ادبي ولين ادبي هيرو هڪ تعارف: ماهتاب محبوب
مون کي ته ڌيان ۾ ئي نه هو ته ڪو هن لاءِ دل ۾ عزت احترام ۽ خلوص جا جذبا پيدا ٿي پوندم.
پيڪن جو گهر ڇڏڻ بعد خبر پيم ته هن جا منهنجي ساهري گهر سان دوستاڻا ناتا آهن. ان ڪري محبوب جي به ساڻس دعا سلام هوندي هئي. گهر ۾ دعوتون هجن يا ٻيا ڪافي فنڪشن، محبوب ۽ هو انهيءَ جوانتظام پنهنجي سر کڻڻ ۾ سدائين اڳڀرا هوندا هئا.
محبوب جي ٽرانسفر ٿيڻ ڪري اسين ته پوءِ جلد ئي حيدر آباد کان ڪراچي وڃي رهيا هئاسين تنهنڪري هن سان ملڻ جا ڪي چانس پيدا نه ٿيا ۽ جي ٿيا به ته ڄاڻي واڻي سامهون نه وئي مانس. هڪ ڀيري اسانجي ڪار جي ڀرسان هن جي ڪار لنگهي ته پنهنجو هٿ مٿي ڪري محبوب کي وش ڪيائين، تڏهن مون به مٿاڇري نظر سان هن کي ڏٺو هو. هڪ اڌ ڀيري اوچتو سامهون به ٿيم پر ڪا دعا سلام ته ٺهيو مون اکيون ئي ڍڪي ڇڏيون هيون.
ٻه چار سال اڳ ساهراڻي گهر ۾ ڪو ڪاڄ هو. پبلڪ جي بي حد اصرار تي مونکي به ”پردءِ سيمين“ تي اچڻو پيو، نه ته ”ڊيل ڊيڪر“ واري حالت ۾ گهران نڪرڻ معنيٰ خلق جي خواري، گوڙ گهمسان کان بچائڻ لاءِ انجام موجب محبوب مونکي جلد ئي سڏرايو. ڪاڄ ۾ آيل زالن سان گهر سٿيل هجي، مان بنا موڪلائڻ جي لڪي لڪي اتان کسڪيس ته متان ڪير ترسڻ لاءِ نه چئي. مهمانن کي ماني کارائڻ لاءِ شاميانو لڳل هو. اهو سڄو لتاڙي ڪار تائين پهچڻو هئم. شامياني اندر پير رکندي ئي هن کي فل سوٽ ۾ فنڪاراڻي انداز سان ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺم. ڪنڌ مٿي ڪري مونڏانهن نهاريائين. مون پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون پر ڏاڍي شڪي ٿيس. آخر مان به ته ” سنڌي ادبي انڊسٽري“ جي ”هيروئن“ هيس ۽ هيروئن کي اهڙي حال ۾ ڏسڻ معنيٰ سڄو اميج خراب ٿيڻ!
”ڇو آيس مان ان مئي شامياني ۾“ ............. سوچيم ”ڪاش اهو ڪو ڪارڙو ڪوجهڙو ايڪسٽرا هجي ها ته مان ڪيڏي نه شان سان اتان لنگهي وڃان ها.........“وهم گمان به نه هو ته اهڙي گوڙ ۾ ائين اڪيلو سوچن ۾ غرق ملندو. مان ايڏي ڳوري هيس جو جيڪا وک اڳتي کڻان سا ايئن لڳي ڄڻ پٽ تي پئي کڄي. شاميانو کٽڻ جو نالو ئي نه وٺي آخر خبر نه آهي ته ڪيئن اچي ”ڌوپار“ پهتيس. محبوب ڪار ۾ ويٺو هو. مان به جهٽ در کولي اندر ويهي رهيس.
”اتان ڪار بيهارڻ جي ڪهڙي ضروت هئي“ مون ڪسرون ڪڍن چاهيون.
” غلطي ٿي، نه ته ڇت تي بيهاريان ها............“ هن ويتر ڏنڀ ڏنو.
مون مونجهه مان زالن وانگر ساهه کنيو جيڪي ”ڊيل ڊيڪر“ ٿي ڄڻ سڄي جهان تي ٿورو ٿڦينديون آهن.
”شامياني لڳڻ ڪري پارڪنگ جي ٻي ڪا جاءِ به نه هئي“ محبوب نرمائيءَ مان چيو.
”- به اتي ويٺو هو، مون کي ڏسي ڇا سوچيو هوندائين ته هلڻ کان هلاڪ هوندي به ڪاڄن ۾ ٿي اٿي ويهي.“ آخر سور سٺو نه ٿيم. ”گهر جو ڪاڄ هو ڪو پرايو نه هو.“
” پر هن جنهن نظر سان ڏٺو ان ۾ طنز هئي، ٽوڪ هئي!“
”اجايا وهم نه ڪندي ڪر. هو اهڙو ناهي“
...........................
بيگم زينت چنا جي ٽيجهي تي حسب معمول ورانڊي ۾ هو به ڪمن ڪارين ۾ رڌل هو. اوچتو آواز ٻڌم: ”محبوب جا ٻار ڪٿي آهن؟“ مان ڏانهس نهاريو ته چيائين. ”ڀاڀي، توهان کي محبوب وٺڻ آيو آهي“ هو مون سان گڏجي در تائين آيو. ڪڏهن ڪڏهن فون به ڪندو هو: ”بابا..........محبوب آهي؟“
”جي نه ......... ٻاهر ويل آهي.“ گهڻو ڪري منهنجو اهو جواب هوندو هو.
”چڱو بابا، مان وري پوءِ فون ڪندس.“
لهجي ۾ ايڏي پنهنجائپ، ايڏو خلوص، شرافت ۽ اخلاق جو مان محبوب کان پڇڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس ته اهڙي آواز وارو ڪير هو. هن پاڻ ئي نه ٻڌايو، مان ڪيئن پڇان ها.
هڪ ڀيري محبوب جي گهر ۾ هوندي هن جو فون آيو. تڏهن ئي خبر پيم ته هو ڪو ٻيو نه پر حميد سنڌي هو، ادبي ولين!
هاڻ فون تي منهنجي به ساڻس دعا سلام ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪا ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي.
”مٺي ڀيڻ، توهان کي اسان لاءِ گهڻيون ئي بدگمانيون دل ۾ پيل آهن، پر موقعو مليو ته مان انهن کي ضرور پري ڪندس.“
”اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، ادا.....“
”آهي، بلڪل آهي. تڏهن ئي ته افسانو لکيو هيوَ، مان پڙهيو هو. ڏاڍو اسان تي ڇوهه ڇنڊيا هيوَ.“
”مان ته ڇڙو اها ڳالهه ڪئي ته ڀينر اڳ ئي گهٽ ٿيون لکن وري جو سندن لکڻيون اهڙيءَ ريت ڇپجنديون ته ڪنهن جي دل چوندي لکڻ تي.“
”ڀيڻ مان جلد ئي اچي اوهان جون بدگمانيون پري ڪندس.“
آواز شخصيت جو آئينو آهي. مونکي ان آئيني ۾ هن جي شخصيت بي داغ نظر آئي، منهنجون بدگمانيون پاڻ مرادو پري ٿي ويون.
حميد سنڌي همدرد انسان آهي هن جو قرب ۽ شفقت ڀريو انداز ڪڏهن به ذهن تان ميسارجي نٿو سگهي. بابلا، امان، مٺي ڀيڻ ۽ بابا جهڙا پنهنجائپ ۽ قرب جو احساس ڏياريندڙ عزت ۽ خلوص ڀريا پيارا لفظ جڏهن هن جي زبان مان ٻڌبا آهن ته دل کي راحت ملندي آهي.
پر انهن لفظن جي ميٺاڄ مان هر ڪو نه ڄاڻي. ڪنهن غير سنڌيءَ نينگريءَ کي جڏهن امان ڪري ڪوٺيائين ته هوءَ ڪاوڙجي پئي هئس. هن ليکي ته مونکي پاڻ کان وڏو بنهه ماءُ جيڏو ڪري ٿو سمجهي، پر حميد سنڌي جي وضاحت کانپوءِ وڃي نينگريءَ جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي. هو اڪثر ڪري چوندو آهي:
”بس ڇا ڪريون، ڪنهن کي بابا ڪنهن کي امان ڪري ٿا چئون. سالن جا سال مڙهن جي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪري ڪري مڙها ٿي ويا آهيون. ڪاليجن جو ڊئريڪٽر هئس، تڏهن به مڙها عقاب وانگر اکيون وجهيو ويٺا هوندا هئم. هينئر ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهيان ته به مڙها غارن ۾ ويٺي ويٺي طلسمي شيِشي مان اهڙو ته ڏائڻ وارو ڏهڪاءُ ٿا ڏين جو هيانءُ ئي روڙيو وجهن. ان کان ته ميوزڪ ڊائريڪٽر هجان ها ته ڀلو هيو. پوڙهن جي ڏنل دردن جون، پيڙائتيون ڌنون تيار ڪري پنهنجو هيانءُ ته هلڪو ڪيان ها.“
حميد ته ائين ئي کڻي ڳالهه ڪئي، پر ان ۾ جيڪو درد ۽ پيڙا هئي. تنهن کي منهنجي حساس دل هڪدم پرکي ورتو. منهنجي صلاح آهي ته پوڙهن کي جوانن سان ڪم ڪرڻ گهرجي. گڏجي ڪم ڪرڻ سان نه رڳو جوان جلدي پوڙها ٿيندا پر جلدي لاڏاڻو ڪري ويندا.
زندهه دل ۽ خوش مزاج پوڙهن کي پوڙهن جي قطار ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته انهن جي ساٿ مان جوانن کي ڪو به ڇيهو نٿو رسي. البت اهي پوڙها جيڪي اصلي جڙي ٻوٽين مان تيار ٿيل يعني پوڙهائپ جي مڙني خوبين جهروڪ ڪرڪڻ، ڀڻڪڻ ۽ چهٽڻ وغيره سان مالا مال هوندا آهن تن کي جوانن کان پاسي رکجي. پوڙهن جو پنهنجو ويڙهو هئڻ گهرجي جنهن ۾ ڪڪڙيون سنڀالڻ، ڪبوتر پالڻ، ڀاڄيون پوکڻ، گڏ ڪري ٻج ڇٽڻ کان وٺي سوانح عمريون وغيره لکڻ جهڙا دلچسپ مشغلا هئڻ گهرجن.
مان ڪجهه سالن کان لڳاتار پنهنجن ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن ڀينرن جي وڇوڙي جا ڌڪ سهندي آئي آهيان. پر تازو پنهنجي بي حد پياري معصوم، سادي ۽ شريف ڀاءُ شاهه محمد عباسي جي بيدرديءَ سان ڪيل خون ناحق منهنجو جيءُ بنهه جهوري ڇڏيو جنهن جو اثر صحت تي پوڻ لازمي هو. محبوب جي گهڻي زور تي به مان پنهنجو علاج نه ڪرايو. علاج ته جيئڻ لاءِ ڪرائبا آهن.
هن کي به ڪا خبر پئي، مونکي مايوس ۽ ملول ڏسي پڇيو هيائين.
”ادي! طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“
”محبوب چوي ٿو ته علاج نٿي ڪرائين، مان وٺي هلئين ڊاڪٽر ڪريم عباسي وٽ؟“
”مهرباني ادا، اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، مان ٺيڪ آهيان مون کي ڪجهه به ناهي ٿيو“
”مون سان به ڪوڙ! يقين ڪريو ته مان توهان کي بيحد گهڻو گهرندو آهيان پر لکا نه پوڻ ڏيندو آهيان.“
”اسان کي خبر آهي ادا! ڪير ڪنهن جو سڄڻ ۽ گهڻ گهرو هوندو آهي ته اڳلي کي به انهيءَ جو احساس ضرور ٿئي ٿو.“
حميد مونکي کوڙ ساريون تسليون، سمجهاڻيون ۽ دلداريون ڏيندي وعدو ورتو ته مان خوش رهنديس، ڏاڍي ڏک مان چيل هن جا اهي لفظ ته مونکان ڪڏهن به نه وسرندا:
”ڪير ٿو جيئڻ چاهي؟ ڪنهن جي خواهش آهي ته جيئون؟ مان به ته نٿو جيئڻ چاهيان............... پر جيان پيو ............. پنهنجي اولاد لاءِ ............. تون به انهن لاءِ جيءُ دنيا ۾ پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ گهرجي.“
مان ادا حميد جي چوڻ تي گهڻو ئي عمل ڪيو: خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، پر ڇا ڪيان ........... هيانءُ ۾ لڳل ڪنڍيءَ کي مان اڃان به پري نه ڪري سگهي آهيان.
حشر جي ڏينهن رشيد ڀٽي پنهنجي فيملي سميت اسان وٽ آيل هو. محبوب ۽ حميد به ڊرائنگ روم ۾ انهن سان ڪچهريون ڪري رهيا هئا، مان رڌڻي ۾ بور ٿي رهي هئس. ڪاش مون وٽ جادوءَ جي ٽيبل هجي جنهن ۾ جيڪو کاڌو حڪم ڪيان ته انهيءَ دم حاضر ٿي وڃي، يا ڪاش! مون وٽ جادوءَ جي منڊي هجي جنهن کي ڇڙو گهڪو ڏيان ته ڳاڙهي انڊرويئر وارو ڦونڊڻو جن ڪم جو ٻانهو ٿي اڳيان اچي بيهيم ۽ کن جو کن ۾ طرح طرح جا طعام سهڻن ٿانون ۾ سجائي پيش ڪري..........
ٽن ٻارن جي ماءُ ٿي وڃڻ بعد رڌڻي ۾ وڃڻ مهل اهڙا ٻاراڻا ۽ بيوقوفي جا خيال ايندا اٿم. انهيءَ ۾ منهنجو ڏوهه ناهي، ڇو ته سياڻن جو چوڻ آهي ته ڊگها ماڻهو اڪثر ڪري بيوقوفيون ڪندا آهن. تنهن ڪري بزرگن جو ڀرم رکڻ به ته عين سعادتمندي آهي.
”ڪو ڪم ڪار؟“ ڪنهن اندر اچي پڇيو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪٿي منڊي کي ته گهڪو نه آيو! پر افسوس اهو منهنجو وهم هو، ڪنڌ مٿي ڪري جو نهاريان ته اڳيان فل سوٽ ۾ حميد سنڌي بيٺو هو.
” ادا، مهرباني، توهان هلي ويهو، بس ڄاڻ ماني تيار ٿي.“
ڪيڏو نه رسمي جملو ڳالهايم، دل ته ائين پي چاهيو ته چوانس: ”ادا توهانجي مهرباني، لک لائق! ڀلي اچي ڪم ڪار سنڀاليو، مان جيسين وڃي ٽيپڙو ٻيپڙو چالو ڪيان.“
”مان به ته هٿ ونڊرايان“ ائين چوندي حميد ديڳڙي جو ڍڪ لاٿو ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڏوئي گهمائيندي صلاحون ڏنائينم.
”رس گهاٽو ڪرڻو هجي ته پيٺل ڌاڻا گهڻا وجهجن، ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڇڏ ته ڀلي ٻاڦ نڪري. ائين چوندي شيشيءَ ۾ رکيل پيٺل ڌاڻن ڏانهن هٿ وڌايائين. مون کان رڙ نڪرندي رهجي ويئي. ڏٺم ته هاڻ ٻوڙ جي ٻيڙي ٿي ٻڏي. سو جلدي ۾ چيو مانس: ”مان ثابت ڌاڻا ڳنڍ ۾ ٻڌي اڳواٽ وجهي ڇڏيا آهن.“
هو حيران ٿي ويو، ڌاڻا سي به ڳنڍ ۾ ٻڌل! پر مان به پنهنجن وڏڙن کان لکايل ترڪيبون پڙهي پوءِ رڌڻي ڏانهن وک کڻندي آهيان. سو خاطري هئم ته پاون جو ٻوڙ خراب نه ٿيندو البت پاڻي سڪڻ جو ڪجهه انتظار هو.
ايتري ۾ محبوب، ادا رشيد ڀٽي ۽ سندس گهر واري ڀاڀي سڪينا به اچي رڌڻي ڀيڙا ٿيا.
”بس، ادا، اجهو ماني تيار آ، کنيو پيا اچون“ حميد مون کان ڏوئي وٺي پيالن ۾ ٻوڙ وڌائيندي چيو.
”ادا توهان ڇڏيو،“ محبوب چيس.
”مون کي ڏيو ته مان ٿي وڌايان“ مون چيو. ”اهي زالن جا ڪم آهن.“ ”اسين به ته اڌ زالون آهيون، ڪيئن، محبوب؟“
حميد جي انهيءَ ڳالهه تي ادا رشيد، ڀاڀي سڪينا، مان ۽ محبوب ڏاڍا کلياسين.
باقي جس هجي ڀاڀي سڪينا کي، جنهن ويچاري پوءِ ٿها مانين جا پچائي ڏنا. جيڪي ٻه ڏينهن مون وٽ رهي ته کٽ تي ويهي مون کي کارايائين. ڏٺائين ته ٻٻرن کان ڪهڙا ٻير گهربا، سو پنهنجي مڙسيءَ سان پئي حالتن کي منهن ڏنائين.
تحريڪن جو اڳواڻ حميد سنڌي، سنڌي ادب جو سچ پچ ته هيرو ۽ گهڻگهرو آهي، روح رهاڻ ذريعي سنڌي ادب جون هن جيڪي به خدمتون ڪيون، سي ڪنهن کان لڪل ناهن. تڏهن هو اڪيلو نه هو. ٻيا به هن جا ٻانهن ٻيلي هئا، جن سڄي سنڌ ۾ سجاڳي آڻن لاءِ پاڻ پتوڙيو هو. چوندا آهن ته ٻيڙي ڪنهن ٻوڙي؟ خواجه خضر ٻوڙي! عين ان وقت، جڏهن هو ڪاميابين سان همڪنار ٿي رهيا هيا، ته پنهجن ئي نعرا هڻي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي مصداق سندن تحريڪون مشڪوڪ بنائي وڌيون. اهڙيءَ ريت روح رهاڻ اسان کان جدا ٿي ويو. اڄ جا ناميارا اديب، امر جليل، نسيم کرل، خواجه سليم، قادر جوڻيجو، شوڪت شورو، علي بابا ۽ شيخ اياز وغيره روح رهاڻ جي ئي همٿ افزائي سان ڏينهون ڏينهن نکرندا رهيا.
حميد کي پنهجي ماضيءَ سان پيار آهي. انهيءَ لاءِ نه ته ڪو هن جي ماضيءَ سندس جهول خوشين سان ڀري ڇڏيا هئا، پر ان لاءِ ته ماضي جيڪي به محروميون کيس ڏنيون سي هن جي شخصيت جو حصو بنجي ويون آهن ۽ پنهنجي شخصيت سان ڪير نه پيار ڪندو. ان ڪري ئي هو جيڪي ڪهاڻيون قلمبند ڪري ٿو سي ماضيءَ جي ڀرپور مشاهدن جو نچوڙ آهن. اڳي کان سندس هن وقت جون لکيل ڪهاڻيون بلڪل مختلف آهن. انهن جو انداز سمبالڪ آهي. ” ڌوپار“ ۽ ” دربان“ جهڙين پيارين ڪهاڻين کانپوءِ هن جي تازي تخليق ”ٺوٺ ڌري“ ۾ هن اهڙي ٻار جو نقشو چٽيو آهي، جنهن کي سنڌ جي روايت موجب مست جو درجو ڏئي سندس ارمانن ۽ خواهشن کي چٿيو ۽ چيڀاٽيو ويو آهي. حميد جيڪو ناول ”آپي رانجها آپي هير“ جي ٿيم تي لکي رهيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ پنهنجو مثال پاڻ ٿيندو. اها ٿيوري ته انسان جو ڪوئي ساٿي ناهي، هي رشتا ناتا سڀ ڏيک آهن، هو دنيا ۾ اڪيلو اچي ٿو اڪيلو وڃي ٿو، انهيءَ ناول ۾ سهڻي انداز سان پيش ڪيل آهي.
هڪ هوشمند حساس انسان وانگر حميد جي سوچ ۾ گهرائي آهي. سطحي سوچن ۽ سستن جذبن جو هن جي سڄاڻ ذهن ۾ ڪو گذر ناهي. جذبن جي سچائي سان لکندو آهي ۽ ڪنهن کي آئيڊيل بنائي فنڪار جو فنڪار سان ذهن ٽڪرائي لکڻ جي محتاجيءَ کان بنهه آجو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڪهاڻي سنئين سڌي سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾ لکڻ گهرجي. پنهنجا خيال فلسفاڻي انداز ۾ زوريءَ ٽنبڻ بدران ڪردارن جي زباني ادا ڪرائجن. هن کي شڪايت آهي ته: اڄڪلهه جا اديب سيڪسيوئل فرسٽريشن جا شڪار آهن، تنهنڪري سندن ڪهاڻين ۾ صرف مان ۽ سيڪس جو درجو گهڻو هوندو آهي. انهن جي لکڻين مان ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ زندگيءَ کان گهڻو پري ٿي ويا هجن. هو ڏينهون ڏينهن پنهنجي پاڻ ۾ گم ٿي اڪيلا رهجي ويا آهن ۽ اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي وساري ويٺا آهن. پاڻ کي ڏسڻ لاءِ آئيني ۾ ئي ته ڏسبو آهي. انهن کي ڪڙمين ڪاسبين جي فرسٽريشن تي لکڻ گهرجي. ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن مزدورن جي حال مان لازمي طرح واقف ٿيڻ کپين ۽ اهو سڀ سٺي تحرير سان ئي ممڪن آهي. مونکي حميد جي خيال سان بلڪل اتفاق آهي ڇو ته رڳو مان مان ۽ سيڪس سيڪس مان ٺلهو جنسي بيمارين کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ملڻو اٿن. وري جي ڪنهن يوناني حڪيم جي هٿ چڙهي ويا ته پوءِ نه رهندن بانس نه وڄندن بانسري.
حميد رومينٽڪ افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا آهن. عورت ۽ مرد جي رومانس ۾ کيس غرض ئي غرض نظر اچي ٿو. هن جو خيال آهي ته هن زماني ۾ اهڙي رومانس جو هئڻ محال آهي، جنهن ۾ ڪائي غرض شامل نه هجي. بي غرض پيار ۽ محبت جڏهن آهن ئي ڪو نه ته ان تي لکڻ ئي فضول آهي. هن جي خواهش آهي ته ساڻس بي غرض پيار ڪيو وڃي جنهن ۾ بي چيني هجي، تيزي ۽ رواني هجي. بي غرض پيار جي ڳولها ۾ هن دين جون مائرون ۽ ماسيون به ٺاهيون، پر موٽ ۾ ڇا مليس------- وري به تنگ نظر زماني جون دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون.
تنهن ڏينهن حميد ذهني طرح منجهيل پي ڏٺو. محبوب ائين ئي کڻي رومينٽڪ افسانن بابت پڇيس ته اهي هاڻ ڇو نه ٿو لکين.
“يار، مان ته پنهنجو پاڻ ئي رومانس ڪرڻ ۾ پورو آهيان.“
”اهو وري ڪيئن؟“ محبوب حيراني مان پڇيس.
”پاڻ واري ساوڻ کي نت نوان رومانس ڪندي ڏسي رومانس تان هيانءُ پلجي ويو اٿم.“
”ساوڻ هڪ وقت ۾ ڪيترا رومانس ڪندو آهي؟“
”ڀائو، ڪو ڪاٿو ئي ناهي!“
”آبول اصل ائين ڇا!“
”بنهه ٽاٽ لڳو پيو آهي.“
هو اڳ ٿورو ڪومايل هو، سو ٻن ٽن ٽهڪڙن کانپوءِ ٽڙي گل ٿي پيو. ڳالهائڻ جوانداز سانتيڪو سنجيدو ۽ سمجهه ڀريو. هر لفظ دل تي نقش ٿيڻ جهڙو. ٻڌندڙ بور ٿيڻ بدران دل ۾ ذهن جي پوري لاڙي ۽ سوچ سان ٻڌي ٿو. موقعي ۽ مهل جي لحاظ کان مزاج جو عنصر منجهس بدرجه اتم موجود آهي. اهڙو ڪو واقعو يا ڳالهه جڏهن هو ڊرامائي انداز ۾ ايڪشن ايڪسپريشن سان ٻڌائيندو آهي ته کلي کلي کيرو ٿي وڃبو آهي. لکڻ لاءِ ڪنهن ماحول جي ڪا ضرورت نه پوندس. ڪيترو به گوڙ شور ڇو نه هجي ان جي پرواهه نه ڪندو. پهرين ويهڪ ۾ ئي ليک ڪمپليٽ ڪري وجهندو. انهيءِ جو سبب اهو به آهي ته هو پلاٽ ذهن ۾ رکي ڪهاڻي نٿو لکي پر سڄي ڪهاڻي اٿندي ويهندي گهمندي ڦرندي توڙي ڊرائيونگ ڪندي پاڻمرادو ذهن جي ديڳ پيئي پچندس، جڏهن پچي راس ٿيندي تڏهن قلم جي ڏوئي سان ائين جو ائين کڻي ڪاغذ جي ڊش ۾ وجهندو. ”ٺوٺ ڌرتي“ پهرين ڪهاڻي اٿس جا وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ وقت وٺندي. ان لاءِ حميد کي گهڻي حيراني آهي. هو ڪهاڻي فيئر ڪرڻ مان نه ڄاڻي، ڪاغذن تي جيتر ڪاٽ ڪوٽ، ليڪا لينگها ۽ ڌٻا نه هوندا تيتر مزو نه ايندس. لاشعوري طرح سان هن جو هر عمل ماضيءَ جي منجهيل زندگيءَ جو هڪ عڪس به ٿي سگهي ٿو. هن کوڙ ڪتاب پڙهيا آهن. جيڪي ياد نه هوندي به ڊسڪشنس وغيره ۾ سمورن حوالن ۽ مثالن سميت ياد اچي ويندا اٿس. هن وٽ ڇهه ست سو ڪتاب آهن پر افسوس ته انهن کي طريقي سان سنڀالي رکڻ جي في الحال حالتون اجازت نٿيون ڏينس ۽ اهي ٻورين وغيره ۾ بند آهن. گهڻي ڀاڱي ته کڄي به ويا اٿس. جيسين ڪتابن جي سنڀال جو ڪو جوڳو انتظام ٿيئي تيسين هو پنهنجا ڪتاب ڪٻٽن جي پويان، هيٺيان ۽ مٿان پيو لڪائيندو جو انهيءَ ۾ انهن جي سلامتي آهي. هن کي هر قسم جا ڪتاب پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق آهي پوءِ کڻي اهو تفريحي ادب هجي يا سندس سڪيلڌي پٽڙي هوشو جي ڪورس جو ڪتاب هن کي آٽوبايو گرافيون خاص طور سان وڻنديون آهن.
لاڏا ۽ شرنايون هن جي ايڏي ته ڪمزوري آهن جو ٻڌڻ شرط وار ڪانڊارجي ويندس. اکيون ٻوٽي ڪا دير ته ڄڻ خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي ويندو آهي. ڪپڙي لٽي جو نه رڳو شوقين پر ان جي صحيح استعمال جو ڏانءُ به حميد کي آهي. سنڌي ادبي انڊسٽري ۾ مغربي لباس جي مقابلي ۾ورلي ڪو جهڙس خوش پوش اديب هوندو. سوٽ نئين فيشن جو هجي يا پراڻي جو، حميد کي بدني بناوت سبب جڙي جڙي ٺهندو. شايد هن کي به اهو احساس آهي. تڏهن سهڻي شرٽ ته ضرور پائيندو. هونءَ به سهڻيون ٽايون ۽ شرٽس هنجي ڪمزوري آهن. اهي ايڏي ججهي تعداد ۾ گڏ ٿي ويون اٿس جو واري اچڻ تي پائيندو آهي. جنهن ڪري پراڻيون ٿين ئي ڪو نه. سنڌي لباس ۾ جيتوڻيڪ گهٽ ڏسبو آهي ته به ڪنهن زماني ۾ سنهڙي ڀرت سان شبلمي پهراڻ پائڻ جو شوق هن جي نفيس ذوق جو سٺو ثبوت آهي.
کائڻ پيئڻ جو ته گهڻو ئي شوقين پر پرهيز طور ڪن پسنديده شين تان هٿ کڻڻو پيو اٿس. سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي ڏنڀرو مڇي بي حد پسند ڪندو، سامونڊي مڇيون بنهه ڪونه وڻنس. سائون، لوڙهه ۽ بيهه پڻ چاهه سان کائيندو آهي. هو نه رڳو کائڻ جو شوقين آهي پر کارائڻ جو به ملهه آهي. اها خبر ڪنهن کي نه هوندي ته حميد مڇي پچائڻ جو وڏو ماهر آهي، کيس مڇي پچائڻ جا ڪيترائي قسم اچن، خاص ڪري مڇيءَ جو پاڻي ڪڍي پوءِ ان کي پچائڻ وڏي ڪاريگري آهي، جنهن کان پڻ حميد مونکي واقف ڪيو. پٽاٽي ۽ قيمي جي ڪبابن لاءِ سندس چوڻ آهي ته انهن کي بيدي يا روٽيءَ جي چوري جي آڌار تي بيهارڻ کانسواءِ تيار ڪجي ته پوءِ ڪا ڳالهه ٺهي. ان الاءِ پڻ سٺو نڪتو ٻڌايائين ته ڪبابن کي سيڪڻ کانپوءِ هلڪو هلڪو گيهه کڻائجي ته اهي نه ڀرندا. مان اول تهه ڪباب ٺاهيان ڪونه، ڪير ٺاهي کارائي ته ٻي ڳالهه آهي، پر جي ”ڀولي بسري نغمي“ وانگر ڪڏهن کڻي تيار به ڪيم ته انهن کي گيهه ۾ ايڏيون ٽٻيون ڏياريندس جو ”دوست، دوست نا رها“ وانگر ڪباب ڪباب نه رهندو بلڪه ڪڏهن حلوي جو ته ڪڏهن چٽڻيءَ جو پيو ڏيک ڏيندو! حميد کان ڪبابن بابت اهو گر ٻڏي منهنجو وات پٽجي ويو ۽ دل ۾ کيس صوم صلوات جي پابنديءَ جو نه سهي پر ”امور خاناداري“ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پيم.
حميد ڪنهنجو به برو ناهي چاهيو. هن جو باطن سندس ظاهر وانگر اڇو اجرو ۽ صاف شفاف آهي. شفقتن ۽ خلوص جا بيڪران سمنڊ سندس وشال سيني ۾ روان دوان آهن. ڊائريڪٽر ڪاليجز واري زماني ۾ جڏهن انبوهه ماڻهن جا سندس اڳيان پويان ڦرموٽين وانگر پيا ڦرندا هئا، تڏهن به پاڻ کان گهٽ درجي وارن جي آجيان ڪرڻ لاءِ هميشه اٿي بيهندو. سندس غريب استاد جي ڪنهن ڪم سانگي آفيس ۾ لڙي ايندو ته حميد اٿي ادب سان آڌرڀاءُ ڪندو ۽ جڏهن ڪو ايئن ڪرڻ کان ٽوڪيندو هئس ته چوندن، ”ڀائو، ائين ڇو ٿو چوين؟ سندن ٻن اکرن جي طفيل ته مان هن جاءِ تي آهيان“
تڪليف ۽ مصيبتن ۾ هو يارن جو يار، دشمنن جو دوست ۽ سنگتين جو ساٿي آهي. پنهنجي سر جو سانگو نه ڪندي به انهن لاءِ پاڻ پتوڙي رکندو. اهي به اهڙي وقت ۾ کيس ڏتڙيلن جو ڏاتار ڪري سمجهندا آهن. پر ڪي اهڙا هوندا آهن جي ڪم لٿي کانپوءِ ”جهرڪي ۽ ڪئي“ واري روايتي ڪهاڻيءَ جو ”ڪئي“ وارو ڪردار بنجي نيڪ ٽاءِ درست ڪري چوندا اٿس :”هونهه! مان ٻڏس ٿوروئي ٿي، مان ته وهنتس ٿي!“ يا ” ڪنڊن ۾ ٿوروئي ڦاٿي هئس، مان ته والا پائڻ ڪاڻ ٿي ڪن ٽوپرايا!“
زماني جون ناانصافيون ۽ بيقدريون انسان جي شخصيت تي گھرو اثر وجهن ٿيون. حميد کي به اهي ڏاڍا ڏمر ۽ ڏنج نه صرف پراين کان پر پنهنجن يارن دوستن ۽ عزيزن کان به سهڻا پيا. هو، جو اعتماد جي صلاحيت سان مالا مال آهي، تنهن جي اعتماد ۾ به ڏار پيا ڏسجن، پر هن همٿ ۽ حوصلي واري انسان مان اميد آهي ته انهيءَ کي جلدئي ڀري ڇڏيندو. هن هڪ ڀيري ڏاڍي ڏک سان چيو هو: ” مون کي اها سا خاطري آهي ته جڏهن مان ته هوندس ته ٻه ٽي ڄڻا ئي سهي پر مون کي خلوص دل سان ياد ڪندي ٻه لڙڪ لاڙيندا. منهنجي لاءِ ٻاڙو ٻول ڪوئي نه ٻوليندو.“
حميد جو وقت اڄڪلهه زندگيءَ جا زائچا ڀيٽڻ ۽ پرکڻ جهڙي دلچسپ وندر جي نذر ٿي رهيو آهي. ڄمڻ جي وقت جي ذائچي ۽ موجوده سال جي ذائچن جي هڪجهڙائي علم نجوم جي بلندين کي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهيس. جنتريءَ جو ماهر، سياڻي صلاحڪار وانگر، اڪثر ساڻس گڏوگڏ هلندي چلندي ڏٺو ويو آهي. ڏسون ته سندس گردش ۾ آيل ستارو ڪڏهن ٿو گرهڻ مان نڪري وري چمڪي.
ٻئي ڇاپي ۾ آيل
*