي سگهيو ته اهي ڪهڙي دور جا آهن ۽ اها ڪهڙي بادشاهه جي تصوير آهي. انهن سڪن تي اڪريل لفظ ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيا. احمد زوار جڏهن به ڪن معتبرن جي محفل ۾ ويندو هيو ته هو گيڙو رنگ جي گودڙيءَ مان اهي سڪا ڪڍي چمڪندڙ سنهي زنجيريءَ ۾ ٻڌل وڏي منهن واري واچ پويان ڳجهي خاني وارو ڍڪڻ کولي ان ۾ لڪائيندو هيو ۽ پوءِ اتي ان محفل ۾ ڏيکاري هر هڪ کان راءِ وٺندو هيو. اهي چانديءَ جا سڪا ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آيا. اتي اکيون ٻوٽي پٽڪو پائي گهري ننڊ ۾ ستل وڏي ڏارهيءَ واري بادشاهه کي ڪنهن نه سڃاتو.
    چانديءَ جي انهن چئن سڪن پويان هڪ ڪهاڻي هئي، هڪ رات ڏاڏو وڏي سوچ ۾ هيو، ڀورين اکين واري گلڻ ڪونڊي ۾ وجهي رهڙي ڏاڏي کي اهڙي پياري جو هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. هن هٿ وجهي کيسي مان ٻيڙي ڪڍي دکائي مٿي منهن ڪري دونهون هوا ۾ ڇڏيو. پوءِ هن چانديءَ جي چئن سڪن جي ڪهاڻي ٻڌائي.
    “ڪو وقت هيو جو بئريج روڊ تي ڳاڙهي بازار جي ساڄي پاسي ڍورن جي اسپتال ٻاهران ايڏو ته ڊگهو الم لڳل هوندو هيو جو رات جي وقت عرش ۾ اڀرندڙ چنڊ به پاسو ڪري لنگهيندو هيو. ان الم هيٺان ناريل جي کاٻر جي ٺهيل پاٿاريءَ تي هڪ فقير ليٽيل هوندو هيو. فقير جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار ڄميل هوندا هيا. ان جو جسم ٿلهو ۽ قد ڊگهو هوندو هيو. روڊ رستي تي ان کي ڪا اڳڙي نظر ايندي هئي ته اها پوشاڪ سان ٻڌي ڇڏيندو هيو. سوين مختلف رنگن واريون اڳڙيون هن جي جسم تي لڙڪنديون هيون. اهو ٿلهي جسم وارو فقير جڏهن ڳالهائيندو هيو ته هن جي ڳلي مان عورت جهڙو سنهو آواز نڪرندو هيو. ماڻهو ان کي اڌ قلندر چوندا هيا. جڏهن سج لهندو هيو ته معصوم شاهه مناري جي لاهيءَ هيٺان فائربرگيڊ وٽ لڙڪندڙ لوهه تي هٿوڙي هڻي وقت جو اعلان ڪيو ويندو هيو. ان وقت ڌمال جو آواز گونجندو هيو. اڌ قلندر زناني آواز ۾ نعرو هڻي پنهنجي پاٿاريءَ تان اٿي گول ڦيراٽيون پائي نچڻ لڳندو هيو. هن جي هٿ ۾ ڪاري رنگ جو ڏنڊو هوندو هيو. جڏهن هو گول ڦرندو هيو ته مختلف رنگن واريون اڳڙيون هڪ رنگ ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. ڌمال هڻندڙ شخص وار کولي ڏونڪن کي ائين وهائيندو هيو جيئن هو تکين ڪاتين سان قيمو ٺاهيندو هجي. فقير جي ڦيراٽين تي پورو شهر گول ڦرندو هيو. پري کان قديم قبرستان جو مجاور علائو ڊڪندو اتي پهچندو هيو ۽ فقير کي ڀاڪر وجهي روڪي هيٺ ويهاريندو هيو.
    “قبرون ڏري پونديون... هو جاڳي پوندا!” هو سهڪندي چوندو هيو.
    ڌمال تپيل ڌاتوءَ جيان ٿڌي ٿي ويندي هئي ۽ اڌ قلندر اکيون ٻوٽي ناريلن جي کاٻر واري پاٿاريءَ تي ويهي رهندو هيو.
    “رقص عبادت آهي” هو سنهي آواز ۾ چوندو هيو “رقص زندگي آهي... رقص گردش آهي.”
    ان قديم قبرستان ۾ سنڌوءَ ڪناري مڇيءَ جو شڪار ڪندڙ مهاڻن جون قبرون هيون. اهو اتي ان وقت کان هيو جڏهن شهر مٿي پهاڙيءَ تي ٺهيل هيو. هيٺ کجين جا باغ هيا ۽ واڻين جون واڙيون هيون جن تي ايٽ هلندا هيا.
    اها چوڏهينءَ جي رات هئي، قبرستان جي کٻڙن ۾ گدڙ اونائي رهيا هيا، جڏهن ٻارهن گهنڊ لڳا ته اوچتو اڌ قلندر کي دورو پيو. هن جو ٿلهو جسم ڏڪڻ لڳو.
    “رقصم سرورم... رقصم سرورم...” هن زناني آواز ۾ وٺي رڙيون ڪيون. هو پاٿاريءَ تان اٿيو ۽ ڌما لچيءَ کي آڱر سان اشارو ڏنو. شهر جي خاموش وايو منڊل ۾ هر شيءِ ٿرٿلي ٿي وئي. فقير ڪارو ڏنڊو هٿ ۾ کڻي نچڻ شروع ڪيو ۽ ڌمالچيءَ جا وڏا وار هر هر هن جي ڪلهن تي پئي ڪريا. آس پاس آکيرن ۾ ويٺل جهرڪيون خوف مان وٺي اڏاميون ۽ اوندهه ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳيون. ڌمال جي هر ڏونڪي تي آسمان مان هڪ تارو هيٺ ڪري رهيو هيو. ان رات قديم قبرستان جي مجاور علائوءَ جي اک نه کلي، فقير نچندو رهيو ۽ هن جي لباس تي گول ڦرندڙ اڳڙين مان رنگ ڇڻي پري ڪرڻ لڳا. اتي اڌ قلندر کي روڪڻ وارو ڪو به نه هيو. هو گول ڦرندو رهيو ۽ ڌرتي ابتي پاسي گردش ڪرڻ لڳي.
    ڪا گهڙي گذري ته مڪراڻي محلي جي ڀڳل قبرستان جي ڀت وٽان ڪا وڏي ڄڃ ظاهر ٿي. ان ڄڃ ۾ سوين ماڻهو هيا جيڪي دهلن ۽ شرنائين سان پريان نچندا پئي آيا. انهن ۾ اڇي کاڌيءَ جي قميص ۽ پاجامو پاتل ننڍي قد وارو حڪيم هولا رام به هيو. جنهن جي مٿي جا اڇا وار سخت ٿوهر جي ڪنڊن جهڙا هيا. اهو کلندو هيو ته ان جا ڏند ڀت تي لڳل تازي چوني جهڙا هوندا هيا. اهو هر مريض کي ليمي جو شربت ۽ ٽين جي دٻي ۾ کنڊ وارو معجون ڏيندو هيو. ان کان جڏهن ڪنهن پڇيو هيو ته “سڀني مريضن کي ساڳي دوا ڇو ٿا ڏيو؟” ته هن مرڪي چيو هيو “بابا مون وٽ ان کانسواءِ آهي ڇا؟ اتي صوفي درمل به هيو جيڪو گيڙو رنگ جي پڳ پائي نچي رهيو هيو. ان صوفيءَ کي انسانن ۽ جيتن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. هڪ دفعي سندس سامهون ماڪوڙي کي ماري رهيو هيو ته ان کي روڪي انسانيت جو درس ڏنو هيائين “مخلوق کي ماربو نه پيار ڪبو آهي” پوءِ ماڪوڙي تي پيار مان هٿ ڦيريائين ته ماڪوڙو ٻه اڌ ٿي ويو. اتي بئريج روڊ جو اهو پوڙهو پڪوڙائي به موجود هيو جنهن جي ٺوڙهي مٿي تي هڪ مرچائي پڪوڙي جهڙي ڳوڙهي هوندي هئي. اتي اهو ڪاري رنگ جو هندستاني به هيو جيڪو هڪ پٿر کي تيل هڻي چمڪائي ٻار وانگر چيلهه تي رکي چادر پائي هر هر وات مان سمجهه ۾ نه ايندڙ جملو ڪڍندو هيو. جنهن کي هڪ مڪراڻيءَ ان ڪري ٽڪر هنيو هيو ته ان جي خيال ۾ هو پنهنجي زبان ۾ گاريون پيو ڪڍي. انهن ۾ اهو چريو به شامل هيو. جنهن جي چريائپ تي سڀني شڪ جو اظهار ڪيو هيو ڇو جو هن کي جڏهن چريو چريو ڪري چڙائي رهيا هيا ته هن چڙ مان سٿڻ لاهي پنهنجن ڏي اڇلائي هئي. اها نڪ ڪٽيل وئشيا به هئي جنهن جو اگهه بازار ۾ سڀني کان گهٽ هيو ۽ هر جمعي تي چانورن جي ديڳڙي مسجد ۾ وڃي نمازين ۾ ورهائيندي هئي. اتي ٻه همشڪل پيءُ پٽ به هيا جن کي ماڻهو ڄاڙا ڀائر سمجهندا هيا. اهو رازو به هيو جيڪو چانهه کي پيئڻ کان اڳ چانهه کان اجازت وٺندو هيو. اهو گجراتي ٻهروپيو به هيو جيڪو وار مبارڪ تي سروٽو اولاري ماڻهن کان پئسا اوڳاڙيندو هيو. اتي هر قسم جا ماڻهو موجود هيا. پر وڏو انگ انهن مهاڻن جو هيو جن جي کارن ۾ ان رات مڇيءَ بدران گل هيا. اها فدا حسين فگارو جي شادي هئي. گهوٽ هڪ ڪاري ڪميت تي موڙ ٻڌي ويٺل هيو ۽ ان پويان ڇهن سالن جو ٻارڙو گلابن جون ڪنڍيون پائي هن کي چيلهه ۾ ڀاڪر وجهي ويٺل هيو. ڄڃ ۾ رڳو هوڪرا هيا ۽ ماڻهن ٻه آڱريون زبان هيٺان رکي پئي سيٽيون وڄايون. اڳيان هلندي نبن لنگهي سڄي ڄنگهه تي دهل رکي زور سان پئي ڪٽيو ۽ توتليءَ واري ڳٽا ڦوڪي وٺي جو زور پئي ڏنو ته هن جي سجيل ڳچيءَ تي رڳون سڪل ٻوٽي جي ڏانڊين جيان پئي ظاهر ٿيون. بجلي کدڙي ٻاهون کولي ڇاتي لوڏي ته هن جي رڳ رڳ اڏامندڙ ڀنڀوريءَ جي پرن جيان پئي ڏڪي. گلڻ نچندي تاڙي وڄائي ۽ چيو.
    “کاري جي مڇي؟”
    سڀني گڏجي جواب ڏنو.
    “ڄرڪو،
    وئي هٿ تنهنجي مان سهڻي،
    ڏئي ڇڏائي سرڪو،
    ڪچي ڪنڍيءَ سان ميهر،
    نه ڪم اهڙو تون ڪرڪو”
    دهل جي ٿاپ تي تاڙيون تيز ٿي ويون، ربوءَ ور مان ڪيٽرو جي بوتل ڪڍي ۽ هو توتليءَ واري اڳيان بوتل مان هر ڍڪ تي سرور مان لهرائي ٿيڙ کائي نچڻ لڳو. هن جي ٻئي هٿ ۾ ڀڳڙا هيا، جيڪي هڪ هڪ ڪري وات ۾ اڇلائي چٻاڙي رهيو هيو. اهو نچندو اوچتو دهلاريءَ اڳيان ڄنگهون ڀنڃي گوڏن ڀر ويهي چٻو ٿي پويان روڊ تان وات سان نوٽ کڻڻ لڳو. دهل جو آواز تيز ٿي ويو. هجوم مان ڪنهن وڏي آواز ۾ چيو “کاري جي مڇي؟”
    سڀني گڏجي سر ۾ چيو.
    “جهينگو،
    او امڙ ڪڍندي سهڻا،
    نڪ تنهنجي جو گينگو،
    ڀينر ڀاڳ ڀلا ٿين،
    شل جهولي تنهنجو پينگهو”
    ڄڃ مڪراڻي پاڙي کان اڳتي وڌندي بئريج روڊ تي آئي، ڄڃ ۾ اڳيان هڪ وليز جيپ هئي جنهن تي وڏين اڏامندڙ هل جي پرن جهڙين مڇن سان ٿلهي جسم وارو پوڙهو غازي ويٺل هيو. ان کي وڏو ٽوپ ۽ خاڪي چڊي پاتل هئي. ان کي گوڏن تائين ڊگهو بوٽ پيرن ۾ هيو. غازيءَ بندوق جو پتل وارو گهوڙو چاڙهي هر هر هوائي فائر پئي ڪيا ۽ هڪ نيري بخمل جي ڳوٿريءَ مان چانديءَ جا سڪا ڪڍي پئي ماڻهن مٿان اڇلايا. بندوق جي هر هوائي فائر کان پوءِ سڪن جو مينهن پئي وسيو ۽ هر سڪي مٿان ماڻهن جا ولر پئي ڪريا.
    ڄڃ اڳتي وڌندي پيراڊائيز ٿيٽر وٽ پهتي، دهل جي ٿاپ تي ماڻهو تاڙيون وڄائيندا گول دائرو ٺاهي بيهي رهيا. گلوءَ وات ۾ گاسليٽ وجهي هٿ ۾ باهه جو شعلو کڻي وٺي جو ڦوڪ ڏني ته مٿي اڏامندڙ ڀڀڙ ۾ سڄو شهر روشن ٿي ويو. ماڻهن آڱريون زبان هيٺان رکي سيٽيون وڄايون. پوءِ گلوءَ ٿلهي آواز ۾ چيو “کاري جي مڇي؟”
    سڀني گڏجي ڳايو.
    “ڪرڙو،
    مسلم کائن ماني،
    واڻيا کائن وڙو،
    ڪنوار تنهنجي در جو،
    ڪير لاهيندو ڪڙو؟”
    وليز جيپ ۾ ويٺل غازيءَ مٿي ڪنڌ ڪري بندوق مان فائر ڪيو ۽ بخمل جي ڳوٿريءَ م هٿ وجهي مٺ ڀري ماڻهن مٿان وسائي، دهلن دمامن سا ڄڃ اڳتي وڌندي لال بازار جي ڪنڊ وٽ پهتي. دلبريءَ جي آستاني وٽ ماڻهو تاڙيون وڄائيندا وري گول دائري ۾ بيهي رهيا. دائري جي وچ ۾ اڌ اگهاڙو روڊ ماسٽر اچي بيٺو. روڊ ماسٽر بئريج روڊ تي اڪثر ان وقت نظر ايندو هيو جڏهن گرميءَ جا ڏينهن هوندا هيا ۽ روڊ جو ڪارو ڏامر تازي پڪل افراٽي جيان نرم ٿي ويندو هيو. هن کي ميرا ڦاٽل نامڪمل ڪپڙا پاتل هوندا هيا. هن جو روڊ تي هلڻ ڏاڍو عجيب هوندو هيو. هو آرهڙ جي رجندڙ روڊ تي اگهاڙن پيرن سان هڪ قدم اڳتي هلندو هيو ۽ ٻه قدم پوئتي کڻندو هيو، ائين هو اڳتي وڃڻ بدران پوئتي ٿيندو ويندو هيو. ان رات وڄندڙ تاڙين وچ ۾ هو اگهاڙو ٿي بيهي رهيو ته ٽهڪڙا پئجي ويا. دهلاريءَ وٺي دهل تي زور ڏنو. بجلي کدڙو نانگ جيان ٻانهون اڳيان پويان ورائي نچندو هن جي ڀڪ ۾ آيو ته مِڪر ڪري سڏڪن ۾ مچي ويو. پوءِ سينو ڪٽي هن اتي وڏي دردناڪ ناچ جو مظاهرو ڪيو. گلوءَ وچ ۾ ٽپو ڏنو هن گاسليٽ وات ۾ وجهي هٿ ۾ جهليل شعلي کي ڦوڪ ڏني ته پري پري تائين رات جي ڪارنهن نارنگي ٿي وئي. ربوءَ بوتل مان ڪيٽرو جو ڍڪ ڀري ڀڳڙو وات ۾ اڇلايو ۽ چٻاڙي ٿيڙ کائيندي چيو.
    “کاري جي مڇي؟”
    سڀني تاڙيون وڄائيندي چيو.
    “ملي،
    پنهل تنهنجي پوک جي،
    پٽينداسي پلي
    رهبر ٿيندو هر دم تنهنجو
    مولا علي ولي”
    ان رات عرش ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ تيزاب سڙيل عورت جي منهن جهڙو ڏسجي رهيو هيو. ان اڳيان جهڙ جا ٽڪر ٿڪيل قدمن سان هلي رهيا هيا. ڄڃ لال بازار جي ڪنڊ کان مڙي قديم قبرستان جي اوڀر طرف شيدي بادشاهه جي درگاهه سامهون پهتي. اتي وليز ۾ ويٺل غازيءَ بخمل جي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجهي آخري ڀيرو چانديءَ جا سڪا ماڻهن تي وسايا.
    اوچتو آذان جو آواز آيو، گهوٽ ڪاري ڪميت تان هيٺ لهي درگاهه جي چانٺ چمي سلاميءَ لاءِ اندر ويو ته گم ٿي ويو. ڏکڻ کان سنڌوءَ جي تيز هوا لڳي ۽ پوري ڄڃ ڪکن جيان اڏامي وئي. هوا ۾ رک سمنڊ جي لهرن جيان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي. پوءِ هر طرف سانت ڇائنجي وئي. روڊ ويران ٿي ويا ۽ مان اڪيلو درگاهه ٻاهران بند پيل گلن جي دوڪان سامهون ٺهيل دڪي تي ويٺو هئس. منهنجي هٿ ۾ اهي چانديءَ جا چار سڪا هيا جيڪي مون ڄڃ سان هلندي هٿ ڪيا هيا.”
    هڪ دفعي مون ڏاڏا کي عرض ڪيو “جيڪڏهن اهي سڪا ڏيو ته ڪنهن پارکوءَ کي ڏيکاري انهن جي حقيقت معلوم ڪيان، هن کيسي مان وڏي ڊائل واري واچ ڪڍي ان جي پوئين پاسي کان ڳجهي خاني کي کولي اهي سڪا مون حوالي ڪيا. مون اهي ڪيترن ئي پارکن ۽ تاريخدانن کي ڏيکاريا، پر انهن مٿان اڪريل الفاظ ۽ بادشاهه جي ٺهيل تصوير کي ڪو به سمجهي نه سگهيو. مون مايوس ٿي اهي سڪا ڏاڏا کي واپس ڪرڻ چاهيا پر ڏاڏي واپس نه ورتا ۽ مون اهو سوچي پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏيا ته متان ڪو اهڙو ساڃاهه وند ماسهون ملي وڃي ته ان آڏو رکي اها ڳجهارت ڀڃي سگهان ته اهي ڪهڙي دور جا اوائلي نشان آهن.
    اهي سياري جا ڏينهن هيا، ڏاڏي جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، هو ڳوٺ کان موٽيو هيو ۽ پڳ هن جي مٿي کي ويڙهيل هئي. هن کي سيني ۾ سخت سور محسوس ٿي رهيو هيو ۽ هو ڊگها ساهه کڻندو کٽ تي پيل وهاڻي تي ڪنڌ رکي ليٽي پيو، ويرم نه لڳي ته ڏاڏي جا ساهه بند ٿي ويا ۽ هو اکيون ٻوٽي سانت ٿي ويو. مان ڊڪندو هن مٿان پهتس. ڏک ۽ حيرت مان هن جي منهن ڏانهن ڏسندو رهيس. مون اهي چانديءَ جا چار سڪا ٻاهر ڪڍيا ۽ اتي اُڪريل بادشاهه جي تصوير کي ڏٺو. چانديءَ جي سڪن تي اڪريل بادشاهه جي تصوير ڏاڏا احمد جي هئي جيڪو وڏي پڳ پائي اکيون بند ڪري ڄڻ مئل حالت ۾ ليٽيل هيو. ان کي منهن تي ڏاڙهي ۽ مڇون هيون. ان جي منهن جا هڏا ٻاهر نڪتل هيا. ان جو ڊگهو نڪ ۽ سنها چپ ڪنهن ڊگهي سڙهه واري ٻيڙيءَ جيان لڳي رهيا هيا.
    منهنجين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، مان ڏاڏي مٿان ويهي روئندو رهيس ۽ پوءِ سوچيم، واقعي احمد زوار پنهنجي وقت جو بادشاهه هيو.


    ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل بورچيخانو

    اي بورچي!
    بي حد بکايل جي
    اٻاريل اڳيان نه رکجانءِ
    هو هٿ ساڙي ويهندو

    تن ڏينهن اتي ايڏو ته ڪوهيڙو هوندو هيو جيئن ڌرتيءَ تي ڌنڌ کانسواءِ ڪنهن شيءِ جو وجود ئي نه هجي. ڪجهه نظر نه ايندو هيو، نظرن جي چوگرد ڪوهيڙي مان شڪليون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هيون. ان ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل گهر اندر ڇهه ڀاتي هيا. هڪ هو پاڻ، هن جي زال، ٻه ڌيئر ۽ ٻه پٽ.
    ڪوهيڙو ايڏو ته گهرو هوندو هيو جو بس نظر گهرجي ٻاهرين در تائين ويندي هئي. در مٿان ڪاٺ جا ننڍا سوئا ائين ٺهيل هوندا هيا جيئن مٿان ڪو ڏند ڪڍي اندر ڏسندو هجي. گهر اندر هڪ بورچيخانو هيو جنهن اندر ماءُ رڌ پچاءَ ۾ مصروف هوندي هئي. بورچيخاني اڳيان هڪ ڪاٺ جي پراڻي ٽيبل رکيل هوندي هئي جنهن چوڌاري ڇهه ڪرسيون ائين پيل هونديون هيون جيئن سنهڙين ڄنگهن وارا بکايل کاڌي جو انتظار ڪندا هجن. اها ڪاٺ جي ٽيبل ۽ ڪرسيون هن هڪ راهه ويندڙ ڪٻاڙيءَ کان ورتيون هيون، جيڪو عجيب غريب شيون اٺن تي رکي ڪڏهن ڪوهيڙي ۾ اتان لنگهيو هيو. ان هن جي در ٻاهران آواز ڏنو هيو. هن در کولي سڀ کان پهريون ان کي اتي ويهاري ماني کارائي هئي ۽ ان ڪٻاڙيءَ مانيءَ جي تعريف ڪئي هئي.
    “کاڌي جي ذائقي مان خاندان جي خوشحاليءَ جي خبر پوندي آهي.” ان چيو هيو “واهه جو ذائقو آهي.”
    ان ڪٻاڙيءَ وٽ عاج جا چار ننڍا بت هيا جيڪي اٺ جي ڳچيءَ ۾ رسي سان ائين لڙڪي رهيا هيا جيئن گهٽو ڏئي اٺ جو ساهه ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. اتي هڪ ٽٽل يڪتارو هيو. پراڻيون چندن جي ڪاٺ جون ڦڻيون هيون. ٽي چمڙي جا بوٽ، ٽامي جا فيروزي ڪٽ لڳل برتن، هڪ گنبذ نما پکين جو پڃرو، جست جي چادر جي چٻي پيٽي ۽ ڪجهه ناسي رنگ جون ٽوپيون هيون جن تي اڳيان چنڊ ستارو ٺهيل هيو. هڪ اٺ جي پٺيءَ تي ڪاٺ جي پراڻي ٽيبل ۽ ڇهه ڪرسيون ائين ٻڌل هيون جيئن اهي ڪنهن فاتح جو انتظار ڪنديون هجن. هن ڪٻاڙيءَ کي ان ٽيبل ۽ ڪرسين جي خريد لاءِ چيو. ڪٻاڙيءَ اٺ کي هيٺ ويهاري، اهي لاهي هن آڏو رکيون.
    “هيءَ ٽيبل ۽ ڪرسيون اهڙي ڪٽنب کان حاصل ڪيل آهن جيڪو ڪڏهن بک نه مئو” ڪٻاڙيءَ چيو “يقين ڪر هن ٽيبل تي رکيل کاڌو سدائين ذائقيدار هوندو ۽ ان مان هر وقت ٻاڦ نڪرندي رهندي.”
    پوءِ ڪٻاڙيءَ ڪنهن هيجاني ڪيفيت مان وٺي ٽهڪ ڏنا. هن ڏٺو ان جي وات ۾ ڏند نه هيا، ان جو وات ڪنهن اونداهي کوهه جيان هيو. هن ان کان اها ٽيبل ۽ ڪرسيون خريد ڪيون، پوءِ اهو ٽهڪ ڏيندو اٺن کي هڪليندو ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويو.
    گهر اندر ڪڏهن اوندهه نه هوندي هئي اتي بورچيخاني ٻاهران ڪاٺ جي ٽيبل کان ٿورو پري ڀت ڀرسان چلهه ۾ سڪل ڪاٺيون ٽڙڪا ڏئي ٻرنديون هيون ۽ انهن مان دونهون نانگ جيان وڪڙ هڻي مٿي بلند ٿي هر هر ڄڀ ڪڍي هيڏانهن هوڏانهن پيو ڏسندو هيو. گهر جي کاٻي پاسي کان تازي پاڻيءَ جي واهي وهندي هئي جنهن جو پاڻي هٿ وجهڻ سان ڪوسو محسوس ٿيندو هيو، ان مان هر وقت ٻاڦ پئي نڪرندي هئي. اها تازي پاڻيءَ جي واهي ٿورو اڳتي وڃي ٻنين ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ٻنين اندر ڳاڙها ٽماٽر ائين ڏسبا هيا جيئن گلابي ڳلن واريون اپسرائون ڪوهيڙي اندر ڪنهن جو انتظار ڪنديون هجن.
    هڪ دفعي هو جڏهن رات جو دير تائين جاڳيو ته اثر کان اڳ ان تازي پاڻيءَ جي ٻاڦ ڇڏيندڙ واهيءَ جي ڪناري هن جنن کي لهندي ڏٺو هيو. جن پنهنجن ٻچن سان ان واهيءَ ۾ وهنجڻ لٿا هيا ۽ جيئن تي سج جا پهريان ڪرڻا اتي پيا هيا ته اهي ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ڪوهيڙي ۾ ملي ويا هيا.
    گهر جي کاٻي پاسي کان وهندڙ واهيءَ جو گرم پاڻي جڏهن ٻنين ۾ ڇوڙ ڪندو هيو ته ان مان ٿڌي تاثير واريون سبزيون جنم وٺنديون هيون. تورين جي ول ڌرتيءَ تي ڪنهن رڙهندڙ جيت جيان هر شيءِ ۾ پاڻ وچڙائي پيلا گل ڪڍندي اڳتي وڌندي هئي. ڀينڊيءَ جي ٻوٽن ۾ آسمان ڏانهن اشارو ڪندڙ آڱريون رب جي موجودگيءَ جو احساس ڏيارينديون هيون. ڪريلن جي کل تي وهندڙ ڳوڙهن جهڙيون قطارون هونديون هيون. اتي سڀ پکي سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ڳالهائيندا هيا پر هڪ پکي اهڙو هوندو هيو جنهن جي ٻولي خطري ۾ سيٽيءَ جهڙي هوندي هئي.
    هڪ سياري جي رات ڪاٺ جي ٽيبل ڀرسان ٻرندڙ چلهه ۾ سڪل ڪاٺيون ٽڙڪا ڏئي ٻري رهيون هيون ۽ باهه جي هيڊي ڄر ۾ گهر جي هر شيءِ لڏي رهي هئي. هو پنهنجي گهر ڀاتين سان کاڌي جو انتظار ڪري رهيو هيو. ماءُ تازو کاڌو ٽيبل تي رکيو ته ان مان ٻاڦ اڇي ململ جي ڪپڙي جيان کلندي ڊگهي ٿيندي وئي ۽ پوءِ اها سڄي پاسي واري دريءَ مان ٻاهر نڪرندي هر طرف ڦهلجڻ لڳي. ڪوهيڙو ائين گهرو ٿي ويو جيئن دنيا ناسي رنگ ۾ دفن ٿي وئي هجي. ماءُ پليٽن ۾ کاڌو وڌو ۽ هو ان کي ائين چٻاڙڻ لڳا جيئن انهن کي زندگيءَ جو احساس ٿيندو هجي. انهن کي لڳندو هجي اهي جيئرا آهن ۽ محسوس ڪري رهيا آهن ذائقا جن ۾ زندگيءَ جو ذائقو آهي، ڏک سک ۽ موت جو ذائقو آهي.
    “ذائقو کاڌي ۾ نه هوندو آهي” پيءُ گرهه چٻاڙيندي چيو “ذائقو اسان جي آڱرين ۾ هوندو آهي. اسين جڏهن گرهه پڪڙيندا آهيون ته ذائقو آڱرين مان کاڌي ۾ منتقل ٿي ويندو آهي.”
    پيءُ جي ڳالهه تي ماءُ رئو مٿي تي رکيو ۽ رب کان دعا گهري.
    “اي رب اسان جون آڱريون سلامت رک” ان ڪنڌ هيٺ ڪري چيو “بيشڪ کاڌي جو ذائقو آڱرين ۾ ۽ تنهنجو ذائقو زبان ۾ آهي.”
    چار ٻار هيٺ ڪنڌ ڪري ائين کائي رهيا هيا جيئن انهن جا مٿا ڌرتيءَ تي ٽيڪيل هجن. ماني کائڻ کانپوءِ پيءُ دعا گهري.
    “اي رب ڳوڙهن جو لوڻ برقرار رک... انهن ڳوڙهن کان پناهه ڏي جن ۾ لوڻ نه هجي.”
    پيءُ دير تائين اها رات جاڳندو رهيو، اثر کان اڳ هن گهر جي کاٻي پاسي کان واهيءَ جي گرم پاڻيءَ ۾ ڇٻڙڪا ٻڌا، هو اهو سوچي مرڪندو رهيو ته پڪ سان اهي جن آهن جيڪي پنهنجن ٻچن سان اتي لٿا هوندا ۽ سج جي پهرين ڪرڻن سان ٻاڦ بنجي ڪوهيڙي ۾ ملي ويندا.
    پوءِ ان گهر ۾ ڪاٺ جي ٽيبل تي اٻاريل کاڌو پچي پليٽن ۾ پوندو رهيو ۽ ان کاڌي مان ٻاڦ اڇي ململ جي ڪپڙي جيان کلندي ڊگهي ٿيندي هڪ لڪير ۾ گهرجي سڄي پاسي واري دريءَ مان ٻاهر وڃي ڪوهيڙي جي صورت ۾ هر شيءِ مٿان حاوي ٿيندي رهي. چلهه ۾ ٽڙڪا ڏئي ٻرندڙ سڪل ڪاٺين جي باهه تي هر شيءِ ڳاڙهيءَ ڄر ۾ لڏندي رهي.
    هڪ رات جڏهن مينهن وسي رهيو هيو ته پيءُ ٻاهر اڱڻ ۾ وڃي آسمان ڏي ڏٺو ۽ پوءِ سوچيو اتي ڪڏهن ڪو چنڊ نه کڙيو آهي. ڪوهيڙي ۽ جهڙ ۾ ڪو تفاوت نه آهي. اتي دونهون آهي ۽ وڄ جي ڄر آهي. هن گجگوڙ ٻڌا ۽ پوءِ وڄ ڪوهيڙي ۽ مينهن جي ڦڙين کي چمڪائيندي پري وڃي ڪري. گهر جو اڱڻ آلو هيو ۽ ڇت تان پاڻي هيٺ وهي دٻن ۾ تبديل ٿي رهيو هيو. هو اندر آيو ۽ چلهه تي هٿ سيڪي ڪاٺ جي ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي ويهي ڪن خيالن ۾ گم ٿي ويو. بورچيخاني ۾ ماءُ گرم پاڻيءَ ۾ ٿڌيون سبزيون اٻاري رهي هئي. چانورن جي پچڻ جي خوشبو ۽ وسندڙ مينهن ڪري مٽيءَ جي خوشبوءِ پاڻ ۾ ملي هڪ نئين خوشبوءِ کي جنم ڏئي رهيو هيون. جڏهن کاڌو پچي تيار ٿيڻ وارو هيو ته اوچتو ٻاهر در کڙڪيو ۽ ڪنهن سين هنئين.
    “بابا الله جي راهه ۾...” اتي هڪ کان وڌيڪ آواز هيا جيڪي پڙاڏي جي صورت ۾ اڀري رهيا هيا. “ڏي الله جي راهه ۾ پنهنجن پيارن جو صدقو”
    وسندڙ مينهن ۾ ڪئي انسان هڪ آواز ۾ ساڳيا جملا ورجهائي رهيا هيا. هن لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي. اتي پهريون ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو هيو. هو اٿيو ۽ دروازي ڏي ڀڳو، ماءُ ٻه ڌيئر ۽ ٻه پٽ خوف مان هڪٻئي ۾ سوڙها ٿي ويا، پيءُ دروازو کولي ڏٺو، اتي پراسرار انسانن جو وفد بيٺل هيو. هن انهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وفد جي پوئين صف ۾ هن کي ڪجهه سڃاتل منهن ڏسڻ ۾ آيا. هن جڏهن ذهن تي زور ڏنو ته اتي اڇي پڳ پائي وڏي ڏاڙهيءَ سان سنهڙي جسم وارو هڪ شخص لٺ سهاري بيٺل هيو جنهن جي شڪل هن جي ڏاڏي سان ملي رهي هئي. اهو اکيون بند ڪري بيٺل هيو ۽ وسندڙ مينهن ۾ پاڻي ان جي منهن تان وهي هيٺ ڪري رهيو هيو. اتي هڪ ننڍڙي قد واري پوڙهي عورت هئي جنهن کي اڇو کاڌيءَ جو رئو پاتل هيو. اها وسندڙ مينهن ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ ڪري اڌ کليل اکين سان هن ڏانهن ڏسي رهي هئي. ان جي شڪل ان عورت جهڙي هئي جنهن ننڍپڻ ۾ هن جي پيءُ جي يتيم ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جي پرورش ڪئي هئي. انهن سڀني اڳيان اڇيون چادرون پائي نوراني شڪلين سان ٻه اهڙا شخص هيا جن جي هٿن ۾ ڪشڪول هيا.
    “بابا... الله جي راهه ۾ ڏي” انهن مان هڪ چيو “شل تنهنجو صدقو قبول پوي، تنهنجي گهر جي سڄي دريءَ کان ڪجهه قدم ڀري اسان جو اوتارو آهي. گروءَ کي تنهنجي گهر جو هڳاءُ پسند آيو. ان امر ڪيو ته ڪجهه حاصل ڪري ان اڳيان رکون.”
    ان جي ڳالهه ٻڌي هن جي چپن تي ڦڪي مري تري آئي.
    “ها ڇو نه...” هن چيو “ڪجهه گهڙيون ترسو”
    پوءِ هو مڙيو ۽ بورچي خاني مان ماءُ هن کي هڪ وڏي ٿانءَ ۾ تازو اٻريل کاڌو ڪڍي ڏنو. هو کاڌو کڻي در تي آيو ۽ هن کاڌو جيئن ئي رمتوءَ جي ڪشڪول ۾ وڌو ته اهو ڄڻ هوا مان لنگهي وڃي هيٺ ڪريو. پريان ڌنڌ مان هڪ ڪتو ظاهر ٿيو جيڪو اتي اچي هيٺ پيل کاڌو کائڻ لڳو.
    “تون ڳالهه نه سمجهي... تون ڳالهه نه سمجهي” رمتوءَ چيو ۽ پوءِ ان جي منهن تي ناراضگيءَ جا آثار اڀريا، هو پوري وفد کي ساڻ ڪري وسندڙ مينهن اندر ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويو.
    اها پوري رات مينهن وسندو رهيو ۽ هن کي کاڌي جي ٽيبل ڀرسان ٻرندڙ چلهه جي هيڊن شعلن وٽ ننڊ اچي وئي. ان رات هن هڪ خواب ڏٺو. بورچيخاني ۾ سکڻي ڪُني اڀامي رهي آهي ۽ ان مان ٻاڦ جنگ ۾ هارايل سست گهوڙن جيان نڪري رهي آهي. ان ٻاڦ ۾ هر طرف ڪوهيڙو ڪاري اوندهه ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ بورچي خانو ان ۾ مدفون ٿي ويو آهي. ٻاهر مينهن جون وسندڙ ڪڻيون جڏهن ڌرتيءَ تي ڪري رهيون آهن ته اتي سوساٽ ائين نڪري رهيا آهن جيئن تتل تئي تي ٿڌي پاڻيءَ جي لڳڻ سان پيدا ٿيندا آهن. هو کاڌي جي ٽيبل تي پنهنجي ڪٽنب سان چانور کائي رهيو آهي. هن پويان وڏي اڇي ڏاڙهيءَ سان چادر اوڍيل هڪ شخص بيٺو آهي جنهن جي هٿ ۾ ڳاڙهي رنگ جي وحي آهي. ان وحيءَ ۾ هن جي ڪٽنب جي ڀاتين جا نالا لکيل آهن. اهو چانور جو هر داڻو ڳڻي ان ۾ شمار ڪري رهيو آهي. پوءِ آسمان تائين ڦهليل ڪوهيڙي ۾ تيز روشني ڦهلجي وئي. ٺڪاءُ ٿيو ۽ ڪٿي وڄ ڪري. هن جو ڇرڪ نڪري ويو. هو جاڳيو ته چلهه ۾ ڪاٺيون ٽڙڪا ڏئي ٻري رهيون هيون ۽ انهن مان چڻنگون نڪري رهيون هيون. هن پري کان پهريون دفعو ڪتي جي ڀونڪ ٻڌي ۽ گدڙ اونايون ڪرڻ لڳا. هوا جو هڪ تيز جهوٽو سڄي پاسي واري دريءَ مان اندر داخل ٿي هن جي جسم سان گسندو ٻاهر نڪري ويو. ان ڇهاءَ ۾ هن کي ڪنهن جهنگلي جانور جي وارن جي لمس محسوس ٿي.
    ان ڏينهن کانپوءِ هن محسوس ڪيو جيئن هنن ڇهن کانسواءِ اتي ڪو ٻيو وجود به آهي جيڪو هوا جو روپ ڌاري هنن جي آس پاس گهمي رهيو آهي.
    هڪ رات ڪوهيڙو ائين هيو جيئن هن جو گهر کنڊر ۾ تبديل ٿي ڪنهن آفت کان ڌوڙ ۾ دٻجي ويو هجي. هو اٿي ٻاهر اڱڻ ۾ آيو. هن کي اتي روئڻ جا آواز آيا ۽ پوءِ ڪوئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. هن پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کنيا ۽ رب کان پناهه گهري.
    “اي رب آڱريون سلامت رکجانءِ” هن چيو ۽ پوءِ پنهنجن هٿن ڏي نهاريو. گهاٽي ڪوهيڙي ۾ هن جا هٿ نظر نه اچي رهيا هيا. هو واپس موٽيو هن بورچيخاني ۾ وڃي ڪُنيءَ جو ڍڪ لاهي ڏٺو اتي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ڀينڊين بدان آڱريون اٻري رهيون هيون، پوءِ جڏهن کاڌو تيار ٿي ٽيبل تي پهتو ته اتان ٻاڦ ائين نڪتي جيئن آڱرين جا ننهن وڏا ٿي مٿي اڀرندا ساڄي پاسي واري دريءَ مان ٻاهر نڪرندا هجن.
    ان رات در کڙڪيو ۽ وري سين لڳي.
    “ڏي بابا... رب تنهنجو ڀلو ڪري” در ٻاهران ڪيترائي آواز پڙاڏي جيان اڀري رهيا هيا. “رب جي راهه ۾ صدقو ڏي...”
    هو سمجهي ويو اهي ساڳيا رمتو آهن. هن اڳيان خيالن ۾ وسندڙ تيز مينهن اندر بيٺل ٻاڦ جهڙا ماڻهو اچي ويا. جيڪي جسم تي اڇي ململ اوڍي اتي ڪشڪول کڻي هن جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا هيا. خوف کان ماءُ پنهنجي چئن ٻارن کي ڀاڪر ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو. هو اٿيو ۽ کاڌي جو ڀريل ٿانءُ کڻي در ڏانهن وڌيو. هن در کولي ٻاهر ڏٺو، اتي ساڳيا ماڻهو ڪوهيڙي ۾ غير واضح ڏسجي رهيا هيا. هن کاڌو جڏهن رمتوءَ جي ڪشڪول ۾ وڌو ته وري ڄڻ هوا مان ٽپي هيٺ وڃي ڪريو. پري کان ڪوهيڙي مان ساڳيو ڪتو نروار ٿيو ۽ اتي اچي پٽ تي پيل کاڌو کائڻ لڳو.
    “تون ڳالهه نه سمجهي... تون ڳالهه نه سمجهي” هڪ رمتوءَ ناراضگيءَ مان چيو ۽ پوءِ پورو وفد واپس وري ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويو.
    هو جڏهن واپس اندر آيو ته ٻرندڙ چلهه جي هيڊي روشنيءَ ۾ هن ڏٺو اتي هيٺ هن جو وڏو پٽ ليٽيل هيو. اهو بي حد بيمار هيو. ان جي منهن تي زخم هيا جن مان رت رسجي ٻاهر نڪري رهيو هيو. ماءُ بورچيخاني ۾ پاڻي گرم ڪري رهي هئي جيئن ان سان هن جي زخمن جي صفائيءَ ڪري سگهي. هڪ ڀيڻ هن جي ڀرسان روئي هن کي دلاسا ڏئي رهي هئي. ٻي اکيون بند ڪري خدا کان ڀاءُ جي حياتيءَ لاءِ دعا گهري رهي هئي. ننڍو ڀاءُ ڪينچيءَ سان صاف ڪپڙي کي ڪتري اڳڙيون ٺاهي رهيو هيو.
    ان ڏينهن کانپوءِ ان گهر ۾ اندر، آس پاس ۽ آسمان مان قرآن پاڪ جي پڙهڻ جو آواز ايندو هيو. اتي ڪوهيڙي اندر ڳوڙهن جا مينهن وسندا هيا ۽ خوف جي وڄ چمڪندي هئي.
    هڪ ڏينهن کاڌي جي ٽيبل ڀرسان ٻرندڙ باهه وسامي وئي. سڪل ڪاٺيون ٻري ختم ٿي ويون. هيڊي ڄر ۾ لڏندڙ جاءِ هيڪاندي ٿي وئي. گهر جي ساڄي پاسي واري دريءَ مان اٻاريل کاڌي جي ٻاڦ لڪير بڻجي ڪڏهن نه نڪتي. ڪوهيڙو ختم ٿي ويو، هر شيءِ واضح ۽ صاف ٿي وئي.
    گهر ڀرسان وهندڙ گرم پاڻيءَ جي واهيءَ مٿان ڌنڌ ختم ٿي ويو، اتي جن وري ڪڏهن پنهنجن ٻچن سان وهنجڻ نه لٿا، هن جڏهن واهيءَ جي پاڻيءَ ۾ هٿ وڌو ته هن جي رڙ نڪري وئي. اهو يخ ٿڌو هيو. هن هٿ ٻاهر ڪڍيو ته هن جون آڱريون نيريون ٿي چڪيون هيون.
    ماءُ بورچي خاني مان جڏهن کاڌو پچائي پليٽن ۾ وڌو ته چٻاڙيل گرهه ۾ هن کي ذائقو محسوس نه ٿيو. هن جون آڱريون سڙيل هيون.
    بورچي خاني ۾ بيٺل ماءُ جي اکين جو لوڻ ختم ٿي چڪو هيو، ٽي ٻار ڪنڌ هيٺ ڪري کائي رهيا هيا ۽ هڪ ڪرسي خالي هئي.


    حسرتن جا ڪتاب

    ڪتاب ائين هوندا آهن، جيئن ڪرنگهي ۾ پاسيريون، منهنجي ذهن ۾ سڀ ڪتاب اڄ به ڍانچن جيان موجود آهن. مون کي ياد آهي، ڪتاب ڪڏهن شهزادا هوندا هيا، شهزادن جي ڳٽن جا تر لفظن جا نقطا هيا. پوءِ شهزادا بادشاهه ٿيا، بادشاهه پوڙها ٿيا ۽ اڄ مون جيان مغرور آهن.
    منهنجي نظر رسي ويل محبوب جي موڙيل منهن ۾ گم ٿي وئي آهي. عمر جي هن حصي ۾ جڏهن ڪتابن جا لفظ منهنجيءَ نظر جيئن ڪمزور ٿي چڪا آهن ۽ ائين ڌنڌلڪا ٿي ويا آهن جيئن ڪوهيڙو منهنجن ڳوڙهن کي جلا بخشڻ چاهيندو هجي. اڄ اهي ڪتاب ياد ڪيان ٿو جيڪي منهنجي ذهن ۾ هيا، اهي ڪتاب جن مون کي جيئرو رکيو، اهي جن مون کي ٿڻ آڇيا.
    منهنجي نظر ائين جَهڪي ٿي چڪي آهي جيئن آئيني تي ٻاڦ، کنڊر مان لڌل سڪو، کيسي ۾ وسري ويل بارش ۾ ڀڳل خط، مان ڪتابن پڙهڻ کان قاصر ٿي چڪو آهيان، اي حياتي تنهنجي پڇ ۾ اهڙو ڪنڊو آهيان جنهن جو زهر توکي ماري وجهندو، مان وٽ وقت نه آهي، وقت جي هڙ ۾ ويڙهيل اهڙو ساهوارو آهيان، جنهن جا هٿ وڍيل ۽ پير زخمي آهن. اکين ۾ روشني ايتري آهي جو اوندهه ڏسي سگهي.
    ڪڏهن لفظ عمارتن جيئن اڀريل هوندا هيا، اهي عشق جا مينار هيا ۽ جملا صفن ۾ بيٺل سجدي جا منتظر.
    زندگي اهڙي رسي جيان آهي جنهن تي نانگ جا چِٽ آهن، رسو نانگ جو ڏنگيل آهي ۽ ان ۾ زندگي ڊوڙي ٿي، زهر جيئرو رکي ٿو. حياتي تنهنجي تڙپ جي معياد آهي. اکين جي مڻ سنڍ ٿي چڪي آهي. ڳوڙهن جي تازگي معنا وڃائي ويٺي آهي. ڪو اهڙو ترياق نه آهي جيڪو رسي ويل منظر موٽائي سگهي. اهي چهرا، اهي ماڻهو، اهي موسمون، اهي بهار، خزان جا پيلا پن، اهي مرڪون، اهي ڳوڙها ۽ ڪتابن جا سرسبز، گلابي، نيرا جلد، اهي مري ويل مصنف، مفڪر، شاعر ۽ سوچن جا منصف. جن جي نظر گهٽ هوندي آهي، اهي چٽا خواب ڏسندا آهن پر منهنجو تصور خوابن کان رنگين آهي. منهنجي تصور ۾ ڪتاب پکين جيئن اڏامن ٿا. مان پکين جي پڃري ۾ بند ٿيل آهيان.
    مون ڪئي ڪتاب پڙهيا، هاڻي سوچيان ٿو، ڇا اهي ٻيهر پڙهي سگهندس؟ منهنجي نظر گهٽ آهي ۽ وقت محدود، پر مونکي اهي سڀ ڪتاب ياد آهن. اها لئبريري جيڪا سڄي رات کليل هوندي هئي. ان اڇي سنگمرمر جي لئبريريءَ تي جڏهن چانڊوڪي پوندي هئي ته ان جو رنگ هلڪو نيرو ٿي ويندو هيو. اها قديم لئبريري اهڙن ٿنڀن تي بيٺل هئي جيئن ڊگهي قد وارا دانشور کيس پنهنجين ترين تي جهلي بيٺا هجن. مون کي ان لئبريريءَ جي اتر پاسي پيل اها ٽيبل ياد آهي جنهن تي مون “نڪوريا ماريا” جو ڪتاب “گونيا” پڙهيو، اهو جيڪو ٽيون جنم وٺي ڌرتيءَ تي آيو ته ازدها هيو. هو ڳالهائيندو هيو ته ان جي وات مان باهه نڪرندي هئي. پوءِ خدا ان کي معاف ڪيو ۽ ستين جنم ۾ آيو ته سندس وات مان گل ڇڻندا هيا. ان شاعريءَ جا ستونجاهه ڪتاب لکيا، سندس شاعري پڙهڻ ۾ ائين هوندي هئي جيئن چپن ۾ ساز وڄندو هجي. ان جي شاعري ياد جي اهڙي نانگ جيان هئي جيڪو ماضيءَ جي قبرستان ۾ هر واقعي جي قبر مٿان وڪڙ هڻندو هلندو پيو وڃي. ان جي اندر جو ازدها پوءِ به مري نه سگهيو. سندس شاعري ڪڏهن ايڏو جذباتي رنگ اختيار ڪري پئي وئي جو ان تي باهه جو گمان پئي ٿيو.
    مون کي “ازبيلا” جو ڳاڙهي جلد وارو ڪتاب ياد آهي، جنهن تي سونهري اکرن ۾ “واويلا” لکيل هيو. اهي ڳاڙهو جلد جنهن تي هزارين هٿن جا نشان هيا. ان جي پاسن کان ڇڳل ڪپڙي جي جلد جا ڌاڳا ائين لڙڪندا هيا جيئن وڻ جي ٿڙ مان کونئر، ازبيلا جنهن هڪ ڪتاب جا ٻارنهن جلد لکيا ۽ ان جون اکيون انڌيون ٿي ويون. مسلسل قلم جهلڻ ڪري سندس وچين آڱر وٽ نشان ائين هوندو هيو جيئن نمازيءَ جي پيشانيءَ تي محراب، اهو نابين مصنف جيڪو لٺ کي خدا کان وڏو سهارو سمجهندو هيو. ان جي ڪتاب جا يارهن جلد “پولاپاري” جنگ کان پوءِ ساڙيا ويا، صرف هڪ جلد اڪيلي سپهه سالار جيان بچيو جيڪو پنهنجي مئل فوج جو سربراهه هيو، چون ٿا اهو اڪيلو جلد ان ڪري بچي ويو جو “ازبيلا” پنهنجي ساهه جي رڳ ڪٽي ڪتاب کي رت سان آلو ڪري ڇڏيو هيو. ڳوڙهن سان ٻارنهن جلد لکندڙ مصنف جو رت صرف ان لاءِ ڪافي هيو ته اهو هڪ جلد کي آلو ڪري سگهيو.
    ازبيلا ان ڪتاب ۾ پنهنجي ڌيءَ جي عاشقن کي دعائون ڏنيون آهن. هن پنهنجي دل جي منظر ڪشي ڪندي لکيو “دل اهڙو پهاڙ آهي جنهن ۾ پٿر ناياب آهن، دنيا اتي آهي جتي سمنڊ جو ڪنارو آهي ۽ سمنڊ جو ڪنارو اهڙو خواب آهي جيڪو ننڊ جو انتظار ڪري ٿو.”
    مان جڏهن هڪ نارنگي جلد وارو ڪتاب ياد ڪيان ٿو ته مونکي ساڌو “سوا نند” ياد اچي ٿو. جيڪو ڪتاب جي پهرين صفحي تي هڪ ڪاري فوٽوءَ ۾ سرمئي ٻاڦ جيان بيٺل هيو، سندس اگهاڙي پيٽ تي دُن جي چپن تي هڪ اداس مرڪ هئي. ساڌوءَ جو هڪ هٿ ائين مٿي کنيل هيو جيئن هو ڪتاب کي اڳتي کولڻ کان روڪيندو هجي. ڪتاب جو پهريون اکر ڪفر مان نڪتل آهي. جڏهن ڪتاب دوزخ ۾ پوندا ته باهه کي ساڙي وجهندا، عاشق جي دل کٻڙ جي پيرونءَ جهڙي آهي ۽ حياتي پير جي لڦ جيان نرم، ساڌوءَ جي ڪتاب جو هر حرف، جنهن ۾ لوبان جي خوشبوءِ هئي، ان ۾ اندر تلسيءَ جا پن پيل هيا. ڪڏهن ڪتابن جا ورق درد انگريز لکڻين جو بار نه کڻندي پيلا ٿي پوندا آهن. عظيم ڪتابن کي ساڙيو وڃي ته انهن مان اگربتين جي دونهي جي خوشبوءِ ايندي آهي، ساڌو سوانند جنهن جي لکڻين جو موضوع دردن کي پنهنجو ڪري انهن کان آجو ٿيڻ هيو.
    آٿتا (Placebo) حڪمت جو هٿيار آهي. دلاسو دل کي اطمينان ڏئي ٿو، ساڌو سوانند جنهن جون ڪاري فوٽوءَ ۾ دونهاٽيل اکيون رات جي اوندهه ۾ عبادتگاهه جي دروازن جيان بند هيون. ساڌوءَ جو اهو ڪتاب جنهن جي وچين صفحي تي لکيل هيو “اي خدا! مون کي ائين لڪاءِ جيئن تون لڪيل آهين، ڪافر جي من ۾ خدا، وسامي ويل مچ ۾ چڻنگ جيان دکي ٿو، ڪڏهن خدا دونهي جو روپ ڌاري رنڌڻي ۾ رزق جو جائزو وٺندو آهي.”
    مون جڏهن به ڪو ڪتاب پڙهيو ته لفظن لڪيرن جو روپ ڌاري منهنجي دماغ ۾ ان ليکڪ جو چهرو ٺاهيو. اهڙا سوين چهرا لفظن جي صورت ۾ منهنجي چوگرد موجود هيا.
    مونکي “اينٽونيوٽا” جو چهرو ياد آهي، ان جي سڪل منهن جي صحتمند ڏاڙهي، لفظن جي لڪيرن جيان هيٺ لڙڪي رهي آهي. مون جڏهن ان جو ڪتاب “ڪاٺ جي پتلي” پڙهيو هيو ته منهنجي نظرن اڳيان سندس اڀري آيل چهرو ان حقيقي فوٽوءَ کان گهڻو مختلف نه هيو جيڪو مون “لابيلا” جي ان لئبريريءَ ۾ مک دروازي سامهون عظيم اديبن جي ٽنگيل فوٽن جي قطار ۾ ڏٺو هيو. اهو هوبهو ائين ئي هيو جيئن سندس ڪتاب “ڪاٺ جي پتلي” پڙهڻ کانپوءِ منهنجي ذهن ۾ اڀريو هيو ۽ “هيوگو سرواسي” جنهن جي مٿين چپ تي ليڪ جهڙيون مُڇون هيون. ان جو ناول “بزاگيا” جنهن مان درد، بند تي ڊوڙندڙ ريل جي ڪاري انجڻ جي دونهي جيان پري پري تائين ڦهليل سرنهن جي پيلن گلن مٿان اڏامندو پيو وڃي. ان جو هيرو “يوري” جيڪو ريل ۾ ويٺل محبوبا پويان ڊوڙي پليٽ فارم تي ڪري پنهنجيءَ جان جو نذرانو پيش ڪري ٿو.
    “جان فدل” جو اهو ڪتاب جنهن ۾ هڪ فقير ٿڌ ۾ ايڏو ته ڏڪي ٿو جو هٿن ۾ جهليل ڪافيءَ جو ڪوپ پنهنجن چپن تائين آڻي نه سگهي ٿو ۽ پنهنجي مٿان هاري ڇڏي ٿو. مون کي ڪتابن جا چهرا ياد آهن. سجيل ڳاڙهين اکين وارا، ڀڀوت ڀنڀين ڏاڙهين وارا، وکريل وڏن وارن وارا، ڊگهن وڏن ڪوٽن وارا.
    ڌرتيءَ تي پيل هيڊيون نموريون “السوفڪيءَ” جا ڳوڙها ئي ته آهن. “السوفڪيءَ” جون ڀوريون نڪ وٽان وهندڙ زڪام جهڙيون مُڇون، ان جو کوپڙيءَ جهڙو منهن، سندس اکين جي سوراخن ۾ ڀنورن جا مانارا هيا، السوفڪيءَ جا ڪتاب ڏک جو سمنڊ آهن. جنهن ۾ دنيا جو سج غروب ٿي ڪڏهن نه اڀريو آهي. اهي ندامت جا ماريل ڪردار، نه ڪيل گناهن جو ٻوجهه پنهنجن ڪلهن تي کڻي ذلت جي رستن تي هلندا نظر اچن ٿا. اهي نيڪيون ڪندي گناهن جي احساس ۾ دٻيل آهن.
    “ميخائيل اينو ڪوف” جو ڪتاب “زاويو” جنهن ۾ انسان ڏيڏرن جيان مفادن جي کوج ۾ ٽپا کائيندي نظر اچن ٿا. اهي تصور ۾ مسرور ڪردار جيڪي خيالي دنيائن ۾ ناحاصل سرورن سان دل وندرائين ٿا. اهو تصور جيڪو محروم انسانن کي خيالي تفريح فراهم ڪري ٿو. اهي اوجاڳي جا خواب جيڪي پهچ کان پري حسين عورتن جي چپن جا ڇهاءُ کين پنهنن چپن تي محسوس ڪرائين ٿا.
    “ايوتو ڪيشو” جي ڪتاب جي حسين “جماليا” جنهن جي نڪ جي ڪوڪي ۾ دليون لڙڪن ٿيون. ان جو حسن ريشم جا ڪيڙا اهڙي رومال جيئن اڻن ٿا، جنهن رومال تي “آذري” پهاڙن جي اڻ ڏٺل سونهن ڪنهن آسيب جيئن لڪيل آهي.
    “ايوتو” جي ڪتاب جي بيوفا “راڪيل” جيڪا محبوب کان رسي وهاڻي کي ٻه حصا ڪري، اڌ وهاڻو کڻي هلي وڃي ٿي.
    اهي “وائلڊ” جي ڪتاب جا عظيم منظر، برف ۾ ڄميل پهاڙ ۽ پهاڙن ۾ رهندڙ انسانن جي وجود مان موت کانپوءِ ٻاڦ جي صورت ۾ نڪرندڙ روح، ٿڌ ۾ انهن جي گفتگوءَ جا وات مان نڪري برف ٿي هيٺ ڪرندڙ لفظ، پليٽ فارمن تي ريل ۾ ويٺلن کي ڇٽيون جهلي بيٺل ڊگهن ڪوٽن وارا مينهن ۾ روئندڙ “الوداع” چوندڙ ڪردار.
    “ايملي نرويو” جي ڪتاب جو اهو امر ڪردار جيڪو پنهنجي پياريءَ جي قبر تي سنگمرمر جي ڪتبي کي چمي ڏيندي، ڪتبي جي ٿڌ چپن تي محسوس ڪندي ڏڪڻ لڳي ٿو. ان شهر جي ڳالهه جنهن ۾ مرڪڻ تي پابندي آهي. نديءَ مٿان بيٺل ٽٻڻي جيڪا هر هر هيٺ گهت هڻي، ڪا به مڇي نه ٿي پڪڙي سگهي.
    “هيما نار” جو ڪتاب “ٻه منهي ٻلهڻ” جنهن ۾ ڏند ڪٿائي مڇيءَ جو هڪ پاسو عورت جو آهي ۽ ٻيو پاسو مرد جو آهي. دوزخ جي جبل مان وهندڙ برف جو لاوو ۽ ان کان اڳتي خدا کي ڳولهيندڙ ڪردار جيڪو ماڪوڙي کي ڏسي بيهوش ٿي وڃي ٿو.
    “گبريليا گياگنيءَ” جو ڪتاب “انسان نما ڪتو” ۽ “اهي ڏند جن کي ڪو کائي نه سگهيو” ان جو لافاني ڪتاب “سئو سالن کانپوءِ هزار سال” ان جي عظيم ڪتابن ۾ ڏک هيٺان لڪيل کل جهڙي مذاق، ان جا مخفي اشارا جڪي گناهه گارن کي وڌيڪ گناهه گار ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سندس تشبيهون جن ۾ هو انسان کي پاڻيءَ سان ڀيٽي، واش روم ڌوئي ٿو.
    اڄ جڏهن پنهنجي ناڪافي ياد سان اهي وسري ويل ڪتاب ياد ڪيان ٿو ته سڀ اهڙن هوائي گهوڙن جيان اڏامندي نظر اچن ٿا جن گهوڙن جون منڍيون منهنجي زندگيءَ ۾ آيل عورتن جي چهرن جهڙيون آهن. اهي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل مصنف، اهي ڪتاب جن جا حرف وقت جي واءُ مٽائي ڌنڌلڪا ڪري ڇڏيا آهن. اهو سڀ اهڙو خواب آهي جنهن ۾ مان چنڊ هيٺان سمهي ننڊ جو انتظار ڪيان ٿو. سوچيان ٿو. دنيا ۾ ڪي به اهڙا ڪتاب نه آهن جن کي مون ياد ڪيو. دنيا ۾ ڪي به اهڙا مصنف نه آهن جن کي مون ڪڏهن پڙهيو. اهي سڀ وهم آهن. منهنجو گمان آهن. ها اهي سڀ منهنجا ڪتاب هيا جيڪي وسري چڪا هيا. جن کي ڪڏهن مان لکي نه سگهيس. اهي سڀ سوچن جا پاڇا هيا ۽ پاڇن هيٺان ويٺل اهڙا مصنف هيا، جن جو وجود دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ نه آهي. اسين پاڇن جا وجود آهيون. سورج غروب ٿيڻ کانپوءِ پاڇا اوندهه ۾ مٽجي ويندا آهن. اهي سڀ چهرا منهنجا هيا، اهي سڀ ڪتاب منهنجا هيا.


    اڌ رنگو + اڌ رنگو

    ننڍپڻ کان ڏسندو آيو هيس، ست ڄڻا جيڪي شايد پوڙهي جا پٽ هيا کيس ويل چيئر تي گهمائيندا هيا. پوڙهو جنهن کي ننڍي ڏاڙهي هئي، جسم ۾ ڀريل هيو. ان جو هڪ هٿ ويل چيئر جي پاسي کان ۽ ٻيو هٿ وريل هوندو هيو جنهن جون آڱريون ٽيڙيون هيون. شايد اڌ رنگي جو مريض هيو.
    مان ننڍپڻ کان شرميلو ۽ الڳ ٿلڳ رهيو آهيان. سوال پڇڻ کان لهرائيندو آهيان. جيئن سمجهندو هجان ته جواب ڏيڻ وارو سوال ٻڌي ناراض ٿي ويندو ۽ چوندو “غير ضرور سوال کان چڱو آهي ته غير ضروري جواب ڏجي ۽ ان غير ضروري جواب جو غير ضروري سوال سان ڪو تعلق نه هجي.”
    مان ڪڏهن پوڙهي کي ويجهو وڃي نه سگهيس ۽ ان کان حال احوال پڇي نه سگهيس. منهنجو گهر شهر کان ڏور اهڙي هنڌ آهي جتي روڊ جي پاسن کان قديم وڻ آهن، انهن جون لڙڪندڙ پاڙون هوا ۾ ائين جهولينديون آهن جيئن نظر نه ايندڙ مخلوق پاڙن سان چنبڙيل هجي. هر گهر ۾ مانارا آهن پر ماکي کائڻ وارو ڪير به نه آهي. ائين نه آهي ته گهر خالي آهن پر کين ماکيءَ کان نفرت آهي. وسنديءَ ۾ ڪوهيڙو ائين ڦهليل هوندو آهي جيئن وٻائي مرض ۽ پنن مان ماڪ ائين ڇڻندي آهي جيئن وڻ جهڙ جا ٺهيل هجن، هتي نه سج لهندو، نه اڀرندو آهي، پر پاڇا ننڍا ۽ وڏا ٿي ڦهلجي ويندا آهن. اوندهه جو راڄ آهي ۽ ستارا ٽانڊن جيئن ٽمڪندا آهن. لنگهي ويل ڏينهن جي ڌوڙ سانجهيءَ ۾ سمائجي رات ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ اڀ ۾ کلندڙ چنڊ جا ڏند هيڊا آهن. اوندهه ۾ ڏيئو ٻارڻ انڪري ڏوهه آهي جو اها قدرت سان بغاوت آهي. تيلي ٻاري اوندهه ساڙڻ ۽ غير ضروري وار ڪوڙڻ ۾ ڪو تفاوت نه آهي. منهنجو ننڍپڻ ڪوهيڙي ۾ گذرڻ ڪري طبيعت نرم آهي. هتي رهندڙ انسانن جون دليون يادن جي پپل ۾ ڦٽيل پنن جيان آهن.
    اهو پراسرار پوڙهو جنهن کي ست پٽ روز ويل چيئر تي گهمائيندا هيا، روڊن جي پاسن کان لڳل گهاٽن وڻن جي وچ مان ايندي ائين لڳندو هيو جيئن اوندهه ۾ اڇن ڪپڙن وارا فرشتا ڪنهن وليءَ کي ويهاري جنت جو رستو ڳولهيندا هجن ۽ جنت جو رستو انهن کان وڃائجي ويو هجي. فرشتن جي منهن تي ندامت هجي ته “جيڪڏهن فرشتن کان جنت جو دڳ وسري وڃي ته کين خدا ڳولهيندو دوزخ تائين پهچي ويندو.”
    سانجهيءَ وقت جڏهن منهنجي عمر پنج سال هئي ۽ اهي ست پٽ پوڙهي پويان پئي هليا ته ڄڻ ويل چيئر پنهنجو پاڻ پئي هلي. جڏهن منهنجي عمر ڏهه سال ٿي ته پوڙهي پويان ڇهه پٽ هيا ۽ اهو سومهڻيءَ جو وقت هيو. دل چاهيو پوڙهي کان پڇان “تون ڪير آهين؟... ڪيتري وقت کان بيمار آهين؟”
    پر مان ڪڏهن پڇي نه سگهيس.
    پوءِ پوڙهي پويان پنج پٽ هيا ۽ هو ويل چيئر تي اکيون بند ڪري ڄڻ ماضيءَ ۾ گم هيو. ان بند اکين پويان ڏٺو، ان جا ٻه پٽ قبر کوٽي رهيا هيا. قبر جي ماپ تي بحث ڪري رهيا هيا. هڪ چئي رهيو هيو “بابو منهنجي قد جو آهي” ۽ ٻيو چئي رهيو هيو “منهنجو قد بابي جيترو آهي.”
    اهي ٻئي ساڳي قبر ۾ سمهيا ۽ دفن ٿي ويا. ڇو جو جاڙا ڀائر هيا.
    پوڙهي اکيون کوليون ته منهنجي عمر ويهه سال هئي، مون کي ڏاڙهي رکائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هيو. شوقينن جي ڏاڙهيءَ جو رنگ ڪارو هوندو آهي پر منهنجي عمر ننڍي هئي، ڏاڙهي ڪاري ڪري سگهجي ٿي پر شوق ۾ عمر ننڍي ڪرڻ ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه آهي.
    اهي سخت سياري جا ڏينهن هيا، سيءَ ۾ اس سڙي رهي هئي. مون ڪوٽ لاهي اس تي وڌو، اس ڪوهيڙي ۾ ائين هئي جيئن سج تي مينهن وسي رهيو هجي، لفظ وات مان ٻاڦ بنجي ڪنن ۾ رجي رهيا هيا. ويهه ڪلوميٽر پري بادلن جيان اٿندڙ شينهن جي گاج گهر جي اڱڻ ۾ ٻڌل ٻڪريءَ مٿان ڪو به مينهن وسائڻ بنا لنگهي وئي.
    ان رات جڏهن پوڙهو پنهنجن پٽن سميت لنگهيو ته مان گهر جي چانٺ تي يادن ۾ وڪوڙيل هيس “روحانا” ڪروڙين ڪلوميٽر پري چنڊ ۾ نظر اچي رهي هئي. منهنجو ڪنڌ مٿي هجڻ ڪري پڪ پوڙهي سوچيو هوندو ته چانٺ تي بيٺل شخص وڏو مغرور آهي، پر ان مغرور پوڙهي کي ڪهڙي خبر ته محبوبائن لاءِ ڳاٽ اونچا ڪري بيٺل شخص جا ڪنڌ ائين جهڪيل هوندا آهن جيئن اڏيءَ تي ڪات جو انتظار ڪندا هجن.
    “روحانا” منهنجي محبوبا، جنهن سان عشق ٿيو ته لڳو پهريون دفعو ڪمري ۾ بلب ٻريو هجي. منهنجو وقت اوندهه ۾ گذرڻ ڪري اکيون ننڍيون ۽ دل وڏي آهي. ٻاهر اوندهه هجي ته اندر روشنيءَ سان ڀرجي ويندو آهي. منهنجي دل سان اوندهه جا ڪرڻا ٽڪرائجي موٽ کائي رهيا هيا ته روشنيءَ ۾ روحانا جو چهرو ٺهي رهيو هيو. مان تعليم، نوڪري، روزگار ۽ هر شيءِ ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو ڇو جو عشق ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن “روحانا” زندگيءَ م داخل ٿي ته پوڙهي جي ويل چيئر پويان چار پٽ هيا، پوءِ مون کي پٽ ڄايو اهو وڏو ٿيو، ٻيو پٽ ڄايو، وڏو ٿيو. ٽيون پٽ ڄايو، وڏو... مان پٽن سان در جي چانٺ تي بيٺل هوندو هيس ته پوڙهي جي ويل چيئر پويان چار پٽ هلندا هيا، ويل چيئر ائين هلندي هئي جيئن ان ۾ پوڙهي جو روح سمائجي ويو هجي، اها پوڙهي جي جسم جو حصو هجي، ان جون ٻانهون ويل چيئر جون ٻانهون هجن ۽ ڄنگهون ويل چيئر جا ڦيٿا جيڪي ائين ڦرندا هيا جيئن پوڙهو وقت جي مدار ۾ گردش ڪندو هجي.
    مان ڊڄڻو آهيان، آئيني کان انڪري ڊڄندو آهيان جو پاڻ جهڙو ٻيو ڏسي نه سگهندو آهيان. پاڻ تي رحم ايندو آهي ڇو جو زندگي بي رحم آهي، گهڻا ڏک پيئڻ ڪري ڳوڙهن جو لوڻ ڇڊو ٿي چڪو آهي. انڪري سمنڊ جا ڪنارا وڻندا آهن.
    اهو پراسرار پوڙهو پٽن سان روز رات جو گشت ڪندو رهيو، نه ان ڪڏهن سلام ڪيو نه مون، نه ان ڪڏهن نهاريو، نه مون، جڏهن به ان کي اوڀر کان ايندي ڏسندو هيس ته منهن اولهه ڏي ڪري ڇڏيندو هيس، جيئن کيس چوندو هجان “تون سج اڀرڻ جو انتظار ڪر، مان سج لهندي ڏسان ٿو.”
    پوءِ سج چڙهيا ۽ لٿا، پوڙهي جا ٻه پٽ بچيا، روحانا ستن پٽن ۾ روح ورهائي دنيا مان راهي ٿي وئي. اهي سرءُ جا ڏينهن هيا ۽ روحانا جو جسم هيڊو هيو. عربيءَ ۾ رت کي دم چوندا آهن ۽ اسين باهه هلڪي ڪري دم ڏيندا آهيون. جڏهن دم ڌڻيءَ حوالي ڪبو آهي ته دم تي رکيل چانور تڏي تي ويٺلن ۾ ورهائبا آهن. ان کان وڌيڪ ڪهڙي چوڻي ٿي سگهي ٿي ته “دم ڌڻيءَ حوالي، دم تي رکيل ماڻهن حوالي”
    خدا دم ۽ دعائون قبول ڪندو آهي، خدا دعا نه ڪندو آهي ڇو جو هڪ آهي. خدا نصيحت ڪندو آهي. اسين نصيحت تي عمل ڪري صلاحون ڏيندا آهيون ۽ صلاحن تي عمل ڪري وري نصيحت ڪندا آهيون.
    روحانا دنيا ۾ نه رهي سندس روح جون ست پتيون رهجي ويون. ڄڻ عيدالاضحيٰ هئي. مون ميرا ڪپڙا پائي ستن پٽن سان جنازي نماز پڙهي، عيد تي ماڻهو قبرستان ويندا آهن، مان به ويس، روحانا کي دفنائي موٽيس ته ڏاڙهي اڇي ٿي وئي.
    منهنجا ست پٽ جوان ٿي چڪا هيا، هڪ کي مڇون هيون، ٻئي کي نه هيون، ٽئين کي ڏاڙهي هئي، چوٿين کي نه هئي، پنجين کي نه ڏاڙهي هئي نه مڇون. ڇهين کي ڏاڙهي به هئي ته مڇون به ۽ ستين کي ڏاڙهي مڇن ۾ دير هئي.
    وقت ائين گذري ويو جيئن ڌوڙ اڏامي وئي. ڪک اڏامي ويو. سڪل پن اڏامي ويو. رسي تان رئو اڏامي ويو. روحانا جو رئو، سيفون جنهن مان سندس ڳل ڏسبا هيا، ناسي ڀورا، پاسي جي اڌ مرڪ جنهن ۾ زندگي جاڳندي هئي. روحانا روح مان ٺهيل هئي، جسم مان هيس ۽ جسم جيئري دفن ٿي ويو.
    ست پٽ جوان ٿيا ته روز لنگهيندڙ پوڙهي پويان هڪ پٽ بچيو، منهنجي لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي ته گذريل سٺ سالن اندر پوڙهي جي منهن ۾ ڪو فرق نه پيو هيو. ساڳيو ڪاٺ مان ٺهيل بند دروازي جهڙو منهن ۽ وات کي تالو، ان جو آخري پٽ گيتلو گسائيندو ويل چيئر پويان ائين هلي رهيو هيو جيئن گوشت جو گڏو هجي. حياتي مقرر آهي پر بي جان امر آهن. پٿر مرندو نه آهي، سون سڙندو نه آهي. پٿر کي پاڻيءَ جي دل هجي ها ته ڦسي پوي ها. ڪوئو پهاڙ ٽڪي پناهه وٺي ٿو. موت ڪوئي تي ايندو پهاڙ تي نه، پٿر ۽ پهاڙ مرن ها ته کين انسانن اندر دفنائيو وڃي ها.
    منهنجي عمر جڏهن پنج سال هئي ته ستر سالن جي پوڙهي کي ساڳي حالت ۾ ڏٺو جيئن پنهنجي عمر جي ستر سالن ۾ ڏسي رهيو هيس، دل چاهيو سندس ويل چيئر روڪي عمر جو راز پڇي سگهان. هڪ ڏينهن پڪو پهه ڪيو ته پوڙهي کان ضرور پڇندس، پر پوءِ مون تي اڌ رنگي حملو ڪيو ۽ پوڙهي کان پڇي نه سگهيس.
    مان اڌ رنگي جو مريض کٽ تي پيو هوندو هيس، اڌ رنگي جو مريض اڌ مئل ۽ اڌ جيئرو هوندو آهي. ان جو جيئرو پاسو مئل کي سهارو ڏيندو آهي. ڪجهه ڏينهن گذريا گهڻي سمهڻ ڪري کڙين ۽ پاسن کان زخم ٿي ويا. ڊاڪٽر جي چوڻ تي هڪ ويل چيئر جو اهو سوچي بندوبست ڪيو ويو ته مون کي پٽ روز رات جو سير ڪرائيندا، ائين ڪرڻ سان من جي مونجهه گهٽبي ۽ طبيعت ۾ سڌارو ايندو.
    نيٺ هڪ رات منهنجا پٽ ويل چيئر تي ويهاري روڊ تي وٺي آيا، هر طرف ڪوهيڙو ۽ اوندهه ڇانيل هئي. ويل چيئر ائين هلڻ لڳي جيئن ان جي ڦيٿن ۾ توانائي اچي وئي هجي. منهنجا پٽ ڏک کان خاموش ڪنڌ هيٺ ڪري پويان هلڻ لڳا. بيماريءَ ڪري صفا پوڙهو ٿي ويو هيس، هڪ هٿ ويل چيئر تي رکيل هيو ۽ اڌ رنگ سبب ٻيو هٿ جهول ۾ پيل هيو جنهن جون آڱريون ٽيڙيون هيون. گهڻن ڏينهن کانپوءِ تازي هوا ڪري دل کي راحت محسوس ٿي ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. جڏهن دل راحت سان ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هجن ته اهو درد جو عروج هوندو آهي. درد جو زوال موت کانسواءِ ڪو به نه آهي. منهنجا پٽ خاموشيءَ سان ويل چيئر پويان پئي آيا ۽ مان ڪنهن ڪاٺ جي در جيان بند وات کي تالو هڻي ويٺل هيس.
    ڪوهيڙي ۾ پريان ساڳي پوڙهي جي ويل چيئر ظاهر ٿي جنهن تي اڪيلو ويٺل هيو، چانڊوڪيءَ ۾ وڻن جا پاڇا روڊ سان گسي رستو صاف ڪري رهيا هيا، منهنجن ڳوڙهن ۾ ستارن جون چڻنگون دکي رهيون هيون. مان ڌڌلڪين نظرن سان پوڙهي کي ايندي ڏٺو، ان پويان ڪو به موجود نه هيو. مون ان کي روڪڻ چاهيو پر هٿ کڻي نه سگهيس. ڳالهائڻ چاهيو پر چپ چوري نه سگهيس. جڏهن صفا سامهون آيو ته سندس ويل چيئر رڪجي وئي. مان ته ڳالهائي نه سگهيس پر ان ڳالهايو “ننڍي هوندي کان توکي ان حال ۾ ڏسندو آيو آهيان، مان توکي سڃاڻان ٿو، ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ ياد رک، تنهنجي وجود جو اڌ حصو منهنجو ۽ منهنجي وجود جو اڌ حصو تنهنجو آهي.” ان چيو ۽ هليو ويو.
    مان هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهيس، منهنجا پٽ بت بنجي ويا ۽ اڌ رنگو سڄي جسم تي حاوي ٿي ويو.


    انبن جي موسم جو لوڪ گيت

    اڃا انب لٿا نه هيا. سيٺ آندل جي انبن جا باغ ايڪڙن ۾ ڦهليل هيا. نظر جي حد تائين انبن جا وڻ هيا ۽ انهن تي ويٺل ساوا طوطا، جيڪي هڪ ٻئي کي انبن جي موسم اچڻ تي واڌايون ڏئي رهيا هيا.
    سيٺ آندل نه ڪڏهن خيرات ڏني، نه ڪڏهن زڪوات ڪڍيائين، هو ترڪي ٽوپي پائيندو هيو ۽ عينڪ جي ٿلهن شيشن مان ان جون اکيون وڏيون ۽ خوفائتيون ڏسبيون هيون. مڇون واڇن کان هيٺ وات چوڌاري وريل هيون ۽ متاري جسم تي سنهي ململ جي چولي هيٺان وڏي سٿڻ پاتل هوندي هئي.
    اها ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌوءَ تي بئريجون نه ٻڌيون ويون هيون. سانوڻ ۾ سنڌوءَ کي روڪڻ وارو ڪو به نه هيو. پاڻيءَ کي جيڏانهن پڄندو هيو، رستو ٺاهي هر شيءِ کي ٻوڙيندو هليو ويندو هيو.
    ڪچي جي زمين ۾ پوکيل هر شيءِ پاڻيءَ ۾ لڙهي ويندي هئي. سنڌو پاڻ سان گڏ، هنداڻا، گدرا، ڪدو، ڀينڊيون، توريون، ڪريلا ۽ هر شيءِ وهائيندو وٺي ويندو هيو.
    جتي غريب آباد جو محلو آهي، اتي ڪڏهن غريب ماڙيچن جو ويڙهو هوندو هيو. ماڙيچن جي ان ويڙهي ۾ ملائي ڪل سورهن گهر هيا. اهو سڏبو ته ماڙيچن جو ويڙهو هيو پر ان ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهندا هيا. جن ۾ مائي موليڏني به هئي. موليڏني صبح سان ڇلي کڻي بازار ويندي هئي ۽ سبزي مارڪيٽ جي اڇلايل گند مان اڌ ڦٿل ٽماٽا، بصر، پالڪ جا ڪومايل پن ۽ ڳاڙهن ٻجن وارا ڪريلا چونڊي ايندي هئي. اها ننڍي قدر واري عورت، جنهن کي سڀ پيار مان “ناني” چوندا هيا، لڳ ڀڳ ستر سالن جي هئي. هر حال ۾ خوش رهندي هئي، قربائتي هئي، سندس کاڏي اڳتي نڪتل هوندي هئي ۽ زبان ايڏي ته ڊگهي هئي جو وات مان ڪڍي ڦيرائي نڪ تي رکندي هئي. خوش ٿي ڳلي تي زور ڏئي کڳيون هڻندي هئي ۽ تاڙي وڄائي نچندي هئي.
    ويڙهي ۾ پنج گهر لنگهن جا هيا جيڪي شادين مرادين ۾ دهل وڄائي پيٽ گذر ڪندا هيا. انهن مان دهلاريءَ کي ڇڏي باقي ٻين جا پوپليون ۽ شهنائيون وڄائڻ ڪري ڳلا سجيل هوندا هيا. اتي هڪ گهر ۾ کدڙو رهندو هيو جيڪو شهر ۾ “بجلي” جي نالي سان مشهور هيو. باقي گهر بي روزگارن جا هيا، انهن ۾ سورهن سالن جو خادم به هيو جيڪو سڄو ڏينهن سينيمائن تي رلندو هيو ۽ ڪڏهن ڪا هلڪي ڦلڪي چوري ڪري وٺندو هيو.
    شهر جي آدمشماري ايتري نه هئي، ٽاڪرو علائقو آباد هيو، هيٺ زمينون ۽ باغ هيا، ماڙيچن جي ويڙهي جا اهي ماڻهو شهر کان ايندي انبن جي باغن کان ٿيندا ويڙهي ڏانهن ورندا هيا.
    مائي موليڏني ڦٿل سبزي ميڙي ڇليءَ ۾ وجهي جڏهن آندل جي باغ اڳيان لنگهي ته ان کي اتي بيٺل ڏٺائين، وڌي ان وٽ وئي ۽ عرض ڪيائين
    “سيٺ هڪ انب ته ڏي کائي توکي دعا ڪريان”
    مائيءَ جي ائين چوڻ سبب آندل تپي باهه ٿي ويو.
    “مائي منهن ٿي انب جهڙو، وڃ وڃي ڦٿل وانگڻ کاءُ، اجايو ڇو ٿي پنهنجي پيٽ ۾ سور وجهين؟”
    مائي صفا هيسجي وئي.
    “اڙي ابا سيٺ” هن عاجزيءَ مان عرض ڪيو “سڄي سال ۾ اهي ٽي مهينا ته اچن ٿا، ڇو ٿو نهڪر ڪرين؟ هيڏا باغ ڏنا ٿي الله، هڪ ڏيندي ته ڪهڙو فرق پوندو تنهنجي خزاني ۾؟”
    سيٺ صفا وڙهڻ تي لهي آيو.
    “هل هل ته هڻانءِ نه موچڙا” ان چيو “اجايو مٿو نه کاءُ”
    مائيءَ هن کي بددعا ڏني.
    “اڙي شل آنڌي اچي، ڪو مينهن وسي، ڪا ٻوڏ اچي، رب ڪندو ته تنهنجا انب لڙهي ويندا”
    مائي هلي وئي ۽ سيٺ هن پويان ويچارا ڏئي مڻ مڻ ڪرڻ لڳو.
    “آنڌي ايندي، مينهن وسندا، ٻوڏ ايندي، آئي آهي عامل ڪامل”
    ناني هيٺ ڪنڌ ڪري هلي وئي پر رولاڪ خادم جڏهن رات جو سينيمائن تان موٽيو ته باغ وٽان لنگهندي هن جي نظر انبن تي پئي، اهي رستي جي ڀڪ ۾ لڙڪي رهيا هيا. هن لوڙهو ٽپي جيئن پٽڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوندهه ۾ ڪتا ڀونڪيا، خادم جلدي ڪئي، تڪڙ ۾ هن کي هڪ انب هٿ ۾ آيو ۽ وٺي ڀڳو. ڪتا لوڙهو ٽپي هن پويان ويا ۽ سيٺ آندل ڪتن جي ڀونڪ ٻڌي لٺ کڻي ٻاهر نڪتو. ڪتا خادم کي ڊوڙائيندا ويڙهي تائين آيا. خادم ويڙهي ۾ وڃي ٻاهريون در بند ڪري ڇڏيو. ڪتا در تي بيهي ڀونڪڻ لڳا. سيٺ آندل به اچي در تي پهتو.
    “اڙي ڪڍو ان کي ٻاهر” سيٺ آندل در تي بيهي دڙڪو ڏنو.
    ويڙهي جا ٻه چار ماڻهو ٻاهر آيا ۽ انهن سيٺ سان ڳالهايو.
    “خير ته آهي سيٺ؟” لالڻ لنگهي هن کي پڇيو “اسان مان ڪا تڪليف پهتي اٿئي؟”
    سيٺ لٺ سان ڀونڪندڙ ڪتن کي چپ ڪرائيندي چيو “تڪليف کي وجهه ڌوڙ، انب واپس ڪيو”
    سڀ هڪا ٻڪا ٿي ويا.
    “ڪير پٽي آيو انب؟” انهن مان هڪ سوال ڪيو.
    “توهان جو ڇوڪر” هن چيو “ڪڍوس ٻاهر”
    خادم ويڙهي ۾ وڃي ڪوٺيءَ اندر ڪاٺ جي صندل هيٺان چاڏيءَ جو ڍڪ لاهي انب ان ۾ لڪائي ڇڏيو. خادم ٻاهر آيو ۽ پنهنجي بي گناهيءَ جا ثبوت پيش ڪرڻ لڳو.
    “سيٺ ڌڻيءَ جو قسم آهي، مون انب چوري نه ڪيو، ڇڙو لوڙهي وٽان لنگهيم ته ڪتا ڪڍ پيا”
    سيٺ نه مڙيو، زور ڀرڻ لڳو.
    “چوانءِ ٿو انب ڏي نه ته سٺو نه ٿيندئي”
    خادم آخر تائين ڪوڙا قسم قرآن کڻي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انب واپس نه ڪيو. سيٺ اها ڌمڪي ڏئي واپس موٽيو ته “انب واپس ڪيئن نه ڪندين، اهو ته تنهنجي ناني به واپس ڪندي”
    ناني جنهن جي ڪوٺي ويڙهي جي در ڀرسان هئي، کٽ تي ليٽي اهو سڀ ٻڌو پئي، ان سيٺ جي ڌمڪيءَ تي هٿ ڪنن تي رکيا ۽ نڪ ڇهي توبهن توبهن ڪئي.
    “رب ڏين به اهڙن کي ٿو جن کان وٺڻ به مشڪل، بيپرواهه بادشاهه آهين، اسين ڪير آهيون ليڪي ۾ پير پائڻ وارا”
    پوءِ نانيءَ کي ننڊ اچي وئي ۽ انب جهڙن مٺن خوابن ۾ گم ٿي وئي، آنڌي آئي، وڏ ڦڙا وسيا، ايڏا مينهن وسيا جو وڏڙن کي مثال نه پئي مليو. مها ٻوڏ آئي ۽ سيٺ آندل جا سڀ انب ڇڻي لڙهي ويا. ٻوڏ جو زور اتر کان ڏکڻ طرف هيو. جنهن ڪري شهر جا پهاڙي حصا ۽ اولهه جي مٿاهينءَ وارا علائقا محفوظ رهيا. ماڙيچن جو ويڙهو بچي ويو. شهر جي هيٺائينءَ وارن علائقن جا ماڻهو ٽپڙ کڻي پهاڙيءَ طرف ڀڳا ۽ سڄو علائقو جل ٿي ويو.
    سنڌو انبن سان ڀرجي ويو. پيلا، ڳاڙها، ساوا انب لڙهندا پئي ويا. شهر وارن ڏٺو اتي هر قسم جا انب هيا، لالپٽا، سنڌڙي، فجري، طوطا پوري، لنگڙا، دسهري، الماسي، سدا گلاب، چوسا ۽ انور رٽول، جيڪي پاڻيءَ ۾ ائين ترندا پئي ويا جيئن هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. سڀني ڪنارن سان بيهي جهوليون ڀريون.
    اهو ماڙيچن جي ويڙهي جو نوجوان “خادم” هيو جيڪو سڀ کان پهريون انبن جي جهول ڀري ويڙهي ۾ داخل ٿيو ته سڀني جي منهن تي سرهاڻ اچي وئي. ناني موليڏني جيڪا ڪوٺيءَ ۾ سمهيل هئي تڪڙ ۾ ٻاهر نڪتي، ڏهٽي جي جهول ۾ انب ڏسي کيس چپن تي مرڪ اچي وئي. پوڙهيءَ جون دونهاٽيل اکيون چمڪڻ لڳيون. هن خوشيءَ مان ڊگهي زبان ڪڍي نڪ تي رکي ۽ پوءِ نڙيءَ تائين زور ڏئي کڳيون هنيون، هن جو پوڙهو آواز جوان ٿي ويو ۽ ڳائڻ لڳي.


    آندل جي باغ جا انب آڻي ڏيندو،
    کٽا هوندا ڪين وڻندا مٺا آڻي ڏيندو.

    “بجلي” انبن جو نانءُ ٻڌي جسم لوڏيندو ٻاهر آيو ۽ لنگهن دهل وڄائي پوپلين تي زور ڏنو، شهناءِ وڳي ته مينهن تيز ٿي ويو. وڏ ڦڙو مينهن گجگوڙ ڪندو شهر تي ڪاهي پيو ۽ ويڙهي وارا گڏجي وڏي پڌر ۾ نچي ڳائڻ لڳا.

    سانوڻ ايندو انب ته ڇڻندا،
    مارو چونڊي چونڊي کڻندا.
    ڪيڏا مينهن وٺا آڻي ڏيندو،
    آندل جي باغ جا انب آڻي ڏيندو،
    کٽا هوندا ڪين وڻندا، مٺا آڻي ڏيندو.

    نظر جي حد تائين پاڻي ئي پاڻي هيو، آسمان مان ڪرندڙ پاڻي، ڌرتيءَ تي ٻوڏ جي صورت ۾ وهندڙ پاڻي، سنڌوءَ جي وچ ۾ ڪچو ۽ سنڌوءَ کان ٻاهر پڪو، سڀ ٻڏي هڪ ٿي ويا. سيٺ آندل قرآن ڪڇ ۾ ڪري چُن جي پهاڙ تي چڙهي بيهي رهيو.
    “او رب رحم ڪر”
    ان هر هر هٿ کڻي پئي پڪاريو.
    “هن آفت کي روڪ، منهنجا انب لڙهي ويا.”
    هن جي ٻاڏائڻ تي آسمان ۾ تيز وڄ چمڪي، ٺڪاءُ ٿيو ۽ وچ پاڻيءَ ۾ ڪري وسامي وئي.
    ويڙهي ۾ ڀاڄائيءَ خادم جي جهول مان انب کنيو ۽ جيئن کائڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس محسوس ٿيو انب نرم آهي، ان خراب منهن ڪري خادم کي ڏٺو ۽ پوءِ چيو.
    “ڦٿل هوندا، ڪير کائيندو؟”
    ناني کڳيون هڻندي هن سامهون آئي ۽ چيائين
    “ڇوري تنهنجو ڏير کائيندو.”
    سڀ کلڻ لڳا ۽ “بجليءَ” وچ ۾ ٽپو ڏنو، چيلهه لوڏيندي چيائين:

    سهڻو چونڊي، سٺا آڻي ڏيندو،
    آندل جي باغ جا انب آڻي ڏيندو،
    کٽا هوندا ڪين وڻندا مٺا آڻي ڏيندو.

    مينهن ست ڏينهن مسلسل وسيو، آسمان ڪارو ٺڪر ٿي ويو، ائين ٿي لڳو ڄڻ سج جو وجود ئي نه آهي. هوا ٿي لڳي ته وڻ نه پئي لڏيا، وڻ پاڻيءَ ۾ غرق هيا، انهن جون چوٽيون ڪٿي ڪنهن ٻوٽي جيان ٿي ڏٺيون، سيٺ چن جي پهاڙ تي قرآن ڪڇ ۾ ڪري روئيندو رهيو، هن جي وڏي پيٽ جو گهرو دن پريان پئي نظر آيو، ست ڏينهن ساندهه هن جي باغ جا انب سنڌوءَ ۾ لڙهندا رهيا، سنڌو ست ڏينهن هن جي انبن سان ٽمٽار رهيو، ماڻهو جهوليون ڀري، کارا ڀري کڻي ويا. ماڙيچن جي ويڙهي جي بي روزگار نوجوانن وس ڪيا، انهن زندگيءَ ۾ اهڙو مزو ڪڏهن ڪين ڏٺو هيو. مفت جا ايڏا انب ڪڏهن ڪين چکيا هيا. اهي گڏهه گاڏا ڀري ويڙهي ڏي روانا ٿيا. سڄو ويڙهو انبن سان ڀرجي ويو. ويڙهي ۾ کٽون، تختا، گنديون، ٻوريون، ٻاچڪا، ٿالهه، پنڊيون، انگوڇا ۽ پوتڙا سڀ انبن سان ڀرجي ويا. ربن بي روزگار صفا سجي پيو. انب چوسي پنهنجي بي سري آواز ۾ ڳائڻ لڳو.

    هڪ نه ڏيندو، ٻيهر ويندو،
    ٻه نه ڏيندو ، ٽيهر ويندو.

    ويڙهي جي سُريلي عورت شهناز جيڪا شادين مرادين ۾ ڳائيندي هئي، ان ربن بي روزگار جي وات تي هٿ رکيو جيئن وڌيڪ بي سري آواز ۾ نه ڳائي، پاڻ سريلي آواز ۾ ڳائڻ لڳو.

    چونڊي چڱا ڪٺا آڻي ڏيندو،
    آندل جي باغ جا انب آڻي ڏيندو،
    کٽا هوندا ڪين وڻندا مٺا آڻي ڏيندو.
    نانيءَ جي هٿ ۾ سائي انبڙي اچي وئي، جنهن کي چڪ هڻي، زبان سان چٽڪو وڄائيندي، اها سائي انبڙي عمر دراز جي گهر واريءَ کي ڏني، جيڪا اميد سان هئي ۽ پوءِ چيو.

    سايون انبڙيون، کائن ڳورهاريون،
    کٽيون مٺيون، ڪچيون ڪساريون.

    نانيءَ خادم جي ڳٽي تي پيار مان چمي ڏني ۽ راڳ اڳتي وڌائيندي چيو.

    پاڻ کي پيلا پٺا آڻي ڏيندو.

    ماڙيچن جي ويڙهي جا سڀ ڀاتي انب کائي تاڙيون وڄائي ڳائڻ لڳا. لنگهن پوپلين ۽ شهناءِ تي زور ڏنو، دهلاريءَ جي هر ڌڪ تي ڄڻ دهل مان وڄ پئي چمڪي.

    آندل جي باغ جا انب آڻي ڏيندو،
    کٽا هوندا ڪين وڻندا مٺا آڻي ڏيندو.

    رات گهري ٿي چڪي هئي، مينهن ٿورو گهٽجي چڪو هيو. ويڙهي جا سڀ ڀاتي نچي ٿڪجي چڪا هيا، نانيءَ ڏٺو ويڙهي جي هر شيءِ انبن سان سٿجي چڪي هئي، وڌيڪ رکڻ جي جاءِ نه هئي. ناني ڏاڍي خوش ٿي، هن هٿ کڻي رب جا ٿورا مڃيا.
    “ڌڻي واهه جو مزو ڪرائي ڇڏيئي، ڏاڍا سٺا انب کارايئي، ايندڙ موسم جي پارت اٿئي.”
    سيٺ آندل چن جي پهاڙ تي بيهي رب کي پاراتا ڏيڻ لڳو.
    “رب سٺو نه ڪئي، ڪک نه رهيو، صفا سڃو ٿي ويس.”
    جڏهن سڀ ٿڪجي رات جو دير سان سمهيا ته نانيءَ کي به ننڊ ورائي وئي.
    صبح جو سوير ويڙهي جو ٻاهريون در کڙڪيو، نانيءَ جي اک کلي وئي. کٽ تان اٿي ڪڙو لاهي در کوليائين، ڏسي کيس اکين تي اعتبار نه آيو، اتي سيٺ آندل هيو، ميرا ڦاٽل ڪپڙا، ترڪي ٽوپي جنهن جو رنگ ڳاڙهي مان ناسي ٿي چڪو هيو. پيرين اگهاڙو، بي ترتيب مڇون ۽ مسڪين منهن تي وڌيل اڇي ڏاڙهي. ان نانيءَ کي ڏسي ڏکايل آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو.

    امڙ منهنجي قسمت کوٽي
    تنهنجي در تي آيس موٽي
    ڪيڏا سور سَٺا آڻي ڏيندو
    آندل جي باغ جا انب آڻي ڏيندو
    کٽا هوندا ڪين وڻندا مٺا آڻي ڏيندو

    “اڙي سيٺ ايڏو اداس ڇو آهين؟” نانيءَ چيو “ڏيڻ وٺڻ واري رب جي ذات آهي.”
    سيٺ آندل شرمندو ٿيو، ان ڪنڌ هيٺ جهڪائي چيو.
    “ناني سڀ انب لڙهي ويا، مان فقير ٿي ويس، کائڻ لاءِ هڪ انب به نه بچيو.”
    نانيءَ هن ڏي رحم جي نظرن سان ڏٺو.
    “پوءِ مان ڇا ڪيان؟”
    سيٺ آندل جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    “هڪڙو انب ڏي ته کائي توکي دعا ڪريان.”
    نانيءَ هن ڏي حيرت مان ڏٺو. سيٺ وري عرض ڪيو.
    “موٽائجاءِ نه، ڏاڍو بکايل آهيان.”
    نانيءَ هن کي دلجاءِ ڏني.
    “تون مون کي موٽائيو هيو پر مان توکي نه موٽائيندس.”
    نانيءَ سوچيو سيٺ تي احسان ڪرڻ لاءِ پال وڌل سٺو انب ڏيندس. هوءَ اندر وئي، ڪاٺ جي صندل هيٺان پيل چاڏيءَ مان انب ڪڍي ٻاهر آئي. سيٺ جهول جهلي. نانيءَ انب سيٺ جي جهول ۾ وجهي ڇڏيو. سيٺ آندل ڪنڌ نوائي ٿورا مڃيا. واپس مڙيو، مرڪندو، آهستي آهستي هلندو هن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو.
    ناني اندر آئي ۽ ويڙهي جو جائزو ورتائين. سڄي ويڙهي ۾ سڃ لڳي پئي هئي. ڪٿي به انب جو نانءُ نشان نه هيو. کٽون، تختا، گنديون، ٻوريون، ٻاچڪا، ٿالهه، پنڊيون، انگوڇا ۽ پوتڙا سڀ خالي هيا. ڪا آنڌي نه آئي هئي. ڪو مينهن نه وسيو هيو. ڪا ٻوڏ نه آئي هئي. ويڙهي وارا سڀ آرام ۾ هيا. اهو ڏسي نانيءَ جا ٺپ ٺري ويا. خادم ننڊ مان اٿي اکيون مهٽيندو ڪوٺيءَ ۾ ويو. ڪاٺ جي صندل هيٺان چاڏي ڪڍي چورايل انب ڳولهيائين. اتي ڪاريءَ وارا ڪک هيا. چاڏيءَ مان هٿ ڪڍي نانيءَ وٽ آيو ۽ ڪاوڙ مان پڇيائين.
    “ناني انب ڪاڏي ويو؟”
    ناني صفا منجهي پئي، سوچيائين الاءِ خادم وڙهندو نه، پوءِ ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين.
    “پٽ اهو سيٺ آندل موٽائي وٺي ويو.”


    عبدالله افغانيءَ جون ٻڪريون

    ماڻهن لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي ته عبدالله نسوار نه کائيندو هيو، هن ننڍي هوندي نسوار کاڌي هئي جيڪا کيس ظاهر شاهه جي طنبيلي ۾ ڪم ڪندڙ گهوڙن جي هڪ مالشيءَ کارائي هئي. جنهن کان پوءِ هن کي ڪڏهن نسوار جو ذائقو سٺو نه لڳو. جڏهن ڪچڙي عمر جو هيو ۽ کيس چپن تي سانول نروار ٿي تڏهن کيس پست جا گُل ڏاڍا وڻندا هيا، هو چوندو هيو.
    “پست جي گل ڏسڻ سان ايترو ته نشو طاري ٿئي ٿو جيترو پست پيئڻ سان به نه”
    نظر جي حد تائين گلابي رنگ جا دلفريب گل لهرائيندا هيا جيڪي پريان ڦهليل سرسبز پهاڙن جي هنج ۾ ڏاڍا خوبصورت نظر ايندا هيا. تن ڏينهن نشو پست ۾ نه پر ڪابل درياهه جي پاڻيءَ ۾ هوندو هيو جيڪو ندين نالن مان وهندو انهن کي سيراب ڪندو هيو.
    ظاهر شاهه معزول ٿيو. جڏهن دائود آيو ته گاديءَ جي هنڌ جا سڀ دائودي مرجهائجي ويا، ڄڻ انهن احتجاج ڪيو ته اسان جي هوندي هن جي ڪهڙي ضرورت هئي جنهن جي مٿي جا وار پيدائشي کٿل آهن.
    تن ڏينهن ڪابل ۾ ٽي گتا کليا جن ۾ ووڊڪا تي پنجاهه سيڪڙو سيل هڻي وڪيو ويو. نسوار کائيندڙ افغاني ووڊڪا هضم نه ڪري سگهيا. جنهن ڪري گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي. افغاني ڀائرن جي مدد لاءِ اسلام آباد کان پڻ ڊاڪٽرن جي اهڙي ٽيم موڪلي وئي جنهن کي ان بيماريءَ جي علاج جو ڪو به تجربو نه هيو. اها ساڳي ٽيم هئي جنهن واپسيءَ ۾ جنرلن کي رپورٽ پيش ڪندي چيو هيو ته “افغانستان ۾ ڦهليل اها بدهضميءَ جي بيماري ووڊڪا پيئڻ جي ڪري نه پر ڪميونزم جي ڪري آهي، جنهن کي افغاني هضم نه ڪري سگهيا آهن.”
    انهن ڏينهن عبدالله شادي ڪئي ۽ ڏاج ۾ هن جي زال ست ٻڪريون کڻي آئي. ستن ئي ٻڪرين جي ٻوٿ تي ڏاڙهي هئي. ڪابل ٻاهران سرسبز پهاڙين تي ٻڪريون چاريندي هو ڪڏهن ڪنهن ٻڪريءَ کي جهلي ان جي ڏاڙهيءَ کي هٿ لاهي چوندو هيو.
    “واهه رب ايمان ڏيڻ تي اچين ته جانورن کي به انسانن جهڙو افضل بڻائي وجهين.”
    عبدالله کي جڏهن ستون پٽ ڄايو ته هن ستين ٻڪري وڪي کيس هر ٻار تي هڪ ٻڪري وڪڻڻي پئي. ڪابل ۾ ڪمائيءَ جو ڪو ذريعو نه بچيو هيو. سوويت يونين جي هٿ چراند کانپوءِ ماڻهن جون دليون نفرت جي باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي چڪيون هيون.
    “ايمان بچايو... اسلام بچايو. ڪافر توهان جي گهرن ۾ گهري آيا آهن... مسئلي جو هڪڙو ئي حل... جهاد... جهاد ۽ صرف جهاد”
    جڏهن عبدالله آخري ٻڪري وڪڻي زال سان وري ڪڏهن نه سمهڻ جو قسم کنيو ته هن وٽ کيسي ۾ ٻار جي کير جيترا پئسا به نه هيا.
    بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي عبدالله پست جي ٻنين ۾ ڪم شروع ڪيو. هو جڏهن ڏوڏيءَ کي ڇيهه ڏيندو هيو ته محسوس ڪندو هيو جيئن زال تي تشدد ڪندو هجي. کير ڦوهارا ڪري وهندو هجي. پوک ٻاهران ڪجهه مزدور ڏوڏين جي کير مان هيروئن ٺاهيندا هيا. عبدالله ٺهندڙ هيروئن کي ڏسي چوندو هيو.
    “واهه مالڪ واهه، جانورن جي کير مان مکڻ ۽ پنير ٿو عطا ڪرين، ڏوڏين جي کير مان هيروئن! مرضيءَ جو مالڪ آهين، مارين يا جيئارين.”
    جڏهن سوويت يونين کي شڪست آئي ۽ احمد شاهه مسعود گن کڻي سڙندڙ فوجي ٽرڪن پويان لڪندو ڪابل جي گهٽين ۾ داخل ٿيو ته حڪمت يار چاليهه ڪلوميٽر پري منڊڪائيندو اچي رهيو هيو. رباني ان وقت ڪنهن گمنام هنڌ شهيد ٿيل مسجد ۾ خدا کي فتح لاءِ ٻاڏائي رهيو هيو. ڪابل سڙي رهيو هيو. احمد شاهه مسعود جڏهن صدارتي محل ۾ گهريو ته ڪامريڊ نجيب روسي سفارتخاني ۾ پناهه وٺي پريشانيءَ جي حالت ۾ ڪوٽ جا بٽڻ کولي هڪ ننڍڙي ٽيبل تي ووڊڪا جا ڍڪ ڀري ڪيوبا جو اڻ کٽندڙ سگار پي رهيو هيو. ٿڌ هوندي به پگهر هن جي پيشانيءَ تي چمڪي رهيو هيو. هن جي ڪوٽ جي کٻي کيسي ۾ ريڊ ۽ وائيٽ سگريٽن جو اهو پاڪيٽ موجود هيو جيڪو کيس هڪ پاڪستاني دانشور تحفي ۾ موڪليو هيو ۽ چئورائي موڪليو هيائين ته “ان جو ڳاڙهو پاسو انقلاب ۽ اڇو پاسو استحصال جي ترجماني ڪري ٿو. وڌيڪ پاڪيٽ کولي، سگريٽ دکائي ڪش هڻي آرام سان سوچي سگهين ٿو.”
    اقتدار تي قبضي کانپوءِ جڏهن احمد شاهه مسعود سنڀاليو ته سندس جنگ جي ميدان ۾ گن کڻي ڊوڙندي اهو ٿيلهو ڪٿي ڪري پيو هيو جنهن ۾ “اسلامي آزاد نظمن” جو اهو نوٽ بڪ هيو جنهن ۾ فتح واري رات هن پنهنجو تازو ڪلام لکيو هيو جنهن جو عنوان هيو “اي ڪئميرامين ڪٿي آهين؟”
    اقتدار تي قبضي کانپوءِ مولين سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيو جو ڪامريڊ نجيب کي روسي سفارتخاني مان گهليندا ٻاهر وٺي آيا ۽ هڪ چوسول تي بيهاري پويان هٿ ٻڌي کيس رسي ۾ لڙڪائي ڇڏيائون. تن ڏينهن اخبارن ۾ ڪامريڊ نجيب جو تختدار تي جيڪو فوٽو شايع ٿيو هيو ان ۾ ٻين شرارتي ماڻهن سان گڏ ڪامريڊ جي سگريٽ ڇڪيندڙ لاش پويان جيڪو مرڪندڙ نوجوان بيٺل هيو اهو عبدالله جو وڏو پٽ هيو جنهن جو نالو عبدالرحمان هيو. ان کان اڳ جنهن وقت مولوين روسي سفارتخاني تي قبضي جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هر طرف کان گولين جي ڏي وٺ ٿي رهي هئي. ان وقت عبدالله جو اهو پٽ ننڍن ڀائرن سان سفارت خاني ٻاهران چدن راند کيڏي رهيو هيو. گوليون هلنديون رهيون ۽ اهي چدن راند کيڏندا رهيا. انهن راند ان وقت بند ڪئي جڏهن هڪ هجوم اڳيان ٻه ڏاڙهيءَ وارا ڪامريڊ کي گهليندا ٻاهر وٺي آيا. ڪامريڊ ڌڪن ٿاٻن ۾ ٿيڙ کائيندو اڳتي وڌي رهيو هيو. ان کي چوسول تي صدارتي محل آڏو بيهاري ڪنهن به آخري خواهش پڇڻ کان سواءِ ڳچيءَ ۾ رسو وجهي سٽ ڏئي لڙڪائي بيهي رهيا. ڪامريڊ ائين اکيون ٻوٽيون جيئن کيس ننڊ اچي وئي هجي.
    “ڪافر...” هڪ چيو.
    “ڪميونسٽ... رشي” ٻئي چيو.
    عبدالله جي وڏي پٽ هن جي کيسي ڀرسان وڃي جڏهن تلاشي ورتي ته ان مان ريڊ ۽ وائيٽ جو پاڪيٽ نڪتو. هن هڪ سگريٽ دکائي لڙڪندڙ ڪامريڊ جي لاش جي وات ۾ وڌو. سڀ کلڻ لڳا ۽ فوٽو نڪري ويو.
    عبدالله جي وڏي پٽ عبدالرحمان پورا نوَ سگريٽ پاڪيٽ سوڌا پنهنجي کيسي ۾ لڪايا، اهو پيءُ کان اک بچائي ٻڪرين جي ان واڙ ۾ ويو جتي هاڻي ڦولڻين کانسواءِ ڪجهه نه بچيو هيو. هن پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دکائي چپن ۾ وجهي سوٽو هڻي دونهون ڇڏيو ته دونهون ناسون هڻندو جاري کان ٻاهر نڪتو. عبدالله اها بوءِ سڄاڻي ويو، اها ڪفر جي بوءِ هئي جيڪا سوويت سپاهين جي وات مان ايندي هئي. هو اٿيو ۽ عبدالرحمان جي مٿان وڃي بيٺو.
    “اهو مونکي ڏي نافرمان اولاد” هن چيو “ سڄو ڏينهن وتين ٿو رلندو ۽ ڪافرن جون شيون واپرائيندو.”
    هن پٽ کان سگريٽ وٺي، ٽڪر ٽڪر ڪري ائين اڇلايا جيئن سوويت يونين ذرا ذرا ٿي ويو.
    هڪ ڏينهن هن ست ئي پٽ ملان عثمان جي مدرسي ۾ داخل ڪرايا ۽ گهڻي عرصي کانپوءِ انهن سان ملڻ ويو ته هن جي حيرت جي ڪا حد نه رهي. سندس پٽ تيزيءَ سان جوان ٿيا هيا. انهن جي چهرن تي ڪاريون ڊگهيون ڏاڙهيون هيون ۽ اهي مذهب سان گڏ وڙهڻ جي تربيت به حاصل ڪري رهيا هيا. جيئن سوويت يونين کان پوءِ آمريڪا کي به مات ڏئي اسلام جو غلبو قائم ڪري سگهن.
    جڏهن طالبان جي حڪومت قائم ٿي ته انهن کي سٺن عهدن تي فائز ڪيو ويو. انهن حوالي اهو ڪم ڪيو ويو ته چورن جا هٿ ڪٽين، زانين کي سرعام سنگسار ڪن ۽ پست جا فصل ناس ڪن.
    عبدالله جا ست ئي پٽ جڏهن واپس موٽيا ته انهن سڀ کان پهريون پست جا فصل ناس ڪيا. اهي ٻنين ۾ گهريا ۽ لٺين سان خوبصورت گلن جي چيلهه ڀڃي وڌي، اهڙو حال ڏسي عبدالله انهن کي روڪيو.
    “اڙي ڇورا! اهو ئي ته آخري روزگار بچيو هيو، توهان کي ان لاءِ پڙهايم ته موٽي اچي پيءُ کي بيروزگار ڪيو؟”
    نائين اليون کانپوءِ آمريڪا حملو ڪيو، هڪ ڏينهن هن جا پٽ گهر نه موٽيا، هن ٻاهر وڃي ڏٺو، ستن ئي پٽن جو رت پيو هيو، هن جي پٽن جا لاش ڪٿي به نه هيا.
    هڪ پٽ جو خون اتي پيو هيو جتي ان عورت کي اونڌو ڪري سرعام ڦٽڪا هنيا ويا هيا جنهن کي فحاشيءَ جي الزام ۾ پڪڙيو ويو هيو. ٻئي پٽ جو خون اتي پيو هيو جتي هڪ پرديدار عورت کي بيهاري ان جا ڊگها وڌيل ننهن اهو چئي ڪٽيا ويا ته اسلام ۾ فيشن حرام آهي. ٽئين پٽ جو خون اتي پيل هيو جتي ڇوڪرين جو ڊٿل اسڪول هيو، جنهن کي اهو چئي بم سان اڏايو ويو ته اسلام ۾ انگريزي تعليم حرام آهي. چوٿين پٽ جو خون نور محمد نانوائيءَ جي ان تنور وٽ پيل هيو جنهن ۾ هڪ ترقي پسند اديب جا ناول اڇلائي ساڙيا ويا، پنجين پٽ جو خون اتي پيل هيو جتي مدرسي جي ان ملان جي مٿي ۽ منهن جا وار ڪوڙي گولي هنئين وئي، جنهن ربانيءَ جي دور ۾ هڪ طالب سان بدفعلي ڪئي هئي، ڇهين پٽ جو خون اتي پيل هيو جتي آذان ملڻ کانپوءِ هڪ معزز ماڻهوءَ کي اهو چئي کيس ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهي مسجد طرف گهليو ويو ته نماز جي وقت اهو روڊ تي ڇو گهمي رهيو آهي ۽ ستين پٽ جو خون ان مسجد وٽ پيل هيو جنهن جي پيش امام اهو چئي هڪ شخص جي جنازي نماز پڙهائڻ کان انڪار ڪيو ته ان جي چهري تي ڏاڙهيءَ بدران رشيد دوستم جهڙيون ٿلهيون مڇون هيون.
    پٽن جو خون ڏسي هو رنو ۽ روئندو رهيو، ڪجهه ماڻهو هن وٽ آيا ۽ کيس دلداري ڏني.
    “عبدالله تنهنجا پٽ شهيد آهن ۽ شهيد جنتي هوندا آهن، ان ۾ روئڻ جي ڳالهه نه آهي توکي خوش ٿيڻ گهرجي ته تنهنجا پٽ جنت ۾ هوندا ۽ سٺي زندگي گذاريندا هوندا!”
    اهڙيون ڳالهيون ٻڌي عبدالله جي دل مطمئن ٿي وئي ۽ هو چپ ٿي ويو.
    صدر حامد ڪرزيءَ جي ڏينهن ۾ هن کي ايترو قرض مليو جو هن وري ست ٻڪريون خريد ڪيون، اهي ٻڪريون سندس پٽن تان قربان ٿيل ستن ٻڪرين جون همشڪل هيون، ساڳي سونهاري انهن جي منهن تي هئي جيڪا ان کان اڳ ستن ٻڪرين جي چهري تي هئي جيڪي هن جي هر پٽ جي پيدائش وقت هڪ هڪ ٿي وڪامي ويون.
    افغانستان جون حالتون ايڏيون ته خراب ٿي چڪيون هيون جو ان جي اڌ کان وڌيڪ آدمشماري پاڪستان جو رخ ڪري چڪي هئي. هن به سوچيو، هو پنهنجن ماساتن ڏي ڪراچيءَ ويندو جيڪي سپر هائي وي ڀرسان افغان ڪيمپ ۾ رهائش پذير هيا ۽ گند ميڙي گذران ڪندا هيا.
    عبدالله ست ئي ٻڪريون ساڻ ڪري زال جي قبر تي آخري دعا گهري جيڪا پٽن جي ڏک ۾ ستت ئي گذاري وئي هئي ۽ پوءِ پاڪستان جو رخ ڪيو. پاڪستاني بارڊر تي هن کي روڪيو ويو پر جڏهن هن کين ٻڌايو ته “هو سنڌ وڃي رهيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ هن جا ماسات آهن” ته پوءِ کيس اجازت ڏني وئي. هو ست ٻڪريون ساڻ ڪري جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته گلشن معمار وٽ سپر هائي وي جي ٻئي پاسي افغان ڪيمپ ۾ هن کي ماساتن ڀرسان پيل زمين تي ڪچو گهر ٺهرائي ٻڪرين سميت پناهه ڏني.
    اها افغان بستي ٻاونجاهه گهرن تي مشتمل هئي، انهن روڊ تان لنگهيندڙ بجليءَ جي تارن ۾ ڪنڊا هڻي تارون ڇڪيون هيون. تارن جي پاڻ ۾ ملي وڃڻ ڪري انهن کي باهه لڳندي هئي ۽ علائقي جو ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽي پوندو هيو. اهي ٻوريون کڻي شهر ۾ نڪرندا هيا ۽ ڪچرو ميڙي ڪٻاڙيءَ کي ڏيندا هيا جنهن مان انهن جو پيٽ گذر ٿيندو هيو.
    عبدالله جون ست ٻڪريون افغانستان ڇڏڻ کانپوءِ ڄڻ اداس ٿي ويون، اهي کُر سان ڏاڙهي کنهي سوچينديون هيون ته هيءُ ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪنڊي ۽ ٻوڙن کانسواءِ کائڻ لاءِ ٻي ڪا شيءِ نه آهي، بستيءَ چوڌاري ڪنڊيءَ جا وڻ هيا ۽ سڪل ٻوڙا جيڪي ٻڪريون سنگهي ٿوري لام کائي وري چپ ڪري ويهي رهنديون هيون، کيس ايترا پئسا نه هيا جو لوسڻ داڻو وٺي انهن کي کارائي سگهي.
    هڪ ڏينهن هو ٻڪريون ساڻ ڪري بستيءَ کان اوڀر طرف ويو ته اتي هڪ سرسبز سوسائٽي هئي. بنگلا هيا ۽ بنگلن ٻاهران سائي ڇٻر هئي. اتي قيمتي ٻوٽا پوکيل هيا ۽ ويڪرن رستن جي وچ ۾ ڇڏيل وٿيءَ اندر خوبصورت وڻ هيا جيڪي پري تائين ڦهليل هيا. عبدالله سوسائٽيءَ ۾ پنهنجيون ٻڪريون ڇڏيون جيڪي ٻوٽن ۽ ساوڪ کي ائين وڃي چنبڙيون جيئن سالن کان پوءِ انهن کي کاڌو نصيب ٿيو هجي. جهٽ پل ۾ انهن سوسائٽيءَ جي گهرن اڳيان چڱي مقدار ۾ ٻوٽا کائي ساوڪ تباهه ڪئي. صبح جو وقت هيو هرڪو روزگار لاءِ گهر کان نڪتل هيو. ٻه چار بي روزگار نوجوان عورتن سوڌا ٻاهر نڪتا ۽ انهن پنهنجا تباهه ٿيل باغيچا ڏسي وٺي رڙيون ڪيون.
    “اڙي ٻڪريون ڪنهن جون آهن؟... انهن کي هڪليو.”
    ٻڪريون ٽاهه کائي هيڏانهن هوڏانهن ڀڳيون، عبدالله لٺ ڦيرائي انهن کي ائين هشڪرون ڏيڻ لڳو جيئن کين کائڻ کان منع ڪندو هجي. نوجوانن عبدالله کي سمجهايو.
    “اڙي بابا... هيءَ ٻڪرين چارڻ جي جاءِ نه آهي. ڏس ڪيڏو نقصان ڪرائي ڇڏيئي، انهن کي هتان هڪلي وٺي وڃ.”
    عبدالله ٻڪريون هڪليندو بستيءَ طرف موٽيو، ان رات انهن جهجهو کير ڏنو، ستن ٻڪرين جو کير ڏسي عبدالله کي پنهنجا ست پٽ ياد آيا، هو رنو ۽ اڪيلائيءَ ۾ پاڻ سان ڳالهائيندي چيو “جيڪر اڄ منهنجا ست پٽ جيئرا هجن ها ته ستن ٻڪرين جو کير پي ڪيڏا نه خوش ٿين ها!”
    پوءِ اهو سوچي دل کي آٿت ڏنو ته پڪ سان اهي جنت ۾ هوندا ۽ ڏاڍا خوش هوندا.”
    هن صبح سان ٻڪريون ڪڍي جهنگل ۾ ڇوڙي ڇڏيون، جيڪي ڪنڊين ۽ سَرن کي نڪ هڻنديون وري وڃي سوسائٽيءَ ۾ نڪتيون. انهن گهرن اڳيان بيٺل ٻوٽا ۽ سرسبز گاهه کائي وري ڊوءُ ڪيو. ماڻهو گهرن کان نڪري انهن کي گهلي افغان بستيءَ ۾ ڇڏي آيا، انهن عبدالله کي سمجهايو ته
    “مهرباني ڪري پنهنجين ٻڪرين کي ٻڌي رک، نه ته سٺو نه ٿيندو.”
    عبدالله جيڪو پوڙهو ٿي چڪو هيو ان ڳالهايو ته سندس لڱ پئي ڏڪيا.
    “ڀائي ڌرتي الله جي آهي” هن چيو “گاهه آهي ٻڪريون ته کائينديون نه، جانور آهن انهن کي ڪيترو روڪيان؟”
    جتي عبدالله جون ٻڪريون اتي سوسائٽيءَ جي وڻن ۽ ٻوٽن کي نقصان پهچائينديون هيون اتي گند ميڙيندڙ افغاني ڪو خالي گهر ڏسي ان ۾ ٽپي پوندا هيا ۽ قيمتي سامان چورائي ويندا هيا.
    هڪ گڏجاڻيءَ ۾ سوسائٽيءَ وارن فيصلو ڪيو، ڇو نه چوڌاري ڀت ڪڍرائجي ۽ انهن آفتن کان آجو رهجي. ان لاءِ تڪڙ ۾ چندو گڏ ڪيو ويو ۽ سوسائٽيءَ چوڌاري ڀت ڪڍرائي وئي ان کي اتر ۽ ڏکڻ پاسي در وجهرايا ويا. درن تي چوڪيدار ويهاريا ويا.
    چوديواريءَ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن سڪون جا گذريا پر پوءِ وري رڙ پئي.
    “منهنجا زيتونن جا وڻ؟” ۽ گهٽي نمبر چار واري ربنواز سومري چيو.
    “منهنجا ناريلن جا ٻوٽا؟” بلاڪ پنجين واري ميمڻ چيو.
    “منهنجا ڪيلن جا ٻوٽا؟” بلاڪ هڪ ۾ رهندڙ ديوان چيو
    “منهنجا ليمن جا ٻوٽا” گهٽي نمبر ست واري جوکيي چيو. سڀ گڏ ٿيا، جاچ ڪندا جڏهن چوديواريءَ جي اولهه واري حصي وٽ پهتا ته اتي ڀت ۾ وڏو سوراخ هيو، سمجهي ويا ته اهو سڀ اتان ٿيو آهي، اوستو گهرائي سوراخ کي بند ڪرايائون، بستيءَ وارن وٽ منٿ ميڙ ڪري ويا ۽ چيائيون ته
    “ميان نالو اٿوَ رب جو، اسان مسڪينن سان ڇو وير وڌو اٿوَ”
    افغاني نه مڙيا، ٻن ڏينهن کانپوءِ وري ڀت ۾ سوراخ هيو ۽ ٻڪريون سوسائٽيءَ ۾ گهمي رهيون هيون.
    نيٺ هڪ ڏينهن ڇا ٿيو؟ اها نائين اليون جي ٽئين ورسي هئي، عبدالله جون ٻڪريون واپس نه موٽيون، هن ڀت جي سوراخ مان وڃي سوسائٽيءَ ۾ ڏٺو، ستن جاين تي رت پيو هيو، ٻڪرين جا لاش ڪٿي به نه هيا.
    پهرين ٻڪريءَ جو خون ان ڪچري جي ڍير وٽ پيل هيو جتي دين محمد درزي ڪپڙن جي ڪاتر ۽ هادن حجم ماڻهن جا ڪٽيل وار اڇلائيندو هيو. ٻئي ٻڪريءَ جو خون ان دڪي وٽ پيل هيو جيڪو ڪريم بخش ڪاسائيءَ جي گهر اڳيان هيو. ٽئين ٻڪريءَ جو خون ان ميدان وٽ هيو جتي مولوي نذير احمد حج تي رواني ٿيڻ کان اڳ آخري دفعو عيد نماز پڙهائي هئي. جڏهن حج دوران هن جو موت واقع ٿيو هيو ته هن کي اتي ئي جنت البقيع ۾ جاءِ ڏني وئي هئي. چوٿين ٻڪريءَ جو خون ان چورنگي وٽ پيل هيو جتي ٽي روڊ پاڻ ۾ ملي رهيا هيا. ڪا خبر نه هئي ته ان کي چورنگي ڇو چيو ويندو هيو؟ پنجين ٻڪريءَ جو خون سکر کان آيل ان سولنگيءَ جي گهر ٻاهران پيل هيو جيڪو هڪ ڪرايي جي جاءِ ۾ رهندو هيو ۽ هر آچر تي پلاٽن جا اگهه پڇي وري چپ ڪري گهر ۾ ويهي رهندو هيو. ڇهين ٻڪريءَ جو خون ٿاڻي بولا خان واري ديوان جي چانورن جي دڪان ٻاهران پيل هيو ۽ ستين ٻڪريءَ جو خون ڏکڻ طرف چوديواريءَ جي ڀرسان جتي هڪ طرف ڊاڪٽر شيخ صاحب جي ڪلينڪ هئي ۽ ٻئي پاسي قبرستان هيو.
    عبدالله رنو ۽ روئيندو رهيو. پوءِ اهو سوچي دل کي تسلي ڏني ته هن جون بي گناهه ٻڪريون جنتي آهن. اهي جنت ۾ هونديون ۽ هن جا ست پٽ ضرور انهن جو کير پئيندا هوندا.


    انب

    سهارنپور جو نواب اعجاز علي بيگ پنهنجي نوڪري ڪالي خان سان انبن جي باغ ۾ گهمي رهيو هيو. سانوڻ جي موسم هئي ۽ پورو باغ پيلن انبن سان ائين جهنجهيل هيو جو ان جي وڻ جي هر ٽاري هيٺ نوڙي نواب اڳيان ڄڻ عزت سان پنهنجو ميوو پيش ڪري رهي هجي. نواب اڇي ڪڙتي ۾ سرسبز باغ اندر ائين گهمي رهيو هيو جيئن هو ڪو سانوڻ جو ڀٽڪيل بادل هجي جيڪو ڪنهن خوابناڪ منظر جيان جنت جهڙي ماحول ۾ اڏامندو هجي.
    بنگال جي سمنڊ مان اٿيل مُون سُون جا بادل هن دفعي ڪي اهڙا ڪارا ۽ گهاٽا نه هيا. اهي ٽڪر ٽڪر ٿي عرش تي هڪ ٻئي پويان اڏامندا پئي ويا. ڪڏهن وٺا به ٿي ته انهن جي بوندن ۾ اها طاقت نه هئي جو انبن جي باغ کي نقصان رسائي سگهن. هوا ۾ به هن دفعي اهڙو زور نه هيو جو وڻن کي ڌوڻي ڇاڻي سگهي. انبن جوفصل اهڙو ڀلو ٿيو هيو جو نواب صاحب جي دل سيني اندر ڪنهن وڏي مٺي انب جيان ڌڙڪڻ لڳي.
    نواب پويان ايندي ڪالي خان هڪ ننڍو پٿر کڻي مٿي وڻ ۾ وهائي ڪڍيو، ڇڻ ڇڻ ٿي، ڪجهه پن ڪريا ۽ ساوا طوطا ولر جي صورت ۾ وڻ تان ڀڙڪو کائي مٿي اڏاڻا، ڪالي خان وات تي ٻئي هٿ ڏئي انهن پويان هُوڪر ڪئي ۽ طوطا نواب جي وسيع باغ ۾ پري اڏاڻا هليا ويا.
    “ڪالا خان تون انهن کي ڪيئن روڪي سگهين ٿو. هتان ويا ته هُتي وڃي ويٺا” نواب پنهنجي پويان چيلهه چٻي ڪري ايندڙ ڪالي خان کي چيو. ڪالي خان زوريءَ هلڪو ٽهڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “حضور هن دفعي ته طوطن وڻ وڄائي ڇڏيا، خبر نه آهي ڪٿان ڪٽڪن جا ڪٽڪ اچي پلٽيا آهن. آنڌي ۽ مينهن ته نقصان نه رسايو پر هنن طوطن اها ڪسر پوري ڪري ڇڏي.”
    نواب کاڏيءَ کي کنهي ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ چيو “ڇڏين ڇا کائي ڇا کائيندا جيترو زيان ڪرڻو اٿن ڪن... ڌڻيءَ جي مخلوق آهن ڪجهه کائيندا نه.”
    ڪالي خان قرب مان وڌيڪ ڪٻو ٿيندي خوشامندي ٽهڪ ڏنو.
    “هَو شاباش ڌڻي توهان جو ڀلو ڪري نواب صاحب، مولا توهان کي وڌائي سخي دل سرڪار... واهه جي ڳالهه ڪئي اٿوَ”
    هو نواب مٿان گهور گهور پئي ويو. نواب مرڪيو ۽ اڳتي هلي ان هنڌ آيو جتي ڪالي خان حقو تيار ڪري رکيو هيو. هو ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ نڙ وات ۾ وجهي ڪش هڻي دونهون هوا ۾ ڇڏيو. ڪالي خان کي حقي جي گڙ گڙ ائين محسوس ٿي جيئن کيس پيٽ ۾ وٽ پيا هجن. هو ڊوڙيو ۽ اندر وڃي پليٽ صاف ڪري، انب ڪٽي ان ۾ رکي نواب آڏو پيش ڪيا.
    ڪالي خان هن سامهون هيٺ سائي گاهه تي ويهي ائين گهورڻ لڳو جيئن هن کي نواب جي ڪنهن حڪم جو انتظار هجي. نواب هٿ وڌايو ۽ ڦار کڻي وات ۾ وڌي.
    “واهه انور رٽول تنهنجو جواب نه آهي.” هن وات کي ائين پئي چٻاڙيو جيئن اهو هن جي ڪنٽرول ۾ نه هجي پر خودبخود انبن کي کائڻ تي هريل هجي. “سبحان الله... ڇا ته خوشبوءِ آ... ڇا ته ذائقو آهي.” هو کائيندو ۽ چوندو ويو. سندس اکيون ڪنهن سرور کان بند ٿي ويون. گهڙي گذري ته هن اکيون کولي ڪالي خان کي اشارو ڏنو.
    “کاءُ ڪالا خان چپ ڇو ويٺو آهين... ڦار کڻ”
    ڪالي خان شرمسار ٿيندي مرڪي هٿ مهٽيا.
    “جي حضور” هن چيو ۽ پوءِ ڦار کڻي چپن تي آندي.
    انب کائيندي نواب ڳالهايو.
    “ڪنهن زماني ۾ اسان جا وڏا چوندا هيا ته سهارنپور جي انبن ۾ اهڙي شفا آهي جو انهن سان شگر جي مرض جو علاج ڪري سگهجي ٿو.”
    نواب چپ چٽيندي نڙ مان ڦوڪ ڏئي دونهون ڇڏيندي چيو.
    “بيشڪ نواب صاحب بيشڪ... سياڻن سچ چيو آهي ته زهر کي زهر ئي ماريندو آهي.”
    ڪالي خان جي ڳالهه تي نواب کان ٽهڪ نڪري ويو.
    “اڙي ڀوڪ ڇا ٿو چوين، هي انب آهن زهر ته ڪونهي”
    ڪالي خان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو، هن هڪ هٿ کڻي وات تي رکيو.
    “معاف ڪجو نواب صاحب” هن شرمسار ٿيندي چيو “مون جاهل کي ڪهڙي خبر ته مثال ڪيئن ڏبو آهي.”
    نواب هن جي ڳالهه تي ڪيتري دير مرڪندو رهيو ۽ حقي مان گڙ گڙ ڪري دونهون فضا ۾ ڇڏيندو رهيو.
    جڏهن هو اٿيا ته سج لڙي چڪو هيو. حويليءَ تائين پهچندي چڱي اوندهه ڦهلجي وئي. انبن جي باغ ۾ اوندهه ساوڪ سان ملي اڃا به گهري ٿي وئي. هر طرف سانت ڇائنجي وئي پر مٿي وڻ ۾ طوطن جي کنڀن جي ڦَر ڦَر ان سانت ۾ ٻڌبي رهي.
    نواب اعجاز علي بيگ پنهنجي تر جو خانداني نواب هيو جنهن جاڳير بهار جي شهر سهارنپور ۾ واقع هئي. هن جي پيءُ وڏي نواب جو لاڏاڻو ڪجهه عرصو پهرين ٿيو هيو ۽ هن ٿوري ئي عرصي ۾ جاگير جو سڄو ڪم سنڀالي پنهنجن هٿن ۾ کنيو هيو. خدا کيس اولاد سان نوازيو هيو. هن کي ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ هيا. هن جي وڏي ڌيءَ ستارا پنهنجي جوڀن کي ڇهي رهي هئي باقي ٻار اڃان بلوغت کي نه پهتا هيا. سندس وقت ڏاڍي سڪون ۽ آرام سان پئي گذريو. هن جي هر طرف مٺاس ۽ ساوڪ لڳي پئي هوندي هئي. هر سال هزارين روپيا هن جي انبن جي فصل جي ڪمائي هئي. هن جا لاتعداد نوڪر هيا جيڪي هن جي باغ جي رکوالي ڪندا هيا. انهن سڀني مان ڪالي خان ئي اهڙو هيو جيڪو نواب جي ويجهو ۽ هن جي گهڻ گُهرن مان هيو. ڪالي خان جي نياز ۽ نوڙت جو انداز ئي انوکو هيو. ائين محسوس ٿيندو هيو جيئن قدرت واري ڄمڻ سان ئي هن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هجي. ڪنڌ سدائين هيٺ ۽ هٿ ائين نرڙ تي ايندا هيس جيئن آداب آداب پيو ڪري.
    انگريز سرڪار جا ڏينهن هيا ۽ ڪڏهن گورا گهوڙن تي چڙهي نواب جي فارم تي ايندا هيا ته ڪالي خان ئي هوندو هيو جيڪو انهن جو آڌرڀاءُ ڪري وڃي نواب کي حويليءَ ۾ ٻڌائيندو هيو. نواب تڪڙ ۾ گورن وٽ ائين پهچندو هيو جو جلد بازيءَ ۾ پاتل هن جي شيروانيءَ جا بٽڻ هيٺ مٿي پاتل هوندا هيا. هو گورن کي ٽيڪس ڏئي رسيد وٺندو هيو ۽ ڪالي خان تحفي طور چونڊ انبن جا ٽوڪرا انهن حوالي ڪرڻ جو بندوبست ڪندو هيو. گورا جڏهن واپس وڃڻ لاءِ گهوڙن طرف وڌندا هيا ته پنهنجي ڪلهي تان بوڇڻ لاهي گهوڙن جي چيلهه تي رکيل زين صاف ڪندو هيو ۽ ڏاڍي عجز مان چوندو هيو.
    “توهان جا لک ٿورا سرڪار بهادر... خدا توهان جي حفاظت ڪري ۽ ڊگهي عمر عطا فرمائي.”
    گورا خوش ٿي ڪنڌ ڌوڻي گهوڙن تي چڙهي واپس روانا ٿيندا هيا ۽ نواب ڪالي خان کي پيار ۽ شفقت مان ڏسي هن جي ڪاڪردگيءَ تي مرڪندو هيو. جڏهن ٻئي جنگ عظيم لڳي ته نواب جي باغن تي ڪو خاص اثر نه پيو. انب اهي ئي مٺا ۽ ذائقيدار هيا جيئن جنگ کان پهريون، پر جڏهن جنگ ختم ٿي ته ڄڻ وايو منڊل ئي ڦري ويو. بهار جي گهٽين ۾ جذباتي جوان الله اڪبر جو نعرو هڻي نڪتا ۽ جلسن جلوسن ۾ ورهاڱي جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون.
    “نواب صاحب جنگ ته اسان جي ملڪ ۾ هاڻي شروع ٿي آهي. رب خير ڪري.”
    ڪالي خان نواب جي فڪرمند منهن کي ڏسندي چيو.
    “واقعي وڏي جنگ ڇا ختم ٿي ڄڻ اها اسان وٽ شروع ٿي وئي.” نواب ڏکوئيل لهجي ۾ چيو.
    ڪجهه ڏينهن گذريا ته خبرون عام هيون، گورا ملڪ ڇڏي رهيا آهن، انهن پڪو پهه ڪيو آهي ته هو ويندي ويندي مسلمانن کي هڪ الڳ ملڪ ٺاهي ڏئي پوءِ روانا ٿيندا، ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ کي باهه وڪوڙي وئي، پنجاب ۾ خونريزي شروع ٿي وئي ۽ بنگال ٻرڻ لڳو. ملڪ ٽٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. بهار جي گهٽين ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. ماڻهو لڏڻ لڳا ۽ خبر نه پئي ته ڪٿان پٿر ۽ باهه جا اُلا اچي نواب اعجاز علي بيگ جي حويليءَ ۾ ڪريا ۽ هن جي حويليءَ جي درن جون چوڪاٺيون باهه ۾ ٽڙڪا ڏئي سڙڻ لڳيون. نوڪر چاڪر جان بچائي وٺي ڀڳا ۽ هن رڙيون ڪري ڪالي خان کي سڏ ڪيا، پر هر طرف ايترو ته لڙ ۽ فساد هيو جو هن جا سڏ انهن ۾ دٻجي ڪنهن کي به ٻڌڻ ۾ نه آيا. هن ٽنهي ٻارن کي باهه مان ڪڍي ٻاهر آندو. کيس ايتري مهلت به نه ملي جو ضرورت آهر ڪجهه کڻي سگهي. هن پنهنجو الهه تلهه سڙندي اکين سان ائين ڏٺو جيئن باهه اندران هن جي انبن جي وڻن تي ويٺل طوطن جون رڙيون پيون ٻڌجن.
    انگريز سرڪار جي روانگيءَ سان ملڪ ۾ ڪنهن جو قانون نه رهيو. ٻه چار سپاهين جا ٽولا هيا جيڪي متاثر ماڻهن کي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهيا هيا. هر هنڌ لٽ مار پنهنجي عروج تي هئي. نواب اعجاز به ٻارن کي ساڻ ڪري هڪ اهڙي ڪيمپ ۾ پناهه ورتي. هن جو سهارنپور ڇڏڻ جو ڪو ارادو نه هيو. ڪيمپ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي سوچي رهيو هيو ته حالتون جيئن ئي بهتر ٿينديون هو موٽي پنهنجي حويليءَ ۾ ويندو ۽ انبن جا باغ سنڀاليندو. ڪيمپ ۾ نفسانفسيءَ جو عالم هيو. لٽيل ڏتڙيل پريشان حال ۽ زخمي ماڻهو هر طرف چيچلائي رهيا هيا. نواب اعجاز علي به ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾ مبتلا ويٺل هيو.
    “اڙي ڀائي ٻڌو آهي سڀاڻي ڪا ريل پاڪستان رواني ٿيڻي آهي.” ڪنهن اتي ويٺلن مان روئڻهارڪي آواز ۾ چيو. “ڇا توهان کي ان باري ۾ ڪا خبر آهي. اها ڪڏهن رواني ٿيندي؟... ڇا توهان هلندا؟”
    ڪوئي گوڏن ۾ منهن وجهي سڏڪي رهيو هيو.
    “جيڪي قسمت کي منظور” ڪنهن چيو “هي ڏينهن به ڏسڻا هيا”
    نواب جيڪو ٻڌي رهيو هيو ان جي نرڙ جا گهنج گهرا ٿي ويا.
    “ڪير جاهل ڇڏيندو پنهنجي ديس کي” هن رڙ ڪري چيو “بند ڪيو اها بڪواس.” نواب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
    خبر نه پئي ته ڪٿان فسادي پهچي ويا ۽ انهن اچي ڪيمپ تي حملو ڪيو. ڇرا ۽ چاڪو ورن مان ٻاهر نڪر آيا. ٻه نوجوان نواب اعجاز علي بيگ جي ڌيءَ ستارا ڏانهن وڌيا ۽ ان کي اچي ٻانهن ۾ هٿ وڌائون. نواب اٿيو ۽ ان نوجوانن کي ڌڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪا لٺ مٿي بلند ٿي ۽ نواب جي مٿي ۾ اچي لڳي. هن جي ٻين ٻن ٻارن جي رڙ نڪري وئي. نواب کي جڏهن هوش آيو ته هن ستارا کي ڳولهيو پر اها نه هئي.
    “اهي اديءَ کي کڻي ويا.” سندس ٻن ننڍن ٻارن ٻڌايو ۽ اهي ڍاڍيون ڪري روئڻ لڳا. نواب جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ ٻن ٻارن کي ساڻ ڪري ريلوي اسٽيشن ڏانهن روانا ٿيو.
    جڏهن ماڻهن سان سٿيل ريل سهارنپور ڇڏي رهي هئي ته نواب دريءَ کان ڏٺو ساوا طوطا اڏامندا ٻوليندا پئي ويا.
    “اڙي ڪالا خان انهن کي نه اڏار” ڄڻ هن جي من مان رڙ نڪتي، هن ريل جي دريءَ مان ڪنڌ ورائي پري نهاريو، انبن جا ساوا باغ پوئتي موٽي رهيا هيا. هن محسوس ڪيو جيئن سڀ ڪجهه هٿن مان ڇڏائبو پئي ويو. انب هڪ هڪ ٿي وڻن مان ڇڻندا پئي ويا. وڻن جا پن پيلا پئي ٿيندا ويا ۽ هيٺ ڌرتي اهڙن هزارين پنن سان ڍڪجندي پئي وئي. انبن جي وڻن جون اگهاڙيون ٽاريون جيڪي ڪنهن بهار جو انتظار ڪرڻ بنا اتي ئي سڪي ٺوٺ ٿي ويون هجن. جن ايندڙ بهار جو انتظار نه ڪيو هجي. جن تي ڪڏهن گونچ نه ڦٽندا ۽ ڪڏهن ٻور پيدا نه ٿيندو. سڀ فنا ٿي ويو.
    “اڙي ڪالا خان هٿ روڪ” هو هر هر چرين جيان چپن ۾ چئي رهيو هيو ۽ ريل ڪوڪون ڪندي پاڪستان ڏانهن وڌي رهي هئي.
    پوءِ پاڪستان پهچي لالوکيت وٽ گندي نالي جي ڪناري رهندي نواب اعجاز علي بيگ کي ڪيترائي سال گذري ويا.
    ان عرصي دوران هو ٻيو ڪجهه ته نه ڪري سگهيو پر هن ڪجهه وقت ملان احمد گجراتيءَ وٽ رهي ڪچوريون ترڻ سکي ورتيون پوءِ هن ريڙهيءَ جو بندوبست ڪيو ۽ لسٻيلي چوڪ وٽ هڪ تيل جي ڪڙهائي چاڙهي ڪچوريون ترڻ شروع ڪيون. هن جي ننڍي ڌيءَ شمشاد جيڪا هاڻي جوان ٿي چڪي هئي. آذانن کان اڳ اٿي ميدو ڳوهيندي هئي ۽ پوءِ پٽاٽن جي چٽڻي ۽ دال ٺاهيندي هئي. نواب صبح جي نماز پڙهي واندو ٿيندو هيو ته جوان ڌيءَ کي هٿ ونڊائيندو هيو ۽ هو سامان تيار ڪري اچي پنهنجي روزگار واري جاءِ تي بيهندو هيو. تيل جي ڪڙهائيءَ کي هيٺان باهه ڏئي ڪجهه دير کانپوءِ پاڻيءَ ڇنڊو هڻي تيل جي گرمائش جو اندازو لڳائيندو هيو پر ان تيل جي ڪڙهائيءَ ۾ هڪ دفعي پاڻيءَ بدران هن بي خبريءَ ۾ پنهنجا وهندڙ ڳوڙها اگهي ڦٽي ڪيا، گرم تيل ۾ ڳوڙهن جون ڦينگون ٽپا ڏئي ٽهڪڻ لڳيون.
    هن کي پنهنجو جوان پٽ ياد آيو. جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس هٿان ماريو ويو. لساني تنظيم جي دهشتگرد ڪارڪن جي حيثيت ۾ پوليس هن کي گهران گرفتار ڪري وٺي وئي ۽ پاور هائوس چورنگي نيو ڪراچيءَ وٽ پوليس ان کي ڊيڪائي پويان گولي وهائي ڪڍي.
    نواب ڪچوريون تري پليٽن ۾ رکندو ويو ۽ قسمت کي گاريون ڏيندو ويو. هن ان عرصي دوران سيٽلمينٽ ڊيپارٽمينٽ ۾ ڪيترائي ڪليم داخل ڪيا پر انهن جو ڪو خاطر خواح نتيجو نه نڪتو. نوابي تخم ڪري سندس سڀاءَ ۾ اهو جهڪاءُ نه هيو جنهن ڪري هن زندگيءَ ۾ ڌڪ پئي کاڌا، نه هن ڪنهن سان ساز باز ڪئي، نه ڪنهن جي مٺ گرم ڪئي، نه ڪنهن جو منهن ڪوڙو ڪرايو، نه شباب آکيو، عزت جي ڳولها ۾ ذلت سندس مقدر جو حصو پئي ٿيندي وئي.
    هڪ ڏينهن جڏهن هو لسٻيلي چوڪ وٽ ڪچوريون تري رهيو هيو ته هڪ عاليشان گاڏي اچي هن جي ريڙهيءَ ڀرسان رڪي، نواب گاڏيءَ ڏي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، گهڙي گذري ته ان مان هڪ فڪرمند چهري واري شخص نڪري نواب جي ڀرسان بيهي هن کي حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳو. نواب ڪم مان پنهنجا هٿ روڪي ان ڏانهن نهاريو. نواب کي محسوس ٿيو هن ماضيءَ جي تهن مان انبن جي وڻن تي ويٺل طوطن جي لات ٻڌي هجي. ان شخص جي منهن جي ڌوڙ ڇڻي پئي. نواب کان رڙ نڪري وئي.
    “اڙي ڪالا خان تون... هٿ روڪ ڪالا خان...”
    ڪالي خان جا هٿ نواب جي قدمن تي هيا. نواب هن کي اٿاريو ۽ ڳلي لڳايو ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
    “تون جيئرو آهين ڪالا خان؟” نواب چيو “وڇوڙي وقت مان توکي ڏاڍو ياد ڪيو.”
    ڪالو خان جيڪو هاڻي ساڳيو ڪالو خان نه رهيو هيو ان نواب اڳيان ساڳي نهٺائيءَ سان چيو “نواب صاحب مان پاڻ توهان لاءِ پريشان هيس، توهان کي هن حال ۾ ڏسي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي.”
    “بس ڪالا خان قسمت جون ڳالهيون آهن.” نواب چيو “شايد اهو سڀ لکيل هيو.”
    ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪالي خان کيس ٻڌايو ته هو ڪراچيءَ جو وڏو بزنس مين آهي. هن جو ڪلفٽن ۾ شاندار بنگلو آهي ۽ ميرپورخاص ۾ انبن جا باغ آهن.”
    “پر ڪالا خان اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟” نواب ڏاڍي حيرت مان پڇيو.
    “مونکي هن ملڪ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. نواب صاحب مان هن ملڪ ۽ سرزمين جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون جهڙي جاهل ۽ بدحال شخص کي پناهه ڏني ۽ پنهنجو ڪيو. هيءُ مسلمانن جو ملڪ مون لاءِ هڪ وڏي نعمت ۽ رحمت آهي. خدا هن ملڪ کي سلامت ۽ هن جي حفاظت ڪري.” ڪالي خان عقيدت جو اظهار ڪندي چيو.
    جڏهن ڪالي خان نواب کان موڪلايو ته هن ڪوٽ جي کيسي مان ڪارڊ ڪڍي نواب حوالي ڪيو ۽ عرض ڪيو ته “هو سندس بنگلي تي ضرور اچي.”
    ڪالي خان جي روانگيءَ کانپوءِ نواب کان ڪيتري دير ڪچوريون ترڻ وسري ويون، هو گم سم ان شاندار گاڏيءَ کي ويندي ڏسندو رهيو جنهن ۾ سندس نوڪر ڪالي خان روانو ٿيو هيو.
    پاڪستان اچڻ کانپوءِ ڪالي خان وڏي ترقي ڪئي هئي. هو ڪجهه عرصو سکر واري هاڻوڪي ايوب گيٽ وٽ رهيو. اسسٽنٽ مختيارڪار سائين ڏنو جيڪو تن ڏينهن سيٽلمينٽ ڊيپارٽمينٽ ۾ اويڪيو پراپرٽيءَ جو انچارج هيو. تنهن کي مهاجرن جي رليف ڪيمپ جو سربراهه پڻ بنايو ويو هيو.
    هڪ ڏينهن جيئن ئي هو هاڻوڪي ايوب گيٽ وٽ هندستان کان آيل مهاجرن جي ڪيمپ ۾ امدادي سامان جي ورهاست جي نگراني ڪري رهيو هيو ته اوچتو هن جي نظر وڃي ڪالي خان جي ڌيءَ پروين تي پئي. ڇوڪري به ڪا ڏاڍي حرفتڻ هئي سائين ڏني سان اهڙي اک اٽڪايائين جو سائين ڏنو هن جي اک جي ڏورن ۾ وچڙي پيو. ان کانپوءِ اهو ڏينهن خالي نه هوندو هيو جو سائين ڏنو ڪالي خان جي گهر جو چڪر نه هڻي. سائين ڏنو عشق ۾ اهڙو مبتلا ٿيو جو ڪالي خان سان قرب وڌي ويس ۽ دفتر کولي هن آڏو رکيائين. ڪالي خان جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ پئجي ويون.
    سائين ڏني پاڻ ويهي هن کان ڪليم ڀرايا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ميرپورخاص ۾ هندن جا ڇڏيل باغ ڪچي انب جيان اچي هن جي جهول ۾ ڪريا. سائين ڏني هن کي سهارنپور جو نواب ڄاڻائي ڪراچيءَ ۾ جايون هٿ ڪري ڏنيون ۽ شهداد ڪوٽ واري پاسي هڪ وڏي زمين هن کي ڪليمن ۾ ڪڍرائي ڏني. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪالي خان شهدادڪوٽ واري زمين وڪڻي وڏو پئسو ٺاهيو. باقي هن ميرپورخاص وارا انبن جا باغ پاڻ وٽ رکيا. ڪالي خان نالي ۾ ساڳيو ڪالي خان رهيو. هن پنهنجو نالو نه بدلايو. هن وٽ جهڪاءُ ۽ هٿ جوڙ سڀني سان ساڳي ئي رهي جيڪا غربت جي ڏينهن ۾ هن وٽ هوندي هئي.
    نواب جي ڪسمپرسيءَ واري حالت ڏسي ڪالي خان کي ڏاڍو ڏک ٿيو هيو. ان ڏينهن کانپوءِ هو جڏهن ۾ لسٻيلي چوڪ تان لنگهيندو هيو ته ڪار مان لهي وڃي نواب جي پيرن تي هٿ رکندو هيو.
    “نواب صاحب ڪڏهن ته مون وٽ اچو.” هو هر دفعي نواب اعجاز علي بيگ کي چوندو هيو “مونکي خدمت جو موقعو ڏيو.”
    سانوڻ جا ڏينهن هيا، ڪراچيءَ جو آسمان ڪاري جهڙ سان سٿيو پيو هيو. مينهن ايڏو ته زور سان وسي رهيو هيو جو ماڻهن جا ڌنڌا ڌاڙي بند ٿي ويا. نواب اعجاز بيگ ان ڏينهن روزگار لاءِ ٻاهر نه نڪري سگهيو. هو ڪمري اندر کٽ تي آهليو پيو هيو. مٿان ٽِين جي ڇت تي مينهن جون بوندون وسي ٽڙڪو ڪري رهيون هيون. نواب کي اهي آواز دماغ ۾ هٿوڙن وانگر وسندي محسوس ٿي رهيا هيا. هو هر هر پاسو ورائي ڪنهن بيزار ڪندڙ سوچ مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. ٻاهر دالان ۾ هن جي ڌيءَ شمشاد آرسيءَ اڳيان وارن جو چوٽيون وٽي ڪجهه جهونگاري رهي هئي. ڀرسان ئي لڙڪندڙ پڃري اندر طوطو کنڀن ۾ منهن لڪائي ستل هيو. وسندڙ مينهن ڪري لياري نديءَ جي گندي پاڻيءَ جو وهڪرو تيز ٿي ويو هيو، پر لالو کيت وٽ ان نالي ڀرسان نواب جي جاءِ جون ڀتيون اڃان ان تيز پاڻيءَ جي وهڪري کان گهڻو مٿي هيون.
    گذريل ڪجهه ڏينهن کان نواب وٽ شمشاد لاءِ رشتا اچي رهيا هيا. ڇوڪري به جوان ٿي چڪي هئي. هڪ ٻه رشتا لکيل پڙهيل نوڪري ڪندڙ ڇوڪرن جا به آيل هيا. نواب سوچي رهيو هيو ته اهو ئي وقت آهي جو هو پنهنجي جوابداري پوري ڪري ان مان آجو ٿئي. پر رکي رکي هن کي پنهنجي مالي حالت جي پريشاني تنگ ڪري رهي هئي. سوچي رهيو هيو ته جي رشتو سٺو هوندو ته پوءِ ڏاج به سٺو ڏيڻو پوندو. اهو سوچي هو مايوس پئي ٿي ويو. هن جي مالي حيثيت ايتري نه هئي جو هو رشتي وارن جي خواهش موجب ڌيءَ کي ايترو ڏئي سگهي جيتري جي هن مان توقع رکي پئي وئي.
    ٽين جي ڇت تي مينهن جون بوندون ڪرنديون رهيون ۽ نواب هيٺان کٽ تي پاسا ورائي بي چينيءَ مان سوچيندو رهيو. آخر هن فيصلو ڪيو ته هو ڪالي خان وٽ وڃي کيس مالي مدد لاءِ چوندو، پنهنجي پراڻي نوڪر آڏو هٿ ڊگهيڙڻ جو تصور ڪري نواب جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن کي پنهنجي بيوسيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو.
    ٻيو ڏينهن ٿيو ته نواب ميري ۽ پراڻي ڪاري رنگ جي شيرواني پائي گهران نڪتو ۽ لالو کيت واري گندي پاڻيءَ جي نالي جي وٽ ڏئي وڃي مٿي روڊ تي چڙهيو. ڪلفٽن واري بس ۾ چڙهي هن نيٺ وڃي ڪالي خان جي بنگلي جو در کڙڪايو. نوڪر هن کي ڪالي خان جي وسيع بنگلي اندر آڻي اهڙي هنڌ ويهاريو جتي انبن جا ڊگها وڻ هيا.
    گهڙي گذري ته ڪالي خان ڊوڙندو بنگلي جي در مان ٻاهر نڪتو ۽ ادب مان نوڙي نواب کي ڀاڪر پائي اتي ئي وڻن جي ڇانوَ ۾ پيل صوفي تي ويهاريو.
    “معاف ڪجو نواب صاحب اچڻ ۾ ٿوري دير ٿي وئي.” ڪالي خان ساڳيو ئي نوڙي ڏاڍي نهٺائيءَ مان چيو.
    هن نواب کي وڏي صوفي تي ويهاريو ۽ پاڻ ادب مان هڪ ننڍي صوفي تي ويهي رهيو. ايتري ۾ نوڪر تازو حقو ٺاهي اچي وچ تي رکيو.
    “ڪالا خان تون اڃان حقو پيئندو آهين؟” نواب عجب مان چيو “منهنجي خيال ۾ ته هن جو دور ختم ٿي ويو”
    “بس سرڪار خانداني نواب ته نه آهيان، پر اهو شوق مون کي اوهان کان اهڙو ورثي ۾ مليو جو ان مان جان ڇڏائي نه سگهيو آهيان.”
    ڪالي خان چيو ۽ حقو اڳتي وڌائي نواب اڳيان ائين رکيو جيئن هو اڃا به هن جو نوڪر هجي. نواب نڙ وات ۾ وجهي گڙ گڙ ڪئي ۽ ڪنڌ ورائي وڻن کي ڏٺو. انبن جا وڻ ساين لڙڪندڙ انبڙين سان ڀريل هيا. طوطا مٿي وڻن تي کنڀن سان ڦڙ ڦڙ ڪري رهيا هيا. نواب اڳيان سهارنپور جا ساوا باغ اچي ويا. هن تصور ۾ ڪٻ ڪڍي بيٺل ڪالي خان کي ڏٺو جيڪو مٿي پٿر هڻي طوطا اڏاري رهيو هيو. ڪالي خان خاموش ويٺل نواب جي اکين ۾ نهاريو ۽ چيو “هيءُ خادم هاڻي به توهان جو ساڳيو نوڪر آهي. سرڪار هن گهر کي پنهنجو گهر ئي سمجهو.”
    “تنهنجي عجز ۽ انڪساريءَ جو مان ٿورائتو آهيان. ڪالا خان پر منهنجي هاڻي اها حيثيت نه رهي آهي جو تنهنجن احسانن جو بار کڻي سگهان، نواب حقي جو ڪش هڻندي چيو جنهن جو تماڪ هن کي ڏاڍو ڪڙو ۽ بي ذائقي محسوس ٿي رهيو هيو. ڪالي خان سمجهي ويو ته نواب ضرور ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ هن وٽ ڪنهن مدد جي اميد رکي آيو آهي.
    “محسنن تي ڪهڙا احسان ٿيندا آهن حضور، هن نوڪر کي توهان جي خدمت ڪري دلي اطمينان حاصل ٿيندو.”
    نواب دل تي پٿر رکي ڌڙڪندڙ دل سان وڏي ضبط مان ڳالهايو “ڪالا خان شمشاد جي رشتن لاءِ ماڻهو در تي اچي رهيا آهن. مان انهن کي ڇا جواب ڏيان، ڌيءَ کي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به نه آهي. وقت اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي جو جوان اڪيلي بچيل ڌيءَ جو به والي وارث طور حق ادا ڪرڻ کان قاصر آهيان.”
    ڳالهه ڪرڻ کانپوءِ نواب جون اکيون آليون ٿي ويون.
    ڪالي خان اٿيو ۽ بنگلي اندر هليو ويو. گهڙي گذري ته مٺ نيرن نوٽن جي هن جي خدمت ۾ پيش ڪئي. نواب ڏڪندڙ هٿن سان پئسا ورتا ۽ پنهنجي شيروانيءَ جي کيسي ۾ وڌا.
    “تنهنجي مهرباني ڪالا خان” نواب ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو “تون وقت جي هن موڙ تي منهنجو ڀرم رکيو.”
    ڪالي خان جو فخر کان منهن مٿي ٿي ويو ۽ مرڪ هن جي منهن تي اچي وئي. نواب ڪنڌ هيٺ جهڪايو ڳوڙهن ڀريل اکين سان ڌرتيءَ کي ڏسندو رهيو.
    ڪالي خان هڪ فاتح جيئن اٿيو ۽ نوڪر کي رڙ ڪري چيو “اڙي او فخرو ايڏانهن چانهه ته کڻي اچ” ۽ پوءِ هن وري وڏي آواز ۾ چيو “۽ هو ميرپورخاص وارا انب به آڻ... جلدي ڪر.”
    نواب ڌرتيءَ کي ڏسندو رهيو، ٿوري دير ۾ نوڪر چانهه ۽ ڪٽيل انب آڻي ٽيبل تي رکيا.
    “اچو نواب صاحب” ڪالي خان چيو “انب کائو منهنجي ميرپورخاص واري باغ جا آهن. ڪلهه ئي تازو مان وٽ پهتا آهن.”
    نواب نوڙيل ڪنڌ سان هٿ وڌائي ڦار کنئي، ڪالي خان جي بنگلي ۾ طوطا وڻن تي ڦڙ ڦڙ ڪندا رهيا. سانوڻ جو ڪارو اڇو جهڙ مٿي آسمان تي سج اڳيان لنگهيندو رڪندو هيٺ ڏسندو وقت جيان اڳتي وڌندو رهيو.
    نواب انب جي ڦار کي چڪ هنيو، هن کي لڳو ڦار هن جي دل جيان چٿيل آهي، ڪالي خان وڏي فخر مان انب جي ڦار کڻي وات ۾ وڌي ان جي مٺاس ۽ خوشبوءِ جي سرور کان هن جون اکيون بند ٿي ويون.
    “واهه سنڌڙي تنهنجو جواب نه آ” ڪالي خان پنهنجا چپ چٽيندي چيو.
    نواب جيڪو ڀريل اکين سان اڃان ڪنڌ هيٺ ڪري ڌرتيءَ کي ڏسي رهيو هيو، انب کائي هن جي اکين مان ڳوڙها هيٺ ڪري پيا ۽ پوءِ نهايت ڏکوئيل آواز ۾ هن آهستي چيو
    “هئي انور رٽول.”


    چور

    پوليس کي خبر پئي ته نبو شهر ۾ موجود آهي. صوبيدار سپاهي ساڻ ڪري شهر ۾ داخل ٿيو ۽ هر ان جاءِ تي ويو جتي شڪ هيو ته نبو لڪيل آهي. افغاني پٺاڻ جي هوٽل تي جنهن جي ڀتين جون پاڙون کاٽ هڻي ڪُئا ڪمزور ڪري ويا هيا. گاڏي هاتي پويان ان ساقي خاني ۾ جتي شهر جا موالي منشيات واپرائيندا هيا، مينهن جي ان واڙي ۾ جتي جوئا جي ٽڪِري هلندي هئي. هو شهر ۾ سندس اڪيلي ڀيڻ جي گهر به ويا جتي هو موجود نه هيو.
    جنهن رات پوليس نبوءَ جي ڳولها ۾ ڇاپا هڻي رهي هئي، تنهن رات شهر ۾ فدا حسين فگارو جي ننڍي پٽ بدوءَ جي شادي هئي. بينڊ باجا، تاڙيون ۽ هوڪرا هر طرف ڦهليل هيا. بئريج روڊ جي اها روايت هئي شهر ۾ ڪا به شادي ٿيندي هئي ته گهوٽ کي سهرو ٻڌي گهوڙي تي ويهاري شيدي بادشاهه جي مزار تي آڻي ان جي چانٺ چمائيندا هيا. ان رات اها ڄڃ جڏهن بئريج روڊ تان لنگهي رهي هئي ۽ ماڻهن جا منهن ڪلهن تي جهليل گيس وارن گولن جي تيز روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هيا ته پوليس شهر جي گهٽين ۾ پريشان نبوءَ کي ڳولهي رهي هئي.
    ڄڃ بئريج روڊ تي پيراڊائيز سينيما سامهون آئي ته ان ۾ شامل ماڻهن جو جوش وڌي پيو. بنيڊ وارن جون نڙيون ڦوڪجي رڳون ڇنڻ لڳيون. پراڻي هندستاني گاني جي ڌن تي ڀونپوءَ جهڙو بگل ڪنن جا پردا ڦاڙڻ لڳو، باجي جي بي ڍنگي تيز آواز تاڙين جي گونج سان ملي دلين جي ڌڙڪڻ تيز ڪري ڇڏي. بينڊ ماسٽر جي ڪلارنيٽ جو آواز ڪي قدر سُريلو هيو جنهن مان خوشي ۽ اميد جون لهرون نڪري وڪوڙي ٿي ويون. اڳيان نچندڙن جو ٽولو هيو، اهي بينڊ ۽ تاڙين جي آواز تي بدمست نچي رهيا هيا. مڇين جو ٺيڪيدار جنهن کي هڪ هٿ ۾ ڪيٽرو جي بوتل هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڀڳڙن مٺ، اهو بوتل مان ڍڪ ڀري ٿيڙ کائي، هر هر ڀڳڙو وات ۾ اڇلي موج مان نچي رهيو هيو. جڏهن صابوءَ وات ۾ گاسليٽ وجهي هٿ ۾ جهليل شعلي کي ڦوڪ ڏني ته ڀڀڙ هوا ۾ اڀري هر شيءِ روشن ڪري ڇڏي. سڄي ڄڃ هيڊي روشنيءَ ۾ گينڊي جي گلن جيان واسجي وئي. ڄڃ ۾ موجود ڪنهن سڪا اڇلايا ۽ ٻار ميڙڻ ۾ مهو ٿي ويا.
    ڪا به ڄڃ بئريج روڊ تان لنگهيندي هئي ته شيدي بادشاهه جي مزار تائين اڌ ڪلوميٽر رستو ڪلاڪن ۾ طئي ڪندي هئي، آهستي آهستي، هر هنڌ بيهندي، جاڳيراڻي محلي وٽ، ميمڻ محلي وٽ، مڪراڻي محلي وٽ، پيراڊائيز سينيما، لال بازار، پراڻو تاڙي خانو ۽ سيدن جو هاتو جتي ڏاند گاڏيون ننڊ ڪنديون هيون ۽ ڏاند معصوم شاهه جي مناري ڀرسان بيٺل چنڊ کي ڏسي رات گذاري ڇڏيندا هيا.
    فدا حسين فگارو جي ننڍي پٽ بدوءَ جي ڄڃ وڏي هئي. لڳ ڀڳ چار سئو ماڻهو هيا. بينڊ وڄائيندڙن جون چار قطارون جن اڳيان پنجاهه ماڻهن جو ٽولو نچي رهيو هيو ۽ ٻار جيڪي ان اوسيئڙي ۾ هيا ته ڪڏهن ٽي پئسن جي بارش ٿئي ته هو ميڙي کيسي ۾ وجهي نانگائيءَ جا پڪوڙا کائي سگهن. نانگن وارو پڪوڙائي جنهن شادي نه ڪئي. سڄي زندگي نانگ پاليا. اهو شام جو گلستان هوٽل اڳيان هڪ صندل تي پڪوڙا وڪڻندو هيو. ماڻهو چوندا هيا ته ان جي پڪوڙن ۾ سواد جو راز ان جو نانگن کي ڇهڻ آهي.
    بئريج روڊ تي بينڊ، تاڙين ۽ هوڪرن جو آواز انهن پوليس وارن جي ڪنن سان پڻ ٽڪرائجي رهيو هيو جيڪي نبوءَ جي ڳولها ۾ ڇاپا هڻي رهيا هيا. انهن ڪو هنڌ نه ڇڏيو. شهر جا سڀ بدنام هنڌ ڳولهيا. درياهه جي ڪپ تي ان نرسريءَ ۾ به ويا جتي اڪيلو مالهي ان جهوپڙيءَ ۾ رهندو هيو جنهن مٿان بيٺل نم ۾ ماکيءَ جي مکين جو ميلو هيو. پوليس ان جاسوس سان ٻيهر رابطو ڪيو جنهن ٻڌايو هيو ته “نبو شهر ۾ موجود آهي”
    “جيڪڏهن نبو موجود آهي ته ڪٿي آهي؟” صوبيدار چيو.
    جاسوس ٻڌايو ته “اهو ان هوائي بندر جي بينچ تي ويٺل هيو جيڪو گهنٽا گهر کان مٿي ويندڙ چاڙهيءَ تي ڏاڪڻين جي پاسي هڪ پهاڙيءَ تي آهي.”
    صوبيدار سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين “جيئن ته اهڙي هوائي بندر جو ڪو به وجود نه آهي انڪري ٿي سگهي ٿو ته اهي سڀ هوائي ڳالهيون هجن.”
    جاسوس قسم کڻي ويو.
    “مون پنهنجين گناهگار اکين سان ان ڏوهيءَ کي ڏٺو آهي.”
    “ته پوءِ ڪاڏي ويو؟” صوبيدار چيو “سنڌوءَ ۾ ٻلهڻيون آهن، واڳون نه، جو ان کي ڳهي وڃن.”
    صوبيدار چيو نبو ضرور ان عورت وٽ هوندو جيڪا بئريج جي ساڄي پاسي مهاڻن جي ڳوٺ ۾ رهندي آهي، جنهن ڀڳڙا کائي کيس تربيت ڪئي ۽ هو سٺو چور ثابت ٿيو. صوبيدار سپاهي ساڻ ڪري ڳوٺ تي ڇاپو هنيو ۽ عورت جي گهر کي ڪڙو چاڙهي هر شيءِ جي تلاشي ورتي. ان ڀڳل پيٽيءَ جي مضبوط تالي کي ٽوڙيندي اسُر ٿي ويو جنهن پيٽيءَ ۾ شڪ هيو ته نبو لڪيل آهي ۽ پيٽيءَ جي ڀڳل سوراخن مان ساهه کڻي رهيو آهي، پر پيٽيءَ ۾ پٿر هيا جيڪي عورت پيٽ سان ٻڌندي هئي.
    پوليس مايوس ٿي وئي. صوبيدا واپس ٿاڻي تي پهتو ته صبح ٿيڻ وارو هيو. ڄڃ لنگهي چڪي هئي. شيدي بادشاهه جي چانٺ تي گلاب جون پتيون پيل هيون. هر طرف گلابن جو واس هيو. مجاور پاران ٻاريل اگربتين جي خوشبوءِ اڀرندڙ سج جو آڌر ڀاءُ ڪري رهي هئي.
    نبو ڄڃ ۾ سڄي رات بينڊ باجن سان شهر جي رستن تي نچندو رهيو ۽ پوليس ڳولهي ٿڪجي پئي.


    اگهاڙو

    کيس اوگهڙ کان نفرت هئي، سٺا ڪپڙا پائيندو هيو ته هن کي لڳندو هيو جيئن ڪو قيد ۾ محفوظ هجي. آزاد رهي ڪجهه حاصل ڪري نه ٿو سگهجي.
    ست سال اڳ ائين نه هيو، مٿي جي وارن کي ڦڻيءَ سان سنواريندو هيو ۽ سيني جي وارن کي آڱرين سان، پوءِ سندس وار ڇڻي ويا. وار ڇڻڻ جو سبب بيوفائي هئي. خزان جا ڌڪ وڻ پچائي سگهندو آهي ڇو جو بهار ۾ سائو ٿي پوندو آهي. ڇڻيل پن پيدا ٿي سگهن ٿا، وار نه.
    خزان ۽ بيوفائيءَ ۾ فرق اهو آهي ته خزان کانپوءِ بهار ايندو آهي ۽ بيوفائيءَ کانپوءِ خزان، بيوفائيءَ کانپوءِ خزان جي موسم حياتيءَ تائين ڦهليل هوندي آهي.
    اڄ رات هن کي وڇڙي ويل محبوبا سان ملاقات ڪرڻي هئي. هن سج لٿي کان تياري شروع ڪئي. ڪٻٽ مان سڀ ڪپڙا ٻاهر ڪڍيا. مختلف رنگن جون ٽائيون، فل سوٽ، شرٽون، ڪڙتا، سٿڻ قميصون، واسڪوٽيون، بوٽ، جوراب ۽ ٻيا سامان جن ۾ بيلٽ، رومال ۽ واچون وغيره شامل هيا.
    انسان کي اوگهڙ کان نفرت هجي ته کيس اوندهه سان پيار ٿي ويندو آهي. بند دروازا وفادار دوست لڳندا آهن ۽ مٿي لڳل روشندان نفرت لائق ٿي ويندا آهن ڇو جو اهي اڪيلائين تي چٿر ڪري بيوفائيءَ جو احساس ڏياريندا آهن.
    فرحانا بيوفا هئي پر هن لاءِ نه هئي. وڇڙڻ کانپوءِ ان سان گمنام ملاقاتن جو سلسلو جاري هيو. هو هفتي ۾ هڪ دفعو ان سان ملاقات ڪندو هيو. آچر جي رات، جيڪا ٻين راتين کان ايتري ننڍي هوندي آهي جيئن ماءُ جي ڀڪ ۾ ٻار جنهن جون اکيون ناسي هجن.
    ان رات به کيس تيار ٿيڻو هيو، هن تياري شروع ڪئي، واش روم ۾ ويو ۽ اوگهڙ کان اکيون بند ڪري فرحانا کي ياد ڪيو، تصور ۾ ڏٺو، مينهن وسي رهيو آهي، فرحانا جا وار ڀڳل آهن. ان جي چيلهه چوڌاري وريل هن جون ٻانهون ڪموڊ آهن.
    ٻاهر نڪري، هن اهو فل سوٽ پاتو جيڪو ڄامڻي هيو. ڄامڻي رنگ جو فل سوٽ انهن ڏينهن جو يادگار هيو، جڏهن ماڻهو ميڪسيڪن مڇون رکائيندا هيا ۽ وارن جا قلم ڪنن کان هيٺ ڪهاڙين جيان لڙڪندا هيا. اهو فل سوٽ ڪڏهن فرحانا کي وڻيو هيو ۽ ان جي تعريف ڪئي هئي. هو آئيني اڳيان بيٺو، پاڻ کي ڏٺائين، سندس فل سوٽ ڪلهي وٽان لڙڪيل هيو. ان ۾ آستينن وٽ گهنج هيا ۽ بٽڻ ائين پراڻا ٿي چڪا هيا جيئن ڪوٽ جي اکين جي نظر گهٽجي وئي هجي. انسان ۽ ڪپڙي ۾ ڪو فرق نه آهي. انسان به ڪپڙي جيان چڙي هڪ ڏينهن پراڻو ۽ پوڙهو ٿي وڃي ٿو.
    هو آئيني اڳيان مرڪيو، مرڪ ڏسي اداس ٿي ويو، مرڪ لڙڪيل وات کي ائين سهارو ڏنو هيو جيئن پوڙهي کي لٺ. پاڻ کي ڄامڻي فل سوٽ ۾ ڏسي محسوس ڪيائين جيئن سج منجهند جو لهي چڪو هجي.
    هن اهو فل سوٽ لاهي سٿن قميص پاتي، اڇي رنگ جي سٿڻ قميص پائي آئيني اڳيان آيو، شڪارپوري وڏي گهير واري سٿڻ جا گهنج هلڪي هوا تي سمنڊ جي لهرن جيان لڏي رهيا هيا. قميص جا ڪف، جن جي ڪاجن ۾ فرانسيسي ڪلپ پائي وري آئيني ۾ ڏٺائين، سندس پيٽ ٻاهر نڪتل ۽ جسم ويڪرو هيو. هن جي جسم جي پکيڙ ڪري آئينو سوڙهو ٿي چڪو هيو. ان جي ويڪر گهٽجي وئي هئي جنهن ڪري اهو سنهو ۽ ڊگهو ڏسجي رهيو هيو. هن کي آئينو فرحانا جي جسم جهڙو محسوس ٿيو، چمڪندڙ ۽ نازڪ، جنهن جي پٺ اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه هئي. هن وري مرڪڻ جي ڪئي، مرڪي نه سگهيو، هڪ مصنوعي ٽهڪ سندس ڇاتيءَ مان کنگهه جيان نڪري آئيني سان ٽڪرائجي مئل پکيءَ جيان هيٺ ڪري پيو، کيس فرحانا تي ڪاوڙ آئي، آئيني اڳيان زبان ڪڍي چٻرا ڏنائين. هن ڦڻي هٿ ۾ کنئي ۽ مٿي تي ڦيرڻ شروع ڪئي. ڦٽيءَ جا ڏند ڀڳل هيا. ڦڻي کنڊي هجي ته ٺوڙهه تي کلي نه سگهندي آهي.
    ڪڏهن سٿڻ قميص ۾ اهڙو ته سٺو لڳندو هيو جو ماڻهو هن کان درزيءَ جو ڏس پڇندا هيا. هاڻي به ساڳيو درزي هيو ۽ ماڻهو پڇندا نه هيا. ڪپڙو جسم تي ٺهندو آهي کيسي تي نه! هن کي ڳالهه نه وڻي، ٻيو جوڙو پاتائين، ڪراچيءَ جي ڪنهن بازار مان ورتل سوڙهي سٿڻ ۽ لکنوي. ڪڙتو، جنهن مٿان ڀوپالي واسڪوٽي پائي آئيني اڳيان بيٺو ته هن کان کل نڪري وئي. کل مصنوعي نه هئي. هن سوچيو جيڪڏهن انهن ڪپڙن ۾ فرحانا اڳيان ويو ته هوءَ کيس شعر ٻڌڻ جي نه، پر واپس وڃڻ جي فرمائش ڪندي، هو شاعر نه هيو، شاعر جو شاعر هجڻ ضروري نه آهي، ان جو شاعر لڳڻ ضروري آهي.
    هن اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پاتا، ناسي پينٽ، آف وائيٽ شرٽ ۽ ڪارن ترشن پٽن واري ٽاءِ، اها هڪ عام رواجي پوشاڪ هئي، جيڪا مڊل ڪلاس ملازم شيشي ۾ بند باٿ روم جيتري آفيس ۾ پائي، ڪم ۾ ايڏا ته مصروف هوندا آهن جو مانيءَ جي وقفي جو هوش انهن کي پيٽ ۾ وڄندڙ گهنٽيءَ تي ايندو آهي. ان لباس ۾ هن پاڻ کي تمام غريب ۽ ٻين جي رحم تي محسوس ڪيو. ان ملازم جهڙو محسوس ڪيو جيڪو مهيني پوري ٿيڻ کان اڳ پگهار جو انتظار ڪندو آهي، پوءِ آئيني اڳيان پاتل ٽاءِ ۾ هو ڪتي جيان ڄڀ ڪڍي سهڪڻ لڳو. هو وفادار ڪتو هيو ۽ فرحانا چور، ڪو ڪتي جي دل چوري ڪري ته ڀونڪي نه سگهندو آهي.
    هن اهو لباس لاهي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪارو فل سوٽ پاتو، جنهن تي اڇي سلوري ستارن واري ٽاءِ پائي آئيني اڳيان بيٺو ته ٺاهوڪو پئي لڳو. هن دل ۾ چيو “ها... اهو ٺيڪ آهي.”
    ڪاري فل سوٽ ۾ هو واقعي ئي سٺو نظر اچي رهيو هيو. فل سوٽ سندس جسم کي ڀاڪر پائي بيٺل هيو. ان ۾ گهنج نه هيو. ٽاءِ تجلا ڏئي رهي هئي ۽ ان پويان بيج رنگ جي قميص ڄڻ سينو ٻاهر ڪڍي ٽاءِ جي نمائش ڪري رهي هئي. هن هڪ دفعو وري کنڊي ڦڻي صاف ڪري مٿي تي گهمائي، هو کليو ته سندس پاسي کان ڀڳل ڏند جي وٿيءَ مان وات جي اوندهه چمڪي پئي. هن اسپيني اسڪن آئيس ڪريم سان منهن کي ليپ ڪيو. ان دٻيءَ مان جنهن تي ڳاڙهن چپن واري خماريل اکين سان عورت جو فوٽو هيو، پوڊر ڇڙڪائي هٿن سان منهن کي مهٽيو، چيلهه جي وڪڙ جهڙي پرفيوم جي بوتل کي مٿان زور ڏئي پاڻ کي ڦوهاري سان وهنجاري ڇڏيو. هر طرف ڪمري ۾ خوشبوءِ ڦهلجي وئي.
    هن آئيني اڳيان جسم جي هر حصي جو جائزو ورتو. ٽاءِ کي سُوٽي وچ تي آندو، جڏهن تيار ٿيو ته ڪمري جا بلب بند ڪري سمهي پيو.
    ان رات هن جيڪي به خواب ڏٺا انهن ۾ اگهاڙو هيو.


    کرو ۽ کوٽو

    هن اهو هزار جو نقلي نوٽ ساڙي ڇڏيو هيو پر پوءِ به کيس گمان هوندو هيو ته کيسي ۾ هزار جو نقلي نوٽ پيل آهي.
    ننڍي هوندي کان گناهه جي احساس ۾ مبتلا هوندو هيو. هن کي گناهه جو احساس وراثت ۾ مليو هيو، سندس پيءُ زال جي وفات کانپوءِ ان احساس هيٺ دنيا مان جلد روانو ٿي ويو ته ان هڪ بيواهه جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو ورتو هيو.
    وراثت ۾ مليل گناهن جي احساس ڪري کيس مذهب سان لڳاءُ هيو. نماز پڙهندو هيو، روزا رکندو هيو، خيرات ۽ زڪوات ڏيندو هيو. حج جي حسرت ان ڪري دل ۾ نه هئي جو اڪيلائي پسند هيو.
    هن جي ڪڻڪ رنگي منهن تي ڪڏهن ڏاڙهي نه هئي پر افروز جي آخري خط کانپوءِ ڏاڙهيءَ ڪري هن جي منهن جي رونق ائين موٽي آئي جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ وارياسو.
    هو هڪ وڏي آفيس جو ننڍو ڪلارڪ هيو، سندس آمدني ايتري هئي جو پنهنجو ۽ گهر ۾ رهندڙ ٻليءَ جو پيٽ پالي سگهي. گهر خالي هجي ته اداسيءَ سان ڀريل هوندو آهي. پيءُ جي وفات کانپوءِ ان جو بستر ائين پيل هيو، گهنجيل چادر مٿان هڪ پاسي سريل سوڙ، جيئن اهو ڄاڻ نماز پڙهي موٽيو. آخري ڏينهن ۾ سندس پيءُ تسبيهه ائين پڙهندو هيو جيئن کيس پڪ ٿي وئي هجي ته ڪيل گناهن ڪري عبادتن جي صلي ۾ بخشيو نه ويو آهي ۽ تڪڙ ۾ جيترو جلد ٿي سگهي ٿوري وقت ۾ گهڻي عبادت ڪري گناهن جي احساس کان آجو ٿي سگهي. پيءَ هن لاءِ ٻن ڪمرن واري جاءِ ڇڏي، جنهن جون ڀتيون ڳوڙهن سان آليون هونديون هيون. هن کي آلاڻ جو احساس ڏاڙهيءَ ڇهڻ سان به ٿيندو هيو، کيس اعتبار نه ايندو هيو ڇو جو اکيون خشڪ هونديون هيون، هن کي خبر هئي، دل روئندي آهي ته آڱرين تي آلاڻ جو سبب ڳوڙها نه هوندا آهن.
    ان ڏينهن هن اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍيا ڇو جو بجليءَ جو بل ڏيڻو هيو ۽ ڪجهه پئسا انڪري ضرورت ۾ هيا ته نئون بوٽ وٺي پائي ان پراڻي شهر جي جهوني دوست ڏي وڃي سگهي جنهن جي شادي هئي. هن ٻه سال اڳ هڪ فل سوٽ سبرايو هيو ۽ ٻن سالن ۾ اهڙن موقعن تي ٽي دفعا پاتو هيو. هاڻي اهو ڪافي هيو ته چوٿون دفعو پائي پنجين درجي تائين ڪلاس ۾ پڙهيل دوست جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿئي. جيڪو ڇهه دفعا هن کي فون ڪري چڪو هيو ته جيڪڏهن شريڪ نه ٿيندين ته توکي ست دفعا معاف نه ڪندس.
    ڏاڍي کل جهڙي ڳالهه هئي ته هن جي پنهنجي شادي نه ٿيل هئي، ڪيترا دفعا نماز پڙهندي کيس افروز ياد آئي ته هن کان ٽهڪ نڪري ويو، جنهن لاءِ نماز ڀڃي ٻيهر وضو ڪرڻو پيو. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، ڏک جو احساس وڌي وڃي ته ماڻهو روئڻ جا ٽهڪ ڏيندو آهي ۽ ڪڏهن خوشيءَ جو احساس کلي روئاري وجهندو آهي. هن وٽ سڀ احساس هيا پر گناهن جو احساس آري تي ويٺل پکيءَ جيان هيو، جنهن هيٺان هر احساس آنن جيان هوندو آهي.
    اي ٽي ايم کان نڪتل ٽي هزار جا نوٽ اهڙا ڪڙڪ هيا جيئن تازا پڪل پاپڙ، پاپڙ ڀڄي پوندو آهي پر هزار جو نوٽ ڀڄي هزار حصا ٿي سگهي ٿو. هن بجليءَ جي بل سان ٻارهن سئو ان دريءَ مان ڏنا جنهن اندر هڪ شخص ائين ويٺل هيو جيئن آخري ملاقات لاءِ ڦاهي جو منتظر جنهن کي پئسن جي ضرورت هجي. جيڪي وڪيل کي ڏئي رحم جي اپيل ڪري سگهي. دريءَ وٽ هڪ شخص کانپوءِ هن جو وارو آيو ۽ ٻيو شخص هن پويان بيٺل هيو. هن جڏهن هڪ هزار جو نوٽ ۽ ٻه سئو جا نوٽ ڏنا ته ٿوريءَ دير ۾ ٽپو لڳل بجليءَ جو بل واپس مليو. جڏهن هو موٽي هلڻ لڳو ۽ اڃان ڏهه قدم مس هليو هوندو ته پويان آواز آيو “اڙي او هيڏي... بيهه”
    هن ڏٺو ساڳيو شخص جنهن کي هن بل ڏنو هيو، بئنڪ کان ٻاهر نڪري فٽ پاٿ تي بيهي هن کي سڏي رهيو هيو. هو مڙيو ۽ موٽي ان شخص وٽ آيو.
    “اندر اچ” ان چيو “تون هزار جو نقلي نوٽ ڏنو آهي”
    هو ڏوهه جي احساس کان ايڏو ته سنهون ٿي ويو جو بئنڪ جو ٻاهريون کليل سيخن وارو در جنهن مان پاسيرو ٿي اندر وڃڻو پوندو آهي، ان مان هو سڌو اندر هليو ويو. در تي بيٺل گارڊ هن کي خوني نظرن سان ڏٺو، جڏهن اندر پهتو ته بئنڪ جي پوري عملي هن تي لعنت ملامت ڪئي.
    “هن کي پوليس حوالي ڪيو.” هڪ چيو
    “ماڻهو شريف ٿو لڳي” ٻئي چيو.
    “ها، لڳي نه ٿو ته ان گروهه جو ماڻهو آهي جيڪو شهر ۾ نقلي نوٽ ڦهلائي ٿو.” ٽئين چيو.
    “هن کان پڇو ته سهي، هن نوٽ آندو ڪٿان؟” مينيجر اندران شيشي مان ڳالهايو، جنهن جو آواز شيشي شايد انڪري نه روڪيو جو شيشي کي به يقين ٿي ويو هيو ته هو ڏوهي آهي.
    “توکي هيءُ نوٽ ڪٿان مليو؟” هڪ سوال ڪيو.
    هو گناهه جي احساس کان ڏڪيو پئي.
    “جوهر چورنگيءَ واري اي ٽي ايم مان.” هن لرزندڙ جواب ڏنو جيڪو ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا.
    “ته ڇا اڄڪلهه اي ٽي ايم وارن به نقلي نوٽ رکڻ شروع ڪيا آهن؟” هڪ بينڪ آفيسر حيرت جو اظهار ڪندي چيو.
    “ها، ڪيشئر ڪنهن کان غلطيءَ ۾ ورتو هوندو ۽ جان ڇڏائڻ لاءِ اي ٽي ايم ۾ رکي ڇڏيو هوندو.” عملي جي هڪ شخص چيو.
    هو خاموش ٻڌندو رهيو ۽ گناهه جي احساس کان رجي پاڻي ٿي فرش تي بيٺل ماڻهن جي قدمن ۾ وهڻ لڳو.
    “نوٽ ڦاڙي ڇڏيو” هڪ شخص چيو.
    “نه، ٺپو هڻي ڪينسل ڪيو” ٻئي شخص چيو.
    سڀ سوچن لڳا، ٿوري دير کانپوءِ عملي جي هڪ شخص چيو “هن کي نوٽ واپس ڪيو ته جوهر چورنگيءَ جي بينڪ وارن کي شڪايت ڪري، اهي اي ٽي ايم ۾ نقلي نوٽ ڇو ٿا وجهن؟”
    هن کي نوٽ واپس ڪري ٻيو نوٽ ورتو ويو، هن نقلي نوٽ کي ويڙهي کيسي ۾ وڌو ۽ ذلت جي احساس کان پيشانيءَ جو پگهر اگهندو بينڪ جي در مان نڪتو ته جوهر چورنگي نه ويو، ڇو جو هن ۾ شڪايت جي همت نه هئي، هن جي زندگي اڪيلائي ۽ خوف ۾ گذري هئي. هن اعتماد سان ڳالهائڻ سکيو ئي نه هيو. جوهر چورنگيءَ جي بينڪ ۾ ڏڪندڙ ڄنگهن سان هو ائين ڪيئن پئي چئي سگهيو ته “اي ٽي ايم مان نقلي نوٽ نڪتو آهي.” هن وٽ ڪهڙو ثبوت هيو؟ هن کي اي ٽي ايم مان نقلي نوٽ ڪڍندي ڪنهن ڏٺو آهي؟ بينڪ وارا کيس الزام هڻڻ جي ڏوهه ۾ گارڊ کان ذليل ڪرائي پئي سگهيا. هو تيز وکون کڻندو گهر آيو ۽ چلهو ٻاري کيسي مان نوٽ ڪڍي ساڙي ڇڏيو.
    ان ڏينهن کانپوءِ هو ڪٿي به هزار جو نوٽ ڏيندو هيو ته سندس من خوف سان ڀرجي ويندو هيو. هن کي ڪا خبر نه هوندي هئي ته هو جيڪو هزار جو نوٽ ڏئي رهيو آهي، اهو کرو آهي يا کوٽو.
    ان هزار جي نقلي نوٽ کري ۽ کوٽي جي سڄاڻ انڪري وڃائي ڇڏي هئي جو اهو ڏسڻ ۾ صفا اصلي هيو، ساڳيو ڪاغذ، ساڳيو رنگ، هڪ پاسي کان ڏور پيل ۽ اڇي گول ۾ روشنيءَ اندر نظر ايندڙ جناح جي روح جي تصوير. جڏهن هن نوٽ ڪڍيا هيا ته انهن ۾ ڪو فرق نه هيو. کيس اهو سوچي حيرت ٿيندي هئي ته بل وٺندڙ شخص اهو ڪيئن سڃاڻي ويو ته اهو نقلي نوٽ هيو؟ کري ۽ کوٽي جي سڃاڻ رب جي ڏات آهي ۽ هو ان ڏات کان وانجهيل هيو. خدا کي جن بندن کان ڌرتيءَ تي بينڪ جي نوڪري ڪرائڻي هوندي آهي ته اهو انهن کي اهڙي ڏات ڏئي روانو ڪندو آهي. پر خدا هن کي اها ڏات ڏني هئي ته ڌرتيءَ تي وڃي گناهن کي ڪيئن محسوس ڪري سگهجي ٿو؟ گناهه جو احساس ئي آهي جيڪو عبادت ذريعي خدا جي ويجهو وٺي وڃي ٿو. جڏهن ڏوهه ۾ ويڙهيل انسان خدا کي ويجهو ٿئي ٿو ته خوف جو احساس اڃان به انڪري وڌي وڃي ٿو جو خدا جي ويجهڙائي ان احساس کي وڌيڪ خوفناڪ بنائي ٿي.
    کري ۽ کوٽي جي سڃاڻ، سچ ۽ ڪوڙ کي الڳ ڪرڻ آهي. سچ ۽ ڪوڙ پاڻ ۾ ماٽيلا ڀائر آهن ڇو جو ٻنهي جون مائرون الڳ ۽ پيءُ ساڳيو آهي. سچ ۽ ڪوڙ ساڳي گهر ۾ رهندي هڪڙي پيءُ جا دعويدار آهن. سچ ۽ ڪوڙ جو پيءُ دنيا ۾ جيئرو آهي ۽ ٻنهي پٽن جي مرڻ جي انتظار ۾ ايڏو پوڙهو ٿي چڪو آهي جو ٽئين شاديءَ جي لائق نه آهي، جنهن مان ڄمندڙ اولاد سچ ۽ ڪوڙ جي جاءِ والاري سگهي.
    افروز به ائين هئي، هو ان کي سڃاڻي نه سگهيو. پيار ۽ نفرت ۾ ٿورو فرق آهي. جڏهن ڪو پيار ڪندو آهي ته نفرت ڪندو آهي. ڇو جو پيار ڪرڻ کانسواءِ نفرت نه ٿيندي آهي ۽ جڏهن نفرت ڪندو آهي ته پيار ان جي دل ۾ هوندو آهي. ڀلا پيار دل ۾ نه هجي ته ماڻهو نفرت ڪيئن ڪري سگهندو؟ افروز به ائين هئي، جيئن نه هئي ۽ هاڻي ائين آهي جيئن هئي، هجڻ ۽ نه هجڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي ڇو جو سچ، ڪوڙ، کري ۽ کوٽي جي سڃاڻ ائين آهي جيئن نه سڃاڻڻ ۽ نه سڃاڻڻ معنا صفا سڃاڻڻ، افروز جي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق نه ٿي پيو ڇو جو هو ان کي وساري ويٺو هيو. هوءَ بيوفا هئي پر ان جي بي وفائيءَ جو احساس هن لاءِ ائين هيو جيئن ان جي هر بيوفائيءَ پويان هو قصور وار هجي. ان جي وڇوڙي جو سبب هن جون ڪيل ڪوتاهيون هجن. هو ان جي بيوفائيءَ جو احساس پنهنجي کيسي ۾ هزار جي نقلي نوٽ جيان کڻي پئي هليو. کيس هزار جي نوٽ کان نفرت ته نه هئي پر ان کي ڏسي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو هيو. هو چاهيندو هيو ته هزار جو نوٽ سندس کيسي ۾ نه هجي پر ڪنهن به شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هزار جي نوٽ جي ضرورت پوي ٿي. سوَن جا نوٽ هن جي گناهن جي احساس جيان اڄڪلهه ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪيل آهن.
    سبزيءَ وارو، بقالڪي وارو، گوشت وارو، هو جڏهن ڪنهن کي هزار جو نوٽ ڏئي اڳتي وڌندو هيو ته سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي جيئن کيس پڪ هجي ته ڏنل هزار جو نوٽ نقلي آهي ۽ ان ڄاڻ سڏ ڪري کيس ڀريل بازار ۾ ذليل ۽ خوار ڪيو.
    هن هزار جا هزارين نوٽ ڏنا پر ڪڏهن پويان سڏ نه ٿيو. نه ڪڏهن بقالڪي، نه سبزيءَ واري، نه گوشت واري ۽ نه ڪڏهن فروٽ واري پويان سڏ ڪيو پر پوءِ به هو ان احساس کان گهٻرايل هوندو هيو ته سندس کيسي ۾ پيل هزار جي نوٽن مان هڪ نوٽ نقلي آهي، جنهن جي سڃاڻ هن وٽ نه آهي. هو نقلي نوٽ کي گهڻو وقت اڳ ساڙي چڪو هيو ۽ ان جي دونهي مان ايندڙ بوءِ اڃان به سندس مغز جي حرام حصي ۾ موجود هئي.
    آخر هن کي يقين اچي ويو ته هو هزار جو نقلي نوٽ ساڙي ويٺو آهي. ان جي دونهي جي بوءِ هن جي ڪيل هر وضوءَ سان ڌوپجي چڪي آهي. هو هاڻي بازار مان لنگهيندو هيو ته نقلي نوٽ جي گناهه کانسواءِ ٻيا گناهه ان احساس جيئن موجود هوندا هيا ته اهي نقلي نه آهن.
    هڪ دفعي هن بازار ۾ گوشت وٺي دوڪاندار کي هزار جو نوٽ ڏنو، ان بغير ڏسڻ جي نوٽ وٺي پيٽيءَ ۾ وڌو ۽ باقي پئسا ڳڻي هن کي ڏنا. هو گوشت وٺي اڳتي هليو ته کيس پويان سڏ ٿيو. هن جا قدم رڪجي ويا، جسم ٿڌو ٿي ويو. هٿ ۾ جهليل گوشت جي ٿيلهي ڏڪڻ لڳي، هن مڙي ڏٺو، اها افروز هئي، اها وڌي هن وٽ آئي ۽ پڇيائين “تون منهنجو آخري خط پڙهيو هيو؟”
    هن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو، اکين ملائڻ جي همت نه هئي، هن جهيڻي آواز ۾ چيو “مان هزار جو نقلي نوٽ ساڙي ڇڏيو آهي.”
    پوءِ هو تيزيءَ سان بازار مان نڪري ويو.


    گهڙيال

    بظاهر دوست محمد خودڪشي ڪئي هئي. گولي هن کي سيني وٽ لڳل هئي، جيڪا پار ٿي ان وهاڻي کان ٽپي پلنگ کي ٽنگ ڪري وئي هئي جنهن کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هيو.
    پوسٽ مارٽم کانپوءِ نڪتل گوليءَ جو تجزيو ڪري فارنسڪ ماهر اهو ٻڌايو هيو ته گولي ساڳي پستول جي آهي جيڪو دوست محمد پلنگ جي پاسي ان خاني ۾ رکندو هيو جتي سندس زال جو فوٽو پيل هوندو هيو، جنهن جو موت به ساڳي پلنگ تي ٿيو هيو جتان دوست محمد جو لاش کڻي ايمبولنس ۾ رکيو ويو هيو.
    شايد ٻنهي جي موت جو سبب ساڳيو نه هيو، پر چئي نه ٿو سگهجي، هن جي زال جي موت جو سبب به گولي هئي جيڪا هڪ ڌاڙيل جي پستول مان نڪري سندس سينو پار ڪري وئي هئي.
    هڪ سال اڳ ان ساڳي پلنگ تي جڏهن اها مڙس ساڻ ستل هئي ته ڪاري ٻٽ واري هڪ شخص دوست محمد کي ننڊ مان اٿاري ڪلمو پڙهڻ جي تاڪيد ڪئي هئي.
    “ڪلمو پڙهه... اڄ تنهنجي آخري رات آهي.”
    دوست محمد گهري ننڊ مان اٿي، ٿاڦوڙا هڻي عينڪ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    “پر مان ايڏو گناهگار ته نه آهيان.” هن وهاڻي هيٺان عينڪ کڻي پائيندي چيو هيو.
    “تون ڪير آهين؟” هن جي زال ننڊ مان اٿي رئو مٿي تي رکي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو هيو. “اسان تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟”
    “مرڻ مارڻ لاءِ ڏوهه ضروري نه هوندو آهي.” ڌاڙيل چيو هيو.
    عورت پوءِ التجا ڀريل آواز ۾ چيو “هن کي نه مار، هيءُ بي قصور آهي.”
    “ائين ممڪن نه آهي” ڌاڙيل پستول سڌو ڪندي چيو هيو.
    هن آڱر تي زور ڏئي ٽريگر دٻايو هيو، ان کان اڳ جو گولي پستول مان نڪري دوست محمد جو سينو پار ڪري وڃي ها، هوءَ مڙس اڳيان اچي وئي هئي، گولي ان جو سينو پار ڪري دوست محمد تائين نه پهچي سگهي هئي، عورت جي سيني اڳيان گولي ڏاڍي ڪمزور هئي، اها سندس دل تائين محدود ٿي وئي ۽ ان جي گرمائش عورت جي رت ۾ ملي ننهن کان چوٽيءَ تائين ڦهلجي وئي، گولي ٿڌي ٿي وئي ۽ عورت مري چڪي هئي. دوست محمد جي زال جيڪا هن مٿان سِر گهوري قربان ٿي وئي. ٺڪاءَ جي آواز تي فليٽن جون بتيون روشن ٿي ويون هيون. ڌاڙيل گم ٿي چڪو هيو.
    جنهن پلنگ تي زال جو لاش دوست محمد جي ٻانهن ۾ رت ڳاڙي رهيو هيو. ان پلنگ مٿان شاهه بلوط جي ڪاٺ مان ٺهيل ڊگهي پينڊيولم واري گهڙيال ٽي ڌڪ هنيا هيا، هن زال جي ڪپهه جهڙي لاش کي وهاڻي تي سمهاريو هيو ۽ اٿي مٿي چڙهي گهڙيال جو لڏندڙ پينڊيوليم بند ڪري، لاهي ان ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيو هيو، جنهن ڪٻٽ ۾ سندس زال جو اهو ڪفن رکيل هيو جيڪو هن پرسال عمري وقت ڪعبي ٻاهران آب زم زم سان ڌوتو هيو. اکين اڳيان سندس زال جو چهرو ڦري ويو هيو. هوءَ حرم ٻاهران نلڪو کولي ڪفن ڌوئي رهي هئي. سندس چپن تي مرڪ هئي.
    “مري ويندس ته منهنجي جسم مان غلاف جي خوشبوءِ ايندي.” ان چيو هيو.
    موت کان پوءِ ان کي ساڳيو ڪفن ڏئي دفنائيو ويو هيو، سندس ڪفن ۾ ڳوڙهن جي خوشبوءِ هئي.
    هن جي مرڻ کانپوءِ ڄڻ سڀ ختم ٿي چڪو هيو، اڱڻ ۾ ونگ وٽ مٿي ڪانس ڏي ويندڙ ول، ڀونپوءَ جهڙا نيرا گل ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا هيا، رنڌڻي جي هر ٿانءَ تان سندس زال جي هٿن جا نشان مٽجي چڪا هيا ۽ ڪوڪي ۾ ٽنگيل ڏوئي هوا تي پينڊيولم جيئن لڏي کيس چڙائيندي هئي.
    هن هڪ دفعي ڏوئيءَ کي هٿ ۾ کنيو ۽ مٿي کي ٽي ڌڪ هنيا، محسوس ڪيو جيئرو آهي، هن ڪٻٽ کولي گهڙيال ڏٺو، اهو ننڍڙي ٻار جيان هيو، جيڪو اک ٻوٽ کيڏندي ان ۾ اچي لڪيو هجي. کيس ڏسي گهڙيال مرڪي رهيو هيو. ان اندر شيشي ۾ الڳ ٿي پاسي سان پيل پينڊيولم لٿل چڍيءَ جيان هيو ۽ ٽن تي بيٺل ڪانٽا هن کي شرارت مان اک هڻي رهيا هيا. هن نفرت مان گهڙيال جي چاٻيءَ کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. حياتي هن جي هٿ ۾ آهي. هو چاٻي ڏئي گهڙيال کي جيئرو ڪري سگهي ٿو، پر چاٻيءَ سان ماڻهوءَ کي جيئرو نه ٿو ڪري سگهي.
    دوست محمد پراڻي گهڙيال جي چاٻي کڻي پلنگ جي پاسي کان ان خاني ۾ رکي ڇڏي جتي سندس ويجهڙائيءَ ۾ ورتل پستول رکيل هيو. ست ڦيرو پستول، هر ڦيري سان هڪ ماڻهو ماريندڙ، سوئر جي کل وارو ماڻهو، سخت هڏي مان ٺهيل دل وارو ماڻهو، ڪجهه ڏينهن اڳ هو نئون گهڙيال وٺي آيو، اهو سوچي ته هن جي اوجاڳن جو سبب گهڙيال جو نه هجڻ آهي، گهڙيال جي غير موجودگيءَ ۾ هو رات جو پينڊيولم جي لڏڻ جو آواز ٻڌندو هيو، جيڪا دراصل هن جي لوندڙيءَ جي ڌڙڪندڙ رڳ هئي.
    نئين گهڙيال کانپوءِ ڪانس وٽ ول ڀونپوءَ جهڙا نيرا گل ڪڍيا ۽ هڪ ڏينهن ڪن ۾ سنڪ وٽ کليل نلڪي مان پاڻي وهڻ جو آواز اچڻ لڳو. جيڪو هن پاڻ کي اهو چئي ممطئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته “اعتبار ڪر، اهو مان نه کوليو آهي.”
    کيس خبر نه پئي ته ٻاهرين در پويان رکيل رات جي راڻيءَ جي ڪونڊيءَ ۾ روز مٽي آلي ڇو هوندي هئي. اڱڻ ۾ اهو گند ڪاڏي ويندو هيو جنهن ۾ بسڪوٽن جا ننڍا دٻا ۽ چانهن جي پتيءَ جون ڪلائيون شامل هونديون هيون جيڪي اتي اڇلائيندو هيو.
    هو روز رات جو ٽئين بجي اٿي نئين گهڙيال کي چاٻي ڏئي پاسي واري خاني ۾ رکي ڇڏيندو هيو، سندس دل مطمئن ٿي ويندي هئي، جيئن اڌ رات جو اٿي هن اڃايل زال کي پاڻيءَ جو گلاس پياريو هجي. پوءِ سڪون سان سمهندو هيو ۽ کونگهرا هڻندو هيو، خواب ۾ زال کي ڏسندو هيو جيڪا هٿن سان ڪن بند ڪري ڪاوڙ مان هن ڏانهن نهاريندي هئي.
    “مونکي معاف ڪر پياري.” هو چوندو هيو “انسان کي جاڳ ۾ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ننڊ ۾ ته انهن جي اجازت هجڻ گهرجي.”
    هن سوچيو، جيڪر ماڻهو مري کونگهرا هڻي سگهي ها، خواب ڏسي سگهي ها، خوابن ۾ گهمي سگهي ها، ڪنهن جي ڀر ۾ ويهي سگهي ها.
    هن جو ورتل نئون گهڙيال اهڙي شخص جيان هيو ڄڻ جنهن کي نوان ڪپڙا پاتل هجن ۽ وقت ان جي کيسي ۾ پيل هجي. ان گهڙيال اڳيان گهر جي هر شيءِ پراڻي نظر اچي رهي هئي. فرانس جي گلاسن وارو اهو سيٽ به، جن تي سندس زال جي چپن جا نشان هيا ۽ هن جي پنهنجي چپن جا نشان، اهي گلاس پراڻيون مٽجي ويل چميون هيا.
    اها سياري جي رات هئي، جڏهن سامهون ڪليءَ ۾ ٽنگيل دوست محمد جو سيٽر سيءَ کان ڏڪي رهيو هيو. رات جو ٽين بجي هو گرم سوڙ مان ڪنڌ تائين پاتل ٽوپ سان ائين اٿي ويٺو جيئن مردي کي قيامت ڏينهن اٿڻ جو امر ٿيو هجي. هن هٿ هڻي عينڪ ڳولهي، جيڪا پائي پلنگ جو پاسي وارو خانو کوليو ۽ ٿاڦوڙا هڻي گهڙيال جي چاٻي ٻاهر ڪڍي، غلطيءَ سان هن کي پراڻي گهڙيال جي چاٻي هٿ اچي وئي ۽ مٿي چڙهي نئين گهڙيال کي اها ڏئي ڇڏي. هو واپس بستر ۾ سمهيو ۽ سوڙ پائي اکيون بند ڪري ڇڏيون. نئين گهڙيال جا ڪانٽا ڪجهه دير بيهجي ويا ۽ پوءِ واپس موٽيا.
    پراڻي چاٻيءَ نئين گهڙيال جو اسپرنگ ڀڃي وڌو هيو ۽ ڪانٽا پوئتي ائين ڦرڻ لڳا جيئن دوست محمد گهر جي اڱڻ ۾ الفي پائي مولانا روميءَ جي مزار آڏو رقص ۾ کوئجي ويو هجي. ڪانٽن جي پوئتي موٽڻ سان ڄڻ وقت واپس وري ويو. ڏينهن، راتيون، موسمون ۽ موسم جا پکي جيڪي ولر ڪري واپس وري ويا. هن جي بورچي خاني ۾ باهيون ٻريون، وساميون ۽ وري ٻري وسامي ويون، بريانيءَ جي خوشبوءِ، دال، آمليٽ، مڇي ۽ سبزيون. مانيءَ جي گرهه ٺهيا، چانورن جون پليٽون کاڌي جي ٽيبل تي داڻو داڻو ٿي چڳجي ويون. سوڙ پائي سمهيل دوست محمد محسوس ڪيو، ڪبوتر جي آکيري ۾ ٻچا آنن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ آنا آري تي ويٺل ماديءَ ۾ هليا ويا.
    وقت تيزيءَ سان واپس وريو، دوست محمد جوان هيو، زماني هن تي اهو قرب ڪيو جو ڏاڙهيءَ جا اڇا وار پٽيا، ڪارا رهجي ويا. هو صحتمند هيو، ڳائو گوشت کائيندو هيو ته کيس پيٽ ۾ سور محسوس نه ٿيندو هيو. سندس زال ڪنوار جي روپ ۾ ان ساڳي پلنگ تي موجود هئي جنهن تي ان جو موت واقع ٿيو هيو. دوست محمد کي ڪا اولاد نه ٿي. هن جي زال جڏهن ڪٻٽ جو در کوليو ته اتي هڪ ٻار سمهيل هيو. هن ڪٻٽ مان ٻار کڻي دوست محمد جي هنج ۾ سمهاريو ۽ ٻئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا، پوءِ ٽهڪ سڏڪن ۾ تبديل ٿي پر هڻندا ان جاري کان ٻاهر نڪري ويا جتان چوڪور آسمان ائين ظاهر ٿيندو هيو جيئن ٽيبل تي رکيل ڪيڪ پيس هجي ۽ تاڙين جي وچ ۾ خوف کان ڏڪندڙ ميڻ بتين جي شعلن وچ ۾ پليٽن جو انتظار ڪندو هجي. انهن جي شاديءَ جي ستين سالگرهه جو ڪيڪ ڳڀا ڳڀا ٿي ٽيبل تان ائين گم ٿي ويو جيئن خوشين جو وجود، جيئن ٽهڪن جو انجام، دوست محمد ڏٺو، اڱڻ ۾ زيتونن سان جهنجهيل وڏو وڻ ننڍو ٿي زمين ۾ هليو ويو ۽ سوين زيتون اڱڻ ۾ ڦهلجي ويا. ڪچا ساوا زيتون، جن ۾ هڪ کانسواءِ سڀ نوريئڙو جا ٽڪيل هيا، هن اڪيلو زيتون کڻي بستر تي سمهيل زال کي ڏنو.
    “جي نوريئڙن جا ٽڪيل توکي کارايان ها ته سوين نوريئڙا ڄڻين ها.” هن مرڪندي چيو “هيءُ وٽ کاءُ، گهٽ ۾ گهٽ توکي نوريئڙو ته نه ڄمندو.”
    هن جي زال کلي ۽ ڪٻٽ مان ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. بستر مٿان لڳل نئين گهڙيال جو اسپرنگ پراڻي چاٻيءَ اهڙو ته ڀڃي وڌو هيو جو ان مان “گرڙ گرڙ” جا آواز اٿيا ۽ ڪانٽا اڳتي ڦري وري پوئتي ڦرڻ لڳا، انهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هجي ته وڃڻو ڪيڏانهن آهي؟ وقت کي اڳتي ڌڪڻو آهي يا پوئتي؟ يا ان کي هٿ ڏئي اهڙيءَ بس جيان بيهارڻو آهي جنهن ۾ پير پائڻ جي جاءِ نه هجي. ڄڻ گهڙيال جو مٿو ڦري ويو هجي ۽ وقت چريو ٿي پيو هجي. نيٺ ڪانٽا اتي پهتا جتي ان رات سندس زال جو قتل ٿيڻو هيو، خوف کان هن ٽي دفعا خواب ۾ پاڻي پيتو ۽ ست دفعا جاڳ ۾ پيشاب ڪيو، سندس دل ائين ڌڙڪي رهي هئي جيئن مٿان هلندڙ گهڙيال جي ڪانٽن کي مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هجي.
    ان رات جڏهن هن جي زال ڪمري جو بلب بند ڪيو ته اوندهه انهن مٿان ڇت جيان ڪري پئي. جڏهن رات جا ٽي وڄڻ وارا هيا ته ساڳيو ڌاڙيل انهن اڳيان ظاهر ٿيو. کيس هٿ ۾ پستول هيو. پوءِ ڌاڙيل سندس زال ۽ هن جي وچ ۾ مختصر گفتگو ٿي جيڪا ڪٻٽ مان ايندڙ ٻار جي روئڻ جي آواز ڪري مبهم ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هئي.
    ڌاڙيل گهوڙو چاڙهي جيئن ئي ٽريگر دٻايو ته ان کان اڳ جو زال دوست محمد اڳيان اچي سندس مٿان قربان ٿي وڃي، هن ان کي ڌڪو ڏنو، اها بچي وئي ۽ گولي هن کي سيني ۾ لڳي وهاڻو ٽپي پلنگ کان پار ٿي وئي، گوليءَ جي آواز تي آس پاس فليٽن جون بتيون روشن ٿي ويون ۽ ڌاڙيل گم ٿي ويو.
    جڏهن ڪمري جو دروازو ڀڃي پوليس اندر داخل ٿي ته دوست محمد مئل حالت ۾ بستري تي موجود هيو. صوبيدار اڳتي وڌي جڏهن دوست محمد جو ست ڦيرو پستول کڻي کولي ڏٺو ته ان مان هڪ گولي کٽل هئي. پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ خودڪشيءَ جو ڪيس داخل ڪري قصو ختم ڪري ڇڏيو.
    پر ڇا واقعي ئي دوست محمد خودڪشي ڪئي هئي؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927316
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760819
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ