ڪتاب جو نالو: گارشيا گذاري ويو
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 18 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 368 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 67 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي لکيل تاثرن، مضمونن، اڀياس ۽ سندس پرک کي ڏنل انٽرويو جو مجموعو آھي. منير سولنگي لکي ٿو:
”انهيءَ ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ رسول ميمڻ هڪ منفرد شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس ۽ مضمون نگار آهي، هن جي سڀني لکڻين ۾ نرالا رنگ آهن. اهڙا رنگ ڪنهن بہ ٻئي سريئلسٽ ليکڪ وٽ نہ آهن. رسول ميمڻ جا فڪري ۽ سائنسي مضمون بہ پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • مضمون

  • انٽرويو
  • پنجاهين سال
  • خاموش ڪچهريون
  • هڪ تعليمدان
  • انور شيخ جون ڪهاڻيون
  • اکين جي قبر ڳوڙهن جا لاشا
  • اياز جانيءَ جي شاعريءَ جو مهاڳ
  • منهنجو استاد، منهنجو دوست
  • گُلاب، خواب ۽ سَمنڊ
  • ڪوهيڙي ۾ لڪيل
  • جديد سنڌي ناول جو معيار
  • ڪهاڻي ائين جيئن نسيم کرل
  • گارشيا گذاري ويو
  • همعصر افساني جا موضوع
  • ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ
  • موهن جو دڙو ۽ علي بابا
  • سو سالن جي بقا جو دستاويز
  • ناول جو الميو
  • ماريو جن موت کي
  • رسول ميمڻ جو هڪ تصوراتي ناول: رئوف نظاماڻي

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : گارشيا گذاري ويو
    موضوع : تاثر/ اڀياس
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    سال : 2020ع
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار
    0307-3157667
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com

    Akhiyan ji kabar aen gorhan ja lasha

    Writen by : Rasool Memon
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Year : 2020
    Published by : Digital Publishing House
    Tando Allahyar
    Jarwar1994@gmail.com

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گارشيا گذاري ويو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي لکيل تاثرن، مضمونن، اڀياس ۽ سندس پرک کي ڏنل انٽرويو جو مجموعو آھي. منير سولنگي لکي ٿو:
    ”انهيءَ ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ رسول ميمڻ هڪ منفرد شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس ۽ مضمون نگار آهي، هن جي سڀني لکڻين ۾ نرالا رنگ آهن. اهڙا رنگ ڪنهن بہ ٻئي سريئلسٽ ليکڪ وٽ نہ آهن. رسول ميمڻ جا فڪري ۽ سائنسي مضمون بہ پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن.“
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پھچايون. ان سلسلي ۾ ڪيتري ڪاميابي ملي آھي ۽ اڳتي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ اوھان سڄڻن جي رھنمائي ۽ مدد جي ضرورت آھي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    انهن ڳالهين جي نالي
    جيڪي مون کان
    وسري ويون.


    مضمون

    انٽرويو

    سوال: نجومي جهڙو ناول ۽ ڪيتريون ڪهاڻيون شايع ڪرڻ کان پوءِ اڄ اسين اوهان کان انٽرويو ڪري رهيا آهيون. اوهان کي ڪيئن ٿو محسوس ٿئي؟
    جواب: مون کي خوشي پئي محسوس ٿئي، منهنجو انٽرويو ان رسالي ۾ شايع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ منهنجو سڀ کان خوبصورت ناول “نجومي” شايع ٿيو ۽ “عبدالله افغانيءَ جون ٻڪريون” جهڙي ڪهاڻي پڻ ڇپي جنهن لاءِ مون کي وڌ ۾ وڌ حوصلا افزائيءَ جا ايس ايم ايس پهتا.
    سوال: اوهان لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪئي؟ ڇا اوهان جي خاندان ۾ ڪنهن کي لکڻ سان دلچسپي هئي؟
    جواب: 1960ع ڌاري اسان جي گهر ۾ “نئين زندگي” رسالو هر مهيني ايندو هو، مون کي ننڍپڻ کان ادب پڙهڻ جو موقعو مليو. ان رسالي ۾ هڪ مصري ڪهاڻي پڙهي هئي. جنهن ۾ هن دنيا کان ناراض پوڙهو برپٽ ۾ وڃي خدا کي دنيا جي تباهيءَ لاءِ ٻاڏائي ٿو، ڇو جو اهو دنيا مان بيزار آهي. اهو جيئن ٻڪ کڻي خدا کان دعا گهري ٿو ته هڪ جهرڪي ان جي ٻڪ ۾ ڪک رکي هلي وڃي ٿي ۽ اتي آکيرو ٺاهي آنا ڏئي ٿي. آري ڪرڻ کانپوءِ ان مان ٻچا نڪرن ٿا ته پوڙهو پنهنجا هٿ ان ڪري نه ٿو کولي ته متان ٻچا هيٺ ڪِري مري نه وڃن پوءِ ان کي احساس ٿئي ٿو ته جڏهن سندس دل ۾ جهرڪيءَ جي ٻچن لاءِ ايڏو رحم آهي ته پوءِ خدا انسانن لاءِ بيرحم ڪئين ٿو ٿي سگهي؟ ڇو جو انسان ئي خدا جا ٻچا آهن. اهو پوڙهو توبهه تائب ٿئي ٿو. اڳتي هلي مون جڏهن سکر جي معصوم شاهه لائبريريءَ ۾ ڪتاب پڙهيا ته چوڏهن سالن جي عمر ۾ مون پهرين ڪهاڻي لکي.
    سوال: ان دور ۾ اوهان ڪهڙي ليکڪ کان متاثر رهيا؟
    جواب: ان عمر ۾ مون سنڌي ڪهاڻيڪارن مان امر جليل ۽ جمال ابڙي جون ڪهاڻيون پڙهيون، جن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هڪ حسرت هوندي هئي ته جيڪر مان به انهن جهڙيون ڪهاڻيون لکي سگهان. شروعاتي دور ۾ منهنجون لکيل ڪهاڻيون اهڙي قسم جي مشق هيون جن اڳتي هلي مون کي لکڻ جي سگهه ڏني ۽ جڏهن 1976ع ۾ منهنجي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب “امن جي نالي” شايع ٿيو ته ان جي لکت جو اسلوب بلڪل الڳ هو. جنهن مون کي شناخت ڏني.
    سوال: اوهان کي شروع ۾ واکاڻ ڪهڙي صنف ۾ ملي؟
    جواب: 1974ع ۾ سکر ۾ هڪ وڏو مشاعرو ٿيو هو جنهن ۾ نوجوانن مان ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ مون به ان مشاعري ۾ شرڪت ڪئي هئي. ان مشاعري جي صدارت پير حسام الدين راشدي ڪري رهيو هو ۽ خاص مهمان شيخ اياز هو. مون ان مشاعري ۾ بيت پڙهيا هيا. مان جيئن بيت پڙهي موٽيس ته پير حسام الدين راشديءَ مون کي هٿ جي اشاري سان سڏ ڪيو ۽ بيت ورتا. هلندڙ مشاعري دوران مون ڏٺو پير حسام الدين راشدي ۽ شيخ اياز پاڻ ۾ ڪجهه بحث ڪندا رهيا.
    سوال: ان کانسواءِ ٻيا ڪهڙا دوست هيا جن مان اوهان پرايو؟
    جواب: اسان جي سنگت ۾ رفيق سومرو سڀ کان وڌيڪ لکيل پڙهيل هو. جيڪو ڪچهريءَ ۾ دانشورن وانگر بحث ڪندو هيو. مون ان کان پرايو، رفيق سومري جون ڪهاڻيون ايڏيون جاندارن ته نه هونديون هيون ڇو جو اهي امر جليل جي اسٽائيل ۾ لکيل هونديون هيون، پر ان جو مطالعو عمر جي لحاظ کان تمام گهڻو وسيع هوندو هيو.
    سوال: ادبي سنگت يا ٻي ڪنهن ادبي فورم اوهان جي تربيت ڪئي؟
    جواب: 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون فتاح ملڪ جي والس روڊ واري آفيس ۾ ٿينديون هيون، جتي مان شرڪت ڪندو هيس. مون پنهنجي زندگيءَ جون خوبصورت ڪهاڻيون اتي پڙهيون. اتي مون هڪ اهڙي ڪهاڻي “شينهن جو ٻچو” پڙهي هئي. جنهن متعلق امر جليل هڪ انٽرويو ۾ چيو هيو ته مون گذريل پنجويهن سالن دوران اهڙي خوبصورت ڪهاڻي نه پڙهي آهي. فتاح ملڪ جو ڪردار هڪ استاد ۽ وڏي ڀاءُ جهڙو هوندو هيو. هو سکر جو مصروف وڪيل هيو. هن جا اصيل ٻاهر ويٺا هوندا هيا ۽ آفيس ۾ فتاح اسان نوجوانن سان ادبي ڪچهرين ۾ مصروف هوندو هيو. ان کان پوءِ ادبي گڏجاڻين جو مرڪز رشيد ڀٽيءَ جي جاڳيراڻي پاڙي واري آفيس رهيو. ڀٽي صاحب اسان نوجوانن جي تربيت ڪئي. هو کلي دل ۽ منهن تي چئي ڏيڻ وارو ماڻهو هيو. ان ڪري هن جي راءِ ۾ اسان کي پنهنجيون خاميون نظر اينديون هيون. سکر جي ان وقت جي نوجوان ٽهيءَ ڀٽي صاحب جي زير اثر پنهنجيون الڳ راهون ٺاهيون انهن گڏجاڻين ۾ ادل سومرو، اياز گل، رفيق سومرو، ولي دائود پوٽو، حبيب بروهي باقاعده شرڪت ڪندا هيا. اوچتو ڪڏهن ڀٽي صاحب وٽ شيخ اياز اچي نڪرندو هيو ۽ سنگت ۾ پوءِ هڪ رعب طاري ٿي ويندو هو.
    سوال: ان دور ۾ شيخ اياز بحيثيت شخص ۽ شاعر ڪيئن هو؟
    جواب: اياز ماڻهوءَ کي ڏسي مان ڏيندو هيو، شخصي طرح هن وٽ سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه هيا. اياز جي اکين ۾ ماڻهوءَ جي سڃاڻ هئي. هن کي خبر هئي ته ڪنهن سان هٿ ملائجي ڀاڪر پائجي يا پاسو وٺي لنگهي وڃجي. اياز ان وقت نوجوانن کي وڏو مان ڏنو. ان منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب “اوشا جي آشا” مارڪيٽ مان خريد ڪري پڙهيو هيو، هڪ دفعي ان رشيد ڀٽيءَ کي چيو ته رسول ميمڻ کي چئه مونسان ملاقات ڪري مان جڏهن ڪوئنس روڊ واري ان جي آفيس ۾ ويس ته اهي سياري جا ڏينهن هيا ۽ اياز اڳيان ٽانڊن واري سگري رکيل هئي. جنهن تي هو هٿ سيڪي ڳالهائڻ ۾ مصرف هيو. جڏهن مون پنهنجو تعارف ڪرايو ته هن مون کي سامهون ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. اياز جي چهري جي شفقت جيڪا مون ڏٺي شايد ئي ڪنهن ڏٺي هجي. مون ان جي اندر ۾ هڪ معصوم انسان ڏٺو. باقي شاعر جي لحاظ کان اياز نه صرف سنڌ جو پر دنيا جو وڏو شاعر آهي.
    سوال: سکر جا ڏينهن ۽ راتيون ڪيئن گذريون؟
    جواب: مون سکر ۾ زندگيءَ جا مصروف ترين ڏينهن گذاريا آهن. سکر ۾ ڪجهه اهڙي قسم جي گرمي آهي جيڪا لکڻ لاءِ توانائي پهچائي ٿي. سکر جا منظر ڪهاڻين جون منفرد تشبيهون آهن. سنڌوءَ جا ڪنارا جتي منهنجو ننڍپڻ گذريو. اڄ به منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار انهن ڪنارن تي پاڻيءَ ۾ پير وجهي ويٺل آهن. هڪ پيٿالاجسٽ (Pathologist) جي حيثيت ۾ سکر مون کي معاشي ترقي ڏني. ماڻهو جو سٺو وقت ان جو ننڍپڻ آهي. هو ڀل وڏو ٿي وڃي پر پنهنجي ننڍپڻ ئي جيئرو رهي ٿو. گذريل تيرهن سالن کان ڪراچي ۾ رهندي مون لاءِ سکر جا ڌنڌلا رستا ۽ گهٽيون خوابناڪ ٿي رهيا آهن. اهو شهر منهنجي لاءِ پراسرار نگري جي حيثيت رکي ٿو.
    سوال: اسان سمجهيون پيا ته لکڻ وري سنڌي ۾، جنهن ۾ نه ڪم جو قدر آهي نه ئي واهه واهه اوهان سنڌي ۾ پيا لکو اوهان ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟
    جواب: اها راءِ بلڪل صحيح آهي ته اسان سنڌي اديبن کي علاقائي سمجهي اهميت نٿي ڏني وڃي. سنڌي اديب جي سرڪاري سطح تي ڪا به حوصلا افزائي نه آهي. سنڌي ادب جا پڙهندڙ هن وقت به موجود آهن. سوال اهو آهي ته انهن تائين سنڌي ادب کي سستو ۽ سهڻو ڪري ڪيئن پهچائي سگهجي ٿو. مهانگائيءَ اسان جي معاشري کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. ادب اتي مقبول آهي جتي ڳڀو موجود آهي. ان ڪري ادب جي حيثيت به طبقاتي ٿئي ٿي. اسان جو سنڌي اڄ به بنيادي تعليم کان محروم آهي ۽ جيڪي پڙهيل آهن انهن جي بنيادي تعليم سٺي نه آهي. پڙهندڙ پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي تعليم جي ميدان ۾ سڌارو آڻڻو پوندو، جيڪو معاشي خوشحالي طرف وٺي ويندو ۽ ماڻهو مفلسيءَ مان جان ڇڏائي ادب جهڙن لوازمات سان فيضياب ٿيندا. منهنجي خيالن ۾ لکڻ جو تعلق پڙهندڙ سان نه آهي. هڪ سٺو اديب پڙهندڙ جي نفسيات کي سامهون رکي نٿو لکي پر اهو ڪجهه لکي ٿو جنهن ۾ هن جي پنهنجي ڪيٿارسس آهي. اديب لکڻ کانپوءِ ائين محسوس ڪندو آهي. جيئن ڪنهن عورت سان سمهيو هجي. هو لکڻ ۾ پنهنجي تسڪين ڳولهي ٿو. دراصل لکندڙ ۽ پڙهندڙ وچ ۾ هڪ وڏي وڇوٽي پيدا ٿي چڪي آهي. تعليم ئي اهڙو عنصر آهي جيڪو پڙهندڙ کي ان اوچائي تي وٺي وڃي سگهي ٿو. جتي هو لکندڙ جي معيار کي ڇهي سگهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ اڄ به ادب جا لکين پڙهندڙ آهن. ڇو جو اتان جي بنيادي تعليم ۾ ٻارن کي ادب پڙهڻ جي ترغيب ڏني وڃي ٿي ۽ ادب پڙهڻ عادت بڻجي وڃي ٿو.
    سوال: جيئن ته اسان وٽ تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي. سنڌي ڪتابن، رسالن جو تعداد ڏينهن به ڏينهن گهٽجي رهيو آهي اتي ادب ڪا تبديلي آڻيندو اهو ته ناممڪن ٿو لڳي؟
    جواب: ادب جو ڪم تبديلي آڻڻ نه آهي. ادب معاشري جي فڪري معيار کي وڌائڻ لاءِ ڪامياب ذريعو آهي. معاشري کي تبديل ڪرڻ ۾ تعليم جو ڪردار آهي. تعليم هر لحاظ کان روزگار جا رستا کولي ٿي. معاشي ترقيءَ جو سفر شروع ٿئي ٿو. ماڻهو ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي قابل ٿئي ٿو. ادب ذهني خوراڪ فراهم ڪري ٿو. اهو هڪ معاشري کي سٺي سرشتي جو دڳ ڏيکاري ٿو. انقلاب ادب نه معاشي صورتحال آڻيندي آهي. ادب ظلم کي وائکو ڪندو آهي. باقي سنڌي رسالن جو تعداد گهٽيو نه وڌيو آهي. پهريون جي ڀيٽ ۾ تمام خوبصورت ۽ گهڻي تعداد ۾ رسالا، ڪتاب ۽ اخبارون شايع ٿين ٿيون. سنڌي زبان جو پرنٽ ميڊيا پاڪستان جي ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.
    سوال: تازو اوهان جا ٻه ڪتاب آيل آهن ان تي پڙهندڙن پاران ڪيئن موٽ ملي؟
    جواب: منهنجي انهن ٻنهي ڪتابن کي پڙهندڙن پاران ساراهيو ويو آهي. انهن ۾ منهنجو پهريون ناول “اڻويهه عورتون” شايع ٿيو آهي. جيڪو تاريخ جي کوٽ هوندي. مون پنهنجي هڪ اهڙي علامتي تاريخ جوڙي آهي. جيڪا مان سمجهان ٿو ته لڳ ڀڳ ائين هوندي جيئن اڄ کان تيرهن سئو سال پهرين هئي. مون ڪهاڻيءَ کي علامتي Symbolic ۽ سريئلسٽ Surrealistic گهاڙيٽو ڏنو آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ پڙهندڙن کي هڪ وڏو عرصو لڳي ويندو ۽ هاڻي محسوس ٿي رهيو آهي ته پڙهندڙ منهنجي لکڻ جي سحرانگيزيءَ ۾ ڄڻ ڦاسندا پيا وڃن. گذريل هڪ سال کان منهنجي پڙهندڙن جو حلقو وسيع ٿيندو پيو وڃي.
    سوال: اوهان جو سورس آف انسپائريشن Inspiration ڪهڙو آهي؟ مثال طور ڪردار ۽ انهن جو وارتائون اوهان گهڻو ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ڏيو پيا اهو ڪيئن؟
    جواب: بنيادي طرح منهنجي لکڻين جو پس منظر قصا گوئي آهي. مان ماضيءَ جي واقعن ۾ وچڙيل آهيان. مون وٽ اهڙي ناسٽلجيا Nostalgia آهي جنهن ۾ گذريل راتين جا خواب آهن. مون وٽ قصا گوئي کي سحرانگيزي بنائڻ لاءِ علامتن ۽ تشبيهن جا انبار آهن. مان لکڻ ۾ تجريد Abstract کي پسند ڪريان ٿو ۽ ڪوشش ڪندو آهيان هر ليک ۾ نواڻ هجي. مون وٽ اڻ کٽ موضوع آهن.
    سوال: سنڌي ادب کي مجموعي طور ڪيئن پيا ڏسو؟
    جواب: سنڌي ادب زوال پذير آهي. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ورهاڱي کان ٿورو اڳ سنڌي ادب جي شروعات زبردست وڏي زور ۽ شور سان ٿي. اوچتو وڏا ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ تخليقڪار سامهون اچي ويا. ستر واري ڏهاڪي تائين اسان کي شاهڪار ڪهاڻيون ۽ خوبصورت شعر سرجندي نظر اچن ٿا. ون يونٽ واري تحريڪ وقت خوبصورت قومپرست شاعري اڀرندي نظر اچي ٿي. ان وقت جي نعري باز ادب جو پنهنجو مٺاس آهي. پر پوءِ ادب جو معيار برقرار رهي نه سگهيو ۽ ڪجهه ليکڪن کي ڇڏي باقي سڀ ادب جي معيار تي پورا نه لهي رهيا آهن. الميو اهو آهي ته سنڌي ادب جن جا بنياد ايڏا مضبوط آهن ان تي هڪ عاليشان عمارت اڏجڻ گهربي هئي اتي ڊٺل کنڊر آهن. نثر سٺو نه سرجي رهيو آهي پر پوءِ به شاعريءَ ۾ سنڌي ادب ترقي ڪري رهيو آهي.
    سوال: اوهان گهڻو ڪري اڪيلائي پسند آهي رائيٽر لاءِ ماڻهن سان ملڻ ضروري هوندو آهي. پوءِ ان جو پورائو ڪيئن پيا ڪريو؟
    جواب: ماڻهن سان ملڻ جو هڪ بهترين ذريعو انهن جون لکڻيون آهن. منهنجي آس پاس ڪهاڻين جا ڪردار ويٺل هوندا آهن جنهن سان مان گفتگو ۾ مصروف هوندو آهيان. ان باوجود منهنجا ڪيترائي دوست آهن جن سان مان ادبي بحث ڪري سوچن کي نواڻ بخشيندو آهيان.
    سوال: ڪهڙن رائيٽرن اوهان کي گهڻو ڪري پاڻ ڏانهن توجهه ڏياريو؟
    جواب: امر جليل کي پڙهي لکڻ شروع ڪيو، امر جليل منهنجي پرائمري ڪلاس جو استاد آهي. جمال ابڙو ۽ نسيم کرل جون ڪهاڻيون ڪنهن وقت وڻنديون هيون. پر عمر جي هن حصي ۾ مان سمجهان ٿو ته سنڌي ادب کي عالمي سطح تي اچڻ لاءِ اڃا گهڻي جاکوڙ جي ضرورت آهي. مان ٽالسٽاءِ کان متاثر آهيان ۽ گارشيا مارڪيز جو سحر طاري آهي. پر ان باوجود مون وٽ لکڻ جي الڳ راهه آهي ۽ چاهيندس ته مون کي منهنجي نالي سان ئي سڃاتو وڃي.
    سوال: سنڌي نقادن بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
    جواب: سنڌي نقاد ائين آهي جيئن ڪا عورت ابتو الحمد پڙهي ڏائڻ ٿي پوندي آهي ۽ ائين صورتخطيءَ کي ابتو پڙهڻ سان سنڌي نقاد ٿي پوندو آهي. نقاد هجڻ جو درجو هڪ وڏي ليکڪ کان به وڏو آهي. پر اسان وٽ نقاد ناسمجهه پڙهندڙ کان به ننڍو آهي. تنقيد جو مقصد ڪنهن کي نندڻ نه آهي. پر سڌاري جو ڏس ڏيڻو آهي. اسان وٽ تنقيد نگاري پنهنجي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. گهڻا نوجوان صرف ادب ۽ اديب کي نندن ئي ان لاءِ ٿا ته جيئن اهي جلد مشهوري ماڻي سگهن. تخليقون لکندڙ جو پورهيو آهن. ان پورهئي کي لتاڙڻ واجب ناهي. اسان وٽ اهڙن تنقيد نگارن جي کوٽ آهي. جيڪي لکيل پڙهيل هجن ۽ لکڻيءَ کي سمجهي ان کي حوالن سان صحيح راهه تي گامزن ڪري سگهن.
    سوال: گارشيا مارڪيز جي باري ۾ اڃا ڪجهه وڌيڪ بيان ڪريون ڇاڪاڻ جو گارشيا هن صديءَ جو وڏو اسٽوري ٽيلر آهي؟
    جواب: گارشيا دنيا جو پهريون اديب آهي. جنهن لکڻ جي ڏانوَ کي بدلائي وڌو آهي. گارشيا جي هر سِٽ ۾ سوين معنائون لڪل آهن. هر دفعي ورجائي پڙهڻ سان نئين معنيٰ سامهون اچي ٿي. گارشيا ناسٽلجڪ Nostalgic قصا گو آهي. هن جو ماحول هڪ نئين دنيا جو ماحول آهي. هن جي پرستان ۾ اهي داخل ٿي سگهن ٿا. جيڪي پاڻ جادوگر آهن.
    سوال: هن سال چين جي اديب مويان کي نوبل پرائيز ڏنو ويو آهي پر هن ايمانداريءَ سان چيني معاشري تي ڪنهن به قسم جي تنقيد ڪرڻ کان سواءِ هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪيون آهن اوهان جي نظر ۾ وڏا اديب پورو سچ چوڻ يا لکڻ کان ڪيٻائين ٿا اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    جواب: مويان جيڪو لکيو آهي اهو سچ آهي. مويان جي لکڻين جو موضوع سياست نه آهي. مويان هڪ قصا گو آهي. جيڪو ڪنهن حد تائين گارشيا مارڪيز کان متاثر نظر اچي ٿو. مويان وٽ به تمام سادن لفظن ۾ پنهنجن وڏڙن کان ٻڌل اهي ڪهاڻيون آهن، جن کي هو پنهنجي ڍنگ ۾ پيش ڪري ٿو. چين جي سياسي يا معاشي مسئلن تي لکڻ لاءِ هڪ صحافيءَ جي ضرورت پئي ٿي. صحافين جو ڪم آهي ته اهي سياسي ۽ معاشي انساني حقن تي سنوان سڌا ليک پيش ڪن پر هڪ اديب وٽ اهو سڀ هن جي تخليقن ۾ اڻ سڌي طرح موجود هوندو آهي. ڪو به سٺو اديب تخليقن جي ڪردارن جي باري ۾ غير جانبدار رهي ٿو جڏهن ته ان جا ڪردار آزادانه طور معاشري جي خامين کي از خود سامهون آڻين ٿا. دنيا ۾ سٺن اديبن وٽ سياسي موضوع تمام گهٽ رهيا آهن. جيڪڏهن اسان گورڪيءَ جو مثال ڏيون ته هن جو ناول “ماءُ” ڪميونزم جو سياسي پمفليٽ هوندي به تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور آهي. ساڳي طرح ڪولڊ وار جي ڏينهن ۾ جتي سامراجي ۽ اشتراڪي قوتون هڪ ٻئي جي مد مقابل هيون اهڙي ريت عالمي ادب به ٻن ڌڙن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو. اديبن جي اهڙي پروپيگنڊا واري سلسلي کي برقرار رکڻ لاءِ نوبل پرائيز ۽ لينن ايوارڊ جهڙا انعام آڇيا ويا.
    سوال: جيئن ته ميلان ڪنڊيرا جي ناولن کانپوءِ ناول لکڻ ڪافي مشڪل ٿي ويو آهي. ناول کي ڪنڊيرا جنهن جاءِ تي بيهاريو آهي اوهان ڪيئن ٿا سمجهيو ته هر قسم جو ناول لکجي چڪو آهي زندگي ايتري ته گوناگون آهي ليکڪ ڪٿي نه ڪٿي ڦاسي ٿو پئي؟
    جواب: منهنجي نظر ۾ ميلان ڪنڊيرا ايڏو وڏو ناول نويس ناهي، پر چيڪو سلواڪيا ۾ هن جا همعصر وڏا ناول نگار آهن. ميلان ڪنڊيرا جي مشهور ٿيڻ جو سبب هن جي ڪميونزم خلاف پروپيگنڊا هئي جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. ميلان ڪنڊيرا سي آئي اي جو پگهاردار هيو. پر پوءِ به هن جون ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهندڙ کي متاثر ڪن ٿا. لکڻ لاءِ دنيا ۾ ڪڏهن به موضوعن جي کوٽ ٿيڻي نه آهي. آسمان جيئن ستارن سان ڀريل آهي. تيئن دنيا موضوعن سان ٽمٽار آهي. ڌرتيءَ جي لاوارث ڪک تي ڪروڙين ڪهاڻيون لکي سگهجن ٿيون. هڪ موضوع ٻئي موضوع کي جنم ڏئي ٿو ۽ ائين موضوع ڪڏهن ختم نه ٿيڻا آهن. موضوعن جي فنا ڪائنات جي انت ئي ٿي سگهي ٿي.
    سوال: اوهان ٽالسٽاءِ جي وڻڻ جو ذڪر ڪيو ٽالسٽاءِ جي پسند اچڻ جا ڪي سبب؟
    جواب: ٽالسٽاءِ اهو اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ آهي، جيڪو خدا کان ماڻهن جي ڏاهپ لاءِ دعا گهري ٿو. هو روس جو اهڙو صوفي آهي. جيڪو مذهب کي بچائڻ بنا انساني قدرن جو بچاءَ ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين يا ناول پڙهڻ سان ڪڏهن ورقن مان هڪ هٿ نڪري توهان جي پيشانيءَ کي ڇُهي ٿو ۽ توهان لکڻ جي قابل ٿي پئو ٿا.
    سوال: اوهان جو پرک ۾ هڪ مضمون شايع ٿيو هو جنهن جو عنوان آتم نرآستي هيو. اوهان ان ۾ موت جي باري ۾ به لکيو آهي ڇا اوهان کي به موت جو ڊپ لڳي ٿو؟
    جواب: موت جو ڊپ لاشعوري طور هر جاندار ۾ موجود آهي، پر فطرت اسان کي پنهنجو پاڻ وقت سان گڏ موت لاءِ تيار ڪري ٿي. اسان ۾ اندر هر شيءِ پري پروگرامڊ (Preprogrammed) آهي. اسين جين آف ڊيٿ جي زيراثر آهيون جنهن تحت موت کي مرڻ کان اڳ قبول ڪرڻو پوي ٿو. غير فطري موت عذاب ناڪ آهي، موت جو لاشعوري خوف اسان کي جيئڻ جي سگهه ڏئي ٿو. هر خوف جو اثر دل جي ڌڙڪن کي جلا بخشي ٿو. موت بذات خود ڪجهه نه آهي. موت جو تصور ائين آهي، جيئن ڄمڻ کان اڳ اڻ هوندو جو تصور جڏهن اسان نه هياسي دنيا هئي ۽ موت کان پوءِ به ائين آهي جيئن اسان نه هونداسين ۽ دنيا هوندي. موت مئل نه پر جيئرن لاءِ هوندو آهي. ڇو جو جيڪو مري ويو ان کي موت جي ڪهڙي خبر، خبر ان کي هوندي آهي جنهن موت ڏٺو.
    سوال: اوهان هن دنيا کي هڪ صوفيءَ جيان يا مذهبي ماڻهو جيان يا ٻي ڪنهن لقاءَ ۾ ڪيئن ٿا ڏسو؟
    جواب: نه مان صوفي آهيان ۽ نه دهريو. مذهب اهڙي ڊهندڙ عمارت آهي، جنهن کي صوفي ٿوڻين جو سهارو ڏئي ٿو. صوفي مذهب کي قابل قبول بنائڻ لاءِ ان ۾ ترميمون ڪري سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مان خدا جي وجود جو انڪاري نه آهيان. پر گاڊ جين جو دعويدار آهيان، جيڪا انسان جي جيو گهرڙي جي ڪروموسوم ۾ لڪيل آهي ۽ سائنسي طرح ان کي هڪ ڏينهن ڳولهي لڌو ويندو. انڪري مان اٿيسٽ نه پر ايگنوسٽڪ آهيان. ڪائنات جي گهڻن رازن تان پردو نه کڄڻ ڪري منجهيل آهيان. منهنجي دنيا منهنجو دوزخ منهنجي جنت منهنجيون حورون منهنجا شيطان سڀ مون سان گڏ جيئن ٿا. انهن مون سان گڏ جنم ورتو آهي ۽ مون سان گڏ فنا ٿيڻا آهن.
    سوال: پنر جنم جيئن ته هندي مذهب وارن جو عقيدو آهي ان ۾ ڪنهن قسم جي سچائي آهي اوهان جو ڇا خيال آهي انسان وري ٻيهر هن دنيا ۾ موٽي اچي سگهي ٿو؟
    جواب: توهمات ۾ منهنجو يقين نه آهي، دراصل هر مذهب ۾ انسان جي نفسيات کي سامهون رکي اهڙا من گهڙت قصا جوڙيا ويا آهن جيئن انسان جي اندر خوف پيدا ڪري ان کي سنئينءِ واٽ هلائي سگهجي. انسان جي اندر جو حيوان اڃا مئو نه آهي، مذهبن ضروري سمجهيو ته انسان جي ڳچيءَ ۾ اهڙو زنجير وڌو وڃي جو هو حڪم جي تابع ٿئي سگهي. پنر جنم به اهڙن ئي من گهڙت قصن جو ترجمان آهي. جنهن تحت انسان کي ڊيڄاريو ويو آهي ته جيڪڏهن هو چڱايون ڪندو ته چڱي نسل ۾ نروار ٿيندو ۽ مدايون ڪندو ته سزا طور خراب نسل ۾ واپس ورندو.
    سوال: بنيادي طور خوف ڇا آهي؟ اسان خوف کي لفظن ۾ بيان ڪيئن ڪنداسين؟
    جواب: ڪائنات ۾ سڀ کان وڏو خوف زندگيءَ کي برقرار رکڻ جو آهي، انسان هر حال ۾ جيئڻ چاهي ٿو. ڪائنات جي هر شيءِ خوف جي پيداوار آهي. سائنسي طرح ڪائنات جي شروعات هڪ ڌماڪي سان ٿي. ان ڌماڪي جو اثر اڃا جاري آهي. انسان ازل کان ڊنل آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي پاڇي جي پوڄا ڪري ٿو. انسان خوف جي باري ۾ ايڏو ته حقير آهي جو هو ماڪوڙي کي مرشد مڃي ٿو ۽ اهو ڪائنات جي هر ان فطري لقاءَ جي عبادت ڪندو آيو آهي. جيڪو هن جي سمجهه کان مٿانهون آهي. هن باهه کان وٺي پاڻيءَ تائين سج ستارن کان چنڊ تائين هر ان شيءِ جي عبادت ڪئي آهي جنهن ۾ ڏاند ڳئون، مينهون ۽ ڪيترا جانور شامل آهن، ڏٺو وڃي ته خوف انسان کي جيئاري ٿو هن کي سوچ ۽ ڳڻتيءَ سان هم ڪنار ڪري ٿو.
    سوال: اوهان جي نظر ۾ زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات ڪهڙي آهي؟
    جواب: زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات اهڙو خواب آهي جنهن جي تعبير ڪٿي به ملڻي نه آهي. انسان دنيا ۾ ڪجهه به حاصل نه ڪري پر هو حاصل ڪرڻ جي حسرت ۾ مايوسين جي ور چڙهي پاڻ کي اجاڙي ٿو مون ڪڏهن حاصلات نه سوچيو آهي پر ان لاءِ سوچيو آهي ته ڪجهه وڃائجي نه وڃي. جيڪڏهن ڪو انسان دنيا ۾ عزت جا چار ڏينهن گذاري هليو وڃي ٿو ته اها حاصلات آهي.
    سوال: پراسراريت ڇا آهي؟
    جواب: مون ڏٺو آهي ته پراسراريت ٻاهر نه پر انسان جي اندر ۾ آهي، هر انسان جو اندر هڪ جهڙو نه آهي، ڪي انسان پراسراريت موجود هوندي به محسوس نٿا ڪري سگهن ۽ ڪن کي ڪائنات جي هر شيءِ پراسرار نظر اچي ٿي. جيستائين جنهن شيءِ تان پڙدو نه کنيو ويو آهي اها پراسرار آهي. ڪائنات جي هر شيءِ اڃا پڙدي ۾ لڪل آهي. اسان صرف اهو ڄاتو آهي ته ڪير ڪٿي آهي، پر اها خبر نه آهي ته اهو ڇو آهي. ڪائنات جيستائين برقرار آهي اها پڙدي ۾ ئي رهندي ۽ ان ۾ ڪنهن به شيءِ جي پراسراريت ختم نه ٿيندي.
    سوال: اڄ جي انسان جو وڏو الميو ڪهڙو آهي؟
    جواب: اڄ جي انسان جو وڏو الميو ان جي اڪيلائي آهي. ٽيڪنالاجيءَ انسان کي اڪيلو ڪري وڌو آهي. ان جا سماجي رشتا ختم ٿي ويا آهن. هڪ ڪمري ۾ ويٺل چار فرد هڪ ٻئي سان نه ڳالهائي رهيا آهن. پر اهي سيل فون تي ڏورهين فاصلي تي موجود اڻ ڏٺل فرد سان مخاطب آهن. اسين ايل سي ڊي ٽنگي ڀت جو آواز ٻڌي رهيا آهيون. ڪمري ۾ چپ آهي. ڀت جو آواز گونجي ٿو. اليڪٽرانڪس زندگيءَ کي سهل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اسان کي معاشي مسئلن ۾ ڦاسائي وڌو آهي. ڪمائڻ جي جستجو وڌي رهي آهي. وقت جي اهميت وڌي چڪي آهي اسان کي پاڻ لاءِ وقت تمام گهٽ آهي.
    سوال: آخر ۾ هڪ ليکڪ جو پاڻ کان پوءِ آيل پڙهندڙن ۽ لکندڙن لاءِ پيغام ڪهڙو ٿو ٿي سگهي؟
    جواب: هڪ ليکڪ جو پڙهندڙن لاءِ ان جي لکڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو پيغام ٿي ٿو سگهي. سٺا پڙهندڙ اهي آهن جيڪي سمجهي سگهن ٿا ۽ انهن وٽ اهو ڏانوَ آهي ته ڳجهارت کي ڪيئن ڀڃي سگهجي ٿو ۽ پڙهڻ جو حض ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڇو جو پڙهندڙ کي اهو فن حاصل ٿئي ٿو ته ان جا هٿ ڪيترا ڊگها آهن جو اهي ڪنهن وڏي وڻ کي ڇُهي ان جو ميوو حاصل ڪري سگهن. باقي ٿو کٽا چوڻ ان جو جواب ناهي.




    (مارچ 2013ع، رسالي “پرک” لاءِ نثار منصور کي ڏنل انٽرويو)


    پنجاهين سال

    ڪهاڻي ڇو ٿي لکي وڃي؟
    شاعري ڇو ٿي ڪئي وڃي؟
    شايد اسين ڪهاڻي لکي سچ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ڇو جو زندگي گذارڻ ڪوڙ کي Justify ڪرڻ آهي.
    ڪهاڻي ڪنهن ٻي دنيا جو سير آهي، هڪ اهڙي دنيا جنهن جا نظارا پڙهندڙ کي لکندڙ جون اکيون فراهم ڪن ٿا. لکڻ ائين عبادت آهي جيئن نماز پڙهڻ، ڪنهن جي نماز قضا ٿي وڃي ته کيس دل تي ٻوجهه محسوس ٿيند وآهي ۽ ڪهاڻي قضا ٿي وڃي ته اندر ۾ خال رهجي ويندو آهي.
    شاعري پنهنجين سوچن جي تعريف آهي. شاعر محبوب ٺاهيندا آهن، ڊاهيندا آهن، سندن مرضي آهي، اکيون خلقي انهن ۾ ڪجل وجهن يا ڌوڙ، اکين ۾ ڌوڙ وجهن ته جادوئي حقيقت نگاري (Magical Realism) جي ڪجل وجهن ته حقيقت نگار (Realism).
    مان رزاق سهتي جي ڪهاڻين ۾ سحرانگيزي ڳولهيندو رهيس پر ٻه ڪجلاريون اکيون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي حقيقت سان ڀرپور هيون. حقيقت اها آهي ته حقيقت کان وڌيڪ سحرانگيزي آهي ئي ڪونه. حقيقت پاڻ جادوگري آهي. حقيقت کان پراسرار ڪهڙي شئي آهي؟ حقيقت اندر سوين سوال سمايل هوندا آهن. حقيقت گوناگون آهي. حقيقت تجريد جي ماءُ آهي. ڀلا جيڪڏهن لوهه نه هجي ها ته زنجير جون ڪڙيون ڪيئن ٺهن ها؟ ڪپهه نه هجي ها ته سُٽ ڪيئن منجهي ها؟.
    رزاق سهتو حقيقت نگار آهي، سندس لفظ سادن اکرن جا جڙيل آهن ۽ جملا قطار ۾ بيٺل لفظن جون اهي عمارتون آهن جن جي ڪمرن جون دريون کليل آهن. ڪردارن کي ڏسڻ لاءِ علامتي دوربنين جي ضرورت نه آهي.
    صحافت حقيقت نگاريءَ جو مثال ٿي سگهي ٿي. خبر ۽ ڪهاڻيءَ ۾ فرق اثرانگيزيءَ جو آهي. صحافت ادب نه آهي، پر صحافتي ادب لکيو ويو آهي ۽ لکجي رهيو آهي. مئڪسم گورڪيءَ جو فن اهڙي ادب جو مثال آهي. هن وٽ حقيقت نگاريءَ جي انتها آهي پر هو ڪردارن جا اندروني احساس قلم سان محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ليکڪ پاڻ ڪردارن جو حصو بنجي وڃي ٿو. جڏهن ته دوستو فسڪيءَ جي عظمت وڌيڪ آهي ڇو جو حقيقت نگار هوندي، هن جا ڪردار آزاد آهن. انهن جون ڀوڳنائون پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪري ٿو.
    رزاق سهتو انهن اديبن مان آهي جيڪي ڪهاڻي کيتر جو وساميل مچ مچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مچ دونهي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. مچ مچائڻ لاءِ هوا جي جهوٽي جي ضرورت آهي. هوا جو جهوٽو وڏو معناخيز آهي. اهو وفادار آهي، دغاباز آهي، ڇو جو هوا باهه ٻاريندي آهي. هوا باهه وسائيندي آهي. ڦوڪ سان وسيل باهه ٻري سگهي ٿي. ڦوڪ سان وساميل ڏيئي جي وٽ نه ٻرندي آهي پر ڦوڪ سان ٻرندڙ ڏيئو وسامي ويندو آهي.
    مون ڪٿي پڙهيو ته اوائلي دور ۾ ڪو پارسي پڌر ۾ باهه ٻاري عبادت ۾ مشغول هيو. تيز هوا جو جهوٽو آيو ۽ باهه ڦڙ ڦڙ ڪري وسامڻ لڳي. پارسيءَ پاڻ چوڌاري ويڙهيل ڪپڙو لاهي پاند ڏئي باهه بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس پاند سڙي ويو. سو ڪرڻو ائين آهي ته باهه به بچي ۽ پاند به نه سڙي.
    ادب به اهڙو مچ آهي، جنهن کي ڏسي ڪو چوي ٿو.
    “باهه ٻري ٿي”
    ڪو چوي ٿو.
    “بکايل جي پيٽ ۾ باهه ٻري ٿي.”
    ڪو چوي ٿو.
    “باهه ٻاهر نه ٻري ٿي، من ۾ ٻري ٿي.”
    ڪو چوي ٿو.
    “باهه ٻري ئي ڪونه ٿي، نظر جو دوکو آهي.”
    ڪو چوي ٿو.
    “جيڪا پاڻيءَ سان وسامي وڃي، اها باهه نه آهي.”
    اديب وهم ۽ گمان جي دائري اندر حقيقت کي نئون روپ ڏيڻ لاءِ Obsessional ٿي ويو آهي. کيس پڪ نه آهي، هو گهر جي ٻاهرين در جو ڪڙو بند ڪري سمهيو آهي. سمهڻ کانپوءِ سوچي ٿو ڪڙو کليل ته نه آهي؟
    نفسات (Psychology) جو ڪو وجود نه آهي. اسان جنهن کي نفسيات چئون ٿا اهو رويو (Behaviour) آهي.
    تخم (Gene) جتي Specie کي عيان ڪري ٿو، اتي سڀ رويا به ظاهر ٿين ٿا. هر انسان Hysterical يا هيجاني آهي. اها هن جي تخم (Gene) جي صلاحيت آهي ته اها ڪيتري قدر هن جي مثبتي ۽ منفي ڪردارن کي دٻائي يا اجاگر ڪري ٿي. دنيا ۾ ڪي انسان مثبت رويا رکن ٿا ڪي منفي ۽ ڪي وچ ٿرا، جيڪڏهن ڪو منفي رويو رکي ٿو ته اهو مجبور آهي، ڇو جو اهو ان جي تخم ۾ موجود آهي. منفي روين کي روڪڻ لاءِ قانون انصاف ۽ مذهب جو خوف ضروري آهي. گناهن جي سزا، ثوابن جي لالچ، خدا ۽ شيطان جو تذڪرو، قيامت جو ذڪر، دوزخ جي باهه ۽ جنت جا باغ انسان جي منفي روين کي دٻائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ڪمينو پوءِ به ڪمينائپ ظاهر ڪرڻ تي مجبور آهي ڇو جو اهو تخم جو غلام آهي.
    فطرت (Nature) انسان جي تخم تي اثرانداز ٿئي ٿي، تخم جي تبديلي (Mutation) وايو منڊل ۽ فطرتي ماحول مطابق ٿئي ٿي. سٺو ماحول سٺا تخم پيدا ڪري ٿو. خبر نه آهي آهي دنيا اندر سٺو ماحول ڪڏهن ٿيندو، جو انسان جا تخم پاڪ (Purify) ٿي سٺائيون ساڻ کڻي سٺا انسان پيدا ڪندا.
    مون فطرت ۽ روين جو ذڪر ان ڪري ڪيو جو رزاق سهتو پنهنجين ڪهاڻين ۾ فطرت ۽ روين جو اظهار ڪري ٿو. هن جا ڪردار روين جي چادر جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن ۽ اهي ڪردار جيئن ڦتڪن ٿا وڃن ٿا ڦاسندا.
    جتي سنڌي زبان شاعريءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي، اتي نثر نسري نه سگهيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو شاعريءَ جي پس منظر سان ملامال هوندي نثر کي ترقي وٺڻ گهربي هئي، انڪري جو شاعري ٻوليءَ کي لفظن سان ملامال ڪري ٿي، جملن جي جوڙجڪ ۽ ترتيب ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ نثر لکڻ لاءِ وڏو مواد فراهم ڪري ٿي.
    منهنجي خيال ۾ شاعر کان وڌيڪ ڪو نثرنگاري نه ٿو ٿي سگهي، ٺلهو نثرنگار جيڪو شاعريءَ جي ذوق کان عاري آهي. اهو سگهارو نثرنگار نه آهي، خبر نه آهي ڇو سنڌ ۾ سٺي نثرنگاري ٿي نه رهي آهي، ان جو جواب شايد منهنجا دوست نڪ چڙهيا نقاد ڏئي نه سگهن باقي رزاق سهتي کي شابس آهي جيڪو لکي رهيو آهي. جڏهن نثر ناياب آهي ته هن لکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪڏهن ٻوليءَ کي جيئرو رکڻو آهي ته چپ ڪري ويهڻ گناهن ۽ قوم سان وفاداري نه آهي.
    رزاق سهتو انهن آڱرين تي ڳڻجندڙ اديبن مان هڪ آهي، جيڪي گذريل ٽيهن سالن کان مسلسل لکي رهيا آهن. هن جون ڪهاڻيون اسان جي معاشري جون ترجمان آهن. هن جا ڪردار عام رواجي انسان آهن جن جون ڀوڳنائون هو منفرد انداز ۾ پيش ڪري ٿو. روزمرهه جا ننڍا واقعا جيڪي عام رواجي طور ڌيان ۾ نه ايندا آهن، اهي رزاق جي ڪنواس تي اچي اجاگر ٿين ٿا.
    هو هڪ ڪهاڻي “خالي پاٽ” ۾ لکي ٿو.
    “ابا قبر جي سامي ٺاهيون يا ڪوٺي؟”
    ويٺلن مان ڪنهن جواب ڏنو.
    “سوڪهڙي جي مند آهي، زمين سڪي ڏرا ڏئي وئي آهي، سيڪ آهي ڪونه سامي ٺاهيو.”
    سوڪهڙي جي مند ۾ زمين ايڏي ته سڪل هوندي آهي جو دفنائڻ لاءِ سامي مضبوط ثابت ٿيندي آهي، هن وٽ ڪردار نگاريءَ جو فن آهي، گفتگو ۽ جملن جي ادائگيءَ جو ڏانءُ آهي، سندس ڪهاڻين جو گهڻو حصو مڪالماتي آهي، هن جا مڪالما وقت ۽ ماحول مطابق ادا ٿين ٿا.
    لنگهڻ جو ڀت کائيندي هڪ ڪردار چوي ٿو.
    “ادا هيڏي چانور ڏجانءِ”
    ڪنهن چيو.
    “ميان هن ڪنڊ جي سار ئي نه ٿا لهو.”
    مئل کي قبر جي جيئرن کي ڀت جي، رزاق روين کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو.
    ڪهاڻي “ڇٽل ڪارتوس” ۾ هو ويجهن ۽ آس پاس رهندڙ ڪردارن جي روين کي نندي ٿو، هن جي ڪردارن کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو جيئن هر رشتو مفاد جي تند سان ٻڌل آهي. اسين مفادن ڪري هڪ ٻئي جي ويجهو آهيون.
    ڪهاڻي “ٽيڙو نڪ” ۾ هو لکي ٿو.
    “عام ماڻهو ڪاوڙ ڪندا آهن ۽ وڏا ماڻهو ڏمربا آهن.”
    رزاق جي اها ڪهاڻي Semiabstract آهي. هو جيڪي چوڻ چاهي ٿو، اهو سڌو اظهار نه آهي. ٽيڙو نڪ ۽ ننڍو ڪن علامت طور استعمال ٿيل آهن جيئن ان ڪهاڻيءَ کي پڙهي پڙهندڙ پنهنجيءَ سوچ مطابق سمجهي سگهي.
    رزاق سهتي جي هن ڪتاب ۾ ٻاويهه ڪهاڻيون شامل آهن، انهن تي الڳ راءِ ان ڪري نه ٿي ڏئي سگهجي ته پڙهندڙ ڪنهن به وضاحت کان بغير پرتجسس ٿي پڙهن ته کين وڌيڪ وڻنديون. منهنجو مقصد ڪهاڻين جي وضاحت ڪرڻ نه آهي پر انهن جي خوبين کي سامهون آڻڻ آهي.
    سنڌي ادب ۾ اهڙيون ڪهاڻيون گهٽ لکيون ويون آهن، جيڪي بين الاقوامي بلندين کي ڇهي سگهن. سنڌ ۾ چٽپٽو ادب وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. اسين معياري پڙهندڙ پيدا نه ڪري سگهيا آهيون. دراصل ادب جي ترقي اتان جي ماڻهن جي ترقي هوندي آهي. سنڌ ۾ ذهني ترقي هڪ سطح تي اچي واپس موٽ شروع ڪئي آهي، ان ۾ اسان جي بنيادي تعليم ۽ سکيا جو ڏوهه آهي. هندستان ۽ سنڌ ۾ آيل هندستاني ڪلچر اسان جي نئين کيپ جو لهجو بدلائي وڌو آهي. ٿي سگهي ٿو اهو ارتقائي عمل جو حصو هجي، جنهن تحت خطي جي زبانن ۾ ڦير ڦار ۽ بگاڙ اچڻ کانپوءِ مختلف طبقا هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا آهن يا اها تهذيبن جي ويڙهه آهي جنهن تحت طاقتور تهذيبون ڪمزور تهذيبن کي ڳهي وينديون آهن. ڪراچيءَ اندر سٺ واري ڏهاڪي ۾ جتي روڊن تي ڪڙتا ۽ پاجاما نظر ايندا هيا اتي هاڻي ورلي نظر ايندا. پان وات ۾ وجهي ٺيٺ اردو ڳالهائيندڙن جو لهجو بدلجي ويو آهي، جنهن ڪري سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي رهي آهي. باقي نفرتن جي انتها آهي، جيڪا معاشي، سياسي ۽ مذهبي سببن ڪري ٿي سگهي ٿي. لساني نفرتن پويان به معاشي خوف آهي. گذريل پندرهن سالن اندر مهاجر طبقي ايڏو معاشي استحڪام حاصل ڪيو آهي جو جيڪڏهن ان وٽ ڪي محروميون هيون ته اهي ختم ٿيڻ گهرجن. ٿي سگهي ٿو انهن وٽ ڪجهه کسجي وڃڻ جو خوف هجي.
    رزاق سهتو به ساڳي شهر جو رهواسي آهي ۽ هن اها اٿل پٿل اکين سان ڏٺي آهي، سندس ڪهاڻيون ساڳي معاشري جي چيرڦاڙ ڪن ٿيون. هن جو قلم حقيقت بيان ڪري ٿو ۽ سندس ڪردار جيئرا جاڳندا اکين اڳيان نظر اچن ٿا. هن جي ڪهاڻي “چوٿين دنيا جو ماڻهو” پڙهڻ سان ساڳيو احساس جاڳي ٿو. ان ۾ هڪ لکيل پڙهيل شخص جون ڀوڳنائون آهن، جيڪو شهر ۾ اچي مجبورين جي چڪيءَ ۾ پيسجي ختم ٿي وڃي ٿو.
    رزاق وٽ جنسي تذڪرو منٽوءَ جيان معاشري جي هر عمل تي حاوي نه آهي، پر اهو وقتي ۽ ضرورت مطابق جائز هنڌن تي اجاگر ٿيل آهي.
    هن جي ڪهاڻين جو مجموعو “پنجاهين سال” ڇپجڻ جي خوشي ان ڪري محسوس ٿي رهي آهي جو اها سنڌي زبان جي خوشقسمتي آهي ته ان جو پرنٽ ميڊيا پاڪستان جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ آهي، رزاق جو هيءُ ڪتاب به ادب جي صنف ڪهاڻي ڪلا ۾ اهم اضافو ثابت ٿيندو.


    خاموش ڪچهريون

    واهه ڪناري بيٺل هڪڙي وڻَ سوچيو:
    “بيهڻ کان سوَ وار وهڻ ئي بهتر”
    اهو اوڻويهه سؤ چوهتر هيو، جڏهن ايازگل سان ملاقات ٿي. سکر ۾ ٿيل ان مشاعري جي صدارت پير حسام الدين راشدي ڪري رهيو هيو ۽ مهمان خاص شيخ اياز هيو. اسان نوجوانن پنهنجا شعرَ پڙهيا ۽ شعرَ پڙهي دوست ٿي وياسين.
    شاعرن جي الڳ دنيا آهي. اها دُنيا ايڏي ته خوابناڪ آهي جو ڪوهيڙي ۾ لاتعداد لکندڙن جي موجودگيءَ باوجود نظر ڏهن فُٽن تائين مسَ پوي ٿي. هر شاعر جي حسرت آهي ته اهو اڇي جُهڙ ۾ ناسي ڪپڙا پائي، گلابي رنگ واري ٽائيٽل سان ڍڪيل شاعريءَ جو ڪِتاب کڻي گهمي ۽ کيس ڪو فرشتو نظر اچي ته ان کي ڪتاب کولي پنهنجووسري ويل نثري نظم ٻُڌائي سگهي.
    ايازگل اسان جي ٽهيءَ جو سگهارو شاعر آهي. ٻيا شاعر ڀل فرشتا ڳولهين، پر مان ايازگل کي ڳولهيندو آهيان. ڪو به رسالو کولي ڏسندو آهيان، جيڪڏهن ايازگل نـظر اچي وڃي ته پهريون پڙهندو آهيان. ڪراچيءَ ۾ رهندي محسوس ٿيندو آهي، سکر ۾ روح وساري آيو آهيان. ٻه پليون جيڪي ٻه ٽُڪر ٿيل دل کي جوڙين ٿيون. بئريج روڊ، جِتي اسان دوستن جي لاتعداد قدمن جا نشان هوا مِٽائي پيرَ ڇُهي معافي وٺي ٿي. ننڍا پير، وڏا پير، پوڙها پير ۽ پيرَ جيڪي هاڻي نه رهيا آهن.
    اسين ڏاڍا حساس آهيون. پاڻيءَ ۾ پُسيل اسپنج جيان. پَٽ تي پڪل پيرونءَ جيان، نرم انبن جيان، حساس ماڻهوءَ کي روئڻ جو بهانو گهرجي. نَلَ مان پاڻي نه اچي ته اکين ۾ اچي ويندو آهي. خدا شاعر کي ڳوڙهن سان ڳوٿو ــ ان بندو ٺاهي روح ڦوڪيو، پر شاعر کي روح هٿ ۾ ڏنو، ان ڪري ته اهو ڌرتيءَ تي روح ورهائي، ڇو جو ان وٽ ورهائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. ڪڏهن سوچيندو آهيان ليبارٽريءَ ۾ چيڪ ڪري رت ڏئي سگهجي ٿي، جيڪر روح به ائين هجي ها، اهو عطيي ۾ ڏئي سگهجي ها ـــ دنيا ڏکي آهي. بُکي آهي، پوءِ به سُکي آهي. انسانَ جون اکيون آبِ حيات ڳولهين ٿيون. واتُ زندگيءَ جو نانءُ چٻاڙڻ لئه بيتاب آهي. رتُ جا گروپ آهن، روح جو گروپ نه آهي. انسان جيئري الڳ ۽ موت کان پوءِ هڪ آهي ـــ ايازگل ۽ منهنجيون ملاقاتون ”منير هوٽل“ ۾ ٿيون. هن جي شاعري کنڊ جيان آهي. هو کنڊ چانهه جي ڪپ ۾ وجھي دوست کي آڇي ٿو. مون سندس شاعريءَ جو مِٺاس محسوس ڪيو آهي. هڪ ٻوٽو، ننڍو، وڏو، ٽاريون، ڏارَ، ڇڻندڙ ٻور، کٽا انب، مٺا انب ــ ميوو پچي وڃي ته ٽاريون جھڪي آڇينديون آهن. وڻ مهربان ۽ نهٺو ٿي ويندو آهي.

    هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿئي
    دل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن

    لکڻ جي ڍنگ جي خبر نه آهي، پر مون کي ڳالهائڻ جو ڍنگ صفا نه آيو. مان يادن ۽ تصورن جي جنن سان preoccupied شخص آهيان. اهي ڳالهائڻ جو موقعو ڏين ته ڪنهن ٻئي سان ڳالهايان. مون وٽ نظر نه ايندڙ چهرن جو هجوم هوندو آهي. ڪمري ۾ ڏاڍو احتياط سان گهمندو آهيان ته ڪنهن تي لتَ نه اچي وڃي.
    “منير هوٽل” ۾ ايازگل سان منهنجيون خاموش ڪچهريون ٿيون. اسين روز اتي ويهندا هياسين ۽ چانهه پي سوچيندا هياسين. خوشي محسوس ٿيندي هئي ته هڪ دوست ڀر ۾ آهي، جنهن وٽ منفرد سوچون آهن، شاعريءَ جو ڏانءُ ۽ ڏاتِ آهي. جيڪو سدائين سُريلي آواز ۾ گنگنائي ٿو. شايد گهڻن کي خبر نه هجي ته ايازگل ڳائيندو به آهي. مون هن جون گَهنگناهٽون ٻُڌيون آهن ـــ هو سٺو مصور آهي ۽ ڪاتب پڻ آهي. اوڻويهه سؤ ڇاهتر ۾ جڏهن مون چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهرين مئگزين ”موهن جو دڙو“ آندي هئي ته، ان ۾ ايازگل لاجواب ڪئليگرافي ڪئي هُئي.
    هُن جو لاڙڪاڻي اچڻ ٿيندو هيو ته مون وٽ هاسٽل ۾ رهندو هيو. ”ويڄ“ رسالي جو ايڊيٽر ڊاڪٽر ثناءُ الله کوکر منهنجو روم پارٽنر هيو. جيڪو مهينو اڳ وفات ڪري ويو. اهو خوش مزاج شخص هيو. برڪت علي آزاد، ادل سومرو، ايازگل يا ٻيا دوست ايندا هيا، ته ان سان ملي، کين خوشي ٿيندي هئي.
    زندگيءَ جو تجربو افسوس تي ختم ٿئي ٿو ـــ جيڪر زندگي هجي ها، زندگيءَ جو تجربو نه هجي ها.
    ايازگل جي شاعريءَ تي اڳ مون لکيو آهي. مان سندس دوستيءَ تي لکڻ چاهيان ٿو. هو وڏو شاعر ۽ سٺو دوست آهي. مون کي ياد آهي، ستر واري ڏهاڪي ۾ ايازگل ايڏو ويجھو هيو جوملاقات نه ٿيندي هئي ته دل ملڻ چاهيندي هئي. هو منهنجي گهر ايندو هيو يا مان هن جي گهر هليو ويندو هيس. منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”امن جي نالي“ هُن پارس پبليڪيشنز پاران شايع ڪيو.
    ڏاڍا سٺا ڏينهن هيا، ان لحاظ کان ته گهر مسئلو نه هيو. مسئلو هيو ته ادب جي مسئلي کي ڪيئن سُلجھائجي؟! رفيق سومرو جنهن جي ننڍي عمر ۾ شادي ٿيل هئي، ٻيا سڀ ڪنوارا هيا. همعصر هوندي رفيق وڏو لڳندو هيو ــــ جيڪي وڏا هوندا آهن، اهي جلد موڪلائي ويندا آهن.
    مون پاڻ کي ڪڏهن وڏو نه سمجھيو آهي. نه ئي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻيا وڏو سمجھن. ڇو جو زندگي پياري آهي.
    سکر ۾ “ڪيفي الفريد” جي چانهه گھاٽو کير وجھڻ کانپوءِ به، ايڏي ڪاري هوندي هئي جو يقين ٿي ويندو هيو ته ڪارو، گوري جي ڀِڪ ۾ ويهي، رنگ نه بدلائي، عادت بدلائي. پيئڻ کانپوءِ دماغ مان ”ڪڙڪ“ جو آواز ايندو هيو. ”ڪيفي الفريد“ ڪڏهن دانشورن جي ويهڻ جي جاءِ هوندو هيو. ان هوٽل جي چانهه به فلسفو هئي، چانهه جو اثر ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ دماغ ائين سُمهي پوندو هيو جيئن ان پنهنجا سڀ ڏوهه بخشرائي ڇڏيا هجن.
    مون ايازگل سان جڏهن به ”الفريد“ ۾ چانهه پيتي ته آزاد نظم پابنديءَ سان لکيا ۽ هُن غزل آزاديءَ سان لکيا. اسان وڌيڪَ ملندي گهٽ ڳالهائيندا هياسين. شايد گهٽ ڳالهائڻ جو سبب وڌيڪَ ملڻ هيو. ملڻ لاءِڳالهائڻ ضروري نه هوندو آهي ـــ ڇو جونه ملڻ جو قسم کڻي پوءِ ڳالهائبو آهي. شخص کي دوست اهي ياد ايندا آهن، جن کي هو وساري وجھندو آهي. مون کي ايازگل ياد نه ايندو آهي، ڇو جو مان ان کي وساريو ئي نه آهي.

    توسان گڏجڻ موت ئي آهي ڄَڻ هاڻي
    ۽ پنهنجي ٿي روز مرڻَ دل چاهي


    هڪ تعليمدان

    مونکي ياد پوي ٿو، اهو اوڻويهه سؤ اٺهتر هيو، جڏهن نالي ڀائي غلام رسول ميمڻ جي ”ماڊرن“ پرنٽنگ پريس، نيم جي چاڙهيءَ ڀرسان هڪ ننڍڙي دوڪان ۾ هئي. مون پهريون دفعو ان پريس ۾ قربان منگيءَ کي ڏٺو. هو ان پريس مان ئي پرنٽ ميڊيا جو مضبوط ماڻهو ٿي نڪتو. نالي ڀائي هن جو اُستاد هيو. تن ڏينهن ۾ منهنجي شاعريءَ جو مجموعو ”اوشا جي آشا“ ساڳي پريس ۾ ڇپجي رهيو هيو.
    قربان منگيءَ ادب ۽ تعليم جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، اها سدائين ياد رکي ويندي. هو سنڌي قوم جي پاڙن کي پاڻي ڏيندڙ شخص آهي. ٻار، جيڪي قوم جون پاڙون ۽ اسان جو مستقبل آهن، انهن جي تربيت ۽ تعليم قوم جي ترقي ۽ بقا آهي. هن ادبي سفر جي شروعات ئي ”پوپٽ“ رسالي سان ڪئي، جيڪو ٻارن لاءِ هيو. اوڻويهه سؤ اسيءَ واري دؤر ۾ بوڪ اسٽالن تي جتي ٻارن لاءِ معروف رسالا رکيل هوندا هيا، اتي ”پوپٽ“ رسالو پڻ موجود هوندو هيو. هڪ سادو سودو، اخباري ڪاغذ تي ڇپيل ننڍي سائيز جو رسالو، پر وقت سان ”پوپٽ“ رسالو ترقي ڪندو، اڄڪلهه جي رسالن کان اڳرو آهي. ”پوپٽ“ سنڌ جو وڏو اشاعتي ادارو بنجي چڪو آهي. ان مان شايع ٿيندڙ ڪتابن جي ڇپائي عالمي معيار جي آهي.
    هن دؤرَ ۾ ادب شايع ڪرڻ قرباني ڏيڻ آهي ۽ قربان منگي اها قرباني ڏئي رهيو آهي. ”پوپٽ“ خالص ادبي رسالو آهي، جنهن ۾ ڪو به تجارتي اشتهار قبول نه ڪيو ويندو آهي.
    هن جا لکيل سفرناما دلچسپ ۽ معلوماتي آهن. اهي منظر نگاريءَ ۽ خوبصورت عڪسن سان چٽيل آهن. پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران معروف ليکڪن جي ڪتابن سان گڏ نون ليکڪن جا ڪتاب پڻ شايع ٿين ٿا. قربان منگيءَ جي حيثيت هڪ تعليمدان جي آهي. هن وقت جڏهن سنڌ اندر تعليم جو ٻيڙو ٻڏيو پيو آهي، سرڪاري سطح تي هٿ وٺي تعليم کي برباد ڪيو ويو آهي، استاد جهڙو عظيم رتبو اهميت وڃائي ويٺو آهي، ڪاپي ڪلچر عروج تي آهي، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان شاگرد جهالت جون ڊگريون وٺي نوڪرين لاءِ وڏيرن ۽ سياستدانن پويان ڊوڙي رهيا آهن، اتي قربان منگيءَ جهڙن همدرد تعليمدانن سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار کي سهارو ڏئي، قوم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    سنڌ چلڊرن اڪيڊميءَ پاران ٻارن جي تعليم ۽ جاڳرتا لاءِ جيڪا ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، اها ضرور ڪامياب ٿيندي. ٻارن جي سجاڳيءَ لاءِ رٿيل ميلا، مذاڪرا ۽ شاگردن جي حوصلا افزائيءَ لاءِ ڏنل ايوارڊ ضرور ڪارگر ثابت ٿيندا.
    سنڌ چلڊرن اڪيڊميءَ پاران منعقد ڪيل ميلن ۽ گڏجاڻين ۾ سنڌ جو ثقافتي رنگ نمايان هوندو آهي، جنهن سان ٻارن ۾ پنهنجي تهذيب، ادب ۽ زبان سان لڳاءُ پيدا ٿئي ٿو. سنڌ اندر وڏن شهرن ۾ اسڪولن مان سنڌي زبان کي خارج ڪرڻ لاءِ جيڪا سازش ٿي رهي آهي، اها نندڻ جوڳي آهي. ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي ڳالهه پري، پر سرڪاري اسڪولن ۾ به سنڌي زبان ۾ تعليم نه ٿي ڏني وڃي، جيڪا ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي. سنڌ سرڪار هڪ مخصوص مافيا هٿان بليڪ ميل ٿي چُڪي آهي، انهن کي حڪومت پياري آهي ۽ حڪومت صدقي اهي سنڌ قربان ڪرڻ لئه به تيار آهن.
    اهڙين حالتن ۾ قربان منگيءَ جهڙا ماڻهو، هڪ اداري جي حيثيت رکن ٿا. اهي ڪنهن به سرڪاري يا غير سرڪاري مدد کانسواءِ ”پنهنجي مدد پاڻ جي“ اصولن تي قوم جي خدمت ڪن ٿا. اسان جيڪڏهن سنڌ اندر تعليم بچائي وجهون ته اها وڏي ڪاميابي ٿيندي، ڇو جو هن قوم جو مستقبل تعليم سان وابستا آهي.
    قربان منگي اسان دوستن لاءِ مثال آهي. هن ڪڏهن شهرت جي خواهش نه ڪئي آهي. هو هڪ محنت ڪش آهي، جيڪو سنڌ جي نئين سر اڏاوت ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. هڪ هاري جنهن جي هلايل هَرَ مان نوان کيت ڦُٽندا...


    انور شيخ جون ڪهاڻيون

    انور شيخ سنڌي ادب جي نئين دريافت آهي، هن جي لکڻ جو انداز انڪري منفرد آهي جو، اهڙي قسم جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ پهرين دفعو لکجي رهيون آهن. هن کي پڙهي ائين محسوس ٿئي ٿو جيئن ڪهاڻين جو مک ڪردار پنهنجي چير ڦار پنهنجن هٿن سان ڪندو هجي.
    سنڌي ادب ۾ اهڙين ڪهاڻين جو مثال گهٽ ملي ٿو، جيڪي ليکڪ جي پيشي سان لاڳاپيل هجن. ساڳي راءِ جيڪڏهن مان پاڻ تي ڏيان ته ائين چوندس، ڊاڪٽر هوندي منهنجين سوَ کان مٿيل لکيل ڪهاڻين ۾ صرف چار يا پنج ڪهاڻيون اهڙيون هونديون جيڪي منهنجي پيشي سان لاڳاپيل هونديون.
    انور شيخ ڪمال ڪيو آهي. هن دردن جا دفتر کولي اسان اڳيان رکيا آهن. سندس ڪهاڻين جو هيرو پوليس جي وردي پاتل اهڙو شخص آهي جنهن جو ضمير من ۾ ٽانڊن جيان دکي ٿو.
    اسان جي سماج جي اها خوشقسمتي ٿيندي ته هڪ اهڙي اداري ۾ جنهن جي نيڪ نامي ڪٿي به نه آهي، ان ۾ انور شيخ جهڙا اديب پيدا ٿي پون، اهو ادب جو نئون ڌارو هوندو، جيڪو وهي پوي ته ان ۾ سنڌ جا گهڻا سور لڙهي ويندا.
    ساڳي پيشي سان تعلق رکندڙ ڪهاڻيڪار اختر جانوريءَ پڻ سنڌي ادب کي بهترين ڪهاڻيون ڏنيون آهن.
    انور شيخ جي ٻولي ۽ ڪردارن جي گفتگوءَ جو انداز جيتوڻيڪ نسيم کرل جي ڪهاڻين سان ملندڙ جلندڙ آهي پر هن جو تاڃي پيٽو الڳ آهي. نسيم کرل پڙهندڙن کي ڇرڪائي وجهي ٿو ۽ انور شيخ گهڻيون ڳالهيون پڙهندڙن تي ڇڏي ٿو ته اهي پاڻ پرهي سوچي ڪنهن نتيجي تي پهچن، هن ڪجهه ڪهاڻين ۾ پڙهندڙن کي ڇرڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اهڙو تاثر بيان جي انداز ۾ زائل ٿي وڃي ٿو.
    انور شيخ جي ڪهاڻين جي خوبي سندس ٻوليءَ تي ضابطو آهي. هن جا لفظ تجنيس حرفيءَ جي ڌاڳي ۾ پوئيل آهن. هو ڪهاڻيءَ جو شاعر آهي. سندس ڪهاڻي “ڊيڪ جي آواز ۾ گم ٿي ويل چيڪ” جي هڪ سٽ ڏسو.
    “عشق ازل کان آسان رهيو آهي آسودن لاءِ”
    انور وٽ مشاهدي جي کوٽ نه آهي. هن جون تشبيهون، استعارا، محاورا ۽ علامتون ڪهاڻين ۾ ڪنارن تائين ڀريل آهن. هو مشاهدي جي غلطي ڪٿي نه ٿو ڪري، نه ته مشاهدن جون غلطيون اڪثر عام آهن. سنڌيءَ جي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جنهن جو نالو وٺڻ مناسب نه ٿو سمجهان، ان جي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ توهان کي مشاهدي جي غلطي هيٺين سٽ ۾ محسوس ٿيندي.
    “اوندهه، چور، ڀنڀي ڏاڙهي، وڏيون مڇيون، منهن تي ٻٽ ٻڌل”
    سنڌي ڪهاڻي ڪيترن سالن کان زوال پذير آهي. جيڪڏهن ڪجهه سٺا ڪهاڻيڪار آهن ته اهي ان کي سهارو ڏيڻ لاءِ ناڪافي آهن. هڪ جاڳرتا جي لهر جي ضرورت آهي. اهڙي لهر جهڙي سٺ واري ڏهاڪي ۾ اڀري، هڪ اهڙو ادب جنهن هر سنڌيءَ کي متاثر ڪيو. هاڻي مايوسيءَ واريون حالتون آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو اسان کان اڳ واري ٽهيءَ کي رهنمائيءَ تان دستبردار ٿي ويهڻ بجاءِ اڳتي وڌي عالمي سطح تي سنڌي ادب لاءِ واٽون کولڻ گهربيون هيون. دنيا جا وڏا اديب عمر جي آخري حصي ۾ لکندي آسمان کي ڇهي رهيا آهن، جنهن جو مثال گارشيا مارڪيز آهي، پر اسان جا وڏا اديب ملان، ذاڪر ۽ مبلغ ٿي خطبا ڏئي دعائون لکي رهيا آهن.
    انور شيخ جي خوبي اها آهي ته هو مسلسل لکي رهيو آهي، هن وٽ جوش آهي ۽ جنون جيڪو کيس قلم کڻڻ تي اڀاري ٿو. جيتوڻيڪ هو لکندي ڪٿي جذباتي ٿي حد کان وڌيڪ اٿلي پوي ٿو، پر پوءِ به هو علم ۽ ڄاڻ پڙهندڙن تي مڙهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري، اهو ضروري آهي ته اديب ڪهاڻيءَ کي ڪهاڻي سمجهي لکي، ان ۾ مضمون جهڙي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪري، ڇا اهو ضروري آهي ته جَتَ جي ڪردار تي ڪهاڻي لکندي اٺن جا قسم ڳڻايا وڃن، يا جوڳيءَ جي ڪردار تي ڪهاڻي ائين لکجي جو اهو نانگن تي مقالو ٿي پوي.
    سٺي ڪهاڻي بيخوديءَ جي ڪيفيت ۾ لکيل هوندي آهي، قلم تي حڪم نه هلائبو آهي، قلم توهان کي پاڻ وٺي وڃي، پڙهندڙ جج جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي، ليکڪ کي ڌر ٿيڻ بجاءِ ظالم ۽ مظلوم ٻنهي جي ايمانداريءَ سان وڪالت ڪرڻي آهي، پڙهندڙ پاڻ انصاف ڪري سگهي ٿو.
    انور شيخ سنڌي ادب کي سٺيون ڪهاڻيون ڏنيون آهن. جن ۾ ڪارو ڪتو، نقش قدم، عشق جنين تات، ڪٽ جوڙ، ڇهه هٿ ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن.
    ڪهاڻي ڪارو ڪتو ۾ جمعدار ايس ايڇ او کان غلطيءَ جي معافي وٺندي چوي ٿو. “سائين معاف ڪجو آليءَ زبان مان ڳالهه ترڪي وئي.”
    آليءَ زبان مان ڳالهه جو ترڪڻ هڪ خوبصورت محاورو آهي جيڪو انور شيخ جي قلم جو ڪمال ئي ٿي سگهي ٿو. ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ايس پي جي لنگهي وڄڻ کانپوءِ ايس ايڇ او جي حالت بيان ڪندي لکي ٿو.
    “مينهون خان هيڪاندو نڪ ۽ وات مان گڏيل ساهه ڇڏيو ۽ تڪڙو هلندي گاڏيءَ ۾ ويهي شيشا بند ڪري ڪنهن ڪراڙي عورت جيان پار ڪڍندڙ ٽون جهڙي آواز ۾ ريهه خارج ڪئي.”
    هن جي ڪهاڻين جا ڪردار فطري ۽ جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا، ڪهاڻي “ڇهه هٿ” سنڌي ادب جي بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي. هر ڪردار اکين اڳيان چرپر ڪندي نظر اچي ٿو. پوليس هڪ چور جي گهر تي ڇاپو هڻي لٽ مار ڪري ٿي. ان جي ردعمل ۾ هڪ غريب ڪٽنب کي جنهن طريقي چيچلائيندي ڏيکاريو ويو آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي.
    تاريخي طور ظلم ۽ غربت ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو موضوع رهيا آهن، انور شيخ ساڳي روايت کي برقرار رکندي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم جو ذڪر ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ مجبورين ۽ غربت جا موضوع هر هنڌ ملن ٿا.
    ڪهاڻي “عشق جنين تات” ۾ لکي ٿو.
    “ڌرتيءَ کي ڪارن ڪڪرن پوليس جيان گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هيو.”
    ڌرتيءَ کي ڪارن ڪڪرن جيان پوليس جو گهيري ۾ وٺڻ، نيون علامتي تشبيهون آهن. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار پوليس جي وردي پائي ڪهاڻيءَ جي هر سٽ ۾ قطار ٺاهي بيٺل نظر اچن ٿا. ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو.
    “بهاول جي آواز ۾ ڪچي جي ڪنڊي مينهن جي کير جهڙو سواد ۽ سچي مکڻ جهڙي نرمي هئي.”
    پوليس جي ڪردار کي ننديندي جڏهن ماروئڙن جي ڀوڳنائن جو ذڪر ڪري ٿو ته سندس لهجو نرم ٿي وڃي ٿو.
    ڪهاڻي “مفاهمت” سماج جي مختلف ڪردارن وچ ۾ گفتگوءَ تي مشتمل آهي. قومپرست کان سياستدان ۽ دانشور کان صحافيءَ تائين، ظاهري تضاد هوندي انهن وچ ۾ مفادن تي مفاهمت آهي. اسان جي معاشري جا اهي ڪوڙا ڪردار مفادن جي ڏور سان ڳنڍيل آهن.
    انور شيخ جي ڪهاڻين ۾ شرابن جي ٽڪرائجندڙ جامن ۽ چرغن جي چٻاڙجڻ جا آواز وڏي زور ۽ شور سان شامل آهن. هو جڏهن عورت جي بدن جي منظرنگاريءَ ڪري ٿو ته عورت آزاد نظم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
    هن جي ڪهاڻي “ڏيئا ڏيئا لاٽ” قومپرستيءَ جي موضوع تي لکيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ بهترين محاورا، تشبيهون ۽ منظر آهن، پر اها ڊرامائي روپ اختيار ڪري اهڙي ڇرڪائيندڙ انت تي پهچي ٿي جو اهو غير فطري محسوس ٿئي ٿو. ساڳي ڳالهه ڪهاڻي “سينڌ” ۾ ٿيل آهي، جيڪا شاندار انداز ۾ اڳتي هلي هڪ عورت جي بي ڍنگي رويي تي اختتام پذير ٿئي ٿي.
    انور شيخ حقيقت پسند ليکڪ آهي، هو وارتائن جو ذڪر ڪنهن صحافيءَ جيان نه، پر هڪ حساس اديب جيان ڪري ٿو. پر ڪٿي انداز جذباتي ۽ ڊرامائي ٿي وڃي ٿو. هن جي ڪجهه ڪهاڻين جو انت انڪري ساراهڻ جوڳو نه آهي جو اهي Anticlimax حدون ڇهندي نفسيات تي ٺهڪندڙ نظر نه ٿيون اچن، حقيقت نگاريءَ ۾ ڪهاڻيءَ کي آزاد ڇڏڻو آهي. ان کي منظم Orgnised ڪرڻ سان مصنوعيت جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
    هن جي ڪهاڻي “ڳاڙهي شلوار” هڪ سٺي ڪهاڻي هوندي ان منظم Orgnised گهٽ وڌائي جو شڪار نظر اچي ٿي. هڪ عورت کي سدائين ساڳي سلوار پهريل نه هوندي آهي. ضروري نه آهي ته محبوب سان ملڻ وقت هن کي ساڳي سلوار پهريل هجي.
    منهنجي ذهن ۾ به اهڙا ڪئي پلاٽ ايندا آهن، جن کي سوچن سان منظم ڪندي فني مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن، جيڪڏهن انهن کي سلجهائي نه سگهندو آهيان ته ذهن ۾ رکي وقت جو انتظار ڪندو آهيان. ڪڏهن سوچون وڄ جيان جاڳي انهن مسئلن کي حل ڪري وجهنديون آهن يا ڪهاڻين جو پلاٽ بدلائي وجهنديون آهن. ڪهاڻين جا سٺا پلاٽ ڄاڻي واڻي سوچڻ سان نه ايندا آهن. پر معاشري ۾ ڏيتي ليتيءَ دوران اوچتو ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ چمڪو ڏئي جاڳي پوندا آهن. وڌيڪ تخليقڪار جي ڏات آهي. ڏانءُ آهي. مطالعو ۽ مشاهدو آهي، جيڪو لکڻ وقت مدد ڏئي ٿو. ڪهاڻي لکڻ، قبر کوٽي ڍانچو ٻاهر ڪڍي، ان تي گوشت چاڙهڻ رڳون ٺاهڻ، کل چاڙهڻ ۽ رت وجهي روح ڦوڪڻ آهي، جيڪا مردو اٿي پنهنجي واتان ٻڌائي ته اها ڪهاڻي آهي.
    انور شيخ وٽ ڏات ۽ ڏانءُ موجود آهي. اهو ضروري نه آهي ته تخليقڪار جون سڀ تخليقون تعريف جي لائق هجن. اهو شرط پڻ دنيا جي وڏن اديبن تي لاڳو ٿئي ٿو. جن جون سڀ تصويرون ساراهه جوڳيون قرار نه ٿيون ڏئي سگهجن. ڪنڀر جي آويءَ ۾ پچي سڀ ٿانوَ هڪ جهڙا نه نڪرندا آهن. ڪي ڏنگا ڦڏا، ڀڳل ۽ ڪي رنگ جا سٺا ۽ پڪل هوندا آهن. ليکڪ جو دماغ به آويءَ جيان آهي، جنهن مان ڀل ٻاڦ ٻاهر نه نڪري پر ڄر ضرور نڪرندي آهي.
    هن جي ڪهاڻي “ڪٽ جوڙ” فن جي بلندين کي ڇهندي نظر اچي ٿي. ثوابن ۽ گناهن جي ڪٽ جوڙ ۽ دنياداريءَ جي منافعن ۽ نقصانن کي سٺي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
    ڪهاڻي “شهمير خان” پر تجسس ڪهاڻي آهي، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ وچ ۾ ڇڏيندي دل نه ٿي چاهي.
    ڪهاڻي “نقش قدم” ۾ خدو ۽ خانوءَ جا علامتي ڪردار ساراهڻ جوڳا آهن اها علامتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سردار جي بوٽ سان عقيدت هر پيڙا کان آجو ڪري ٿي.
    ڪهاڻي “وهندڙ ڪهاڻي” فني خوبين سان مالا مال آهي پر ليکڪ ڌر بڻيل آهي.
    ڪهاڻي “سرمائي” سٺي ڪهاڻي آهي پر ان ۾ ٻوليءَ جي پالوٽ آهي، ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ٻوليءَ جو ملبو هٽائي ڪهاڻيءَ جا کنڊر ڳولهڻا پوندا آهن، ٻوليءَ کي ٻانهي هجڻ گهرجي حڪمرانيءَ جو حق صرف سوچ کي حاصل آهي.
    مان ائين چوڻ ۾ ڪا به جهجهڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته سنڌي ادب جي جمود کي ٽوڙڻ ۾ انور شيخ جي ڪهاڻين جو ڪردار پڻ آهي، هن ڪجهه ڪهاڻيون اهڙيون ڏنيون آهن. جن کي کليل دل ۽ دماغ سان پڙهڻ کانپوءِ چوڻو پوي ٿو ته اهي سنڌي ادب لاءِ خوبصورت تحفا آهن. اهي يادگار ڪهاڻيون آهن ۽ انهن جي اهميت سدائين رهندي، اميد ته انور شيخ ائين لکندو رهندو ۽ ادب ۾ پيدا ٿيل اڻاٺ کي دور ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.


    اکين جي قبر ڳوڙهن جا لاشا

    (اياز گُل جي شاعريءَ جو تجزيو)

    ڏاڍو ڏکيو آهي ٻئي جي احساسن جو ترجمان ٿيڻ، سڙيل جا زخم محسوس ڪري سگهجن ٿا، ڄر کي نه، احساس لفظن جو روپ ڌارين ٿا ۽ لفظ بند ٽجوڙيون آهن، جن جي چاٻي انهن جي مالڪ کانسواءِ ڪنهن وٽ نه آهي. اهي ٽجوڙيون ذاتي ملڪيت آهن جن کي کولڻ لاءِ اجازت جي ضرورت آهي.
    ادب ۽ شاعري پورهيو آهي، ڪنهن عمارت ٻاهران بيهي ان جي اڏاوت تي ڳالهائڻ ناجائز آهي، سٺو آهي ته عمارتساز سان ميز تي ويهي بحث ڪجي، ليکڪ عوامي نه هوندو آهي پر ٿي ويندو آهي. لکڻيون ذاتي احساس آهن جن ۾ عوام کي پنهنجو چهرو نظر اچي ٿو. جن نظريا اختيار ڪيا ۽ نعري بازي ڪئي اهي تباهه ۽ برباد ٿيا.
    اياز گل کي ننڍپڻ کان سڃاڻيان ڇو جو منهنجو دوست آهي. ڪڏهن ٽيڙو هيو، هاڻي غزل آهي، غزل به اهڙو جو هرڻ جي هر ڇال تي ڌرتيءَ مان پاڻيءَ جو چشمو ڦٽي نڪري ٿو.

    اسان جي ڏات کي، جنهن جاءِ مات ٿي ڏسجي،
    اوهان جا نيڻ، جتي ڪائنات ٿي ڏسجي.

    ڪنهن ڏٺي آهي ڪائنات گمنام نيڻن کانسواءِ، ڪو ڪائنات ڏسي ته سندس دل ڦاٽي پوي، ڪائنات سمنڊ جيان نه آهي جنهن ڪناري ناريل پوکي سگهن، اهڙو اڻ لڀ محبوب جنهن جي ناياب نيڻن ۾ ڪائنات ڏسجي ٿي ان جي در تائين پهچڻ جي جستجوءَ ۾ ئي ڏات جي مات ممڪن ٿي سگهي ٿي. ڏات فطرت جو حسين تحفو آهي جنهن سان اياز گل نوازيل آهي. ڏات سونهن آهي جيڪا هر هڪ جي حصي ۾ نه ٿي اچي، ڪي ڪوجها آهن، اها فطرت جي ناانصافي نه پر فرد جو فطرت ڏانهن رويو ۽ ماحول آهي. سهڻي جي صورت سڙي وئي کاڏيءَ جو تر بچي ويو اهو اتفاقي آهي، ڏات کي ڏانءَ جي ضرورت نه آهي پر ڏانءَ کي ڏات جي ضرورت آهي. ڏانءُ ڏات کي ڳولهڻ لهي ٿو. حسينن تي ناز پاڻ ئي نازل ٿين ٿا. ٺلهو ڏانءُ خالي ٿانءُ آهي.

    ڪنهن ٻوڙان ٻوڙ وانگي آ
    هي غم گجگوڙ وانگي آ

    گارشيا مارڪيز پنهنجي ڪتاب “پيار ۽ آسيب” جي انتساب ۾ لکيو آهي ته “ڪارمن بالسلز ڏانهن جيڪو ڳوڙهن سان وهنجيو.”
    دنيا ۾ اڄ گارشيا جي هر سٽ کي ساراهيو وڃي ٿو. پڪ سان ان گل جو اهو غزل نه پڙهيو هوندو، غم مينهن وانگر وسندو آهي ۽ ڳوڙهن جي ٻوڏ ايندي آهي. گارشيا گل جون اهي سٽون پڙهي ته کيس سحرانگيز حقيقت نگاريءَ جو نئون نظارو نظر اچي وڃي. ڳوڙها پاڻيءَ جو لڪيل ذخيرو آهن. ڪو مسافر رڻ ۾ هلندي ٿڪيو، اڃايل هيو مايوس ٿي ويو. رنو ته ڳوڙهن سندس نڙيءَ کي آلو ڪري وڌو.

    اڳتي اڳتي پار ڏسڻ ئي بهتر آ
    هن سوچيو “هن پار وڃڻ ئي بهتر آ”
    واهه ڪناري بيٺل هڪڙي وڻ سوچيو،
    “بيهڻ کان سوَ وار وهڻ ئي بهتر آ”

    اسين زندگيءَ کي مانيءَ وانگر کائون ٿا. حياتيءَ جي دسترخوان تي ڪو کاڌو بچائي هليو وڃي ٿو، ڪنهن جا وٽا خالي ٿي وڃن ٿا، مون هڪ آشرم ۾ پورڻتا (Contained)جا دعويدار ٽي ٻاوا ڏٺا جن جا پيٽ ڦوڪيل هيا. پورڻتا هوا آهي.
    گل ٺيڪ چوي ٿو، حاصلات جي جستجوءَ ۾ جاندار زندگيءَ جا ليڪا لتاڙي ٿو. نديءَ ڪناري بيٺل وڻ جيان ڪير به مطمئن نه آهي. واهه جي پاڻيءَ به ڪناري بيٺل وڻ کي ڏسي ضرور سوچيو هوندو جيڪر اهو ان جيان بيهي آرام ڪري.

    ماڻهوءَ اڳيان پويان پاڇا ڊوڙن ٿا
    نظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا

    مون ننڍي هوندي ملتاني فقيرن جو پتلي تماشو ڏٺو جيڪي رات جي وقت ٽي کٽون ڏئي فانوس ٻاري پتليون نچائيندا هيا، نچندڙ کلندڙ روئندڙ ليلا ايڏي ته وڻي جو صبح سان ننڊ مان اٿي ملتاني فقيرن جي هڙ مٿان وڃي بيٺس، ملتاني فقير سمهيا پيا هيا، هڙ کولي بي جان ليلا کي ڏٺم، ڏک کان نيرن نه ڪري سگهيم، اهو سچ آهي ته اسين ڌاڳن سان ٻڌل آهيون. پاڻ مرادو ڇڏڻ Autodetachment جي عمل مان گذري پتليءَ جيان فقير جي هڙ ۾ دفن ٿيون ٿا. اهو ارتقائي عمل آهي. دنيا پاڇن جو تماشو آهي.
    ڪيئن ڪري سگهندا منزل کي پنهنجو هو
    خيال اهي جي چارئي پاسا ڊوڙن ٿا

    ماڻهو چوواٽي تي بيٺل آهي، منزل جي ڳولها ۾ منجهيل آهي پر ڀلا ڀاڳ انهن جا جن جون منزلون چوواٽا آهن. چوواٽي تي اڻ ڏٺل هستيءَ جو ديرو آهي. انسان منزل جي ڳولها ۾ ڀٽڪيل آهي، وهمن وسوسن ۽ خدشن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي پر حقيقت اها آهي ته خيال دريائي گهوڙا آهن، جيڏانهن وڃ پاڻي آهي. ڀٽڪيل آهن اهي جن منزل ماڻڻ جي دعوا ڪئي ڇو جو منزل اڃان متعين نه آهي.

    رات اويلي سرد هوا ڀي آهي
    شايد ڪوئي در کلي پئي سڏ ڪرڻ ۾ ڇا هي

    اياز گل سٺي منظرنگاري ڪئي آهي. سرد هوا ۾ سڀ در بند آهن. ماڻهو اڪيلو ٻاهر بيٺل آهي، سڏ ڪرڻ سان در کلڻ جي توقع هڪ غير يقيني ڪيفيت کي پراميد بنائي ٿي. گل وٽ منظرن ۽ علامتن جا انبار آهن.

    توسان گڏجڻ موت ئي آهي هاڻي
    ۽ پنهنجي ٿي روز مرڻ تي دل چاهي

    توسان گڏجڻ موت ئي صحيح پر توسان ملڻ کانپوءِ ڪير مئو آهي؟ هڪڙي چيو “ڄائو ئي نه آهيان ته مرندس ڪيئن؟” ٻئي چيو “مان نه مئس ڪو ٻيو مري ويو.”
    اياز گل چيو “توسان ملڻ موت آهي ۽ دل روز مرڻ چاهي ٿي.”

    نه ڪا آگ، نه سورج سوا نيزي تي
    شهر تڏهن به صفا برف جيان ڳري ٿو پيو

    سٺو لکڻ نئين ڳالهه ڪرڻ آهي، ٻڌل ڳالهه کي به ائين ورجهائجي جو نئين لڳي، جيئن ماڻهو پگهربا آهن برف به پگهربي آهي، ماڪ ۽ پگهر ۾ موسم جي روين جو تفاوت آهي. ڪنهن اڻ ڄاتل خوف کان شهر سرد ٿي چڪو آهي، وحشت جي ٿڌ رڳن ۾ وهي ٿي.

    سڄي زماني کي هن جا لڙڪ ڏسڻا هن
    اکين جي قبر ۾ هو لاشا ته لٽيندو نه

    گل جي علامتي انداز جو سٺو مثال آهي، اکين جي قبر ۽ ڳوڙهن جا لاش، ڳوڙها آزاد آهن، انهن کي اکين ۾ قيد ڪرڻ ناممڪن آهي، ڳوڙها ڏکن ۽ خوشين جو پاڻ مرادو اظهار آهن. نظام مرڪ کي پابند ڪري سگهي ٿو ڳوڙهن کي نه، ڇو جو مرڪ وس ۾ آهي ڳوڙها بي وس آهن، ڳوڙهن جا لاش لٽجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

    فرض پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي
    دوست آهي دغا ڪندو ٿو رهي
    تهمتون هن ڇڏيون ورهائي سڀ
    نيڪ آهي سخا ڪندو ٿو رهي

    شڪوو شڪايت ڪلاسيڪل غزل جو تڪيو آهي، گل جي غزل جون اهي سٽون به ساڳي مزاج ۾ دل ڇهندڙ آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اياز گل غزل جو وڏو شاعر آهي، هن وٽ غزل پيش ڪرڻ جا مختلف انداز آهن ۽ هو هر انداز ۾ ڪامياب آهي. هر اظهار پاڻ مرادو ۽ مصنوعيت کان عاري آهي. هو لکي نه ٿو هن کان لکجي وڃي ٿو. هو عمل ۾ يقين رکي ٿو ڏيکاءَ ۾ نه، بقول هن جي.

    هر عمل مان پيار ظاهر ٿئي ٿو
    دل ڪڍي ڏيکاربي نه آهي ڪڏهن


    اياز جانيءَ جي شاعريءَ جو مهاڳ

    شاعري دنيا کي نواڻ بخشي ٿي، دنيا تي ڪو وقت هيو، جڏهن انسانن کي گُل ٻوٽا، پوپٽ، آبشار، نديون، سمنڊ، چنڊ ۽ ستارا نظر ته ايندا هيا پر انهن جي سونهن کان ناواقف هيو. پوءِ شاعر پيدا ٿيا، جن جي اک پهريون دفعو ڪائنات جا نظارا ڏٺا، رنگن، خوشبوءِ، چانڊوڪي، نيڻن، زلفن ۽ چپڙن کي محسوس ڪيو، سونهن جي وضاحت ڪئي ۽ حسن جي وصف لکي، انسان جڏهن دنيا کي نئين ڍنگ سان ڏٺو ته سندس زندگي قابل قبول ٿي پئي. ڪائنات شاعر جي اکين مان ٺهيل آهي.
    جانور جي اک ڪائنات کي ڪيئن ڏسي ٿي؟ چون ٿا جانور جي اک ۾ رنگ ئي ڪونه آهن؟ گدڙ کي گلابن جي ڪهڙي خبر هوندي آهي؟ چيتو چنبيليءَ کي محسوس ڪري ها ته بک مري ها! ڇا پتنگ پَر ان لاءِ ساڙيندا آهن ته کين لاٽ سان عقيدت آهي؟ ڇا به هجي زندگي ڏکي آهي. شاعر ان کي آسان بنائڻ لاءِ سانگ رچائي دل وندرائي ٿو. هو بي معنا کي معنادار ۽ اڻ هوند (Nothingness) ۾ هوند کي ڳولهي ان کي هيت (Form) ڏئي ٿو. جستجو صحرا ۾ هرڻ جي ڊوڙ آهي. فطرت زندگيءَ کي ان قابل بنائي ٿي جو اها رڃ سان اڃ اجهائي برقرار رهي ٿي.

    جاڳ ڀڙڪا ٿي ڏئي
    مان سڙان ٿو هنڌ ۾
    آءٌ اهو ئي پنڌ ۾

    اياز جانيءَ جي وائيءَ جون اهي سٽون ڏسو، توهان محسوس ڪندا ته ڪيئن شاعر تصور کي بدلائي وجهي ٿو. جيڪڏهن سادن لفظن ۾ ان منظر کي بيان ڪجي ته ائين چئبو. “هڪ اوجاڳي جو ماريل هنڌ ۾ ستل آهي.” پر شاعريءَ جو ڪمال ڏسو، اها منظر بدلائي ڇڏي ٿي.
    شاعري فطرت جي رنگن کي ڦِٽڻ نه ٿي ڏئي. اها فطرت جي ڪنواس کي ڪشادو ڪري ٿي. لفظن کي ذائقو ڏئي ٿي ان حد تائين جو اچارڻ وقت سواد زبان تي محسوس ڪيون ٿا. شاعر وهم کي حقيقت جو روپ ڏئي ٿو.
    اياز جاني شاعريءَ جو جادوگر آهي، هو ڪنڊا کڻي گلاب ۾ بدلائي وجهي ٿو. هن جو طلسم طاري ٿئي ٿو ته منظر بدلجي پون ٿا. هن جي گهڻ رخي فانوس (Phantasmagoria) جي عڪسن ۾ هر لمحي نوان روپ بدلجن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪائنات جادو آهي ۽ ان جي جادوءَ کي برقرار رکڻ ۾ ئي نجات آهي، ڇو جو جڏهن جادوءَ جو راز کلندو آهي ته جادوگر جي حيثيت صفا تَري سان وڃي لڳندي آهي. جڏهن پيرولي پڄندي آهي ته کل ايندي آهي ۽ سوچيندا آهيون. “ڇا ڳالهه؟ ڇا ڳالهه جا وڪڙ!”

    رات جو ڇرڪي اٿي، ننڊ مان چيم
    در ته کڙڪي ڪونه ٿو
    جا هئي ڀر ۾ ستل، تنهن کان پڇيم
    در ته کڙڪي ڪونه ٿو
    ڇو اجايو ٿو ڪرين، پيو تون وهم
    در ته کڙڪي ڪونه پيو
    پوءِ شايد خواب ۾، سڏڪو ٻڌم
    در ته کڙڪي ڪونه ٿو

    هن مهاڳ ذريعي جنهن شخص جي شاعريءَ جو تعارف ڪرائي رهيو آهيان، يقين سان ٿو چوان ته اهو سنڌي شاعريءَ جو قدآور نانءُ آهي. اياز جانيءَ کي ڳولهي نه لڌو ويو آهي. اياز جانيءَ کي پرکيو نه ويو آهي، هن جي شاعري حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن جا ويچار اڻ ڏٺل ذرن جو وهڪرو (Effluvim) آهي، جيڪو ٻاڦ جيان اڀري مختلف شڪليون ٺاهي ٿو. هو شاعري ڪندي وهمن (Illusions) کي پريشان ڪري ڇڏي ٿو. هو اهڙو گمان انگيز (Hallucinist) آهي، جو آئيني اندر بيهي ٻاهر عڪس ڏسي ٿو. هن وٽ پاڇن جو شهر آهي. جنهن ۾ سج لٿي کانپوءِ روڊ رستا ۽ گهٽيون ظاهر ٿين ٿا. سنڌي شاعريءَ ۾ مون ايڏي Obsessional وائي نه پڙهي آهي، هن وٽ انتظار ۽ Uncertainity جو مليل تاثر وهم خدشي ۽ ڪجهه ٿي پوڻ جي خوف ۾ بي قرار نظر اچي ٿو.

    “ڪو به رستو نه آ” ٿي مسافر چيو
    پوءِ ڪاڏي ويو
    کوڙ رشتا کڻي، مون سجائي رکيا
    “ڪو به رستو نه آ” ٿي مسافر چيو
    پوءِ ڪاڏي ويو
    نيڻ ويران وستيءَ ۾ ڀٽڪن پيا
    “ڪو به سپنو نه آ” ٿي مسافر چيو
    پوءِ ڪاڏي ويو
    بي حسيءَ جي ڊگهي رات مان آجپو
    “ڪو به لمحو نه آ” ٿي مسافر چيو
    پوءِ ڪاڏي ويو

    اڪيلائيءَ جو بهترين علاج پاڻ سان گفتگو آهي، وڏن شهرن ۾ وقت ننڍو ٿي ويو آهي، عمارتن وچ ۾ اسين قيد ٿي چڪا آهيون، ڪمري جون چار ڀتيون گڏ آهن، وچ ۾ انسان اڪيلو آهي، جنهن پاڻ کي ڳولهي لڌو، ان اڪيلائين کي شڪست ڏني. پاڻ سان دوستيءَ کانپوءِ گفتگو خودڪلاميءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
    مٿين وائي پڙهڻ کانپوءِ عجب، حيرت، افسوس ۽ وڄائجي وڃڻ جو غم طاري ٿئي ٿو. ڪو به تاثر تڏهن طاري ٿيندو آهي جڏهن ٻڌائڻ واري جي انداز ۾ خيالن جو تسلسل، رواني، منظر، تاثرات، هم آهنگيءَ سان هلندا هجن. مون ڪجهه نوجوانن جي شاعريءَ ۾ هڪ خامي اها ڏٺي آهي ته انهن جي ڪلام جون مٿيون ٻه سٽون ته خيال سان ڀرپور هونديون آهن، پر ان کانپوءِ اهو تسلسل ٽٽي پوندو آهي ۽ ذهن ۾ اڀرندڙ عڪس ڌنڌلڪو ٿي مٽجي ويندو آهي، سٺي شاعري اها آهي جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ خودبخود اندر مان “واهه” نڪري، ساڳي طرح ڪامياب ڪهاڻي اها آهي جيڪا پڙهڻ کانپوءِ ياد رهي.

    رهجي ويندو خال
    گذري ويندي زندگي

    جڏهن پوپٽ پهرين اڏام ڪندو آهي ته پويان پاڻ جهڙو خول ڇڏي ويندو آهي، دنيا ۾ سڀ کان خوبصورت زندگي پوپٽ جي آهي، پوپٽ جي زندگي چئن ڏينهن کان مٿي نه هوندي آهي، جان ڪيٽس جڏهن ٽي بيءَ وگهي هڪ ٻيٽ تي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهيو هيو ته اتان هن پنهنجي محبوبا ڏي خط لکيا، هڪ خط ۾ لکي ٿو “منهنجي پياري، جيڪر تون ۽ مان پوپٽ هجون ها، زندگيءَ جا چار ڏينهن گلن ۾ گذاري دنيا مان راهي ٿيون ها”
    زندگيءَ جي پوئتي رهجي ويل خال جو تصور، ناسي پينسل سان ليڪيل اهڙو خاڪو آهي، جنهن جون رڳو ٻاهريون لڪيرون واضح آهن.
    ٿوهر ٿوهر ساعتون
    صحرا صحرا سال گذري ويندي زندگي

    هر گهڙي هر قدم هڪ ٿوهر آهي، زندگي صحرا جو سفر آهي، اياز جانيءَ جي تصور جي اڏام ان ڪبوتر جهڙي آهي، جيڪو آسمان ۾ اوچائين تي هجڻ ڪري نظر نه ايندو آهي، اياز جانيءَ جي اڏام کي شايد ڪنهن ڏٺو نه آهي، هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ان آفاقي شاعريءَ جو اهم حصو آهي، جيڪا هت سرجي رهي آهي، ان ۾ اياز جانيءَ جهڙن شاعرن جي محنت آهي.
    گهر نه اورانگهي سگهي
    در جي چائنٽ تي
    پٿر ٿي وئي ڇوڪري

    شاعري لفظن جي سنگتراشي آهي، شاعري قلم سان دل کوٽڻ آهي، در جي چائنٽ ۽ ڇوڪريءَ جو پٿر ٿي وڄڻ، ائين آهي جيئن گردش جو رڪجي وڃڻ، اياز جانيءَ جي وائيءَ ۾ اهڙو منظر ڏسي چنڊ به رڪجي هيٺ ضرور ڏٺو هوندو، مون چنڊ جي چهري تي ڪئي تاثرات ڏٺا آهن. اهو ڏکايل هوندو آهي، خوش هوندو آهي، ڪڏهن حيرت ۾ ته ڪڏهن خوف ۾ هوندو آهي، جنهن ڏينهن شهر ۾ قتل ٿيندو آهي تنهن رات چانڊوڪيءَ ۾ ڳوڙهن جي بوءِ هوندي آهي، چنڊ جي چهري تي مرڪ هوندي آهي جنهن رات مون کي اڪيلو ڏسندو آهي.

    بي وفا بي درد موسم
    ڇو نه ٿي گذري وڃي
    وچ ۾ بيهي رهي آن
    هجر جي اي سرد موسم
    ڇو نه ٿي گذري وڃي
    گل دعائن جا ڇڻن ٿا
    شاعريءَ جي زرد موسم
    ڇو نه ٿي گذري وڃي
    ڪيئن ڄڻي سرهاڻ سگهندينءَ،
    اڄ جي نامرد موسم
    ڇو نه ٿي گذري وڃي

    اياز جانيءَ وائيءَ کي نئون روپ ڏنو آهي، سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ مون کي بيت ائين لڳندا آهن جيئن زمين ۾ پوريل ٻج ۽ وائيون ولڙين جيان ڦٽي مٿان گل ڪڍي بيٺل آهن. وائيءَ جو اهو ساڳيو تسلسل آهي جيڪو ارتقائي منزلون طي ڪندو، شيخ اياز وٽ هيت (Form) بدلائي، ادل سومري کان ٿيندو اياز جانيءَ تائين پهچي ٿو، اياز جانيءَ وائيءَ کي ائين بدلائي وڌو آهي جو اها نئين وصف ساڻ کڻي نظم ۽ غزل جون سڪون لاهي ٿي، جيئن مٿين وائيءَ ۾ واضح آهي. هن رديف کي اهڙي طريقي ڪتب آندو آهي جو اهو سونهن ۾ اضافو ڪري ٿو، نه ته وائيءَ ۾ رديف جي گنجائش نه هوندي آهي، هن جي هڪ ٻي خوبصورت وائي ڏسو.
    ڪوري مان ڪنڀار
    ڀڪشو مان اوتار
    آهيان مٽي سنڌ جي
    مان ئي جوڳي ناٿ هان
    عبد هجان ڪرتار
    آهيان مٽي سنڌ جي
    مان ئي راءِ ڏياچ هان
    مان ئي مڱڻهار
    آهيان مٽي سنڌ جي
    آهي منهنجي پيٽ ۾
    امن ڀريو سنسار
    آهيان مٽي سنڌ جي

    هيءَ وائي مڪمل طور سنڌ جي تهذيب، رواداري، تاريخ ۽ صوفي خيال جو تت (Conclusion) آهي. اها بيهڪ ويچار ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان سنڌي جديد وائيءَ جو خوبصورت نمونو آهي. ان ۾ رواني، رڌم ۽ تسلسل آهي، پر ان ۾ اها ڪلاسيڪل تجنيس حرفي نه آهي، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي اڻت جو بنيادي شرط رهي آهي.
    سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن ڄڻ تجنيس حرفيءَ کانسواءِ شاعريءَ کي ٻئسو پئي سمجهيو آهي، اها شعر جي هر صنف ۾ موجود نظر اچي ٿي، تجنيس حرفي شعر کي ساز Music جي آواز سان سينگاري ٿي. تجينس حرفيءَ جي استعمال لاءِ ضروري آهي ته شاعر وٽ لفظن جا اڻ کٽ انبار هجن، جيئن هو لفظن کي مناسب جاين تي ڪتب آڻي سگهي نه ته ٻئيءَ صورت ۾ هو تجنيس حرفي ڪندي لفظن هٿان استعمال ٿي ويندو. مون لفظن جي اهڙي جوڙجڪ جو ڏانءُ صرف لطيف ۽ شيخ اياز وٽ ئي ڏٺو آهي، جن اڳيان لفظ لاتعداد گلن جيان پيا آهن ۽ سندن مرضي آهي ته ڪهڙو گل کڻي ڌاڳي ۾ پوئي وجهن. شاعر جنت جي باغ جو مالهي آهي، جيڪو مالڪ کان نظر بچائي ان جا گل چوري ڪري ٿو. جنهن ڏينهن پڪڙيو ويو ته کيس سزا طور جنت جو مالڪ بنايو ويندو.

    خوابن کان خالي اکيون
    ڄڻ ته صحرا ٿيون لڳن
    ڪنهن گلابي پنکڙيون
    اس ڪاريءَ ۾ رکيون
    ڄڻ ته صحرا ٿيون لڳن

    اياز جاني منظرڪشي ائين ڪري ٿو جو هو ڄڻ نوان رنگ وجهي فطرت جي نقصن جي تصحيح ڪري ٿو. منظر اهڙا ٿي پون ٿا جيئن اڻ ڏٺل ۽ نوان هجن. خوابن کان خالي اکيون گلابي پنکڙين جيان صحرا جي ڪاري اس ۾ پيل آهن. اهڙا منظر ڏسي اکيون اڻ ڏٺل نظارن کان واقف ٿين ٿيون.

    خاموشيءَ ۾ هلڪو، کڙڪو، ڳالهائي ٿو
    “دم ٿو گهٽجي کوليو” ڪمرو ڳالهائي ٿو

    خاموشيءَ جي هلڪي کڙڪي جو ڳالهائڻ ۽ دم گهٽجڻ جي احساس کان بند ڪمري جو ڳالهائڻ، شاعر کي اها فوقيت حاصل آهي ته هو غيب جا آواز ٻڌي سگهندو آهي، هن جون اکيون اهو ڪجهه ڏسنديون آهن جيڪي عام جي اختيار ۾ نه آهي، شاعر ٿڙيل (Abnormal) يا نفسياتي (Psychotic) نه هوندو آهي، پر حساسيت ۽ ادراڪ (Perception) جي اهڙين حدن کي ڇهندو آهي، جتي ڏاهپ اختتام پذير ٿئي ٿي. هن کي سگهه حاصل آهي ته خاموشيءَ جي پيٽ ۾ چونڊي وجهي، ان کي رڙ ڪرائي سگهي. شاعر مٿان آواز پکين جيان اڏامندا آهن، هو بند ڪمري جي مونجهه سيني اندر محسوس ڪري ٿو. ڪمري جو کلڻ آزاديءَ جو ساهه کڻڻ آهي.

    رات جون پويون گهڙيون ۽ سانت
    رات جون ڳيتون ڪڙيون ۽ سانت
    وحشين جا اڀ ڏاريندڙ ٽهڪ
    نينگري، ڊڪون، رڙيون ۽ سانت

    اياز جانيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪردار نگاري آهي، هو شاعريءَ ۾ گفتگو ڪري ٿو، هو شاعريءَ جو ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار آهي، هن جا ڪردار سخي، ظالم ۽ پراسرار آهن. هو هر سٽ ۾ اکين جي گهير (Visual Field) جو سمورو ڏيک سمائي ڇڏي ٿو، هن وٽ سانت ڳالهائي ٿي ۽ رڙ سانت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، هن جي شاعريءَ ۾ ڏيئڙا، ٿر، اوسيئڙو، خنجر، اڃ، در ۽ سج جا لفظ عام ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

    سانت ڳهي ويندي
    پنهنجي اندر جو
    ڪو ته ڪڙو کڙڪائي
    ڪو محسوس ڪري
    اوسيئڙو در جو
    ڪو ته ڪڙو کڙڪائي

    اياز جانيءَ جي شاعري علامتن جي جهنگ ۾ لڪل چيتي جيان ساهه کڻي ٿي، هو خاموشيءَ جي طلسم کي پٿر هڻي ٿو ته گمان جو آئينو چير چير ٿي هڪ ڏيک کي لاتعداد ڏيکن ۾ تبديل ڪري وجهي ٿو. هن جي شاعري انهن کي وڻندي جن جو ادراڪ انهن حدن کي ڇهي ٿو جو انڌڪارن (Blindness) سان ڏسڻ لائق ٿين ٿا ۽ اوندهڪارن (Darkness) کي روشنيءَ جيان ڪتب آڻڻ جي قابل ٿين ٿا.
    اياز جانيءَ جي هيٺين شعر ۾ سندس چٽيل منظر ڏسو.

    صحرا جهاڳي گهر لئي پاڻي لپ، کڻي آئي آ
    پاڻياري پر پنهنجا پياسا چپ کڻي آئي آ
    هوءَ پريميءَ ڏانهن کڻي وئي گهر جي چيڪي مٽي
    موٽي آهي هوءَ گهر ۾ گپ کڻي آئي آ

    صحرا ۽ پاڻياري، ان جا پياسا چپ، گهر جي چيڪي مٽي ۽ پيرن جي گپ.

    اي مينهن وس، مون تي
    واريءَ جي قبر آهيان
    داڻي لئي پکي لهندا
    هاريءَ جي قبر آهيان

    ان اپائيندڙ هاريءَ جي قبر تي داڻي لئي پکين جو لهڻ، اياز جانيءَ جا دل ڇهندڙ احساس آهن.

    اي درد، قرب تنهنجا جو ساٿ تو نڀايو
    ٽهڪن ڦٽي ڪيو جيئن لڙڪن ۾ تو لڪايو
    مون سزا ۾ سڏڪن جو قيد ڀوڳيو آ
    منصف کي مون چيو آ، منهنجي سزا وڌايو

    سورن جي ساراهه ڪرڻ سان درد اثر وڃائي ويهندا آهن، خوشي اهڙي جنگ آهي جنهن ۾ سورن سان صلح ڪري ڏکن کي مات ڏئي سگهجي ٿي.

    دوستيءَ جو مزو چکي ڏسجي
    هٿ و ڇونءَ مٿان رکي ڏسجي

    ماکي ڀل مٺي هجي پر ماکيءَ جو ڏنگ مٺو نه هوندو آهي.

    ڪاٺ جو چهرو اکيون پٿر رکي
    ڪيئن ملجي وچ ۾ خنجر رکي
    مان چڪايان وياج ٿو هر شهر جو
    ڳوٺ جو هر هڪ گرويءَ گهر رکي

    ان غزل جي مٿين مصرع ڏاڍي تجريدي ۽ رومانوي آهي، جڏهن ته هيٺين مصرع سنڌ ۾ ٻرندڙ ٻٽي نظام جي مسئلي کي اجاگر ڪري ٿي.

    معمول حياتيءَ جو گذري ته غنيمت آ
    روشن نه ڪري سورج اڀري ته غنيمت آ

    گهٽ ۽ خوف جي ماحول ۾ انسان جي اندر جي بيزاري ۽ ناراضگيءَ جو اظهار آهي.

    ان جا ڪلها، پٺاڙا، هٿ پير ٿا کپن
    هيءُ شهر آهي، ڪنهن جو چهرو پڇي نه ٿو

    نفسانفسيءَ ۽ روزگار جي دونهي ۾ چهرا ڍڪجي هڪجهڙا ٿي ويا آهن، چهرن جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي، شهر ۾ ڪلها، پٺاڙا، هٿ ۽ پير وڪامي رهيا آهن.

    لانگ بوٽن کي کڻو، تارون کڻو ڪي گل رکو
    سرحد تان سڏڪندڙ، سارون کڻو ڪي گل رکو
    هر طرف وحشي روين جي اڃان اوناڙ آ
    هي ڪهاڙيون، تير تلوارون، کڻو ڪي گل رکو
    چنڊ ڄاڻي، سمنڊ ڄاڻي، بي رخيءَ جي گهاءُ کي
    ويڄ پاسي ڪيو، دارون کڻو، ڪي گل رکو

    اياز جاني امن جو پيامبر آهي، دنيا جو هر وڏو شاعر امن جي ڳالهه ڪري ٿو، وقت ٿيو عظيم جنگيون ختم ٿي چڪيون، پر اسان وٽ جنگ جاري آهي، جنهن جو انت نظر نه ٿو اچي، ويڄ ۽ دوا درمل جي ضرورت نه آهي، امن جو گلدستو مسئلي جو حل آهي.
    روشني، خوشبوءِ، مٽي، بارش، هوا،
    سوچ ۾ آهيان ته ڇا آهي بدن،
    مان نئين سر ٿو سرابن ڏي وڃان،
    هوءَ سامهون اچي ٿي ٺاهي بدن.

    اياز جانيءَ نه صرف خوبصورت وائي لکي آهي پر هن غزل ۾ به ڪمال ڪيو آهي، هن وٽ غزل اهڙي روپ ۾ نظر اچي ٿو جنهن تي اردو شاعريءَ جي ڇاپ لڳل نه آهي.
    بدن جي بناوٽ ڪيميڪل عنصرن کان سواءِ ڪجهه نه آهي. روشني، مٽي، بارش ۽ هوا ڪيميڪل عنصرن جون فطري شيون آهن. انسان انهن ئي عنصرن مان ٺهيل آهي فطرت هائڊرو ڪاربن، ماليڪيول ۽ گاڊ پارٽيڪل ئي ته آهي، سرابن ۾ ڪنهن اپسرا جو بدن ٺاهي نروار ٿيڻ، ڄڻ ڪائنات جو وجود وٺڻ آهي.

    هي نيڻ مونکي ڳوٺ کان آيل مسافر ٿا لڳن
    ڪنهن سانوريءَ جي مرڪ کان گهايل مسافر ٿا لڳن
    جوڀن بدن جي ڇانوري ۾ شام جو گلشن حديد
    ٿو ٿيڙ کائي سج ۽ پيتل مسافر ٿا لڳن

    اياز جاني سنڌ ۾ صدين کان جاري شاعريءَ جي تسلسل جي ڌاري مان ڇڻي صاف ٿيل گوهر ناياب جيان نڪتل آهي. هن وٽ اميدن جا ڏيئا سدائين روشن رهندا.

    رت گهرين يا جرُ؟
    پر اڃان ڀي ٻر او ڏيئڙا
    نيڻ ته پوءِ به کليل رهندا
    بند ڪيان جي در او ڏيئڙا
    پر اڃان ڀي ٻر او ڏيئڙا


    منهنجو استاد، منهنجو دوست

    مون کي ياد آهي ارباب کهاوڙ سان پهرين ملاقات 1973ع ۾ ٿي. هو ٽيبل تي ويهي، ڪرسيءَ تي پير رکي سمرسٽ ماهم جو ڪتاب پڙهي رهيو هيو.
    اهو آف وائيٽ بنگلو هيو، بلڪل نئون ۽ ان جي هڪ ڪمري ۾ ارباب رهندو هيو. ننڍي قد ۽ چست جسم وارو. سگريٽ مٿان سگريٽ، چين (Chain) سموڪر، جتي به ويهندو ته ڪمرو دونهي ۽ ماڻهن سان ڀرجي ويندو. خوشمزاج ۽ دلچسپ ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلندڙ، هن جا ٽهڪ ڪمري ٻاهران ورانڊي ۽ پڌر ۾ شرارتي ٻارن جيان ڊوڙون پائيندا هيا.
    چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کي کلي هڪ سال ٿيو هيو، ڀٽو صاحب تريءَ تي ڦوڪ ڏئي مٽي اڏاري پل ۾ ٽيڪنيڪل ادارا کوليندو هيو، ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ ۾ ٽي نوان ميڊيڪل ڪاليج کلي ويا. لاڙڪاڻو بٺ شهر هيو. ميڊيڪل ڪاليج کليو ته اچ وڃ شروع ٿي وئي. ماحول رنگين ٿي ويو. تبديلي شروع ٿي وئي.
    ارباب کهاوڙ اتي ڊمانسٽريٽر ٿي آيو هيو ۽ مان شاگرد جي حيثيت ۾ داخل ٿيو هوس، ڪنهن ڪم سانگي ڊاڪٽر لياقت علي شاهه سان ملڻ ويس جنهن جو تعلق سکر سان هيو. اهو به ان بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ رهندو هيو. اهو ڪونه هيو، ارباب جو ڪمرو کليل ڏسي، ان کان پڇڻ ويس ته
    “ڊاڪٽر لياقت علي شاهه ڪٿي آهي؟”
    ارباب سمرسٽ ماهم جي ڪتاب تان اکيون هٽائي سگريٽ جو ڪش هڻي مون کي ڏٺو.
    “شاهه صاحب ڪاليج ويو آهي، اچي ٿو، ويهه”
    مان ويٺس ته پڇيائين “دادا ڪهڙي شهر کان آيا آهيو؟”
    “سکر کان” مون وراڻيو.
    دادا هن جو تڪيو ڪلام هوندو هيو.
    مون کي خبر نه هئي ته ڪو هو ڊمانسٽريٽر آهي، لڳي ئي نه پيو، صفا ڇوڪرو، ڄڻ شاگرد، سندس هاٺي ڪاٺي ڏسي مون اڳرائي ڪري سوال پڇيو.
    “توهان جي ايڊميشن ٿي آهي؟”
    کليو ۽ مون ارباب جو پهريون ٽهڪ ٻڌو.
    “نه، مان ڊمانسٽريٽر آهيان” هن چيو.
    منهنجي دل ۾ هن لاءِ احترام جاڳيو ۽ ٿورو محتياط ٿي ويس، وڌيڪ هجت نه ڪري سگهيس ۽ چپ ٿي ويس. هو هڪ استاد جي حيثيت ۾ آيل هيو.
    تن ڏينهن ادب کان ايترو واقف نه هيس پر ارباب جي ڳالهين مان سمجهي ويس ته هو هڪ اديب آهي. پوءِ واسطا وڌندا ويا. ايناٽامي ڊپارٽمينٽ جي دروازي وٽ پاسي کان هن جي آفيس هوندي هئي. واندو نظر نه ايندو هيو. چانهه، سگريٽ ۽ ڪچهري، اهي ٽي شيون سندس تفريح ۾ شامل هونديون هيون. حسن پرست هيو، سهڻين ڇوڪرين سان ڳالهائي تازو توانو ٿي ويندو هيو.
    مون ڪڏهن کيس اداس نه ڏٺو، سدائين هشاش بشاش ۽ ڦڙتيلو، چپن تي مرڪ ۽ اکين ۾ تجسس، منفرد لهجي ۾ ڳالهائيندڙ، لفظن جي تسلسل ۽ ادائگي کان اڄ به منهنجي لاشعور ۾ محفوظ آهي. اهي لفظ ۽ لهجا جاڳي پيا، ائين لڳو ڄڻ ڪاغذن مان ارباب ڳالهائيندو هجي. ڪتاب پڙهي مون محسوس ڪيو، شايد هيءُ ڪتاب ارباب پنهنجن هٿن سان نه لکيو آهي. هو ڳالهائيندو ويو آهي ۽ ڪنهن ٻئي لکيو آهي ڇو ڪتاب تي گرامر جون پابنديون لاڳو نه ٿيون ٿين. توهان کي اهو سوچي ڪتاب پڙهڻو پوندو ته سامهون ارباب ڳالهائي رهيو آهي. اهو ڪتاب ارباب جو مخصوص لهجو آهي. اوچتي بيماري ۽ وڇوڙي سبب ارباب وٽ وقت نه رهيو. هو ڪتاب تي نظرثاني نه ڪري سگهيو ۽ سندس ڪتاب به بي ترتيب زندگيءَ جيان ترتيب کان رهجي ويو.
    وڏا تخليقڪار ذاتي زندگيءَ ۾ بي ترتيب رهيا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته سچو فنڪار ذاتي زندگيءَ کي ترجيح نه ٿو ڏئي.
    رائيس ڪينال جي ڪپ ڀرسان چانڊڪا جي رهائشي ڪالونيءَ ۾ آف وائيٽ بنگلي اندر ارباب جو ڪمرو به ائين هوندو هيو، وکريل سامان، هت هُت پيل ڪتاب، چيلهه ڀڳل وهاڻا، خالي ايش ٽري ۽ فرش تي وکريل سگريٽن جا ٽوٽا، واش روم ۾ ٻوٽن جي مٽيءَ جا نشان ۽ ڳاڙهي صابڻ مان ڳڙندڙ اڇي گج، صوفن، ڪرسين، ٽيبل جي ڪنڊ ۽ پلنگ تي ويٺل خالي کيسن وارا، خوشيءَ سان ڀريل، ٽهڪ ڏيندڙ ڪامريڊ، اديب ۽ ادب دوست. اڪيلائي پسند علي بابا، ارباب جي حجري نما ڪمري ۾ هجوم پسند ٿي ويندو هيو. پنهنجي مفلسيءَ تي مرڪندڙ فقير محمد لاشاري جنهن کي اڃان ارباب کانسواءِ ڪو به سڃاڻيندو هيو. ڪيترائي غير معروف اديب، سياسي شاعر، راڳي، قومپرست، ڪارڪن ۽ نئين راهه جا منتظر شاگرد.
    يقين نه ٿو اچي ته ايڏي مجموعي کي منهن ڏيڻ کانپوءِ ارباب وٽ ڪهڙو وقت بچندو هيو جو هو ڪاليج ۾ ليڪچر جي تياري ڪندو هيو. ڪلاس ۾ ويٺل ٻه سئو شاگردن کي منهن ڏئي سگهندو هيو. هو جڏهن به ڪلاس ۾ ايندو هيو ته تمام پراعتماد ۽ موضوع کي گرفت ۾ رکي اهڙو ته ليڪچر ڏيندو هيو جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. کيس انگريزي زبان تي عبور حاصل هيو، سمجهاڻي اهڙي جو موضوع آسان ٿي ويندو هيو. ليڪچر دوران وجهه ملڻ تي هو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ تي پڻ تنقيد ڪندو هيو. ڇو جو ان وقت بنگلاديش ٺهيو هيو ۽ هر لکيل پڙهيل ماڻهو سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هيو. دانشور طبقي تي جي ايم سيد جو اثر هيو. پيپلزپارٽي وفاق جي ڳالهه ڪندي هئي.
    چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ تن ڏينهن جلسي نما ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن جو روح روان ارباب کهاوڙ هيو. انهن ادبي گڏجاڻين ۾ ڪهاڻيون ۽ شعر پڙهيا ويندا هيا. جن تي ڪا به تنقيد نه ٿيندي هئي. آخر ۾ ارباب کهاوڙ تقرير ڪندو هيو ۽ تقرير ۾ پيش ڪيل تخليقن جو جائزو وٺڻ سان گڏ اهو به ٻڌائيندو هيو ته حالتن کي سامهون رکي ڪيئن لکڻ گهرجي يا ڇا لکڻ گهرجي؟ هو سياست تي دل کولي ڳالهائيندو هيو ۽ سندس هر تجزيي ۾ سنڌ کي اوليت هوندي هئي. هو قوم پرست اڳواڻ هيو ۽ ننڍي عمر ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ هيو. اهڙين گڏجاڻين ۾ حڪومت جا جاسوس پڻ ويٺل هوندا هيا. انهن ۾ گهڻو ڪري ڪاليج جا ڪلرڪ هوندا هيا جيڪي گڏجاڻيءَ جو احوال مٿي پهچائيندا هيا. تن ڏينهن سنڌ جو نعرو بغاوت ۾ شمار ٿيندو هيو. جيڪڏهن ڪنهن “جيئي سنڌ” چيو ته ٻئي ڏينهن جيل جو منهن ڏسندو هيو. لاڙڪاڻي جي انتظاميا جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردن تي ڪڙي نظر هوندي هئي.
    انهن ڏينهن ارباب کهاوڙ، ارباب سنڌيءَ جي نالي سان مشهور هيو، ڇو جو ان نالي سان سندس ڪهاڻيون شايع ٿيل هيون. هو بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻيون منظرن سان ڀرپور ۽ جذباتي انداز ۾ لکيل آهن. ڪهاڻين جو موضوع سنڌ سان محبت ۽ ان محبت جي سلي ۾ جان جو نذرانو آهي.
    دراصل ون يونٽ مان جان ڇڏائڻ واري جدوجهد دوران سنڌي ادب تي قوم پرستيءَ جو ايڏو ته اثر آهي جو هر ڪهاڻي ۽ ناول سنڌ جي محبت کان سواءِ نامڪمل آهي.
    ارباب سنڌي قومپرست اڳواڻ هيو. هو سنڌ جي آزاديءَ جا خواب ڏسندو هيو. چانڊڪا ۾ هن هم خيال شاگردن جو هڪ وڏو حلقو ٺاهي ورتو. 1974ع ۾ پهريون دفعو شاگرد يونين جون چونڊون ٿيون جن ۾ سپاف هارائي وئي، جڏهن ته جنرل سيڪريٽريءَ جهڙي اهم پوسٽ تي اسلامي جمعيت طلبا جو هڪ شاگرد حافظ قاسم کٽي ويو. اردو پريس ان کي وڌائي پيش ڪيو ته پيپلزپارٽيءَ جي ڳڙهه مان جميعت جو شاگرد يونين جو سيڪريٽري چونڊجي ويو آهي. حافظ قاسم کي ڪراچيءَ گهرائي ائيرپورٽ تي مولانا طفيل استقبال ڪيو ۽ مودودي صاحب جيڪو ان وقت حيات هيو تنهن حافظ قاسم کي شرف باريابي بخشيو، يونين جي ٻين پوسٽن تي قومپرست شاگرد چونڊجي آيا. مان ميگزين سيڪريٽريءَ جي پوسٽ تي ڪامياب ٿيس ۽ چانڊڪا جي پهرين ميگزين “موهن جو دڙو” آندي جنهن جو مواد ارباب جي صلاح سان چونڊيو ويو. يونين جي اوٿ کڻڻ واري تقريب ۾ مون پنهنجو اوٿ شاعريءَ جي انداز ۾ کنيو جيڪو ارباب کي ايڏو ته وڻيو جو ان اهو اوٿنامو وٺي پنهنجي آفيس ۾ ٽيبل جي شيشي هيٺان رکي ڇڏيو ۽ سندس نوڪري ڇڏڻ تائين اهو اتي موجود هيو. اوٿ کڻڻ وقت آڊيٽوريم ۾ ايڏي ته نعري بازي ٿي جو ڀتيون ڏرڻ لڳيون. چانڊڪا قومپرستن جو ڳڙهه بنجي ويو. اها ڳالهه حڪومت جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي.
    ايس پي پنڃل ڇاپو هڻي ارباب کي گرفتار ڪيو. جن شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو انهن ۾ شمس صديقي، جاويد قاضي، رمضان سنڌي ۽ اشفاق ميمڻ شامل هيا. منهنجا به وارنٽ هيا پر مان هاسٽل کان ٻاهر هيس.
    ارباب ۽ شاگردن جي گرفتارين کانپوءِ ڪاليج پندرهن ڏينهن بند رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي آيو ته ان شاگرد يونين کي گهرائي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. يونين ۾ شامل هجڻ ڪري مان به ويس. شاگردن ايس پي پنڃل جي شڪايت ڪئي. ڀٽي صاحب شاگردن کي مان ڏنو. هن ايس پي پنڃل کي اٿاري بيهاريو ۽ نج سنڌي زبان ۾ گاريون ڏنيون، کيس چيو ته شاگردن کي آزاد ڪري.
    ٻئي ڏينهن سڀ شاگرد آزاد ٿيا ۽ ڪاليج کلي ويو پر افسوس ارباب کي نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويو. ڪجهه شاگردن کي ڪاليج مان ڪڍي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو موڪليو ويو. منهنجو دوست اشفاق ميمڻ ايل ايم سيءَ ۾ هڪ سال کان پوءِ گذاري ويو. ان دلير، هر دل عزيز ۽ خوش مزاج دوست کي ياد ڪري اڄ به منهنجي دل ڳوڙها ڳاڙي ٿي.
    ارباب کهاوڙ شڪارپور ۾ ڪجهه وقت شمس صديقيءَ جي پاڙي ۾ ڪلينڪ کولي، جتي منهنجو وڃڻ ٿيندو هيو، جڏهن به ويندو هيس ته ڪلينڪ ڪارڪنن سان ڀريل هوندي هئي. ارباب دوستن کي دل ۾ جاءِ ڏيڻ وارو شخص هيو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر شمس صديقيءَ فون ڪري ٻڌايو ته “ارباب گذاري ويو.”
    اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون، منهنجو استاد، منهنجو دوست دنيا ۾ نه رهيو. هو جيڪو مزدورن ۽ هارين جو همدرد هيو. تمام لکيل پڙهيل اديب ۽ سياسي اڳواڻ هيو. جنهن کي سنڌ سان محبت هئي. جيڪو وطن دوست هيو. اهو اسان کان جدا ٿي ويو.
    پياري رياض منگيءَ قرب ڪري سندس لکيل ڪتاب “سنڌ جي ارتقا” ڏياري موڪليو ته ان تي نظرثاني ڪري ڪجهه ترتيب ڏيان، مون ڪوشش ڪئي آهي پر مطمئن نه آهيان، ارباب آخري ڏينهن ۾ بيماري ۽ اوچتي وڇوڙي سبب شايد اهو ڪتاب مڪمل ڪري نه سگهيو آهي پر پوءِ به هن جو پورهيو ڄاڻ سان ڀريل آهي. جنهن مان سنڌ سان محبت جو درس ملي ٿو. سچ پڇو ته جيئن مان سندس لکڻي مان متاثر ٿيو آهيان، اميد ته توهان به ايترائي متاثر ٿيندا. ڪائنات جي ابتدا سان گڏ سنڌ جي وجود جي ارتقا ۽ اوسر تائين سندس خيال، مشاهدو، مطالعو ۽ ترتيب حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هيءُ ڪتاب هڪ وطن دوست جو سنڌ لاءِ ناياب تحفو آهي.


    گُلاب، خواب ۽ سَمنڊ

    (پارس حميد جي شاعري)

    آئون کوهه جي پاڻيءَ ۾
    چنڊ جو عڪس ڏسي
    رهيو آهيان
    نه ڪيو اِهي ڌماڪا
    ڇو جو
    کوهه جي پاڻيءَ ۾
    چنڊ جو عڪس
    لڏي ٿو، ڊهي ٿو.
    (پيبلو نرودا)

    پرينءَ سان نيڻ ملائي
    مدتن کان
    ويٺو آهيان
    وجود جي جوت جلائي
    سوچيان ٿو
    سونهن ئي حياتي آهي
    سونهن ئي مماتي آهي
    هُن جي نيڻن مان وهي
    منهنجو نيڻن ۾ اچي ٿي
    حياتيءَ جي ڌارا
    ائين ئي مسلسل
    آهي حياتيءَ جو تسلسل
    هُن جا نيڻ سلامت آهن
    اسان جو وجود
    آهي موجود
    پر او وقت جي ظالم ڌارا
    نه ڪر اهي ڌماڪا
    جو ڇنڀي ويهندو
    هو پنهنجون اکڙيون
    ۽ اسان جو روح
    ويندو ڪري پرواز
    ڇرڪي اڏامندڙ ڪبوترن سان
    آڪاش ڏانهن
    (رسول ميمڻ)

    هڪ خاموش رات ۾
    اسان نگاهن ئي نگاهن ۾
    هڪ ٻئي سان ڳالهايو پئي
    تنهن سمي
    سڀ ستارا سانت هيا
    ٿڌڙي هوا، لوڪ گيت ڳائي
    گُلن ٻوٽن کي پئي جاڳايو
    چانڊوڪي ڌرتي جي بدن تي
    ململ جي آنچل جيان
    پئي لهرايو
    آسمان ڪيڏو ته ٻهڪي پيو
    چنڊ جو جهومر پائي
    اسان جڏهن نگاهن ئي نگاهن ۾
    هڪ ٻئي سان پئي ڳالهايو
    انهيءَ سمي، ها انهيءَ سمي
    گولين جي ٺڪائن تي
    ستارا ننڊ مان ڇرڪي پيا
    ٿڌڙي هوا نوحا چيا
    چانڊوڪيءَ جو آنچل ويو
    ڇيهون ڇيهون ٿي
    سارو ماحول ويو دونهاٽجي
    جڏهن هڪ خاموش رات ۾
    اسان نگاهن ئي نگاهن ۾
    هڪ ٻئي سان پئي ڳالهايو.
    (پارس حميد)

    ڪڏهن ڪڏهن اسين پاڻ به دنگ رهجي ويندا آهيون اهو ڏسي ته اسان جيڪا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪئي آهي اها لاشعوري طور اسان کان ورجائجي وئي آهي، جو اسين جيڪو مطالعو ڪريون ٿا ان جو عرق يا ست (Extract) اسان جي دماغ ۾ هڪ پاڇي جيان رهجي وڃي ٿو. اسين پڙهيل مواد ۽ ان جي تخلقيڪار به وساري ويهون ٿا پر اهو ست يا عرق اسان جي لاشعور ۾ هميشه محفوظ رهي ٿو پوءِ گهڻي وقت کان پوءِ تخليق ڪندي ان مان پرفيوم جيان ڪجهه قطرا اوتجي اسان جي خيالن کي خوشبو بخشن ٿا.
    پارس حميد کي پڙهي محسوس اِهو ٿئي ٿو ته سنڌي شاعري اڳتي وڌي رهي آهي، هن شاعر جي پيشڪش جو پنهنجو طريقو ۽ اسلوب آهي، جيڪو کيس منفرد پڻ بنائي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ گلابن جي خوشبو، خوابن جو اولڙو ۽ سمنڊ جو ذڪر اڪثر پڙهڻ ۾ اَچي ٿو. سنڌي زبان ۾ ڪافي عرصي کان ڏٺو وڃي ٿو ته صرف شاعريءَ تي زور رهيو آهي ۽ شاعري به واقعي خوبصورت تخليق ڪئي وڃي ٿي، جيڪا پارس حميد جهڙن دوستن جي ڪري ئي پروان چڙهي آهي، پر ادب جي ٻين صنفن ڪهاڻي، ناول ۽ مضمون نگاريءَ لکڻ لاءِ پڻ نوجوانن کي همٿايو وڃي. گذريل وڏي عرصي کان اسان وٽ ڪهاڻيڪارن جي کوٽ ٿي وئي آهي. پر جيڪڏهن اڃان به اڳتي وڌي ڳالهائجي سچ ته اِهو آهي ڪجهه شاعرن کي ڇڏي اڪثريت اهڙي شاعري ڪري رهيا آهن، جنهن جو ڪو ضرور ئي نه آهي. جيڪڏهن اهڙي شاعري نه ڪئي وڃي ته بهتر آهي. آءٌ ان جو ڪارڻ موجوده رسالن ۽ ٽي ويءَ کي سڏيندس. سنڌي رسالن جو معيار اُهو نه رهيو آهي. انهن جا سنڀاليندڙ ڪمرشل ۽ ادبي ذوق کان خالي آهن. انهن وٽ فلم ۽ سياست کي ادب تي اوليت آهي. انهن عام ماڻهوءَ جي ذهن کي سامهون رکي هڪ طرف رسالن لاءِ ايڊورٽائيزمينٽ جي هٿ ڪرڻ جا رستا ڳولي لڌا آهن ته ٻئي طرف ان جي وڪري لاءِ سستي قسم جا طريقا استعمال ڪيا ويا آهن. ادب کي شايع ڪرڻ کان اڳ ان کي پرکڻ ضروري نه ٿو سمجهيو وڃي، جنهن ڪري ڏات کان وانجهيل ماڻهو به شهرت حاصل ڪرڻ، پنهنجون سستي قسم جون شيون شايع ڪرائڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ محسوس نه ڪري رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ مون سنڌو رسالي ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي. آءٌ چاهيندس ته ان جون ڪجهه سٽون جيڪي مون کي ياد آهن، اوهان کي ٻڌايان.
    “مهاجرن اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪيو، اسين انهن کي ائين ڊيڪائي پياسون جيئن ٻلن کي ڪتا ڊيڪائي پوندا آهن.”
    آخر ڪهڙو ضرور آهي اهڙي مواد کي ڇپڻ جو، اهڙيون سوين شيون آهن جيڪي شاعري، ڪهاڻي ۽ مضمون نگاريءَ جي صورت ۾ روز اکين آڏو لنگهي رهيون آهن.
    رسالن جي اهڙي رويي کان جتي هڪ طرف گند ڪٺو ٿي رهيو آهي اُتي اسان جو ٽئلينٽ جيڪو خوددار ۽ حساس آهي اُهو متاثر ٿي رهيو آهي. آءٌ ڪيترائي ڏانءَ سان ڀرپور نوجوان ڏٺا آهن جن وٽ ڏات به آهي ته فڪر به آهي. انهن وٽ خودداري آهي، اهي ايڊيٽرن جي جاهلاڻي رويي کان پري گمناميءَ جي دنيا ۾ مايوسين جي رستن تي هلي رهيا آهن. آءٌ عرض ڪندس ته ادب جي پرک ڪئي وڃي. ادب کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، ٽي ويءَ اسان جي اديبن ۽ شاعرن جي روين کي Divert ڪيو آهي. اديبن/ شاعرن جي اڪثريت ان ڪوشش ۾ رڌل آهي ته ڪنهن به صورت ۾ انهن جي تخليقن کي اتي جاءِ ملي وڃي. اها سٺي ڳالهه آهي ته ٽي وي اسان جي اديبن ۽ شاعرن کي پروجيڪٽ ڪري ٿي ۽ انهن جي لکڻين کي جاءِ ڏئي ٿي. جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٽي ويءَ جو رويو ته اسان جي اديبن ۽ شاعرن سان ٺيڪ آهي پر اسان جي اديبن ۽ شاعرن جو رويو ٽي ويءَ سان ٺيڪ نه آهي. اسان کي سوچڻ گهرجي ته ٽي وي ڪا ادبي معراج ناهي، جتي پهچڻ هر اديب ۽ شاعر لاءِ ضروري هجي. ٽي وي تي جيڪو لکيو وڃي ٿو اهو Compromise تحت لکيو وڃي ٿو. اوهان ان کي حڪومتي پابندين سان مصلحت ڪري پاڻ پيش ٿيڻ لاءِ راضي ٿي وڃو ٿا، جنهن ڪري اُهو ادب نه آهي جيڪو مصلحت يا Compromise جي تحت لکيو وڃي ٿو.
    ٽي وي اسان جي ليکڪ کي جلد ملندڙ شهرت ۽ ٿوري گهڻي پيسي سان نوازي ٿي، جنهن ڪري اسان جو Talent ڄڻ ته هڪ ڄار ۾ ڦاسي ويو آهي. انهن جي لکڻين جو معيار ٽي وي جي سطح تي اچي رڪجي ويو آهي. ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون آهن، انهن جو گهڻو وقت ٽي ويءَ جي ڊراما نويسي ۾ صرف ٿي رهيو آهي.
    سچو ادب قرباني گهرندو آهي، اهو وقت ۽ حالتن سان ٽڪرائجي پوندو آهي، اهو ڪٿي به مصلحت يا Compromise ڪندي نظر نه ٿو اچي. اڄ به انهن اديبن جي قدمن جا نشان باقي آهن جيڪي اڏيءَ وٽ کُٽا. ڦاهيءَ وٽ کُٽا يا ڪنهن فائرنگ اسڪواڊ وٽ کُٽا. اديب ڪنهن به لالچ کانسواءِ هڪ Reformer هوندو آهي. اديب وٽ لالچ ۽ شهرت جو ڪو به تصور نه هجڻ گهرجي. جڏهن اهو سوچي ادب ۾ وڌبو ته پاڻ مرادو اڳتي هلي اديب هڪ اهڙي شهرت سان نوازيو ويندو جيڪا وقتي يا ان جي جيئري هجڻ تائين نه هوندي پر اها دنيا جي جيئري رهڻ تائين هوندي. اسان جو دوست پارس حميد به انهن خوددار اديبن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ڏانءَ ۽ ڏات ڪاغذن ۾ سنڀالي عوام جي آڏو اچڻ جا منتظر آهن.

    جي دکن کي
    اکيون هجن ها
    ته اسان کي ڏسي
    روئي پون ها

    واقعي ئي پارس سچ چيو آهي، پيڙا جي ان کان وڏي اُپٽار ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، وڏي ليکڪ جي اها ئي ڳالهه هوندي آهي ته هو لفظن کي ڪجهه اهڙي نموني ڦيري وجهي جو پنهنجي مرضيءَ موجب همدرديون حاصل ڪري سگهي.

    آءٌ جنگ کي
    مقدس ڇو نه چوان
    ان ۾ ته منهنجو
    پٽ شهيد ٿي ويو آهي
    آءٌ جڏهن جبران جو اهو خيال پڙهندو آهيان ته منهنجي اڳيان جنگ هڪ اهڙي شفاف روح جيان اڀري ايندي آهي، جنهن تي امن جو اڇو ڪفن ويڙهيل هوندو آهي.
    اهو سڀ تخليقڪار جو ڪمال آهي ته هو اسان جي ڌيان ۽ هوش تي قبضو ڪيون ويٺو هجي انهن کي جيئن چاهي استعمال ڪري.

    پنهنجي گهر ۾ لڳل گولين جي سوراخن مان
    چنڊ ڏسون ٿا، سج ڏسون ٿا
    پنهنجا پنهنجا ڏک ڏسون ٿا
    سوراخن مان سج جا ڪرڻا
    جوهه مان تڪي
    اسان جا ڀوءَ کان ڀڪوڙيل هٿ کولن ٿا
    ۽ هر روز صبح جو هير
    دک سنيها پئي آڻي
    سمونڊ ڇوليون ويڻ ڏئي
    واپس ورن پيون
    چنڊ به آسمان ۾ ڀٽڪي
    اسان جي سُک وستين کي ڳولي پيو
    ۽ سورج ڀوءَ کان ڀيڪوڙيل
    اسان جا هٿ کولي پيو
    (طويل نظم “سورج اسان جا هٿ کولي پيو” مان ٽڪرو)

    پارس جي مٿين سٽن تي ڪهڙو تبصرو ڪري سگهي ٿو. سندس شاعري وڻندڙ ۽ منفرد آهي، نثري/آزاد نظم لکڻ ايترو آسان نه آهي جيترو ان کي سمجهيو وڃي ٿو، ان جي آزادي پابندين کان به ڏکي ۽ مُنجهيل آهي.


    من _ آسمان تي
    تنهنجو چهرو
    چنڊ جيان چڙهي آيو
    تڏهن اکين ۾ لڪل سپنا
    تارا بڻجي ويا
    ۽ جڏهن هن آسمان تان
    چنڊ اُلهي ويو
    ته سپنا جلاوطن ٿي ويا
    هاڻ رڳو
    وڇوڙي جي آس
    بدن جلائي ٿي

    پارس حميد جا نثري نظم ۽ آزاد نظم معياري ۽ فڪر سان ڀرپور آهن. انهن ۾ سونهن ۽ حياتي آهي. انهن ۾ علامتون ۽ اشارا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ ته اُهي شاعريءَ جي حدن ۾ آهن.

    سمنڊ جي لهرن جو شور
    منهنجي اندر ۾
    خوف ۽ وسوسا ڀري ٿو
    نرم گاهه جي ڇهاءُ سان
    جسم مان اڀرندڙ سياندا
    سڀئي مندون هڪجهڙيون ڀاسندڙ
    رنگ برنگي گُل
    بيرنگيءَ جو احساس ڏياريندڙ
    ۽ پوءِ زندگيءَ جي
    انهيءَ احساساتي سفر ۾
    ٿڪل، ساڻو وجود
    ڪمري جي تنهائي
    ۽ وائلن جا سڏڪندڙ سَر
    منهنجي هئڻ جي
    معنيٰ ڳولن ٿا.

    مان انهيءَ زندگيءَ ڏانهن موٽڻ ٿو چاهيان
    جنهن ۾ تون آهين
    پر منهنجا سڀئي رستا
    وڇوڙي جي چؤواٽي تي
    اچي گم ٿي وڃن ٿا

    ڪنهن گهاٽي بڙ جيان
    تنهنجي پيار مون تي
    ٿڌڙي ڇانوَ ڪئي آهي
    تنهنجي محبت جي ڪري
    منهنجي دُکن کي ڄڻ
    ننڊ وٺي وئي آهي

    آخر ۾ پارس حميد جي ان خيال سان اوهان کان اجازت وٺندس.

    چنڊ، تو به ڪنهن کي چاهيو
    يا، سڀ ڪو توکي چاهي ٿو




    1983ع سنڌي ادبي سنگت سکر پاران پارس حميد سان ملهايل رهاڻ ۾ پڙهيل پيپر)


    ڪوهيڙي ۾ لڪيل

    سخت سيارو، ڪوهيڙو، موهن جو دڙو، ڌنڌلڪا منظر تيز نظرن سان ڏسڻا پوندا آهن. نظر اچي وڃن ته نقش ٿي ويندا آهن. ظاهر منظر وسري سگهن ٿا، ڌنڌلڪا منظر خوابن جو روپ ڌاري نه وسرندڙ تعبيرن ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. مون موهن جو دڙو نون سالن جي عمر ۾ ڏٺو، سخت سيارو، ڌنڌ ۽ خوابناڪيون، نه وسرندڙ عڪس ۽ موهن جي دڙي ڀرسان رهندڙ انور پيرزادي کي ٻاويهن سالن جي عمر ۾ ڏٺو، پوءِ ڏسندو رهيس، آخر تائين انور پيرزادو اهو ئي هيو جيڪو جوانيءَ ۾ ڏٺو، دنيا پوڙهي ٿي وئي، انور اهو ئي هيو، سدا جوان، مرڪندڙ، هشا بشاش ۽ سَرهو شخص، جيڪو ڪوهيڙو ۾ گم ٿي وڃڻ باوجود اڄ به نه وسرندڙ يادن جي منظر ۾ جيئرو آهي.
    اهو ستر وارو ڏهاڪو هيو، جڏهن مان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هيس، هاسٽل ٽي، ڪمرو نمبر پنج، صفا نئين هاسٽل، جيڪا اڃان مس ٺهي هئي، ڪمري جي ڀتين مان تازي عمارت جي بوءِ ايندي هئي. ٽي بيڊ پيل هوندا هيا، هڪ ڊاڪٽر ثناءُ الله کوکر جو هيو، ٻيو منهنجو ۽ ٽيون خالي هوندو هيو، خالي بيڊ اديبن ۽ شاعرن لاءِ هيو، انور پيرزادو ٽي دفعا هاسٽل تي آيو ۽ چار راتيون ان سان رهاڻ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر ثناءُ الله صحت جي موضوع تي مسلسل ڏهه سال “ويڄ” رسالو ڪڍيو، تازو گذاري ويو، انور پيرزادو به گذاري ويو. وقت گذرندو آهي، گذاري نه ويندو آهي، ماڻهو گذاري ويندا آهن ۽ گذري ويندا آهن. ماڻهوءَ جي رفتار وقت کان تيز آهي. وقت گذري ٿو ماڻهو گذري وڃي ٿو. ڪي شخص روپ مٽائي وقت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. اڀرندا آهن، لهندا آهن، وري اڀرندا آهن ۽ انڪري لهندا آهن ته وري انهن کي اڀرڻو آهي. انور پيرزادو وقت ۾ تبديل ٿي ويو ۽ گهڙي، گهڙي ٿي هر گهڙيءَ ۾ موجود آهي.
    منهنجو دوست جنهن لاءِ اهو سوچي اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اچن ٿيون ته ان جي ورسي آهي، عجيب خيال آهي، اسٽيج جنهن تي بيهي هو سڀ کان سٺو ڳالهائيندو هيو، اڄ اسٽيج تي مان ان جي ورسيءَ تي ڳالهائي رهيو آهيان، بيشڪ هلڻو آهي پر هو ڏاڍو تيز هليو ۽ اڄ اسان جي يادن ۾ ان جا ٿَڪَ ڀڃن ٿا.
    گلشن حديد، اڻويهه سئو اٺيانوي، گرميءَ جا ڏينهن، رات ۽ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ، انور اوچتو ظاهر ٿيو، ڏسي مرڪيو. ڀاڪر پائي مليو.
    “ساڳي شهر ۾ رهندي ايڏيون دوريون” ان چيو.
    “ڇا ڪجي” مون چيو. “آهيان ته ڊاڪٽر پر مصروفيتن جو مريض آهيان.”
    “ڇڏ جذباتي ڳالهيون.” هن چيو. “هي وٺ منهنجو نمبر، گهٽ ۾ گهٽ فون تي ته ڳالهائيندو ڪر.”
    هن کيسي مان پين ڪڍي، کيس ڪاغذن نه هيو، گهٽيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن سگريٽ جو پاڪيٽ يا ڪاغذ ٽڪرو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين، نظر نه آيس، کيسي مان نوٽ ڪڍيائين، نوٽ جي پاسي کان سنهو اڇو حصو وڪڙ ڏئي ڦاڙيائين ۽ نمبر لکيائين.
    پوءِ گلشن حديد ۾ هن سان ملاقاتيون ٿيون جيڪي مختلف گڏجاڻين ۾ هيون، اياز جانيءَ کي شابس آهي جيڪو مون کي ڳولهي لهندو هيو ۽ دوستن سامهون پيش ڪندو هيو.
    انور پيرزادو هڪ شاعر، هڪ مصنف، پر مون لاءِ هو هڪ انسان دوست هيو، هو سماجي ڪارڪن ۽ وطن دوست انسان هيو، هن کي ماروئڙن لاءِ پيار ۽ همدريون هيون.
    جڏهن هائوس جاب ڪندو هيس ته هو غريب ڳوٺاڻن ۽ صفا مسڪين ماڻهن کي علاج لاءِ اسپتال وٺي ايندو هيو، هڪ دفعي ڪنهن مسڪين ماڻهوءَ جي طبيعت خراب هئي کيس داخل ڪرائڻو پيو، ان بيمار شخص سان اٽڪل ست اٺ ماڻهو ساڻ هيا. انور مريض کي داخل ڪرائي انهن سان ٻاهر لان ۾ رلهي وڇائي ويهي رهيو. مون کي مريض جي پارت ڪيائين. منجهند جو ٻي بجي مان هن کان موڪلائي ٻئي ڏينهن صبح جو اسپتال آيس ته انور انهن سان لان ۾ رلهي وڇائي ويٺل هيو. مان هن سان مليس ۽ پڇيم
    “ناشتو پاڻي ڪيو اٿوَ يا نه؟”
    هن چيو “نه”
    مان ڪيڪ ۽ چانهه گهرائي انهن جي خاطر توازع ڪئي، مون کان انور ڪيئن وسري سگهي ٿو. هن سان گهڻيون ملاقاتيون نه هوندي به، جيڪي گهڙيون گذريون، اهي مدتن تي حاوي آهن. منهنجي مشاهدي ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ آهن. خاص ڪري هن دور ۾ جڏهن انسان جو ماس لذيذ ٿي پيو آهي.
    1976ع ۾ منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “امن جي نالي” شايع ٿيو. انور انهن ڏينهن ۾ پي ٽي ويءَ تي سنڌي ادبي پروگرام “مخزن” جي ميزباني ڪندو هيو، ڪجهه ٻين ڪتابن سان تبصري لاءِ هن منهنجي ڪتاب کي به شامل ڪيو. پروگرام جي آخر ۾ منهنجو آزاد نظم “امن” پڙهيو، جيڪو ان ڪهاڻي ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل هيو. اها منهنجي ادبي شروعات هئي ۽ انور کان ٽي ويءَ تي اهو آزاد نظم پڙهندي جيڪا خوشي حاصل ٿي هئي، اها اڄڪلهه پوري ڪتاب شايع ٿيڻ تي به نه حاصل ٿيندي آهي.
    انور ديو مالائي حيثيت رکندڙ شخص هيو، جڏهن ان سان واقفيت نه ٿي هئي ته ڪچهرين ۾ ان جو تذڪرو ٿيندو هيو، ڪو چوندو هيو.
    “انور ٻلڙيجيءَ جي ڳوٺ ۾ ٻارن کي سائيڪل تي کڻي اسڪول ڇڏڻ ويندو آهي جيئن ڳوٺ جا ٻار علم حاصل ڪري سگهن.”
    وري ڪو چوندو هيو “انور تمام سهڻو جوان آهي، اڌ وهيءَ جون عورتون پئسا ڏئي هن سان دوستي رکنديون آهن.”
    وري ڪو ائين چوندو هيو “انور سوويت يونين جو ايجنٽ آهي، کيس ايجنسيون مالي مدد ڪنديون آهن.”
    جيڏا وات تيڏيون ڳالهيون، ڪيئن به هجي، پر هو وقت جو پراسرار شخص هيو، ڀٽي صاحب جي اقتدار جو وقت مون هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذاريو. ماڻهن مراعتون حاصل ڪيون، انور هڪ وڏي قربانيءَ کانپوءِ به ڪجهه وقت بي روزگار رهي، هڪ فري لانسر جي حيثيت ۾ رزق ڪمايو. ضيا جي ڏينهن ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ جي دوران هو بي بي سيءَ جي نمائندي حيثيت ۾ سکر آيو. هن کي پڪڙي ٿاڻي جي لان ۾ کٽ تي ويهاري ڇڏيائون.
    اديب جو الميو آهي، شراب تي بندش هجي ته سگريٽ گهڻا پيئندو آهي. انور سگريٽ گهڻا پيئندو هيو، دونهي ۽ ڪوهيڙي ۾ ڳوڙهن جو فرق آهي.


    جديد سنڌي ناول جو معيار

    ادب ۾ لفظ معيار پراڻي گهڙيال جي پينڊيولم جيان آهي، پينڊيولم ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي. گهڙيال ۾ ڊُڪندڙ وقت سان معيار جا ڪانٽا ڦرن ٿا. ضروري نه آهي ته هڪڙي جي معيار جا پيمانا، ٻئي جي معيار سان برابري ڪري سگهن. لفظ معيار (Standard) اسان جو الڳ ادراڪ (Perception) آهي. جدت به معيار جيان ساڳي نه، پر ڦرندڙ گهرندڙ (Variable) آهي.
    لفظ تنقيد جنهن کي هنديءَ ۾ آلوچنا چيو وڃي ٿو، ان جي ڀيٽ ۾ لفظ ڇنڊڇاڻ بهتر آهي، اسان ڪنهن جو گريبان ڦاڙي ان جي سيني جو گهاءُ نٿا ڏسي سگهون، سٺي بورچيءَ جو ڪم آهي چانور چاڙهڻ کان اڳ انهن کي سٺي نموني سوئي جيئن ڪنهن کي کائيندي ڪُڪُرو نه اچي. اسان جي ادب جا بورچي ڪڪرن مان چانور چونڊين ٿا. سبب مايوسي آهي.
    اسين ڊٿل عمارت ۾ دٻيل آهيون، ڦهليل ڊس ۾ مٽيءَ هيٺان دفن ٿي چڪا آهن، سڄاڻ کان معذور ٿي چڪا آهيون، دانهون دم ٽوڙي چڪيون آهن ڇو جو ٻاهر ڪو ٻڌڻ وارو نه آهي، جيئن ٻار جي تربيت ماءُ ڪري ٿي، ائين زبان جي پرورش تعليم ڪري ٿي. تعليم اهڙو در آهي جيڪو ٻاهر کلي ٿو. اسين تازي هوا کان محروم تعليم جي لاش تي ٽهڪ ڏيندڙ تربيت جي تربت تي فاتح پڙهي فتحياب ٿيڻ جي باسي باسيندڙ قوم آهيون.
    اسين خواب ۾ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي جاڳي پيا آهيون ۽ جاڳ ۾ ڏسي رهيا آهيون، پير مان رت وهي رهيو آهي، اسين وڍيل وڻ جي لام کي ان جي وهندڙ کونئر سان ڳنڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
    ون يونٽ کانپوءِ تعليم جي تباهيءَ جو سبب شاگرد سياست آهي، ڏاڍ مڙسي ۽ ڪاپي ڪلچر، آمر حڪمرانن جي ڏنل ڇڙواڳ ۽ آمر حڪمرانن جي زيردست جاهل مسواڙي ايوانن ۾ ويٺل ڪارندن جي ڏنل ڍر ته متان لغڙ ڪاٽا نه ٿي پوي، جتي تعليم جو حال اهڙو هجي، اتي ادب ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ جتي ڪورس جا ڪتاب نه پڙهيا وڃن، اتي ادبي ڪتاب ڪير پڙهندو؟ مايوسين تخليقڪار کي چريو ڪري وڌو آهي ۽ اهو تنقيدنگار ٿي پيو آهي.
    سنڌ ۾ جيئن اديب سينئر ٿيندو وڃي ٿو تيئن تنقيد نگار ٿيندو وڃي ٿو. سڀ انسان وسري وڃن، اگهاڙو انسان ڪنهن کان نه وسرندو آهي، شهر جي گهٽين ۾ گهمندڙ مست منفرد آهي. مايوس کي اها اميد آهي ته کيس تنقيد نگاري انفراديت بخشيندين، ڏٺو وڃي ته تنقيد نگار يا ڇنڊ ڇاڻ ڪندڙ جي مٿاهين جاءِ آهي. جيڪا کيس تخت نشين ڪري ٿي ۽ سندس صادر ڪيل جملو حڪم سمجهي قبول ڪيو وڃي ٿو. سون ڪڏهن به نج حالت ۾ پائيدار نه هوندو آهي. ان کي ڇاڻي صاف ڪيو ويندو آهي ۽ ڦيٽ ذري ملائي گهڙيو ويندو آهي. صراف لوهر جا اوزار استعمال ڪري جيڪا شيءِ ٺاهيندو، انهن کي زيور چئي نه ٿو سگهجي.
    سنڌي ناول جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ اسان جو ناول قومپرستي، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ماحول مان جان ڇڏائي هڪ وک اڳتي وڌيو آهي، حقيقت اها آهي ته اسان ٽوٽا ٽڪر گڏ ڪري ناول جو بنياد ڀرڻ ئي هاڻي شروع ڪيو آهي، بنياد جي اهميت آهي، ڇو جو عمارت جو نقشو بنيادن تي پيل هوندو آهي.
    ان ۾ شڪ نه آهي ته سنڌي شاعري عالمي معيار جي آهي پر ناول سنڌي ادب جي پوئتي پيل صنف آهي.
    تخليقي ادب سان لاڳاپيل اديب گهڻو ڪجهه لکي وقت سان ٻڍائپ کي رسندي لکڻ ڇڏي ڏين ٿا، جيڪڏهن لکن به ٿا ته انهن جي لکڻ جو معيار ساڳيو نه آهي، سبب مايوسي؟ موت جو خوف؟ سرڪاري سرپرستيءَ جو نه هجڻ؟ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته عالمي سطح تي اديب جيئن پوڙهو ٿئي ٿو تيئن سندس لکڻيون مضبوط ۽ فن سان ڀريل ٿين ٿيون. گوگول جو ناول مئل ارواح (Dead Soul) جيڪو ان اڻويهين صديءَ ۾ لکيو، ان کي اهو ناول لکڻ ۾ اٺ سال لڳي ويا.
    دوستو فسڪيءَ جو ته گذر ئي ناول تي هوندو هيو، ان غريب اديب آخري وقت تائين قلم جو ساٿ نه ڇڏيو. 1881ع ۾ ان وفات ڪئي ته ان قرضي اديب جي جنازي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي۽ کيس اعزاز سان دفنايو ويو.
    اسان جي وقت جي سڀ کان وڏي ناول نگار گارشيا مارڪيز موت کان ڪجهه سال پهريون
    “منهنجو اداس رکيلون”
    (My Maloncholey whores)
    ناول ڏنو.
    دنيا جا تمام گهڻا اديب عمر جي آخري گهڙين تائين قلم جو ساٿ نه ٿا ڇڏن. جڏهن ته اسان جا اديب ٿڪجي چپ ٿي وڃن ٿا. اهي حال حيات آهن ۽ سواءِ امر جليل جي گهڻي وقت کان ادب ۾ انهن جو ڪردار نه آهي.
    ڪنهن زبان کي عالمي سطح تي ناول ئي متعارف ڪرائيندو آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ويندڙ صنف ناول آهي. ناول اسان وٽ ڳڀريو (Fertilize) ٿيو آهي. ان کي وڌيڪ مرحلا طئي ڪرڻا آهن.


    ڪهاڻي ائين جيئن نسيم کرل

    ارتقا جاندار شين تي لاڳو آهي. هڪ بي جان کنڊر تي ارتقا جو ڪو اثر نه آهي، کنڊرن تي موسمن جو اثر آهي، وقت جو اثر آهي. تاريخ جون عظيم الشان عمارتون ڊهن ٿيون، ڀرن ٿيون ۽ محفوظ نه ڪيون وڃن ته ڪِرن ٿيون. موهن جي دڙي جي تلاءَ (Swimming Pool) ۾ هاڻي مينهن جو پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي. نيرو پاڻي ميرو ٿي سگهي ٿو پر اها ارتقا نه آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ تي ارتقا جو اثر هجي ها ته پاڻي ڳاڙهو هجي ها.
    ڪهاڻي به جاندار شيءِ آهي. بي جان ڪاغذن تي لکيل انگ اکر لفظن ۾ ڍلجي جملن جي قطارن ۾ ڌرتيءَ تي چرپر ڪن ٿا. ڪهاڻي جاندار ان ڪري آهي ته ان تي ارتقا جو اثر آهي. ارتقا جو اثر ۽ تبديلي صدين تي لاڳو هوندي آهي، اسان جي ڪهاڻيءَ کي هڪ صدي به نه ٿي آهي ۽ اها ارتقا جون منزلون طي ڪري وئي. سڀ کان پهريون سنڌي ڪهاڻيءَ جا ڪن ٺهيا. ڇو جو ٻڌل ڪهاڻيون ترجمو ٿيون، پوءِ چپ، ڇو جو ڪهاڻيون ٻڌايون ويون ۽ نڪ جيڪو ٺهي رهيو آهي.
    اسان حيرت انگيز قوم آهيون. جاڳندا ان وقت آهيون جڏهن سمهڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ سمهندا ان وقت آهيون جڏهن جاڳڻ جي ضرورت هوندي آهي. قومپرستيءَ کي ڏينهن ۾ مذهبي ٿي پوندا آهيون ۽ قومپرست ان وقت ٿيندا آهيون جڏهن مذهب پير پختا ڪندو آهي.
    هوش ۾ آياسين ته لطيف سرڪار جي شاعريءَ کي جبل جيان ڏٺوسين، جبل پويان اوندهه هئي ۽ اڳيان اسان، خبر نه ٿي پوي ته ارتقا جو نظريو ڪاڏي ويو. لطيف ڪهڙا پيرا کڻي ايڏي ولايت ماڻي. هن کي ماضيءَ کان شاعريءَ جو ڪهڙو ورثو مليو جو ان آسري ايڏو عروج ماڻيائين. جيڪڏهن لطيف نه هجي ها ته اياز، اياز نه هجي ها، لفظ نه هجن ها، پيرائون نه هجن ها. اياز جو تسلسل ۽ مزار، لطيف جي پاڙن ۾ پيل آهي.
    ڪهاڻي ويهين صديءَ جي سٺ کان ستر واري ڏهاڪي ۾ چوٽ چڙهي وئي. اوچتو عظيم ڪهاڻيڪار پيدا ٿي پيا. نسلن کي متاثر ڪيائون، امر جليل، نسيم کرل، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، رباني، آغا سليم، علي بابا ۽ ٻيا سڀ هڪ ئي وقت اڀري سامهون آيا، ٿيڻ ته ائين گهربو هيو ته هڪ سٺ واري ڏهاڪي ۾، هڪ ستر واري ڏهاڪي ۾، هڪ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ۽ ويهين صدي ٽپي ايڪويهين صديءَ ۾ به ائين پيدا ٿي هڪ تسلسل پيدا ڪن ها، پر سڀ هڪ وقت لکي دنيا ڇڏي ويا، يا لکڻ ڇڏي ويا.
    دنيا جي وڏي ادب جون پاڙون، عيسا کان اڳ، موسا کان اڳ، ابراهيم کان اڳ، نوح کان اڳ، آدم کان اڳ، خول (Void) ۾ کتل آهن. يونان، روم، ميسوپو ٽيميا، بابل، نينوا، دجلا، فرات ۽ ميڊيٽرينين جون مٽجي ويل قومون، فينيشن، ڪارٿج، ادب ۽ فلسفي جي سمنڊ ۾ ٻڏي نرواڻ (Reincarnate) وٺن ٿيون. انهن جا ناول، شاعري ۽ دانشمنديءَ جا قصا ائين محفوظ آهن جيئن اک ۾ ڳوڙها من ۾ ياد، دل ۾ درد.
    اسان جي ادب جا ذخيرا ڪاڏي ويا، هيو ڪو ادب؟ آهي ڪو ادب؟
    اسين عروج ماڻي چڪا آهيون، ڪماليت کي پهچي چڪا آهيون ۽ هاڻي زواليت جو وقت آهي، موهن جي دڙي جي تلاءَ ۾ اسان جا لاش وهنجن ٿا. شايد اسين تاريخ کان اڳ جي قوم آهيون، انڪري تاريخ نه آهي، شايد اسين اهي نه آهيون، جيڪي هيا ۽ اهي آهيون جن کي نه هجڻ گهربو هيو. اسان جبل تي چڙهڻ نه، لهڻ سکيو آهي. جبل چوٽيءَ ڏي ويندڙ، اهي ئي لهڻ جا رستا هوندا آهن، جيڪي چڙهڻ جا رستا هوندا آهن. تعليم جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي. اسين ڪاپي ڪيس ٿي چڪا آهيون. ڪهڙيون ڪهاڻيون لکنداسين، ڪهڙي شاعري ۽ ڪهڙو فلسفو؟ تحقيق، اي رب پناهه ڏي، اها تحقيق ڪرڻي پوندي ته اهڙي تحقيق ٿي ڪيئن ٿي؟
    اسان پنهنجي ورثي جي حفاظت نه ٿا ڪيون، ڪهاڻيءَ جا پيرا جتي کٽن ٿا، اتي اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي موٽن ٿا.
    نسيم کرل عظيم ڪهاڻيڪار ان ڪري هيو جو ان کان اڳ ڪهاڻيءَ جي عظمت کي ڪنهن ڇهيو نه هيو. حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌي ڪهاڻي ٻار جي صورت ۾ پيدا نه ٿي پر ڄائي ته سٺ سالن جي هئي. پوءِ چاليهن سالن جي، پوءِ ويهن سالن جي، پوءِ ڏهن سالن جي ۽ هاڻي پنجن سالن جي آهي.
    پر مان مايوس نه آهيان، پنجن سالن جي آهي، واپس موٽي نه آهي. پر وري جوانيءَ طرف وڌي رهي آهي ۽ اميد ته ان جو جوان ٿيندڙ روپ عالمي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهندو.
    نسيم کرل لفظن جي سون مان ڪهاڻين جا زيور ٺاهي ٿو. لفظن جو سون انڪري ٿو چوان ته کيس عوامي لهجي جي لفظن جا ذخيرا هيا. ڪهاڻي پهرين مراد ۾ هن حد ڪري ڇڏي آهي. ٺيٺ ٻوليءَ جو مينهن ٿو وسي ۽ ڪردارن جون مينهيون ڀڄنديون وٿاڻن ڏي ٿيون ورن. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته ٻولي فڪر مٿان حاوي ٿي ان جا نقش بگاڙي وجهندي آهي پر نسيم جي فڪر پويان لفظن جو ڌڻ هلي ٿو. لفظ هن جي ماتحت آهن ۽ حڪم جا غلام آهن. سندس هڪ سِٽ تي ڌيان ڏيو.
    مينهن جي حوالي سان هڪ ڪردار چوي ٿو “جي جهنگ چرڻ ٿي وڃي ته پورن سان گٺ جي اوسي پاسي جون ليون ٿي ڀڃي، اڙي ماڻڪ هنن مينهن جا پور نه ڏيار.”
    اهڙا لفظ جيڪي شاهه جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، سچ ته اڃان به انهن وٽ مروج آهن جن کي ٻاهرين هوا جو جهوٽو نه لڳو آهي. لفظ “پور” جهڙا سوين لفظ جيڪي هاڻي استعمال هيٺ نه ٿا اچن، نسيم وٽ محفوظ آهن.
    “جيئن مينهن ڪنڍيءَ پُور، تيئن دل وارو ڪو دوست سين”
    پور وڪڙ ڏنل سڱ هوندا آهن، مينهون وڙهنديون آهن ته انهن جا سڱ هڪ ٻئي ۾ ڦاسي پوندا آهن. انهن کي پور پوڻ چوندا آهن. لطيف چوي ٿو “جيئن ڪنڍي مينهن جا هڪ ٻئي ۾ پور ڦاٿل آهن ائين دل محبوب سان وريل آهي.” نسيم هڪ ئي سِٽ ۾ پورن کي ٻن معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي. هڪ پور معنا وريل سڱ، ٻيو پور معنا سار.
    نسيم اٽڪل ٻٽيهه ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي سندس ڪهاڻين جي ٽن مجموعن “شبنم شبنم ڪنول ڪنول” “چوٽيهون در” ۽ “ڊميءَ” ۾ شامل آهن.
    هن جون ڪهاڻيون “چوٽيهون در” ۽ “ڪافر” ايڏيون ته مشهور آهن جو انهن تي تبصرو ڪرڻ سندن شهرت گهٽائڻ آهي.
    ڪهاڻي “گذريل واردات” ڪردار نگاريءَ جو شاهڪار آهي، ڪهاڻيءَ جي گهڙت جو ڏانءُ سکڻو هجي ته ان ڪهاڻي مان سکجي. ڪهاڻيءَ جو پيرو ۽ پيري جي پڄاڻي، سوناري جي بٺي ۽ لوهر جو ڌڪ، هڪ ڪاموري جي نفسيات ۽ هيت جي حدن کان ڪٿي به ٻاهر ٽپي ان جي بگاڙ جو سبب نه ٿيڻ. بي ضابطي (Over) نه ٿيڻ پر ڪردارن تي گرفت مضبوط ڪري انهن کي دڳ ڏيڻ، اهو نسيم جي فن جو ڪمال آهي.
    نسيم جي ڪهاڻين جي خوبي اها آهي ته هو ڪنهن به ڪردار ۾ پاڻ شامل نه ٿو ٿئي. هو غير جانبدار آهي ۽ ڪردار پاڻ ڪهاڻيءَ کي وٺي انت تي پهچائين ٿا. هو ڪردارن جي اندر جي تفسير بيان نه ٿو ڪري پر ڪردار ظاهري ڏيک مان اندر جي ترجماني ڪن ٿا. نه هن وٽ علامتون آهن، نه وشال منظر نگاري، نه سحرانگيزي، نه جادو ئي حقيقت نگاري، نه تجريد، نه مونجهارو، پر ڪهاڻين جا فطري پلاٽ يا خاڪا آهن. هن وٽ خاڪي کي اهميت آهي ۽ خاڪو هڪ اهڙي ڍانچي جيان آهي جنهن تي هو ماس، رڳون ۽ کل چاڙهي، دل وجهي جيئرو ڪري ٿو.
    خاڪا هٿرادو گهڙيل نه آهن پر الهامي (Intuitional) آهن، جيڪي ادب جي فڪر ۾ سدائين ٻڏيو رهندڙ فنڪار تي اوچتو نازل ٿي پوندا آهن. ڇو جو ادب “ڏات” آهي، جنهن کي ملي، ادب “ڏانءُ” نه آهي. ڏانءُ ڏات کي تراشڻ آهي.
    نسيم کرل سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي پر مون ان کي سکر ۾ ٻه چار دفعا ڏٺو، هو شخصي طرح ڪهاڻيڪار نه لڳندو هيو، سندس صورت تنقيد نگارن جهڙي هئي.
    سکر ۾ شيخ اياز، رشيد، فتاح ملڪ ۽ اسان نوجوان ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا هياسين. نسيم حيات هيو پر ڪڏهن مون ان کي گڏجاڻين ۾ نه ڏٺو ۽ کيس نه ڪڏهن سکر جي ڪنهن اديب سان ملندي ڏٺو. رشيد ڀٽي جيڪو ساڳي پايي جو ڪهاڻيڪار آهي. ان جون ڪهاڻيون پڻ سنڌي ادب جو سرمايو آهن. رشيد ڀٽيءَ سان هر اديب ملڻ ايندو هيو. شيخ اياز هن جي اوطاق جو معتبر مهمان هوندو هيو، پر نسيم جو ذڪر نه ٿيندو هيو. مون محسوس ڪيو هيو پليجي صاحب جي اثر ڪري اديب ۽ دانشور ان وقت وڏيرا شاهيءَ خلاف هوندا هيا ۽ ٿي سگهي ٿو نسيم کرل وڏيرو هجي. هاڻي حيرت ٿئي ٿي، وقت جي واءُ ۾ سياسي نظرين جا ڏيئا اجهامي وڃن ٿا پر ادب جو ڏيئو روشن رهي ٿو.
    ادب جي ان پهرين ٽهيءَ کانپوءِ اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن تي ان ٽهيءَ جو اثر نظر اچي ٿو. گهڻن امرجليل جيان لکڻ شروع ڪيو ته وري ڪن نسيم کرل جي طريقي کي پنهنجو ڪيو. ٻنهي جي فن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. پر زمين زمين آهي ۽ آسمان آسمان، امر جليل کي نسيم کرل نه وڻندو هيو ۽ نسيم کرل کي امرجليل نه وڻندو هيو ۽ اڄ به ڪو ڪنهن کي وڻي ٿو ڪو ڪنهن کي نه ٿو وڻي.


    گارشيا گذاري ويو

    17 اپريل 2014، خميس ڏهاڙو دنيا جي هلندڙ وقت جو وڏي ۾ وڏو ناول نگار گبرئيل گارشيا مارڪيز 87 ورهين جي ڄمار ۾ ميڪسيڪو ۾ گذاري ويو. اها خبر ٻڌي منهنجيون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آهيون، منَ ۾ عجيب اداسي ڇانيل ۽ ڏک جو سبب ان عظيم اديب جو وڇوڙو آهي.
    جنهن جي ڪتابن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. آئون جڏهن علامتن جي جهنگ، پراسرار محلاتن ۽ ويران گهٽين جي وحشتن ۾ ڊوڙي رهيو هيس ته گارشيا اهڙي سحر ۾ ڦاسائي وڌو جو شايد ئي نڪري سگهان.
    گارشيا جو تيزيءَ سان هلندڙ ۽ ڪڏهن نه ٿڪجندڙ قلم خاموش ٿي ويو. سال اڳ هن مٿان Dementia ويساري جو حملو ٿيو هو. شايد ان جو سبب اهو هو جو هن حياتيءَ ۾ سڀ يادون پڙهندڙن کي آڇي ڇڏيون ۽ هن وٽ ياد رکڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو.
    ماضي هن جي زندگيءَ جو لازوال ورثو هيو. يادون ۽ يادن ۾ ٻڌل پراسرار خوشبوءِ، هڪ اهڙي خوشبوءِ جيڪا مئلن جي جسم ۾ سمائجي انهن کي جيئرو ڪري وجهي.
    گارشيا جو وڇوڙو هڪ ڪائنات جو موت آهي. اهڙي ڪائنات جيڪا گارشيائي تخليق ڪري سگهي پيو. ان سحرانگيزي ڪائنات جا چنڊ ستارا، آسمان ۽ اجنبي ڪردار سڀ ساڪت ٿي چڪا آهن. شايد اهي حيرت ۾ ٻڏل آهن. گارشيا اهڙو استاد هو جنهن کي پڙهي نامور ليکڪن لکڻ سکيو. هو جديد قصا گوئيءَ جو موجد هو. ان جي هر ڪتاب جي هر جملي ۾ ڏهه معنائون سمايل آهن. ور ور پڙهڻ سان هر هر معنيٰ بدلجي ٿي. پڙهي هر ڪو پنهنجي مزاج موجب کلي يا روئي سگهي ٿو. هن جي لکڻين جو (Hidden Humour) لڪيل مزاح پڙهندڙ کي مرڪي روئاري وجهي ٿو.
    ڪجهه هن جي حياتيءَ متعلق ٻڌائيندو هلان ته ان عظيم اديب 6 اپريل 1928ع ۾ جنم ورتو. هن ڊگري ته قانون جي ورتي پر پيشو صحافت کي بڻائي حادثن ۽ سانحن کي ايڏو ته ويجهو ويو جو اهي سانحا ۽ حادثا پنهنجون معنائون بدلائي ويٺا. هن جي پهرين ڪهاڻي، “ٽئين مايوسي” (Third Resignation) ۽ پهريون ناول “پنن جو طوفان” (Storm of Leaves) 1955ع ۾ شايع ٿيا.
    1958ع ۾ هن “مرسيدس پارچا” سان شادي ڪئي، اهي هن جي گمناميءَ ۽ غربت جا ڏينهن هيا، تن ڏينهن سندس ڪهاڻين جو مجموعو “وڏي امڙ جو جنازو” (Big Mama’s Funeral) شايع ٿيو. ان ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شامل سڀ ڪهاڻيون اڳتي هلي هن جي ناولن جا موضوع بڻيون. اهي منفرد ڪهاڻيون پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو، اهڙيون ڪهاڻيون اڳ ساڳي اسلوب ۾ ڪنهن جون لکيل نه آهن. ڪهاڻي “وڏي امڙ جو جنازو” هڪ ڪراڙي عورت جي آخري ڏينهن جي ڪهاڻي آهي. جنهن پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن وڏي حشمت ۽ دٻدٻي سان گهاريا آهن. جيڪا پنهنجي شخصيت ڪري سڄي خطي ۾ مشهور آهي. اها هڪ وڏي اوڳرائي ڏئي مري وڃي ٿي ۽ سندس موت تي پوري اسٽيٽ سوڳ ۾ وٺجي وڃي ٿي.
    1959ع ۾ فيڊل ڪاسترو هوانا (ڪيوبا) تي قبضو ڪيو. فيڊل هن جو ويجهو دوست هو. گارشيا ڪيوبا جي سوشلسٽ انقلاب کانپوءِ هوانا ۾ ڪجهه ڏينهن گذاريا. جيڪي هن جا سٺا ڏينهن هيا. فيڊل، گارشيا جي لکڻين کان متاثر هو. هن هڪ دفعي ڊگهو ساهه کڻي ان حسرت جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن کيس ٻيو جنم مليو ته هو به ناول نگار ٿيڻ پسند ڪندو. هونئن ته گارشيا جا مداح تمام گهڻا آهن. فرانس جو اڳوڻو صدر، “فرانسسوان متران” هن جي تعريف جا ڍڪ ڀريندو هو. فرانسسوان متران سان هن جو تعارف چليءَ جي جڳ مشهور شاعر پبلو نرودا ڪرايو هو.
    گارشيا جي سڃاڻپ 1967ع ۾ ٿي. جڏهن سندس ڪتاب “اڪيلائيءَ جا سئو سال” شايع ٿيو. 1982ع ۾ هن کي نوبل انعام مليو. دولت ۽ شهرت هن جي مٿان مهربان ٿي پئي.
    گارشيا، ادب ۽ صحافت کي لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جي عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن انگولا ۽ نڪارا گوا جي عوام جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ جنگ ۾ انهن جو ساٿ ڏنو.
    1985ع ۾ سندس هڪ ٻيو جڳ مشهور ناول “ڪالرا جي وقت پيار” (Love in the time of Cholera) شايع ٿيو. اهو ناول هن جي ٻين ناولن کان مختلف انداز ۾ لکيل آهي. ان جي ٻولي، تشبيهون ۽ پلاٽ الڳ طريقي سان تراشيل آهن. ان ناول جو پلاٽ مبهم ۽ غير واضح آهي. جڏهن ته لکڻيءَ جو انداز فڪرانگيز ۽ دلچسپ آهي. اها هڪ ڊاڪٽر جي ڪهاڻي آهي. ناول جو مک ڪردار ان جي هيروئن “فرمينا ڊازا” پنهنجي محبوب کي ڇڏي ان ڊاڪٽر سان شادي ڪري ٿي. اهو ڊاڪٽر ڪالرا جي بيماريءَ جو علاج ڳولهيندو رهي ٿو. هڪ منحوس طوطي کي پڪڙيندي ڊاڪٽر وڻ تان ڪري ٿو ۽ ڪهاڻي دلچسپ انداز اختيار ڪري ٿي.
    جتي لکڻ فن آهي. اتي پڙهڻ پڻ وڏو فن آهي. گارشيا جي ڪنهن به ناول يا ڪهاڻيءَ جي وضاحت ان سان چرچو ڪرڻ آهي. گارشيا کي پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو، بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    گارشيا جي هٿ ۾ جهليل قلم جادوءَ جي ڇڙي آهي. ان جي هر اشاري تي ماحول ۾ نوان رنگ ڀرجي وڃن ٿا.
    مون هن جو ناول “عشق ۽ ٻيا آسيب” (of love and other demons) ٽي دفعا پڙهيو آهي. گارشيا جا ڪردار (Pedophilics) نابالغن جي جنسي تڪسين جا گهرجائو آهن.
    هو پنهنجي ناولن ۾ نابالغ ڇوڪرين جي سونهن جي ساراهه دل کولي ڪري ٿي. جيئن “اڪيلائيءَ جا سئو سال” ۾ هڪ ڪردار کي تيرهن سالن جي ڇوڪري ڏسي هيٺ سٽ اچي ٿي يا “عشق ۽ ٻيا آسيب” ۾ تيرهن سالن جي ڇوڪري، “سروا ماريا” جنهن سان هڪ پادري پيار ڪري ٿو.
    هن جي آيل آخري ناول “منهنجون اداس رکيلون” (My Melancholy Whores) ۾ هڪ 80 سالن جو پوڙهو جيڪو 14 سالن جي ڇوڪريءَ جي فرمائش ڪري ٿو. سندس چوڻ موجب
    * ادب، اسان جي لڪيل وحشتن جي تسڪين ڪري ٿو.
    * ادب، ٻي صورت ۾ انسان جي دماغ جي گندگي ڌوئي صاف
    ڪري ٿو.
    * ادب، اندر جي لاحاصل گهرجن جو پورائو ڪري ٿو.
    يقين ڪيو مان ڪتابن سان دوستي نه ڪيان ها ته چريو هجان ها، رَسُ صرف ميوي ۾ موجود نه هوندو آهي.
    هن جو آخري ڪتاب “منهنجون اداس رکيلون” 2004ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب تي ايران ۾ پابندي مڙهيل آهي. اهي کليل جنسي معاشقا آهن جيڪي حسرتن جي صورت ۾ هڪ پوڙهي دماغ اندر زندگيءَ جي تجربن جي صورت ۾ پڙهندڙ کي تڪسين ڏين ٿا. تمام خوبصورت ڪتاب آهي. سندس ٻيا مشهور ڪتاب “معصومه ارينڊرا ۽ ٻيون ڪهاڻيون” جيڪو 1979ع ۾ شايع ٿيو.
    * جنرل مونجهارن ۾ 1990ع ۾ شايع ٿيو.
    * زيتون جي مهڪ 1983ع ۾ شايع ٿيو.
    ٻيا ڪيترائي ڪتاب آهن جن جو ذڪر هن ننڍڙي مضمون ۾ نٿو ڪري سگهجي.
    هن جي لکڻين جو پراسرار ڳوٺ “ماڪوندو” جهڙ، ماڪ ۽ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هر هنڌ نظر اچي ٿو. ڪرنل، “اوليانو بوئندا” جيڪو هن جي ناني جو ڪردار آهي ۽ پنهنجي نانيءَ جي ٻڌايل ننڍپڻ جي قصن مان هو ڪٿي به جان ڇڏائي آزاد بيٺل نظر نه ٿو اچي. هو خود وڏڙن کان ورثي ۾ مليل قصا گوئي جي ٻاڦ ۾ وڙهيل آهي. هن جو نانو ڪولمبيا جي فوج ۾ ڪرنل هو. اهي ڪردار جن ڪولمبيا ۾ ٿيل بغاوتن ۾ جام شهادت نوش ڪيو. هن وٽ امر ٿي چڪا آهن. هن پنهنجي ڪتاب “زيتون جي مهڪ” ۾ ناني جو ذڪر تمام جذباتي انداز ۾ ڪيو آهي.
    گارشيا دنيا ۾ به نه رهيو. اهو سوچي من تي وري اداسي ڇائنجي وڃي ٿي. اڄ جڏهن 18 هين اپريل 2014ع تي هي مضمون لکي رهيو آهيان ۽ گارشيا کي موڪلائي هڪ ڏينهن مس ٿيو آهي ته منهنجي سامهون بي بي سي تي اها خبر هلي رهي آهي، “ميڪسيڪو ۾ 7.5 ميگنيٽيوڊ جو زلزلو آيو پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.” حيرت ۾ وٺجي وڃان ٿو ته جڏهن اڃان گارشيا جو جنازو ان جي گهر ۾ پيل هوندو ته اتي ان جي زلزلي جو نقصان پهچائڻ بنا ائين اچڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو. ڇا اها به جادوئي سحرانگيزي آهي.
    پاڻ کي ان ڪري خوشنصيب سمجهان ٿو ته منهنجو جنم به ان وقت ٿيو جڏهن دنيا ۾ گارشيا موجود هو. مان ان جو همعصر آهيان. ڀل اسان هڪ ٻئي کي نه ڏٺو. پر مان به ساڳي دنيا ۾ ساهه کڻي رهيو هئس. جنهن ۾ گارشيا. هن جي وڇوڙي تي سچ ته ساهه منجهيل محسوس ڪري رهيو آهيان.


    همعصر افساني جا موضوع

    گهڻو ڪري انسان حياتيءَ ۾ پنج پيڙهيون ڏسي ٿو. ڏاڏو، پيءُ، پاڻ، پٽ ۽ پوٽا. صرف قد ننڍا وڏا نه هوندا آهن پر حياتي به ننڍي وڏي ٿي سگهي ٿي، ائين اتفاقي، حادثاتي يا آپگهاتي لمحن مان بچي نڪتل ليکڪ ادب جون پنج پيڙهيون ڏسي ٿو، جن کي همعصر ادب چئي سگهجي ٿو.
    ادب جون پنج پيڙهيون ۽ انهن جا افسانا، انهن افسانن جي موضوعن تي ڳالهائڻ لاءِ وقت نه، عمر گهرجي.
    ڪڏهن لڳندو آهي افسانو، افسوس ۽ افسردگيءَ مان نڪتل لفظ آهي ۽ لفظ جيڪو ڪنهن ڪوريئڙي جيان من کي مونجهه جو ڄارو هڻي ان انتظار ۾ ويٺل آهي ته پڙهندڙ کي ان ۾ الجهائي سگهي.
    سنڌي افساني جا وڏا موضوع، پيارپرستي، پيرپرستي، قومپرستي، انسان پرستي ۽ توهم پرستي رهيا آهن. اها پنج پرستي، پنج ڏهاڪا سنڌي افساني جو موضوع رهي آهي. خدا پرستي ۽ بت پرستي مذهبي موضوع آهن. ادب ۾ انهن جو تذڪرو انڪري ضروري نه آهي جو ادب کي مذهب کان الڳ ڪيو وڃي ڇو جو جڏهن سياست سان مذهب ملندو آهي ته پوءِ شيطان کان جان ڇڏائڻ لاءِ ادب جي ضرورت پوندي آهي. شراب ۽ آب زم زم اصلوڪين حالتن ۾ ئي اثرانگيز آهن.
    مون پهرين ڪهاڻي جو ڏهن سالن ۾ لکي، ان وقت امر جليل کي پڙهندو هيس، مون اها ڪهاڻي ڦاڙي ڦٽي ڪئي. ٻئي لکي، ٽئين لکي ۽ لکي ڦٽي ڪندو ويس. امر جليل جي افسانن جا موضوع منهنجا موضوع نه هيا. هر اديب پنهنجا موضوع پاڻ تخليق ڪري ٿو.
    پاڪستاني سنڌ جي عهد ۾ ون يونٽ اهڙو موڙ آهي، جنهن موڙ تي اچي، اسان کي واپس موڙيو ويو. ڪولين جي قطار اڳيان ڪک ڪِرندو آهي ته اهي تهس نهس ٿي وري قطار ۾ روان دوان هونديون آهن. اسان جون قطارون ڊٿيون ته وري نه ٺهيون. اسان ۽ ڪولين ۾ فرق آهي، تهس نهس ۽ روان دوان اردوءَ جا لفظ آهن. جيڪي مون ڄاڻي واڻي انڪري استعمال ڪيا آهن جيئن پنهنجي لکڻيءَ کي ڪارو داغ هڻي نظر کان بچائي سگهان. جنهن نظر جي لڳڻ سان اسان جا عظيم شهپارا علاقائي هجڻ جي شبي ۾ اعليٰ اختيارين کان آشيرواد نه ملڻ ڪري فنا فلا ٿي چڪا آهن.
    ون يونٽ وقت اسان خواب ۾ پير تي ڪهاڙو هڻي جاڳي پيا هياسين ۽ اها جاڳ وري خواب ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. خواب خطرناڪ هوندا آهن، ڇو جو خوابن ۾ ملڪ ٺهي پوندا آهن پر اسان جا خواب انڪري خطرناڪ نه آهن جو ٺهڻ بجاءِ، ٺهيل به ڊهي پوندا آهن. سنڌ ڪتابن جي ڦاٽل ورقن ۾ سڙي رهي آهي. نديءَ ڪناري پيران پير کي پڪاري رهيا آهيون ته “تعليم جو ٻيڙو تار”
    پيران پير ٻڍڙيءَ جون دعائون ٻڌيون هيون، اسان ٻڍڙن کي پيران پير سمجهي پڪاري رهيا آهيون، ٻڍڙا ٻوڙا ٿي چڪا آهن.
    سنڌي همعصر افساني جا موضوع، فني لحاظ کان حقيقت نگاري (Realism) جي ويجهو رهيا آهن. ڪو وقت هيو جڏهن تنقيدي بيٺڪن ۾ پڙهيل افسانن تي اها تنقيد ٿيندي هئي ته انهن ۾ مقصد، مسئلو، مسئلي جو حل، ڀوڳنائن جي ڳالهه آهي يا نه آهي. ادب کي سياسي نظرين تحت پرکيو ويندو هيو. خارجي تخليقن کي داخلي تخليقن کان سٺو سمجهيو ويندو هيو. اديب کي پنهنجين لکڻين سان جانبدار يا غير جانبدار هجڻ تي وڏا بحث ٿيندا هيا. ڏٺو وڃي ته ادب ولر کان وڇڙيل ڪمزور جهنگلي جانور آهي، جيڪو پاڻ بچائي رستا ڳولهي ٿو ۽ انهن رستن ۾ ئي سندس بقا آهي، ادب کي رستو ٺاهي ڏيڻ کيس کوهه ۾ ڪيرڻ برابر آهي.
    امر جليل ۽ نسيم کرل جي فن جو انداز ۽ ان جو فرق، جمال ابڙي جي لکڻين جا ننڍا جملا ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ منظر، پڙهندڙن جي دماغ تي اڻ مٽ نقش ڇڏي ويندڙ لکڻيون هيون. جذباتي رويا، منفرد موضوع ڇپندڙ مڪالما. ڪردارن جي روين ۽ انهن جي ڀوڳنائن ۾ شامل ٿي ويندڙ ليکڪن جي جانبداري، افسانن کي اهڙو روپ ڏيندي هئي جو اهي پڙهندڙ کي ڇرڪائي، همدردي حاصل ڪري وٺنديون هيون.
    اياز قادري، رشيد ڀٽي، نجم عباسي ۽ حفيظ شيخ جون ڪهاڻيون عام انسانن ۽ انهن جي ڀوڳنائن جا موضوع آهن. اهي سادن لفظن ۾ آسان، معاشري ۾ اڻ برابري ۽ ان نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ رد عمل، ڇڪتاڻ، غربت، توهمپرستي ۽ ٻين برائين کي پڌرو ڪندڙ موضوع آهن. آغا سليم ۽ علي بابا جي افسانا جا موضوع حقيقت نگاريءَ جو بي مثال نمونو آهن. انهن جي خوبصورت ٻولي، منظر ۽ عڪس، سندن لکڻين کي منفرد بنائين ٿا. ماڻڪ، گنو سامتاڻي ۽ لعل پشپ جا موضوع سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏين ٿا. ڇو جو انهن جون لکڻيون روايتي افسانن کان هٽيل، نواڻ ۽ تجريد سان ڀريل آهن.
    ون يونٽ کان اڳ سنڌي افساني جا موضوع، وقت ۽ ضرورتن مطابق عوامي جاڳرتا ۽ جدوجهد جي ڳالهه ڪن ٿا. اهي سنڌ دوستي ۽ پيڙهيل ماڻهن جو تذڪرو ڪن ٿا. ڌاڙيلن جي موضوع تي لکيل ان وقت جون ڪهاڻيون کين “هيرو” ڪري پيش ڪن ٿيون، جيڪو هلندڙ دور ۾ هڪ تضاد جي صورت ۾ ڏسجي ٿو. پيرن ۽ وڏيرن کي مختلف انداز ۾ ننديو ۽ وائکو ڪيو ويو جنهن جو معاشري تي ڪنهن حد تائين سٺو اثر پيو.
    ون يونٽ کان پوءِ وارن ليکڪن جي ٽهي، پاڻ کان اڳ واري ٽهيءَ کان متاثر ڏسجي ٿي. انهن جا موضوع ورجهاءَ جي ور چڙهي پنهنجو اثر وڃائي ويٺا ۽ ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سنڌي افساني ۾ موضوعن جي پختي ۽ ڇڪيل ڏور ۾ اهو جهول مسلسل ڪيترن سالن تائين رهيو. ان عرصي اندر اسان پنهنجا ڪيترائي پڙهندڙ ضايع ڪيا. سائنسي ايجادن، ميڊيا جون متبادل راهون ٺاهي ڏنيون. قومي جذبو گهٽجي ويو. ڪنهن وقت اسٽيج تي سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هيو، هاڻي ڪي قدر آزادي آهي. سنڌي وفاق پرست آهن. اهي ڪمان مان نڪتل تير تي ٽپا هڻن ٿا. هاڻي افساني جا موضوع تبديل ٿي چڪا آهن. اڳ اديبن خارجي موضوعن تي لکيو هاڻي داخلي موضوعن تي لکيو وڃي ٿو. لکڻين جو انداز علامتي، تجريدي ۽ سحرانگيز حقيقت نگاري آهي. اخلاق انصاري، نسيم پارس گاد، لياقت رضوي، منور سراج جي افسانن ۾ پراڻو موضوعاتي ورجهاءُ نه آهي پر سنڌي سماج اڃان اهڙين لکڻين کي قبول نه ڪيو آهي. ان جو سبب تعليم ۽ ڄاڻ جي گهٽتائي، عالمي ادب جو نه پڙهيو وڃڻ. دنيا جي سٺن چونڊ ڪتابن جو ترجمو نه ٿيڻ ۽ سرڪار پاران ادب جي حوصلا افزائي نه ٿيڻ آهي.
    افساني ۾ موضوع کي اهميت حاصل آهي. موضوعن جي نواڻ افساني کي تازو رکي ٿي. موضوعن جي کوٽ نه آهي. ايڏا موضوع آهن جو انهن کي ڳڻي نه ٿو سگهجي. نظر ايندڙ هر شيءِ پويان هزارين موضوع آهن. موضوعن جي نڀاهه لاءِ مختلف اصلوبن وجود ورتو. سڀ موضوع حقيقت پسندي (Realism) ۾ سمائجي نه ٿا سگهن. علامتون ۽ تجريدون موضوعن کي سولو ڪري وجهن ٿيون پر انهن سان نڀاهه لکندڙ جي ڏات ۽ ڏانءُ آهي. موضوعن سان انصاف هڪ اديب جي ذاتي پهچ آهي. ماضيءَ جو سنڌي افسانو موضوعاتي لحاظ کان حقيقت نگاريءَ جي ويجهو هوندي عالمي معيار جو آهي پر دنيا جا معيار بدلجي چڪا آهن. اڄڪلهه سحرانگيزي حقيقت نگاريءَ ۽ سرئلزم جو دور آهي. صورتحال ڪيئن به هجي پر سنڌي افساني جا لکندڙ پهريون کان وڌيڪ آهن. اهو پاڻ وڏو موضوع آهي ته بغير حوصلا افزائيءَ ۽ سرپرستيءَ جي هن دور ۾ سنڌي افسانو جيئرو آهي، مئو نه آهي.


    ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ

    چون ٿا موجودات ۾ پراسراريت کي ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻو، انسان اسرارن جي انت کي شايد ڪڏهن ڇُهي سگهي. مونجهارن کي شايد ڪو مات ڏئي سگهي. مکڙيءَ کي پنکڙي پنکڙي ڪري ٽوڙيو، هر پنکڙيءَ پويان اهو تجسس هجي ته شايد ان پويان ڪجهه هوندو. پر لاحاصل مرڪزيت خالي ۽ کوکلي هڪ پردي پويان ٻيو پردو ۽ ائين لامحدود پردن پويان ڪٿي به ڪو اهڙو جلوو ڪونه جنهن کي ڏسي منزل، سچ يا حقيقت جو گمان ٿئي هر شيءِ پراسرار آهي ۽ رهندي.
    ڌرتيءَ تي آڪاش جي تارن کان وڌيڪ اکيون چمڪي رهيون آهن. هر اک هڪ الڳ دنيا آهي ۽ ائين دنيا هر الڳ اک تائين محدود آهي. اک بند ٿئي ٿي ته دنيا جو انت ٿئي ٿو ۽ ان دنيا جي پڄاڻي ٿئي ٿي.
    دنيا هڪ Illusion آهي ۽ هر اک ۾ ان جو الڳ وهم يا گمان آهي. هر آدمي دنيا آهي ۽ ان جي فنا سان دنيا فنا ٿئي ٿي. ڪي اکيون ڪيئن ڏسن ٿيون ته ڪي ڪيئن پر اديب، شاعر ۽ مصور جي اک انهن عڪسن کي الڳ روپ ۾ ڏسي ٿي.
    ائين نسيم پارس وٽ پنهنجي دنيا آهي، جيڪا منفرد آهي، هن جا عڪس چنڊ، ستارا، ڏينهن ۽ رات مختلف رنگن ۽ شڪلين ۾ واضح آهن، هو جڏهن اظهار ڪري ٿو ته هن جا اهڃاڻ، هن جا عڪس ۽ منظر صرف هن جي ملڪيت نظر اچن ٿا.
    “بندو خان اوٻاسي ڏيئي ٿو ته زبان ڪري پويس ٿي.”
    “رات جي دوڪان ۾ لهي اچي ٿي ۽ بندو خان جا نيڻ کڻي وڃي ٿي.”
    اديب لاءِ لکڻ ائين آهي جيئن مذهبيءَ لاءِ مراقبو. مان نه ٿو سمجهان ته ڪو ادب پيڙا، ڏک يا ذهني دٻاءُ سان جنم وٺي ٿو. پر ان جي برعڪس لکڻ اديب کي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو. هو پنهنجي منفرد دنيا جي الڳ راهن تي گهمي اهڙو سير ۽ تفريح ڪري واپس موٽي ٿو جو هن جا سڀ ٿڪ لهي وڃن ٿا ۽ هو پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪري ٿو. هڪ اديب لاءِ سڀ کان وڏي عياشي لکڻ آهي. جيڪر اسان دنياداري ۽ روزگار جو حصول ايتري اجازت ڏئي ته ڪجهه لکي ڪلهي تي کنيل وزندار ڳٺڙيءَ جو بار هلڪو ڪري سگهون ته اها خوشنصيبي ٿيندي.
    “ڪولاج ٿي ويل شخص” ۾ هو لکي ٿو
    “هيليڪاپٽرن مان من وسلويٰ ڪري ٿو.”
    نسيم پارس دنيا جي وڏي طاقت تي طنز ڪري ٿو، من وسلويٰ بي شڪ موسيٰ نبيءَ جي امت تي نازل ٿيو هيو. اڄ سامراجي طاقتن جو تسلط ڏاڍو سائنسي ٿي ويو آهي. اهي پاڻ کي قومن تي ائين مسلط ڪن ٿيون جو عوام انهن جي حاڪميت ۽ پنهنجي محڪوميت محسوس ئي ڪونه ٿو ڪري. نسيم پارس جي ڪهاڻي “ڪولاج ٿي ويل شخص” اهڙي پينٽنگ جيان آهي جنهن ۾ رنگ ڏاڍي بي ترتيبيءَ سان بظاهر وکريل نظر اچن ٿا. پر جيڪڏهن ان کي باريڪبينيءَسان پڙهبو ته اها تصوير جيان آهي جنهن جو هر حصو پاڻ ۾ الڳ ڪهاڻي سمائي بيٺل آهي. سندس ڪهاڻي پڙهڻ ۾ گهڻ رخي آهي. ائين ٿو لڳي جيئن هو Lack of Concentration جو شڪار آهي پر اها ئي خوبي آهي جيڪا هن جي سڀني ڪهاڻين کي انفراديت بخشي ٿي. هن جو خيالي تسلسل اهڙي زنجير جيان آهي جنهن جي هر ڪڙيءَ کي الڳ رنگ ڏنل آهي پر اهي خوبصورتي سان هڪٻئي ۾ ڦاٿل آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ جمالياتي عنصر گلن، تارن، چنڊ ۽ نم جي وڻن جيان ڦهليو پيو آهي. ڪهاڻيون پڙهندي هڪ خوشبوءِ جو احساس ٿئي ٿو. هر ڪهاڻيءَ ۾ هر جملي جي پڄاڻي تي چنڊ جو فل اسٽاپ نظر اچي ٿو، چنڊ هن جي نگاهن جو مرڪز آهي.
    ڪهاڻي “گهٽيءَ ۾ الوپ ٿي ويل شخص” ۾ هو هڪ ڪردار جي حوالي سان چوي ٿو.
    “بيشڪ منهنجي زال چنڊ جهڙي آهي، پر هن جي چپن تي ڪنهن ٻئي جي چپن جا نشان آهن.”
    هو ڪهاڻي ۾ شاعري ڪري ٿو ۽ ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو هن جون ڪهاڻيون نثري نظم آهن. جن ۾ تشبيهون ۽ استعارا هر هنڌ جديد ۽ انفرادي انداز ۾ موجود آهن.
    ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ هو لکي ٿو.
    “سمورو جڳ سندس اکين ۾ اوتجي ويو آهي، هو اکيون بند ڪندو ته ڪائنات ۾ اوندهه ٿي ويندي.”
    سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ماڻڪ ۽ ان جي همعصرن وٽ تجريدي جدت نظر اچي ٿي جيڪا سندس وفات کانپوءِ ان ساڳي گهاڙيٽي ۾ گهٽ نظر اچي ٿي پر نسيم پارس جو انداز ان ساڳي تجريدي سلسلي بجاءِ هڪ نئون انداز آهي جيڪو نسيم پارس جو پنهنجو آهي. هن جي ڪهاڻين جهڙو گهاڙيٽو ۽ پيش ڪش جهڙو انداز ان کان پهريون مون نه پڙهيو آهي.
    ڪهاڻي “جيون جهوٽو لوءِ جو” ۾ سندس لفظن جو جادو ڏسو.
    “نم جو ٻور اکين تي ڪري ٿو...”
    “طوطو اڏامي ويو هڪ خواب ٻليءَ جي اکين ۾ ڇڏي ويو.”
    ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي هنڌ چوي ٿو.
    “موت پاريهر آهي.”
    سندس جملو پڙهي موت لاءِ دل ۾ عزت ۽ احترام جاڳي ٿو، موت لاءِ هن جي تشبيهه بلڪل نئين آهي. هو لکي ٿو.
    هڪ محبوبا جو سوال
    “تنهنجي زندگيءَ ۾ مان ڪٿي بيٺل آهيان.”
    هن جي هر جملي ۾ هڪ لڪيل درد سمايل آهي جيڪو هر کليل دل وارو پڙهڻ کانپوءِ محسوس ڪري سگهي ٿو.
    هو مڪالماتي ڪهاڻيڪار آهي ۽ هن جي هر وکريل مقالمي ۾ هڪ ڳجهو تسلسل آهي.
    چنڊ مان ٺهيل چوڙيون هڪ سٺي ڪهاڻي آهي، جيڪا نم جي وڻ هيٺان کيڏندڙ ڪردارن مان جنم وٺي ٿي. هن جا ڪردار ڄڻ خواب ۾ نظر ايندڙ نرم ۽ نازڪ چمڪندڙ شيشي جا تراشيل آهن، جيڪي ڇرڪ ڀري جاڳڻ تي هيٺ ڪري چڪنا چور ٿي وڃن ٿا ۽ يادن ۾ هر طرف اولڙا رهجي وڃن ٿا.
    ڪهاڻي “هڪ شخص جيڪو چنڊ بڻجي نه سگهيو.”
    هڪ خوبصورت جمالياتي تاثر آهي، جنهن ۾ لفظن جي چانڊوڪي هر طرف ڦهليل آهي.
    هن جي ڪهاڻي “وکريل وجود جو الميو” علامتي انداز ۾ لکيل هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي.”
    هو لکي ٿو.
    “ملائڪ خدا کان پڇا ڪري سزا ٿا ٻڌائين.”
    “اڌ زندگي جنت ۾ اڌ زندگي دوزخ ۾.”
    “مون فيصلو قبول ڪرڻ کان نابري واري دوزخ ۽ جنت جي وچ تي ويهڻ پسند ڪيو. مون کي اڌ رنگو ٿي پيو.”
    هن جون ڪهاڻيون Pieces of Puzzle آهن، جن کي توهان پاڻ ۾ ملائي من پسند شڪليون ڏسي سگهو ٿا. هن جا جملا ايڏا ته علامتي آهن جو هر دفعي پڙهڻ کانپوءِ نئين معنيٰ ۾ ڍلجي وڃن ٿا.
    “ڪرسمس جو وڻ” هڪ دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي آهي.
    “مئل ماڻهو ڪجهه ناهن موٽائيندا.”
    ٻن پيار ڪندڙ دلڙين جي پيڙا ۽ اذيت کي بيان ڪيو ويو آهي. “اي زندگي تون ڪٿي آهين.” نسيم پارس جي هڪ فڪرانگيز ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ کي هڪ ڏاڪڻ سان تشبيهه ڏنل آهي. هو لکي ٿو.
    “مان تتل صحرا ۾ وڃان ٿو پيرين اگهاڙو ڊوڙندو، رڙيون ڪندو تيز ڊوڙندو، منهنجا پير مونکان پوئتي رهجي وڃن ٿا. مان پنهنجا پير تتل صحرا ۾ وڃائي ويهان ٿو.”
    وري اڳتي لکي ٿو.
    “موت صرف خواب نه ڏسڻ جي سزا جو نالو آهي.”
    نسيم پارس پنهنجين لکڻين ۾ هڪ فلسفيءَ جيان نظر اچي ٿو. هو ڪٿي ڪٿي تمام مٿاهون نظر اچي ٿو. هو ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي هنڌ لکي ٿو.
    “تون ته ٿڃ سان آهين.”
    “ها تنهنجو اوسيئڙو ڪندي ڪندي ارهن ۾ تڃ ڀرجي وئي آهي.”
    نسيم پارس جون ڪهاڻيون پنهنجي دور جي لکندڙن کان مختلف آهن، انهن ۾ نئون آواز سمايل آهي. ڪهاڻي “ماڻڪ جو موت” ۾ هن جي ڪهاڻي جو هيرو عظيم ڪهاڻيڪار ماڻڪ آهي هو ان سان گفتگو ڪندي هڪ لکي ٿو.
    “ادب بڪواس کانسواءِ ڪجهه به نه آهي وڃي ڪو ٻيو ملڪ وسائجي.”
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مايوسي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اديب جو داخلي درد سمايل آهي.
    ڪهاڻي “خوابن جي رنگينيءَ مان اسرندڙ ڪائنات” ۾ هو لکي ٿو.
    “مورن جا رنگ ڌماڪي سان ڇڻڻ ۽ رجڻ لڳن ٿا.”
    نسيم پارس وٽ اهڙين سوچن جا انبار آهن. جيڪي سوچون هڪ نئون خيال اڀارين ٿيون.
    “اوندهه مان اسرندڙ سورج مکي” هڪ عجيب ڪيفيت واري ڪهاڻي آهي. نسيم پارس ڪٿي ڪٿي تجريد جي انتها کي ڇُهي ٿو ۽ هن سان اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ٿو.
    “اڻپوريل غم ۾ ماڻيل مزو” ڪهاڻيءَ ۾ نسيم مهانگائيءَ جي موضوع کي طنزيا رنگ ۾ پيش ڪيو آهي.
    نسيم لفظن جي ميڊيا ۾ تخليق ڪري ٿو ۽ اهڙين تخليقن جو اظهار صرف لفظن ۾ ئي ممڪن آهي. هن جي تصور جي اڏام صرف لفظ ئي قيد ڪري سگهن ٿا. ڪنهن ٻئي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وس جي اها ڳالهه نه آهي ته اها انهن تصوراتي علامتن ۽ تجريدن کي پاڻ ۾ سمائي سگهي. علامتي ۽ تجريدي تخليقون ۽ اظهار صرف الفاظن ۾ ڪري ئي انهن سان انصاف ڪري سگهجي ٿو. اها ڪيميرا جي وس جي ڳالهه نه آهي ته ان جي اک اهو ڪجهه ڏيکاري سگهي جيڪو لفظن جي طاقت ۾ سمايل آهي.


    موهن جو دڙو ۽ علي بابا

    سينگاريل (Decorated) ادب جو دور سورهين عيسوي صدي، يورپ اندر رائج رهيو. ان دور ۾ اتي لفظن جي رنگن سان سينگاريل ناول پڻ ملن ٿا. جماليات (Aesthetic) پڻ تخليق کي سونهن بخشي ٿي. شاعريءَ ۾ برجستو جمالياتي اظهار کيس خوبصورت ۽ اثر انگيز بنائي ٿو. سونهن جو فطرت جون حدون ٽپي تخليق ڪيل ماحول تخليق کي تازگي بخشي نواڻ سان همڪنار ڪري ٿو.
    ڪجهه اهڙي انداز سان لکيل ناول جا لفظ گل ۽ مهندي ٿي پون. لفظ لالي بنجي لبن ۽ ڳلن کي رنگي وجهن. منظر ۽ ماحول نه وسرندڙ بهار جا عڪس بنجي دل تي نقش ٿي وڃن. علي بابا جو ناول موهن جو دڙو به اهڙي ئي ماحول ۾ جنم وٺي ٿو.
    دفن ٿيل انسانن جا ڍانچا هيت جي لحاظ کان هڪجهڙا ٿي سگهن ٿا، دفن ٿيل کنڊرن جا ڍانچا ساڳيا نه آهن. دفن ٿيل شهرن جي جسم جون رڳون اتان جا عيان ٿيل راهون ۽ رستا آهن. کوهن جو پاڻي ڳوڙهن جيان لوڻياٺو رهي ٿو. تلاءَ (Swimming Pole) جن اندر پاڻيءَ بجاءِ اڏرندڙ ڌوڙ ۾ لنگهي ويل وقت جي ساهن جي خوشبوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿي.
    علي بابا هڪ سچو تخليقڪار، تصور جي دنيا جو تحليل ٿيل وجود رهجي ويل پاڇو، جتي فطرت جو انت ٿئي ٿو، اتان تصور جي تخليق جي ابتدا ٿئي ٿي، تصور جي دنيا، حقيقت جي دنيا کان پاڪ صاف ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي ته اسين جيئرا رهي سگهون ٿا. اسين مايوس نه آهيون. تصور جي دنيا ۾ مايوسي ڪفر ۽ آپگهات جي گنجائش نه آهي. علي بابا اهڙين ئي دنيائن جا در کولي ٿو، سندس تصوراتي موهن جو دڙو حقيقي موهن جي دڙي کان سئو دفعا سٺو آهي. مان ڪهڙي تنقيد ڪري سگهان ٿو؟ نه اسان جي تاريخ جيئري آهي ۽ شايد نه اسين اهي آهيون، ماضيءَ جي رک ۾ چڻنگ ڳولهيندي انڌا ٿي چڪا آهيون، اسين اوندهه ۾ ماضي ڳولهيون ٿا، تاريخ ۾ ٿاڦوڙا هڻون ٿا. اسان جي تصويرن ۽ تصور جا پس منظر جهڙيالا آهن ۽ ان جهڙ پويان ڇا آهي، اهي اسان جا وهم، گمان ۽ مفروضا آهن، اسان جي تاريخ امڪانن (Probabities) جي پينڊيوليم جيان ها ۽ نه جي وچ تي لڏي ٿي.
    اسين وڃائجي ويل ورثي جا وارث، هوا جي واريءَ مٿان پاتل لڪيرن کي سوغات سمجهي، انهن لڪيرن ۾ مقدر ڳولهي قسمت جو انتظار ڪيون ٿا.
    “موهن جو دڙو” جنهن تي چنڊ اڀري ٿو ته کنڊر جي ڀرندڙ ڀت وٽ علي بابا جو مجسمو نروار ٿئي ٿو. علي بابا جو وسري ويل مجسمو جنهن کي ڪو به دريافت نه ڪري سگهيو آهي. علي بابا جون ايجاد ڪيل ڏاند گاڏيون، انهن جا ست رنگا ڦيٿا، رستن تي هاريل گل، زرق برق پوشاڪون، گلن جا ٿالهه ڪلهن تي رکي ويندڙ ناريون، هڪ آفاقي دنيا، ريتون رسمون، مايون ٻايون، پروهت پورهيت، راجا مهاراجا، نرم رويا شائستگيون، منظر جيڪي قلم جي جنبش تي حرڪت ڪن ٿا. منظرن جي خوشبوءِ جيڪا محسوس ڪري سگهجي ٿي.
    مون نائين ڪلاس ۾ ڪاليداس جو شڪنتلا پڙهيو، ان جي خوابناڪ ۽ حد کان وڌيڪ سينگاريل (Over Decorated) منظرن کان متاثر ٿيس ۽ ساڳي عمر ۾ علي بابا جو ناول موهن جو دڙو پڙهي مدهوش ٿي پيس. علي بابا جو اهو ناول قسطوار “نئين زندگي” رسالي ۾ پڙهندو هيس. چوڏهن سالن جي عمر ۾ انسان تپيل ڳاڙهي لوهه جيان هوندو آهي. جيڏانهن موڙيوس تيڏانهن مڙي پوندو. حقيقت اها آهي ته ان ناول مون کي ادب طرف موڙيو. لکت جو اهڙو خوبصورت انداز مون پهريون نه پڙهيو هيو. اهو ڪاليداس جي شڪنتلا کان وڌيڪ خوبصورت هيو.
    سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ايتري مختصر آهي جو ان کي وڌيڪ مختصر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. اسان جي همعصرن کي ماضيءَ کان وراثت ۾ ادب جو ڪو اهڙو ذخيرو نه مليو جو ان کي بنياد بنائي، تخليقن تي تجربا ڪري سگهارو بنائي سگهن. اسان جي ناول جي تاريخ اڄ صبح جي ڳالهه آهي ۽ اسين شام جو ان کي سهيڙي رهيا آهيون، خبر نه آهي اسان جي تخليقن تي ماڊرنزم يا پوسٽ ماڊرنزم لاڳو ٿئي ٿي يا نه؟ تجريد، علامت، سرئلزم يا جادوئي حقيقت نگاري ڪهڙي معنا رکي ٿي؟ علي بابا جو ناول جديد گهرجون پوريون ڪري ٿو يا نه؟ ڇا به هجي پر هن ناول کي سڃاڻپ ڏني، هڪ انداز ڏنو، هڪ طريقو ٻڌايو ته ناول ائين به لکي سگهجي ٿو.
    علي بابا جو ناول موهن جو دڙو ادبي لحاظ کان تاريخ جي تخليق (Creative History) جو مثال آهي. جديد ادب جي گهرجن پٽاندڙ ان تي نظر وجهبي ته لڳندو ڄڻ ليکڪ ڪردارن جي روپ ۾ شامل ٿي غير جانبدار نه رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان کي سنڌ ۽ ان جي تهذيب سان لڳاءُ آهي پر تخليق ۾ ان جو اظهار ائين هجڻ گهرجي جو ڪردار تخليقڪار جي جانبداريءَ کان آزاد هجن پر انهن جي غير جانبدار جڙاءَ مان ظاهر ٿئي ته اهي پنهنجي مقصد سان ڪيترا جانبدار آهن. سنڌ جي عشق ۾ لکيل تاريخي ناولن جا هيروز ڪڏهن جذباتي ته ڪڏهن ڊرامائي ٿي پون ٿا.
    مون کي ياد آهي، سن 1974ع ۾ جڏهن علي بابا لاڙڪاڻي آيو، ان پهريون دفعو موهن جو دڙو ڏٺو ته سندس حيرانگيءَ جي حد نه رهي، ڇو جو هن اهو ناول موهن جي دڙي کي ڏسڻ کان اڳ لکيو هيو. هن موهن جي دڙي جو سير ڪندي چيو “هيءُ ته منهنجي ناول کان وڌيڪ خوبصورت آهي.” اهي علي بابا جا لفظ هيا پر مان چوان ٿو ته سندس ناول موهن جي دڙي کان وڌيڪ خوبصورت آهي..
    روسي ادب گوگول جو ناول (Dead Soul) جيڪو هن سورهين عيسوي صديءَ ۾ لکيو. اهو پڻ وضاحتي (Descriptive) ۽ ڪنهن حد تائين لفظن سان سينگاريل آهي ان پنهنجي ناول جا ڪجهه باب باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا، جنهن ڪري اهي ان ناول ۾ شامل نه آهن. ان ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ فوت ٿي ويو.
    علي بابا پڻ پنهنجي ناول کي باهه ڏني، هو هڪ فقير هيو، اهڙو فقير جيڪو اسان جي ڪشڪول ۾ تخليق جا سڪا اڇلائي هليو ويو.


    سو سالن جي بقا جو دستاويز

    يقين ڪيو جيڪڏهن دنيا جو گولو ڏاند جي سِڱ تي رکيل آهي ته اسين ڏاند جي پڇ ۾ جنبڙيل آهيون. دنيا ڏاند جي سڄي سڱ تي هجي يا کٻي سڱ تي، زلزلو اچي يا نه اچي، اسان جي صحت تي انڪري اثر نه پوندو جو اسين پڇ ۾ لڙڪيل آهيون. تاريخ ۾ ڪنهن هٿ ڪٽيل قوم جو ذڪر ڪونهي. اسان جي تاريخ سڙيل ۽ اڻ لڀ آهي. اسان پنهنجي وجود کي ڪٿي ڳولهيون. چون ٿا ته اسين قديم قوم، اسان جا قصا ويڄن ۾، مهاڀارت ۾، اوائلي سلوڪن ۾، اسان موهن جي دڙي جا وارث ۽ سنڌوءَ جا سپوت، پاڪ ۽ پوتر پاڻيءَ جا پليل، ثقافتن جا سرواڻ، تهذيبن جا ختليقڪار.
    آدم جو اوائلي اولاد، پنج هزار سال، ڏهه هزار سال، ويهه هزار سال پراڻي قوم پر اسان جي افساني جي عمر هڪ سئو سال.
    افسانو پيدا ٿيو، ان وکون کنيون، جوان ٿيو ۽ جلد پوڙهو ٿي ويو. اسان جو افسانو پروجيريا جو مريض آهي، پروجيريا پيدائشي بيماري آهي جنهن ۾ ڪو پيدا ٿي، ننڍي عمر ۾ جوان ٿي ۽ پوڙهو ٿي گذاري وڃي ٿو.
    اهو سڀ دل تي پٿر رکي چوان ٿو، دل تي پٿر رکيل هجي ته پٿر ڌڙڪندو آهي، ڇو جو الميو صرف جاندار شين تي نه، پر بي جان شين تي پڻ اثرانداز ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو زندان جي ڀتين مان مظلوم جي آهُن جو آواز بلند ٿئي ٿو. مايوس نه آهيان، ڇو جو جيئرا آهيون.
    سنڌي افساني جي عمر سئو سال، 1914ع ۾ ڄايو، صفا ٻار، ٻاتا ٻول، ٻار ڳالهائي ماءُ سمجهي. چوڏهن سالن ۾ مذهب جو غلبو، ويهن سالن ۾ وطن جو وڍ، ماڻهن جو وڇوڙو، ٽيهن سالن ۾ افسوس مان هٿ مهٽي قومپرستيءَ جو دعويدار، پنجاهه سالن ۾ سوشلزم جو علمبردار، هاري انقلاب، وڏيرو مرداباد، سرمائيدار نوسر باز، سٺ سالن ۾ دهشت گردي، ٻاهران آيل ماڻهن هٿان قتل عام، بي وسي، ستر سالن ۾ مايوسي، ڇا ڪجي؟ ڇا نه ڪجي؟ سٺو آهي، جيئن هلي تيئن هلي، اسي سالن ۾ دعا، سوڙ، سيارو، توبهن توبهن، سئو سالن ۾ ڪي نوان آواز. شڪر آهي ڪي نوان آواز آهن، لکجي رهيو آهي، شاعريءَ جي حوالي سان جيڪڏهن شاهه لطيف جهڙو شاعر پيدا نه ٿئي ها ته شاعريءَ جو هلندڙ سحرانگيز دور سنڌ ڪڏهن نه ڏسي ها. سنڌ ۾ اياز ۽ اياز کان پوءِ ٿيندڙ شاعريءَ جون پاڙون، لطيف ۾ کتل آهن. افسوس افساني کي اهڙو لطيف نه مليو. هلندڙ دور جي سنڌي شاعري عالمي معيار تي پوري لهي ٿي. ان ۾ جدت جون سڀ گهرجون موجود آهن پر افسانوي مايوسين جي ور چڙهي ويو.
    دنيا جا عظيم اديب عمر جي آخري حصي تائين فن سان لاڳاپيل رهن ٿا. اسان جا عظيم اديب عمر سان ادب کان ڪنارا ڪشي ٿي گوشا نشين ٿي وڃن ٿا. سنڌي ادب ۾ ٽي چار نالا اهڙا آهن جن ادب کي عمر جي آخري حدن تائين تخليڪن سان مالا مال ڪيو نه ته گهڻا اديب پنجٽيهن کان مٿي ڪهاڻيون لکي نه سگهيا.
    ٿي سگهي ٿو مايوسيءَ جو سبب مڃتا جو ملڻ نه هجي يا ادب جو پيشاورانا (Professional) تصور نه هجي جنهن سان اديب جي مالي سهائتا ٿي پوي. اسين پاڪستان جا علاقائي اديب آهيون. سنڌ پاڪستان جي رياست نه پر علائقو آهي، علاقائي اديب هجڻ جي ناطي ڪنهن به پذيرائيءَ کان انڪري پاڪ آهيون، جو من سنڌي سڏائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو لقب قبول نه ٿو ڪري.
    پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻو ادب سنڌيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو پر سنڌي ادب هجڻ ڪري پاڪستاني ادب تسليم نه ٿو ڪيو وڃي.
    سنڌ اندر تعليم جي صورتحال ابتر آهي، جتي بنيادي تعليم جي کوٽ هجي اتي فلسفي ۽ ادب جا ڪتاب ڪهڙي حيثيت رکن ٿا. سٺا پڙهندڙ نه هوندا ته ادب جو ڪارج فنا ٿي وڃي ٿو.
    سئو سالن جون چونڊ ڪهاڻيون يقين ڏيارين ٿيون، خرار نه صحيح ڪجهه ڪڻا ته آهن، ڪجهه آهي جيڪي نه هجڻ کان ڀلو. مون نائين ڪلاس ۾ لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻيءَ جي ڪهاڻي “حُر مکيءَ جا” پڙهي هئي. تڏهن چوڏهن سالن جو هيس. ان وقت استاد ڪهاڻيءَ کي مضمون سمجهي پڙهائيندا هيا.
    جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا به جديد دور ۾ ٿي آهي. جديد معنا نئون ۽ اها نئين ڪهاڻي جنهن کي نئين انداز سان لکيو ويو، ان نئين دور ۾ جنم ورتو آهي معنا اهو دور ايڏو پراڻو نه آهي پر ڪلهه جي ڳالهه آهي. امر لال هنگوراڻي نئين ڪهاڻيءَ جو بنياد رکندڙ آهي. ان جي ترتيب سنڌي ڪهاڻيءَ کي ترتيب ڏني ۽ لکڻ جو ڏانءُ سيکاريو.
    سنڌي ڪهاڻي سئو سالن ۾ پنهنجي وضاحتي (Descriptive) حقيقت نگاري يا مڪالماتي انداز مان ٻاهر نڪري نه سگهي آهي. قومپرستيءَ جي ڏينهن ۾ اها جذبات جي ڌاري ۾ وهندي محسوس ٿئي ٿي. وڏن اديبن پاران لکيل ناولن ۾ به اهڙو تاثر ملي ٿو.
    سنڌي ڪهاڻي ارتقائي عمل مان گذري فطرت جي چونڊ (Natural Selection) جي ڌاري مان گذري، گهرجن سان مفاهمت (Adaptation) نه ڪندي فنا (Extinction) طرف وڌي رهي آهي. جيڪڏهن ترت پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏي مشاهدي وارا اديب پيدا نه ٿيا ته ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ ڳڻڻ جيتريون سٺيون ڪهاڻيون به ملي نه سگهنديون.
    ساڳيو ارتقائي عمل اسان جي قوم سان پڻ لاڳو آهي. يقين ڪيو اسان فنا (Extinction) طرف وڌي رهيا آهيون. سئو سال پوءِ سنڌي زبان ساڳي نه رهندي جيڪا هن وقت مروج آهي. اسان تيزيءَ سان ٻين ۾ جذب ٿي رهيا آهيون. اهو سوچي ڏک ٿو محسوس ٿئي ته جڏهن ٻه سئو سالن جون ڪهاڻيون ڇپجنديون ته شل ڪو اسان کي سمجهي سگهي.
    ادب ۽ قوم کي تعليم جي ڍال ئي بچائي سگهي ۽ سنڌي سٺي تعليم کان محروم آهن. تعليم طبقاتي ٿي چڪي آهي. سڀ اسڪول هڪ جهڙا نه آهن. سنڌين جا اسڪول سنڌين جيان غريب ۽ بي حال آهن. انهن جا ڪتاب به ڪپڙن جيان ڦاٽل آهن. اسڪول مينهن جا واڙا آهن. کير جيان تعليم ۾ به پاڻي ملايو وڃي ٿو، پر اميد رکي سگهجي ٿي ته ايندڙ سئو سالن کانپوءِ صورت حال سٺي هوندي ۽ اسان کي اسحاق سميجي جهڙو ادب جو محسن ملي ويندو، جيڪو انهن کي شايع ڪري ادب جي بقا جو دستاويز پيش ڪندو.


    ناول جو الميو

    ناول ادب جي اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ جذبن جو کليل اظهار هجي. ناول وقت جي بندش کان آزاد هوندو آهي، ان جو ڪنواس اتان شروع ٿئي ٿو، جتي ڪائنات جو ڪنواس ختم ٿئي ٿو. ادبي تخليق، ڪائنات جي تخليق کان پوءِ جي ڪهاڻي آهي. بلزاڪ هيومن ڪاميڊيءَ جا ٻارنهن جلد لکيا، برصغير ۾ قرت العين جو “آگ ڪا دريا” ٿولهه ۾ ڪنهن آسماني صحيفي کان گهٽ نه آهي.
    تخليق ڪار سنڌوءَ جيان وهي ٿو ۽ ان جو انجام سمنڊ آهي، شعور جي ڌارا جي وهڪري ۾ وهڻ لاءِ تخليقڪار کي پاڻيءَ جو روپ ڌارڻو پوي ٿو . فطرت پاران ان کي اها سگهه عطا ٿيل آهي ته اهو جيئن چاهي تيئن ٿي پوي، اهڙي حاصلات لاءِ تخليقڪار کي ڏنل فطرت جي سگهه وڏي اهميت رکي ٿي. مذهب ۾ انسان مٽيءَ جو ٺهيل هجي پر هن جي مٽي ساڳي نه آهي. انسانن جون شڪليون ۽ صلاحيتون الڳ آهن.
    ناول Novus مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ نئون آهي. ادب جي موضوعن کي نباهه کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ورجاءُ ان ڪري غير ضروري آهي، جو اهو اصل تخليق جي اهميت وڌائي ميسارجي وڃي ٿو. ناول ۾ نئين ڳالهه ڪرڻي آهي. نئين ڳالهه جو نالو ناول آهي. بدقسمتيءَ سان جديد سنڌي ناول ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي ماحول کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. پيار ڪهاڻي Love Story وڏو موضوع آهي پر پيار ڪهاڻي اندر ٻيا هزارين موضوع سمايل آهن. ايرڪ سيگل Love Story لکي وڏي شهرت ماڻي پر نقاد ان کي ادب جو حصو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته گارشيا مارڪيز جي ناول Love and other Demons ۾ تيرنهن سالن جي ڇوڪريءَ سان پوڙهي پادريءَ جو عشق وڏي اهميت رکي ٿو. ناول، فلم يا ڊرامي جو اسڪرپٽ نه آهي، دنيا جي عظيم ناولن جي فلم بندي ناممڪن آهي.
    گارشيا مارڪيز اسان جي عهد جو اهو عظيم تخليقڪار آهي، جنهن ناول لکڻ لاءِ نئين مَسُ (Ink) متعارف ڪرائي. اها مَسُ ان جي شعور جي ذاتي ملڪيت آهي. سندس لکيل لفظ جادوئي وظيفو آهن. اسان وٽ لوڪ ادب جا ديومالائي ذخيرا آهن. انهن ذخيرن جو پس منظر تخليقي نثر ۾ نظرانداز ڪيل ڏسجي ٿو. سحر انگيز جادوئي حقيقتون، طلسماتي منظر جيڪي جديد عالمي ناول جو عنصر آهن، اهي اسان جي ڏند ڪٿائن ۾ موجود آهن. جديد عالمي ناول قصا گوئي ۽ ناسٽلجيا جي ولين ۾ وڪوڙيل آهن. اسين ماضي کي وساري ويٺا آهيون. لوڪ ادب جي قصن ۽ ڪٿائن جا گمنام مالڪ آهيون.
    ڏکڻ آمريڪا جو اسپيني ناول، جنهن کي ڪامياب ناول چيو وڃي ٿو، اهو ديو مالائي ۽ ڏند ڪٿائي آهي. انسان پراسرار آهي، اهو حيرت مان نڪري حقيقت ماڻي نه سگهيو آهي. ڏندين آڱريون ان ڪري آهن جو عجب هڪ آسيب جي صورت ۾ سندس وجود اندر واسو ڪري ويٺل آهي. جادوئي حقيقتون، سرئليزم، علامتون، طلسم، ڪيوبزم، ابسٽريڪٽ، خوابناڪ منظر نگاريون، ان جي روح جي تسڪين ڪن ٿيون.
    سنڌي ناول کي عالمي سطح تي آڻڻ لاءِ اسان جي تخليقڪارن کي ڪجهه ڳالهيون نظر ۾ رکڻيون پونديون.
    ناول ۾ نظرين جي گنجائش نه هوندي آهي، هر ادبي تخليق ۾ ٻوليءَ کي ثانوي حيثيت آهي، اوليت شعور يا Thought کي آهي. لفظ ڌڻ جي صورت ۾ شعور پويان هلن ٿا. ڪنهن به تخليق کي لفظن سان سينگارڻ ان جو حسن برباد ڪرڻ آهي.
    جذبات پڻي جي بي ربط اپٽار Sentimental over flow ٻاراڻي ذهن کي متاثر ڪري ٿي، جڏهن ته وقت، عمر ۽ Maturity اهڙي احساس کي زائل ڪري وجهن ٿا.
    حقيقي نگاري (Realistic Realism) بجا طور زندگيءَ جو سچ آهي پر انسان کي سڌو سچ متاثر نه ٿو ڪري، اخباري ادب ۾ اهو ئي فرق آهي. تذليل اثر وڃائي ويٺي آهي. عزت نفس معنيٰ بدلائي ڇڏي آهي. انسان ڀوڳنائن کي ڀوڳ سمجهڻ لڳو آهي. “ماڻهو موٽر هيٺان اچي مري ويو.” عام رواجي جملو آهي پر ادب معنائون بدلائي وجهي ٿو. حقيقي نگاري Realistic Realism صحافت آهي ۽ حقيقي حقيقت نگاريءَ جو صد باب (Anti realistic Realism) جيڪو ادب آهي، روايتن کي تبديل ڪرڻو آهي. دل سيني اندر آهي، نظر نه ٿي اچي پر سيني چيرڻ بنا دل جو نظارو ادب آهي.
    ناول ڊرامو نه آهي، ناول جو ڊرامائي انداز، نه ناول آهي، نه ڊرامو.
    ڄاڻي واڻي متاثر پڻو Intentional Impressionism ناول کي مصنوعي بڻائي وجهي ٿو. تخليق ۾ قابليت ۽ ڄاڻ مڙهڻ واجب نه آهي. ناول شعور جو وهڪرو آهي، جنهن ۾ تخليقڪار پاڻ وڃائي ويهي ٿو. تخليقڪار شعور هٿان بي وس نظر اچي ٿو. اهو ٻڏي ٿو، تري ٿو ۽ ڌارا Stream جي رحم ۽ ڪرم تي وهندو وڃي ٿو. جيڪو تارو آهي، اهو تخليقڪار نه آهي.
    تخليقڪار وچڪٽو (Neutral) هجڻ گهرجي. ليکڪ ڏوهاري کي ڏوهاري چئي سزا تجويز نه ٿو ڪري سگهي. هو صرف گواهي ڏئي سگهي ٿو ۽ پڙهندڙ اندازو لڳائي سزا تجويز ڪري ٿو. جيڪڏهن تخليقڪار ڪردارن جي روين ۾ شامل ٿي فيصلو پڙهندڙن تي مڙهي ٿو ته پڙهندڙن وٽ ڪا Justification نه ٿي رهي. ڪڏهن پڙهندڙ ليکڪ جي جذبات سان وهي ويندو آهي. ڪرشن چندر ان جو مثال آهي. پر اهو تبليغ ۽ پرچار ڪري ٿو.
    ڏانءُ ڏات جي در جو غلام آهي. ڏات هيري جيان آهي ۽ ڏانءُ تراش آهي، نکار تعليم ۽ تربيت آهي. سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي، ڪهڙي تربيت ٿيندي؟ ڌرتيءَ جو بي شعور باشندو به لاشعور قومپرست آهي. روس، چين، ڪوريا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ اتان جي ٻولي پڙهائي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. ناول قوم جو ترجمان آهي. قوم جو ڪلچر خود بخود ناول ۾ سمائجي وڃي ٿو. ماڻهن جا مسئلا ناول جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
    سنڌي ناولن ۽ ٻين تخليقي لکڻين ۾ قوم پرستي پرچار ۽ نعري جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو ناول جو الميو آهي، گورڪي روس جو نه سوويت يونين جو وڏو اديب هيو.
    ڪمال کي زوال آهي، مان مايوس آهيان، محسوس ٿيندو آهي، اسين ڪمال جي بلندين کي ڇُهي هاڻي زوال پذير آهيون، خوشفهميءَ اسان سنڌين کي انڌيرن ۾ برقرار رکيو آهي. نجات جو واحد ذريعو تعليم آهي، پڙهڻ پڻ ڏات آهي، پيغمبري آهي. پيغمبر پيدا ڪرڻ لاءِ نئون آسمان تخليق ڪرڻو پوندو. ڌرتيءَ کي علم سان اجاگر ڪرڻو پوندو. پوءِ سٺا ناول سرجڻ لڳندا. سٺا پڙهندڙ ملي سگهندا.



    (پنهنجي ناول “نجومي” جي مهورت جي موقعي تي پڙهيل)


    ماريو جن موت کي

    جڏهن ڀوڳنائون ڀوڳيندڙ ، المين کان لاتعلق ٿي دردن سان دوستي ڪندا آهن ته ڀوڳنائون پاڻ ڀوڳينديون آهن. سهپ، برداشت، جي حد ٽپي بيوسي ۾ تبديل ٿئي ته بغاوت ۾ ظاهر ٿيندي آهي يا مايوسي ۾ _ دنيا ۾ سڀ بهادر آهن ڇو جو اهي جيئن ٿا ۽ جيئڻ بهادري آهي. ڪي هٿيارن سان مقابلو ڪندڙ مارين ٿا يا ماريا وڃن ٿا پر مايوسيون ساڻ ڪري مقابلو ڪندڙ نه مرن ٿا نه ماريا وڃن ٿا، اهي موت کان مٿاهان آهن، پنهنجين پيڙائن سان موت کي مات ڏين ٿا، مرن ٿا ته مئل نه آهن، مئل آهن ته مري ڪري جيئندا رهن ٿا.
    دنيا جا سچا ۽ حساس تخليقڪار غمناڪ زندگي بسر ڪري دنيا مان راهي ٿيا. دنيا انهن کي دير سان دريافت ڪيو، قبرون کوٽي لاشن کي سلامي ڏني، مرڻ کانپوء انهن جي سازن کي صاف ڪري ڌنين سان دلين کي ڌڙڪايو ويو، علامتي جنازا کنيا ويا، ڊائرين ۽ لکڻين کي مَــان ڏنو ويو، انهن عظيم آرٽسٽن جي ڪنواس تي ٺاهيل تصويرن مان خوشبوءِ ايندي محسوس ڪئي وئي، سائنسدان جن کي مذهب خلاف کوجنائن تي معافي ناما وٺي جيئندان ڏنو ويو، وَقت انهن معافي نامن تي ٽهڪ ڏنا. بک بدحالي ۽ المين مرگهيءِ جهڙن مرضن جو روپ ڌاري تخليقارن تي حملو ڪيو ۽ تخليقارن پنهنجين ڀوڳنائن کي ڳوڙهن سان لکي دنيا کي غمگين ڪري وڌو.
    گهڻو ڪري جيئري عزت اهڙن ليکڪن کي ملي آهي، جيڪي درٻاري آهن قصيداگو ٿي پنهنجي حياتيءِ ۾ عزت، مَان، ۽ زر حاصل ڪيو آهي، قصيداگوئي اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان دين ۽ دنيا فتح ڪري سگهجن ٿا، بادشاهن، اميرن، ۽ وزيرن کي خوش ڪري سگهجي ٿو، ان حد تائين جو خدا کي به خوش ڪرڻ لاء ان مٿان تعريف جا گل نڇاور ڪرڻا پون ٿا.
    تعريف شيطان کي به وڻي ٿي، شيطان کي مومن ڪوٺيو ته ڪفر معني بدلائي حق ۽ انصاف تي ٽهڪ ڏئي ٿو.
    ڏٺو وڃي ته هر انسان ڌرتي تي اڏامندڙ وجودي ورق آهي، ورق ۾ زندگي جو پروگرام درج ٿيل آهي، ان جا ڏک سک عمل رويو حياتي ۽ موت جي تاريخ. انسان مجبور آهي، ان کي اهو ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو جيڪو کيس عطا ٿيل آهي، تقدير مقدر حادثا هاڃا ۽ الميا هو پاڻ سان گڏ دنيا ۾ کڻي اچي ٿو ۽ اهو ڪجهه ظاهر ڪري ٿو جيڪو سندس اندر منجهه آهي. فطرت وجود ۾ راز دفن ڪرڻ کان اڳ ڪنهن جي رضامندي حاصل نه ٿي ڪري، اسان ڪائنات ۾ قدرت سان ڪو معاهدو ڪري نه ٿا اچون ۽ نه وڃڻ وقت ڪنهن ڪاغذ تي صحيح ڪري موٽون ٿا، زندگي پاڻ الميو آهي جيڪڏهن شخص حساس آهي ته پوءِ هو خوف ۽ حيرت جي دائري کان ڪڏهن نڪري نه ٿو سگهي.
    هي ڪتاب اهڙين ئي هستين جي باري ۾ آهي، جن کي ڏسي وقت توبهه تائب ٿئي ٿو، اهي هستيون نه رهيون پر انهن جون پيڙائون ۽ ڀوڳنائون ڳوڙهن جو روپ ڌاري ڳلن تي اپاهج وقت جي بي حسيءِ جيان ريڙهيون پائين ٿيون،
    هن ڪتاب ۾ مدهوش مير اهڙين ئي شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، دنيا جون ڪجهه اهڙيون شخصيتون جن کي جيئري مَان مرتبو نه مليو پر مرڻ کانپوء انهن جي اهميت جو احساس ٿيو ۽ کين تاريخ امر ڪري ڇڏيو.
    جيڪي عظيم تخليقون ڏئي ذلت جي زندگي گذاري دنيا مان راهي ٿيا، هاڻي انهن کي ڪهڙي خبر ته سندن پويان ڪهڙو قدر آهي؟ ماڻهو کين ڪهڙن لفظن سان ياد ڪن ٿا ؟ ڇو جو مرڻ کانپوءِ مئل جي ڪائنات پنهنجي انجام کي پهچي ٿي، هاڻي جيڪڏهن وان گوگ جون تصويرون اربين روپين ۾ وڪامن ٿيون ۽ موزارٽ جا اوپيرا ڪروڙين روپيا ڪمائين ٿا ته ان سان گذاري ويل شخصيتون ڪهڙو لاڀ حاصل ڪري سگهنديون سواء شهرت جي، اهي دردانگيز ڪسمپرسيءِ جي زندگي گذاري دنيا مان راهي ٿيا اهي جنت جا متلاشي نه هيا دنيا انهن لاء دوزخ هئي!
    ٻئي دنيا جو تصور پليسبو آهي، جيڪو آهي هتي آهي، هر انسان پنهنجي ڪائنات گڏ کڻي اچي ٿو ۽ ان جي وڇوڙي تي ڪائنات وڇڙجي وڃي ٿي، جيڪو مري ويو، ان کي موت جي ڪهڙي خبر ، موت جيئرن لاء آهي ۽ اڄ اسين انهن جي حياتي جون حالتون پڙهي ڏک ۾ ويڙهجي وڃون ٿا.
    موزارٽ کي اڄ کان 35 سال پهريون مون ترجمو ڪيو شايد ان کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ وارو مان هجان؟ مدهوش مير جو ان تي لکيل مضمون مختلف آهي، مون جڏهن پڙهيو ته ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هيون جن منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو،
    موزارٽ جي ڪٿا هڪ الميو آهي، عظيم موسيقار جي حياتي جا واقعا پڙهي دل درد سان ڀرجي اچي ٿي، مان جڏهن انڊيا جا پراڻا گانا ٻڌندو آهيان ته لڳندو آهي، اهي موزارٽ جون چوري ٿيل ڌنيون آهن، انهن ۾ وڄايل وائلن ۽ پيانو موزارٽ جي اوپيرا جا آلاپ آهن، موزارٽ ڳڀي لاءِ ڪجهه سڪن عيوض پنهنجون ڌنيون غير معروف موسيقارن کي وڪڻندو هيو، سندس ڌنيون جيئري چوري ڪيون ويون ۽ اهو چوري جو سلسلو اڄ به جاري آهي.
    مون سندس حياتي تي ٺهيل فلم “ ايميڊس ” پڻ ڏٺي جنهن جي هڪ سِين ۾ هو پنهنجي مشهور اوپيرا فگارو جي شادي Marriage of figaro جي پڄاڻي تي هڪ گمنام شخص جيان تاڙيون وڃائي ٿو، اهو اوپيرا پهريون دفعو موزارٽ جي نالي سان پيش نه ڪيو ويو هو. پر موزارٽ کان خريد ڪيل هڪ هٿ ٺوڪي موسيقار جي نالي سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو هو. مدهوش مير جي مضمون پڙهڻ سان محسوس ٿيو ته هو واقعي موزارٽ جي غم ۾ دل کولي شريڪ ٿيو آهي.
    ڊچ آرٽسٽ وان گوگ جنهن جو تعلق نيدرلينڊ سان آهي، ان جي حياتي جو حال تاريخ جو زخم آهي، چون ٿا ته هو نفسياتي مريض هيو، حقيقي فن ۽ آرٽ جي ابتدا اتان ئي ٿئي ٿي جتي هڪ معروضي صحتمند دماغ جي پڄاڻي ٿئي ٿي. ادب ، فن ، موسيقي مجسماسازي ۽ ايجاد پيرانارمل Paranormal ذهنن جون تخليقون آهن جتي ذهانت ختم ٿئي ٿي اتان تخليق جنم وٺي ٿي، نئين ڳالهه ڪرڻ وارا زماني ۽ وقت جا ماڻهو نه هوندا آهن ، انهن جو جهان الڳ هوندو آهي اهي سورج مکي ستارن ڀري رات ۽ فطرت جي رنگن کي ان نظر سان نه ڏسندا آهن جن سان عام رواجي شخص ڏسي ٿو پر انهن وٽ الڳ اک هوندي آهي ۽ اک جو نظارو الڳ هجڻ ڪري منظر ٻئي صورت ۾ نظر ايندو آهي، مدهوش مير وان گوگ جي زخمن تي مرهم نه ٿو رکي پر اهي زخم پنهنجي وجود تي محسوس ڪري دانهن ڏيڻ چاهي ٿو ته دنيا ۾ ان سان انصاف نه ڪيو ويو، اهو سلسلو هلندڙ آهي اڄ به ڪيترائي آرٽسٽ اديب ۽ شاعر زماني جي ٺوڪرن ۾ آهن.
    دوستوفسڪي جنهن جو مان مداح آهيان ۽ ان کي پڙهي محسوس ڪندو آهيان دنيا ۾ اچي مون ڪجهه نه ڪيو، جيڪر ان جهڙو لکي سگهان ها. دوستوفسڪي وجودي ادب جو بنياد وجهندڙ آهي، وجودي اڪيلائي Nihilism هن وٽ عروج ماڻي ٿي، هڪ لحاظ کان هو ڪاميو ۽ سارتر جو وجودي استاد آهي جيڪا پيڙاء ۽ آنڌ مانڌ دوستوفسڪي وٽ آهي، شايد ئي ٻئي ڪنهن اديب وٽ هجي، هن جي زندگي جو اداس باب مايوسين، اڪيلائين، ڀوڳنائن، پيڙائن ۽ المين کان سواء ڪجهه ناهي، ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي، وڏي اديب جي زندگي ۾ الميا ۽ حادثه نه هوندا آهن پر ڄڻ هو پاڻ انهن کي جنم ڏيندو آهي جئين الميا کيس لکڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن، هو هر شيء کي هڪ حادثو قرار ڏئي ٿو، هڪ نارمل شخص ننڍن وڏن لقائن کي اهيمت نه ٿو ڏئي ۽ انهن کي عام زندگي جو حصو سمجهي وساري ڇڏي ٿو ان جي ڀيٽ ۾ هڪ حساس دل تخليقڪار کي ڪائنات جو هر لقاء حيرت حادثو ۽ وهم محسوس ٿئي ٿو، دوستوفسڪي جي زندگي هڪ المياتي ناول آهي، هو پنهنجي ناولن جو هيرو پاڻ آهي، جڏهن مون هن جو سڀ کان پهريون لکيل ڪتاب نوٽس فرام انڊرگرائونڊ Notes from Underground پڙهيو ته لڳو، هن پاڻ کي ان ننڍڙي ڪتاب ۾ پلٽي ڇڏيو آهي، ٻيا سڀ ڪتاب ان ننڍڙي ڪتاب جا ڪرڻا آهن، ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ کان برادر ڪراموزوف تائين هن جا ڪردار ننڍڙي ڪتاب ۾ مختصر نموني سمايل آهن.
    دوستوفسڪي جي حياتي ۽ موت مدهوش مير جي لکيل هن ڪتاب ۾ ٻين فنڪارن کان ان ڪري مختلف آهي ته جتي موزارٽ ۽ ايلن پو جي جنازي ۾ ٿورن ماڻهن شرڪت ڪئي. اتي دوستوفسڪي جي جنازي ۾ ماسڪو جي لکين ماڻهن شرڪت ڪري کيس آلين اکين سان دفنايو.
    مدهوش مير دوستوفسڪي تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي، هن جي لکڻ جي خصوصيت اها به آهي ته هو نه صرف ان خاص ليکڪ جو ذڪر ڪري ٿو پر ان ليکڪ جي حياتي ۾ جيڪي ٻيا ليکڪ جنم وٺن ٿا يا ان جا همعصر آهن مدهوش مير انهن جو ذڪر ڪري لکڻيء کي وزندار بڻائي ٿو، جئين دوستوفسڪي جي ڪٿا ۾ چيخوف جو جنم يا سعادت حسن منٽو جي ذڪر ۾ ساحر لڌيانوي ۽ امرتا پريتم جي مشهور قصي جو تسلسل مدهوش مير کي ڪَڙي ڪَڙي سان ملائڻ ۾ گهڻي محنت ڪرڻي پئي هوندي ۽ جڏهن هِن جي اهڙي محنت ڪارگر ثابت ٿئي آهي، ڇو جو اهڙي تسلسل سان اهي ڪٿائون ان وقت جي پس منظر جو نقشو پڻ پيش ڪن ٿيون.
    سعادت حسن منٽو کي ڪير نه سڃاڻي؟ ان کي سنڌي ۾ ايڏو ته ترجمو ڪيو ويو آهي، جو هو مونکي سنڌي اديب محسوس ٿيندو آهي، مدهوش مير سعادت حسن منٽو جي ڪٿا ۾ ان وقت جي معاشي ۽ سياسي حالتن تي پڻ لکيو آهي ان دربدر اديب جي حياتي جا واقعا به دل سوز آهن، هو پنهنجي وقت جو متضاد اديب آهي، ورهاڱو، ظلم ۽ جنسي حوس هن جي لکڻين جا موضوع آهن، شراب پي پنهنجو جيرو خراب ڪيائين، موت جي بستر تي هيو ته سندس ڏاڙهي وڌي وئي ، اهو چئي حجم کي گهرايائين ته “هو خدا جي سامهون هڪ ملان جي روپ ۾ نه ويندو.”
    گيليليو پڻ اهڙين شخصيتن ۾ شامل آهي، جن زندگي ۾ ڀوڳيو هن جي حياتي جو الميو اهو آهي ته سچ ڳالهائي ڪوڙ کان معافي ورتي، سقراط جيان ذهر جو پيالو قبول نه ڪيو پر پنهنجي حياتي کي اهميت ڏني، _ ڪڏهن سوچيندو آهيان گيليليو چڱو ڪم ڪيو ڇو جو دنيا مان جهالت ڪڏهن ختم ٿيئڻي ناهي، سائنس ڪيتري به ترقي ڪري پر دنيا تي راڄ عقيدي جو هوندو، هر ڳالهه وقت ثابت ڪري ٿو __ گيليليو جي نظرئي کي وقت ثابت ڪيو هن چڱو ڪيو جو جاهلن هٿان پاڻ بچايو معافي ورتي ۽ فيصلو وقت تي ڇڏي ڏنو، آخر پادرين مجبور ٿي انجيل ۾ ترميمون ڪيون ۽ گيليليو سچو ثابت ٿيو.
    ايجر ايلن پو پنهنجي حياتي ۾ شهرت ماڻي نه سگهيو، هو بدحالي جي زندگي گذاري غربت ۾ مري ويو، مدهوش مير اهڙين ئي هستين جي چونڊ ڪئي آهي، جن جي زندگي زماني ۾ سٺي نه گذري پر مرڻ کانپوء انهن کي ڳولهي لڌو ويو ۽ اهيمت حاصل ڪئي.
    گهڻو ڪري اهڙن اديبن جي حياتي مختصر رهي آهي، ۽ اهي اڌ وهي ۾ گذاري ويا آهن، ايلن پو چاليهه سال جيئرو رهيو سندس زندگي ڏکن ۽ پيڙائن ۾ گذري هن موت کان اڳ هڪ نظم لکيو جنهن جو عنوان ڪانءُ Ravin هيو ڪانءُ جيڪو دري جي شيشي کي ٺونگا هڻي رهيو هيو، هن ان ڪانءُ کي موت جو فرشتو سمجهو ۽ محسوس ڪيو، جئين اهو هن جو ساهه ڪڍڻ آيو هجي.
    مدهوش مير گهڻي کان گهڻي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جئين ايلن پو جي ڪٿا ۾ نطشيء جو ذڪر جيڪو ايلن پو جو همعصر هيو ۽ گستافلابيئر جي “ مادام بواري ” جو ذڪر ۽ اهڙا ٻيا ليکڪ جيڪي ان عرصي ۾ پيدا ٿيا.
    شيڪسپيئر جي ڪٿا ۾ مدهوش مير لکي ٿو “ شيڪسپيئر کي زندگي ۾ اذيتن کان سواء ڪجهه نه مليو، هن حياتي ته ٻاونجاهه سال گذاري پر اڄ پنج سئو سال گذرڻ کانپوء به هو لکين دلين ۾ زندهه آهي.
    مدهوش مير اهڙن اديبن کي ئي اهيمت ڏئي ٿو، جيڪي موت هٿان مري نه سگهيا، ماڻهن انهن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن موت کي مات ڏني، ايني فرينڪ جو داستان به اهڙي ئي سلسلي جي ڪَڙي آهي، ڪنهن به انسان کي مذهب جي بنياد تي ڇيهو رسائي نه ٿو سگهجي، نسل پرستي نفسياتي خلل آهي، موت کانپوء ايني فرينڪ جي ڊائري جا ورق انسانيت لاء سوال آهن، ڇا ڪو سياست چمڪائڻ لاء مذهب زبان ۽ نسل کي استعمال ڪري ڪنهن بيگناهه کي مارڻ جو اختيار رکي ٿو ؟ نفرت ۽ خوف غير محفوظ هجڻ جي احساس کي اڀارين ٿا، اسرائيل جو ناسور اهڙي ئي زخم جو نتيجو آهي هٽلر ۽ اسٽالن جا ڌڪاريل يهودي بقا کي برقرار رکڻ جي خوف سبب اڌ دنيا جا دشمن آهن.
    هن ڪتاب ۾ ايملي ڊڪنسن جي ڪٿا منفرد جاء والاري ٿي هو وڏي شاعره آهي سندس خوابناڪ شاعري گهڻن کي متاثر ڪيو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گوڙ ۽ گمسان هڪ تخليقار لاء تشدد جي حيثيت رکي ٿو _ ايملي جي گوڙ گمسان کان اهڙي نفرت ان جو مثال آهي، هي لاجواب شاعره جنهن پنهنجي حياتي ۾ پاڻ کي ظاهر نه ڪيو _ اڪيلائين ۾ گذاري وئي ۽ موت کان پوء ظاهر ٿي هن جي حياتي جو حال حيرت جهڙو آهي، بيشڪ تخليق اتي ئي پروان چڙهي ٿي جتي اڻ هوند ۽ اڪيلائي آهي.
    مدهوش مير جي محنت ساراهه جوڳي آهي، هي هڪ ڄاڻ ونڊيندڙ ڪتاب آهي، ڄاڻ ۽ فڪر کي وڌائڻ لاء اهڙن ڪتابن جي ضرورت آهي، اميد ته هي ڪتاب پڙهندڙن وٽ قبول پوندو.


    رسول ميمڻ جو هڪ تصوراتي ناول: رئوف نظاماڻي

    رسول ميمڻ سنڌي فڪشن ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. هڪ ڊگهي عرصي کان لاڳيتو لکندڙ ليکڪ. جيڪو پنهنجن موضوعن جي نواڻ سان پڙهندڙن کي حيرت ۾ وجهندو رهندو آهي. ڊڪشن ۽ اسٽائيل وغيره جي لحاظ کان سندس هر تخليق ٻي کان مختلف هوندي آهي. ۽ ان متعلق اڳواٽ اندازو لڳائڻ ڏکيو هوندو آهي. اها ڳالهه سنڌي ليکڪن جي حوالي سان گهٽ ئي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ان ڪري پنهنجي ڊڪشن ۽ اسٽائيل وغيره جي لحاظ کان هِن کي ڪنهن هڪ ڪيٽيگري ۾ نه ٿو وجهي سگهي. بهرحال هڪ ڳالهه جيڪا سندس لکڻين کي هڪٻئي سان ڳنڍي ٿي، اها آهي سندس انداز ۾ لڪل درد. جنهن کي هو پنهنجن ڪردارن ۾ منتقل ڪندو رهي ٿو ۽ پڙهندڙن کي ان کي محسوس ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. پر اهو درد ساڳئي وقت هڪ حساس فنڪار جيان سندس اندر ۾ پڻ موجود رهي ٿو ۽ سندس نئين تخليق جو ڪارڻ بڻبو رهي ٿو.
    رسول ميمڻ جنهن تيزي سان لکي ۽ ڇپجي رهيو آهي، ان ۾ سندس ڪنهن لکڻي ۽ ڪتاب کي نئون چوڻ شايد مناسب نه ٿئي. هن وقت منهنجي مطالعي ۾ سندس ناول “اڻويهه عورتون” آهي. جيتوڻيڪ ناول جو پسمنظر تاريخي آهي ۽ سنڌ تي عربن جي ڪاهه جي حوالي سان لکيل آهي. پر جيئن ليکڪ پاڻ چئي ٿو ته ناول جو پسمنظر تاريخ آهي، پر پيش منظر خيالي آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ڪو تاريخ جو بيان ناهي. اهو تاريخ ڏانهن ليکڪ جو هڪ احساساتي ردعمل آهي. پر ان سلسلي ۾ شاعري ۽ ڪهاڻيءَ کان ناول ان لحاظ کان مختلف هوندو آهي. جو اهڙي موضوع سان لاڳاپيل ناول رڳو هڪ احساس جو اظهار ناهي هوندو. پر ان ۾ هڪ تحقيق جي پڻ ضرورت هوندي آهي. ۽ پوري ماحول کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي. اها ڳالهه ليکڪ جي زير نظر رهي آهي ۽ هن ان ڳالهه جو اظهار به ڪيو آهي ته جيئن ان دور متعلق گهڻو تاريخي مواد دستياب ناهي، ان ڪري کيس گهڻي ڀاڱي پنهنجي تصور تي ڀاڙڻو پيو آهي. ان ناول کي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيل انهن ناولن جو تسلسل چئي سگهجي ٿو. جيڪي ورهاڱي کان پوءِ قوم پرست تحريڪ جي زير اثر لکيا ويا، جن تي تاريخ کان وڌيڪ ليکڪ جو احساس ۽ جذبو حاوي رهيو آهي.
    عربن جي ڪاهه سنڌ جي تاريخ جو هڪ نهايت اهم واقعو آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ، آبادي جي بيهڪ ۽ مذهب وغيره کي ڄڻ ته هميشه لاءِ بنيادي لحاظ کان تبديل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ان موضوع تي لکڻ تاريخ جي ٻين موضوعن تي لکڻ کان مختلف آهي. ساڳئي وقت سنڌ ۾ جيڪا قومي تحريڪ اڀري، ان کي پنهنجا متبادل گهربل هئا. جيڪي رياست جي نظريي ۽ پيش ڪيل تاريخ جي ڀيٽ ۾ پيش ڪري سگهجن. ڏاهر ساڄي ڌر جي دانشورن لاءِ ڪافر ۽ ملعوم هو، جيئن ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ان سلسلي ۾ حوالو ڏنو آهي، پر جي ايم سيد ان کي سنڌ جي سورمن ۾ شمار ڪري ٿو، جنهن پنهنجي وطن جو بچاءُ ڪندي قرباني ڏني.
    رسول ميمڻ ناول جي شروعات ۾ ئي پنهنجي نڪته نظرکي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته “ڏاهر سنڌ ملڪ جو اهو بادشاهه هيو، جنهن ڌارين سان جنگ جوٽي، پوءِ اها جنگ سنڌي عوام لاءِ هئي يا پنهنجي شهنشاهيت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ” هو چئي ٿو ته “ليکڪ جي حيثيت ۾ مان ڌر ناهيان، پر منهنجو ملڪ سنڌ آهي، منهنجيون همدرديون سنڌ سان آهن، نه راجائن ۽ سپهه سالارن سان.”
    ناول جا ڪردار نه ته راجا ۽ سردار آهن ۽ نه ئي جرنيل، جن کي دشمن خلاف غير معمولي بهادريءَ جا ڪارناما ڪندي ڏيکاريو ويو هجي ۽ نه اهي اڻويهه عورتون ڪي شهزاديون ۽ حڪمران خاندان سان واسطو رکندڙ آهن، پر اهي سڀ عام ماڻهو ۽ مندر جون داسيون آهن. جن کي برهمڻ آباد تي حملي وقت غلام بڻائي عراق (شام) جي حاڪم کي موڪلڻ لاءِ بحريانيا موڪليو وڃي ٿو. ناول جو هيرو ڪهيداس بازيگرن جي ان قبيلي سان واسطو رکندڙ هڪ شخص آهي. جيڪي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهمي پنهنجي روزي ڪمائين ٿا. هو بس هڪ عام ماڻهو آهي. جنهن جي لاءِ حب الوطني وغيره سڀ ثانوي شيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي اهميت آهي ته اها آهي پنهنجي محبوبه هارانسي کي قيد مان آزاد ڪرائڻ، سندس ڪا ماورائي حيثيت ناهي، جنهن جي اهڙي قسم جي ناولن ۾ گهڻي گنجائش هوندي آهي. خاص طور تي ان وقت، جڏهن هو شهزادي جي علاج لاءِ جڙي ٻوٽين جي ڳولا ۾ اروڙ پهچي ٿو، جتي جنگ لڳل هجي ٿي ۽ ڏاهر جي مرڻ جي پڪ ٿي وڃي ٿي. ان وقت به سندس ذهن تي محبوبا جو ئي خيال هجي ٿو ته واپس موٽي ان کي ڪيئن آزاد ڪرائجي؟
    ان سان وقت جي ماڻهن جي حڪمرانن سان لاتعلقي جي پڻ خبر پئي ٿي، جن جي لاءِ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان حڪمرانن جي بدلجڻ سان ڪو خاص فرق نه پيو پئي. هونئن به ڏاهر جي شڪست ۽ عربن جي سوڀاري ٿيڻ جو مک ڪارڻ سنڌي سماج جو اندروني طور ورهائجڻ ۽ ڏڦيڙ به هو، ان مقصد لاءِ جيتوڻيڪ هو بادشاهه ۽ شهزادن کي پنهنجي مهارت جو يقين ڏياري پنهنجي لاءِ رعايتون ۽ پنهنجي محبوبا تائين پهچ حاصل ڪري ٿو، پر انهن شعبن ۾ به کيس ڪي خاص ته ڇا بلڪه ڪي به ڪارناما ڪندي نه ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي ريت بجاءِ پنهنجي مهارت جي. بادشاهه ۽ شهزاديءَ جي انڌي اعتماد، جيڪو رڳو سندن اٻوجهائپ ۽ بيوقوفي کي ظاهر ڪري ٿو، جي ڪري ئي هو پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي ٿو.
    گهڻين ڳالهين کي ناول نگار نهايت سولو ڪري پيش ڪيو آهي. سندس بادشاهه ۽ شهزادي کي اعتماد ۾ وٺڻ به هڪ سولي ڳالهه ته، اروڙ جي قيد خاني مان نڪري بحربانيا پهچڻ به سندس لاءِ ڪو مسئلو نه ٿو هجي. اهم ڳالهه اها آهي ته هيرو کي ڪٿي به هٿيار کڻڻ ۽ اهي استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پوي، جيڪا ويڙهه ۽ جنگ واري صورتحال ۾ هڪ اڻٽر ڳالهه هوندي آهي.
    ناول ۾ جيتوڻيڪ گهڻن ڪردارن کي متعارف ڪرايو ويو آهي، پر سرگرم ڪردار رڳو ناول جي هيرو ڪهيداس جو آهي. جڏهن ته باقي سڀ ڪردار ان جا مددگار يا غير سرگرم آهن. اها ڳالهه خاص طور تي ناول جي هيروئن لاءِ چئي سگهجي ٿي. جنهن جو ناول ۾ هيرو لاءِ رڳو هڪ اتساهه هئڻ کانسواءِ ٻيو ڪو خاص ڪردار ناهي.
    هڪ بنيادي ڳالهه جنهن کي ليکڪ نظرانداز ڪري ويو آهي، اها اِها ته سنڌ تي عرب ڪاهه اموي دور ۾ ٿي هئي ۽ ان وقت ان جي گادي جو هنڌ دمشق شام هو، جڏهن ته ناول ۾ تواتر سان ان کي بغداد ۽ عراق ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
    ناول جو ڪينواس ڪهاڻي کان وسيع هوندو آهي ۽ ان ۾ ماحول کي وسيع تناظر ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. هيءُ ناول جيئن ته هڪ عام ماڻهوءَ جي حوالي سان لکيل آهي، ان ڪري سنڌ جي تاريخ جي ان باب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ليکڪ کان اها گهر ڪري سگهجي ٿي ته هو ان وقت جي حالتن جو هڪ خاڪو پيش ڪري ها. اهو ان لحاظ کان اڃا وڌيڪ مناسب ٿئي ها ته، ناول جو هيروشڪست کي ڏسندي فليش بيڪ ۾ ان سڄي صورتحال جا ڪارڻ ڄاڻائي سگهي ها، ڇاڪاڻ ته هڪ عام ماڻهو هئڻ جي باوجود هو هڪ باشعور شخص آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ان سڄي صورتحال سندس زندگي کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي.
    اهو ان ڪري به ممڪن آهي ته هن وقت ان موضوع تي رڳو چچ نامو اڪيلو ذريعو ناهي، پر ٻيو گهڻو مواد به دستياب آهي، جنهن مان اها ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ته ڏاهر ۽ سنڌي فوجن جي هارائڻ جو ڪارڻ رڳو سندن فوجي ڪمزوري يا عربن جي فوجي طاقت نه هئي، پر ملڪ اندر اهڙيون قوتون به موجود هيون، جيڪي ڏاهر سان بغاوت ڪري وڃي عربن سان شامل ٿيون هيون، ان سلسلي ۾ ان عنصر کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته، ان وقت سنڌ جي آبادي جي گهڻائي جو مذهب ٻڌ مت هو، جڏهن ته حڪومت ڪندڙ برهمڻ هئا. ڏاهر سنڌ جو آخري هندو حڪمران هو ۽ سندس دور تائين ئي سنڌ جي هندن ۾ ذات پات جو نظام رهيو آهي، جيڪو پوءِ آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو، ان مذهبي فرق ۽ سماجي ڏڦيڙ به ڏاهر جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
    تنهن ڪري هيءُ ناول بنيادي طور تاريخ کان وڌيڪ تصور تي ٻڌل آهي، جيئن اڳ ۾ به ذڪر ٿيل آهي، پر تصور حقيقت تي وڌيڪ حاوي ٿي ويو آهي ۽ هيرو ڄڻ الف ليلوي داستان جو ڪو ڪردار محسوس ٿئي ٿو. جنهن جي لاءِ سڀ ڪم اک ڇنڀ ۾ سولا ٿي پون ٿا. موضوع جيئن ته سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باب سان لاڳاپيل آهي، ان ڪري اهو هڪ ڪهاڻي جي حوالي سان ته ٺيڪ آهي، پر پڙهندڙ ناول جي حوالي سان ان ۾ ڪجهه کوٽون محسوس ڪري ٿو، اهو ان ڪري به آهي ته، سنڌيءَ ۾ اهو ان دور جي حوالي سان شايد پهريون ناول آهي، جيڪو هڪ سڄاڻ ليکڪ جي قلم ذريعي پڙهندڙن تائين پهتو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927512
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760894
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ