ويريون
پر آخر ڪيستائين آهستي آهستي آڪهيون وڌيون، ڪن وڃي ٻاهر نوڪريون ڪيون، ڪن اتيئي ڌنڌي ڌاڙي کي ورتو. پر اهو اوج نصيب نه ٿين. هونئن به نيٺ ڪمال کي زوال آ. نورپور جو اوج به ڪو رئيسن جي دم سان هئو. آهستي آهستي، اهيئي ڀٽون ڀاڻا، اهيئي پن ۽ وٿاڻ جهڙي طرح وقت سان گڏ ماڻهن جي طبيعتن ۾ به هيٺ مٿانهون اچيو وڃن، اهڙي طرح رئيسن جي حالت ۽ گهرن جون رونقون لٽجي خزان جي صورت اختيار ڪري ويون. اڄ به نورپور جي شهر ۾ گهڙبو ته منهن ۾ وڏي بازار پوندي جا نالي ماتر وڏي بازار وڃي رهي آهي. جنهن ۾ سواءِ چند دڪانن جي ڪي به ڪينهي. اهي دوڪان لتاڙي صابو گرن واري گهٽي ۾ پئبو ۽ جيئن وڏي مسيت کان هيٺين ميدان ۾ لهبو ته چڱي مٿانهين تي هڪ ڪوٽ نظر ايندو. جنهن جا ڪنگرا جهور، سندس وڏين ڊگهين ڀتين ۾ جهيرون، سندس پاڙو کٿل ۽ کاڌل. اها آهي رئيس گل محمد جي ٺهرايل حويلي جا اڄ به رئيسن جي حويلي جي نانءَ سان مشهور آهي.
جيئين ئي حويلي ڏانهن وڃبو ته هڪ چڱي چاڙهي چڙهي حويلي جي لنگهه وٽ پهچبو، چاڙهي جي هيٺيان رئيسن جي پونيرن جون منهين واريون اوطاقون نظر چڙهنديون. انهن اوطاقن جو اوج اجڙيل آهي. سندس پونيرن مان ڪنهن به اهڙو اوج ڪو نه ڪيو. جي ڪيو به آهي ته اهي ٻين شهرن ۾ نوڪرين يا ڌنڌي سانگي آهن.
حويلي کي هڪ تمام وڏو در ۽ هڪ دري آهي جا اندر وڃي هڪ وڏي ميدان ۾ پوي ٿي. لنگهه شايد انڪري مختلف نه آهن جو سڀني جا پاسا ورهايل ۽ طرف کنيل آهن.
ڪنهن وقت ۾ ته طرفن ۽ پاسن کي ڪنهن کنگهيو به نه ٿي جو وڏڙن جو قرب ڀريو ساهه به هڪ ئي نڪئون کڄندو هو. گهرن ۾ نه ويڇا نه ويريون، نه دوريون نه جدايون، بس پنهنجائي وارو ڪارخانو هو. رئيس گل محمد ڪي ناتا اهڙا اڻيا هئا جو ڪي ورهيه ته ڪارخانو ائين پئي هليو. گڏ جا گهر وڌ ۾ وڌ ڏاڏن جي نالي تي ڪمرا وراهيل پر نه ڪو ڪي ڌار ڀتيون نه ڪي ويريون.
گڏ جو کائڻ، گڏ جو اٿڻ ويهڻ، لنگهه هڪڙو، ڪهڙي ڀاءُ کي ڪهڙي ڀاءُ کان جدا ڪري ڳڻائجي. بس سڏجي ته بابا رئيس گل محمد جو ڪڙم، رنگي جا رنگ آهن. ڪڙم جو ته وڃي هن دور ۾ هن رنگ ۾ نانءُ رهيو آهيو. هاڻي هر هنڌ ڪڙم جي نانءَ کان اڳ هر ڪنهن جي پنهنجي حيثيت ، ڳڻپ ڌارئون ڌار آهي. اڳ رئيس گل محمد جي آڪهه، پوءِ ٿي رئيسن جي آڪهه. پوءِ ڇا، چي ويڙهو، هيءُ محمد ابراهيم جو ويڙهو آهي، هي نظير احمد جو ويڙهو، هي ولي محمد جو ويڙهو، هي شمس الدين جو ويڙهو. هيءُ سڀ هئا رئيس گل محمد جا ڀائر، اڃا به اڳتي هلو ته شمن جو گهر، رسول بخش جو گهر. مٺڻ جو گهر، مولا بخش جو گهر ۽ اڄ بس گهر ۾ گهر، ڪنهنجو نانءُ وٺجي، اندر ويريون پئجي ويون، حويلي ڀاڱا ٿي ويئي. هيٺ اوطاقون ٽڪرا ٿي ويون، آڪهه وڌندي وئي، ڪٽنب ڇڄندا ويا. حويلي ۾ ٽڪرن ۽ ڀاڱن جو تعداد وڌي ويو پر جي ڇڄي ته ڏيڍي نه ڇڄي. جتان حويلي ۾ اندر داخل ٿبو هو ۽ اها پنهنجي ننڍڙي پر ڊگهي ڇٽ سان قائم دائم، لنگهندڙن کي گس ڏيندي رهي. ڏيڍيءَ کي پنهنجا ٻه در هئا، هڪ منهن ۾، هڪ آخر ۾. ڪير جي ٻن درن کي بند ڪري ته ڄڻ ته صفحو ٿي ٿي پيو. رئيس گل محمد جي آڪهه جو چڱو مڙس محمد ابراهيم پراڻي کهي جو ماڻهو، پراڻن قدرن ۾ ايمان، پر ليکي چوکي ۾ ڏاڍو سخت ۽ ڏکي طبيعت جو ماڻهو هو. سندس شمس الدين وارن سان اصل ڪانه پوندي هئي، جو رئيسن جي ڏاڏنگ ۾ ڪو نه هو، هونءَ به ناناڻي پر زالون ۽ ٻار پاڙيندا آهن، باقي مڙداڻي پر اها آهي جو هميشه ڏاڏنگ پيا ساراهيندا. شمس الدين جو گهر ڏيڍي سان گڏ هو. شمس الدين پورهيت ماڻهو هو، پر سندس نينگر پڙهي پيا. ان مان ڪو مليريا جو صاحب هو ته ڪو فيملي پلاننگ ۾ هو. نوڪرين سانگي ٻاهر. گهر ۾ پيرسن شمس الدين ڏيڍي جي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، آرسين لوپن ۽ جاسوس بليڪ جا جاسوسي چڪر وارا ناول پڙهي وقت گذاريندو هو. سندس گهر جو خرچ نينگر کنيو ويٺا هئا، هن رازڪو ڪم گهڻا ڏينهن ڇڏي ڏنو هو.
هڪ ڏينهن جيئن هو اکين تي عينڪ چاڙهيو ڪتاب کنيو ويٺو هو ۽ هو ڏسي رهيو هو ته ڪيئن جاسوس بليڪ، سمٿ کي دڙڪا پيو ڏئي، ايميلي ڪارٽر کي سمجهاڻي پيو ڏئي، سندس هٿ ڀت جي هڪ دز تي پيو، هن جو هٿ بي اختيار هٿوراڙيون ڏيندو رهيو ۽ هڪ هوشيار رازي وانگر ڀت کي ٽوڙيندو رهيو ۽ ائين هن ڪتاب رکي ڇڏيو. هن کٽ ريڙهي پري هٽائي ڇڏي، هٿ لائي ڏٺو ته ڀت چڱي کاڌ ڪري وئيي ۽ ڪافي هنڌن کان ڏري ڇڄي به پئي آهي. پراڻو ڪاريگر هو، قصي کي سمجهي ويو، صبح جو اٿڻ سان هڪڙو رازو جو سندس يار به هو ۽ ٻه مزور وٺي اچي ڏيڍي ۾ بيٺو. ڏيڍي ۽ سندس ڪمري جي ڀت مڙيوئي هڪڙي ڀت، سو خيال پچائڻ لڳو ته اهڙو ڪم ٿئي جو ڀت جي مرمت ٿئي نه ته سڄي ڏيڍي ڇت سوڌي هيٺ لاهڻي ٿي پئي. شمس الدين ۽ سندس يار رازي گلڻ جا هٿ ڀت کي ٽوڙي رهيا هئا ته ائين محمد ابراهيم اچي لانگهائو ٿيو. پراڻي ٿلهن شيشن واري عينڪ مان نظر ڪرڙي ڪري شمس الدين کي ڏٺائين ۽ لڪڻ کي زمين تي ٽيڪي چيائين، ”اڙي ماما! ڇا کي لڳو آهين ڀت ٿو ڊاهين ڇا!“ اڃا شمس الدين وراڻي ئي وراڻي ته مٿان ڦهڪايائينس: ڏس ماما ڀاڙين مٿان هڻي ڀت ڪانون ڪيرائي وڌي، ڪاٿي گلڻ پارا مٿان نه ڀت ڪيرائيني: شمس الدين کي خبر هئي ته محمد ابراهيم ڏکي طبيعت جو ماڻهو آهي، تنهنڪري سور پي چيائينس: ”ڀائو ڏيڍي جي ڀت ڪمزور ٿي پئي آهي، جي ڪري پئي ته نه رڳو ڏيڍي ويندي پر مون واري ڪوٺي کي به کنيو ويندي. تنهنڪري گلڻ کي وٺي آيو آهيان ته ڪا صلاح بيهاريون ته ڪيئن ڏيڍي کي بچائجي.“ ۽ ائين محمد ابراهيم عينڪ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تکي رڙ ڪري چيائينس: ” اڙي متان ڀت کي هٿ لاتو اٿئي، هي ڀت، هي سڄي ڏيڍي وچ جي ملڪيت آهي شما! جي تو ڪا به حرڪت ڪئي آهي ته سڀني کي سڏائي انهيءَ ڀت ۾ لنبائي ڇڏيندو سانءِ سمجهئيه!“
”پر به ڀائو، جي ڀت ڪري پئي ته مان ڪاڏي ويندس، چڱو ڀلا ايترو حق اٿم ته اندران پنهنجي ڀت کڻايان، پوءِ ڀلي هيءَ ڪريو ته ڪريوَ توهان جي مرضي“.
محمد ابراهيم جي ڪنن جو پاڙون ڳاڙهيون ٿي ويون، لڪڻ کي ڀت تي هڻندي چيائين: ”شما، مان سڀ سمجهان ٿو، انهي بهاني تون هيءَ ڀت ڪيرائڻ ٿو چاهين ته جيئن ڏيڍي تي قبضو ڪرين. تون نه نئين ڀت ٺهرائيندين نه هن کي هٿ لائيندين. نه ته - ------ بس سمجهين ٿو.“
محمد ابراهيم لڪڻ سان گڏ ڏند کڙڪائيندو هليو ويو. شمس الدين حويلي جي ٻاهران گلڻ ۽ مزورن سان گڏ ويهي رهيو. سند نظرون پاتال ڏي کتل هيون، سندس نرڙ تي پگهر هو. هو سوچڻ لڳو ته هن کي ڪيڏو نه گهٽ ۽ ذليل سمجهيو پيو وڃي. هن انهي ذلت کي انهيءَ نموني گهٽايو هو، جو نياڻيون ويهاري ڇڏيائين، پر رئيسن ۾ نه ڏنيون هئائين. رئيسن جي آڪهه ۾ پنهنجي پيءُ جو اوج تڏهن ڏٺو هئائين، جڏهن رئيس گل محمد حيات هو. پرجيئن هو الله ڏي هليو ويو ته سندس ساڻ اها ڪار ڪيائون جو پهريائين حويلي اندر اڱڻ ۾ ويري وجهائڻ وارو سندس پيءُ هو. لنگهه به ايڏو ڏيڍي جي ويجهو رکيو هئائين جو شمس الدين يا ٻيا گهڻو حويلي ڏانهن ويندا نه هئا.
شمس الدين کي خبر هئي ته حويلي ۾ اڄ ڪنهن به گهر ۾ قرب جو نانءُ نيشان ڪونهي، سڀ انهن ويرين جا قيدي هئا، جيڪا هنن پنهنجي انا جي تسڪين ۽ ڪوڙي ڀرم خاطر ٺهرايون هيون. انهن ويرين جا بنياد به اونها ڪرايا هئائون. جيئن ڪو به نسل انهن کي ڊاهرائي نه سگهي. هونءَ قرب ۽ پيار جا بنياد به اونها هوندا ئي آهن. پر جي نفرتن ۽ جداين جا بنياد کڻائبا ته وڌيڪ اونها کڻائبا، ڇاڪاڻ ته پهرين محبت ۽ پيار جي بنياد کي لٽرائي نفرت جي ويري اونهي گهري کڻائبي آهي، صرف انهيءَ لاءِ ته ڪٿي قرب ۽ پيار جي لٽيل ديوار جا بنياد هن نفرتن جي بنيادن کي لوڏي نه وجهن. شمس الدين سوچيندو ويو. هو نيٺ ڏيڍي ٽپي اندر حويلي ۾ آيو. اڱڻ ۾ کنيل ننڍيون پر اونهيون ويريون کيس نفرتن جي جداين جون ويريون نظر آيون. هو سوچڻ لڳو ته آخر انهن نفرتن کيس ڏنو ڇا آهي. هو هڪ هڪ ويري جي ويجهو وڃي اندر نهارڻ لڳو. هر گهر انهي ڪوٽ جي اندر نڪتل ديوار اندر، ديوار هيٺان ڪيئن نه ڏکي زندگي گذاري رهيو هو. شمس الدين کي ائين لڳو ته هيِءُ سڀ ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ هيءُ جيون گهارين پيا. هو ويرين جي ڊگهي سلسلي ڏانهن هلندو ويو. سندس وکون هڪ هنڌ بيهي رهيون. سندس مائٽن مان ڪا مائي کنگهي رهي هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري ويري مٿان هيٺ اندر نهاريو. هنکي ڄاڻ هئي ته هوءُ ٽي بي جي مريض هئي. پاسي ۾ سندس پوٽو ملي ۾ ورتل پيو هو. هو وڌيڪ سوچي نه سگهيو ۽ پٺتي موٽيو. هاڻ سامهون سندس گهر هو. هو ويريءَ جي لنگهه وٽ وڃي بيٺو. هن پنهنجي گهر اندر ڏٺو. اڻپوري روشني، گهر ۾ گهر، حويلي ۾ ايڏي سوڙهه، هنجو هنيانءُ منجهڻ لڳو، هنن ڀتين به ته جاءِ والاري آهي. هو سوچڻ لڳو، هنن ويرين ايتري سوڙهه ڇو ڪئي آهي.! هو اندر پهچندڙ جهڪي روشني ۾ پنهنجي وچين پٽ کي گيسيون پائيندو ڏسي سگهيو ٿي، جنهنجون ٽنگون پوليي سبب ختم ٿي چڪيون هيون. سندس ٻه نياڻيون جن جا مٿا به اڇا ٿيڻ لڳا هئا، ڇڙيل ڇتن سان دورن ۾ مبتلا هيون. هن حويلي جون ديوارون ايڏيون ته ڊگهيون هيون جو ڌاريا سڱ اندر اچي نه ٿي سگهيا. حويلي اندر هيءُ ويريون ايڏيون ته گهڻيون ۽ مضبوط هيون، جو پنهنجا سڱ هڪ ٻئي جي ويرين کي ڊاهي نه ٿي سگهيا. هن ڄاتو ته اهي ڪچين يا پڪين ڀتين واريون ڀتيون روڪ نه هيون، پر اهي دلين جون ويريون هيون، جن هڪ ٻئي کي ڌار رکيو هو. هنکي اها به خبر هئي ته رئيسن جي کانئس انهيءَ ڪري نفرت هئي جو هو ناننگ ۾ هئن پر جي جيڪي هڪ ٻئي جي ڏاڏنگ ۾ هئا، انهن ۾ وري ڪهڙي محبت هئي، هو ائين سوچ جي انبوهه مان سٽ ڏئي نڪتو ۽ ٻاهر ڀڳو. کٽ تان گلو رازي جي تيشي کنيائين، ڊوڙندو اندر ويو، گلو گهڻو ئي ڏيڍي تائين ڀڳيس، پر هو کيس وٺي نه سگهيو ۽ ڪجهه سوچي هيٺ اوطاقن ڏانهن ڀڳو. شمس الدين ڏيڍي لتاڙي سڌو اچي پنهنجي گهر واري ويريءَ وٽ بيٽو، سندس هٿ زور سان ڪم ڪرڻ لڳا. سندس ڀت پراڻي ۽ ڪچي هئي. چئن پنجن ڌڪن سان هن ڀت جا ٻر گهل لاهي وڌا. سندس هٿ تيز هلي رهيا هئا. هو پنهنجي منهن سان ڳالهائي به رهيو هو. ”هي ويريون اسانجون دشمن آهن. ابراهيم هي تنهنجون به دشمن آهن. تو منهنجي گهر ۾ تڪيو آهي. توکي تنهنجي زال ۽ نياڻين کي به ته هيءُ ويريون کائي ويون آهن. ابراهيم هيءُ اڄ ڊهڻ کپن!“
ائين هن ڪنڌ مٿي کنيو. ابراهيم ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڀرسان اچي بيٺا هئس، هو يڪدم وڌي محمد ابراهيم وٽ آيو.
”رئيس محمد ابراهيم اچي هيءَ تيشي وٺ، اهي سڀ ويريون ٽوڙي ڇڏ. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري ويري ته ڊاهه، اڙي سڀ گهٽجي مري ويندئو. اڙي ٻوساٽجي ويندئو. اڙي دٻجي مري ويندئو. اڙي ويريون ڊاهيو ته دليون صاف ٿين. دليون ڏوپنوَ. اڙي ڇو ٿا هڪ ٻئي کي گهٽي ٻوساٽي ماريو اڙي.!“
هو زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. محمد ابراهيم سڄو ڏڪڻ لڳو هو. هو هيڊو ٿي ويو هو. وڌيڪ ٻڌڻ جو روادار نه هو. هن ڀر ڪري شمس الدين کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ پاڻ ٿڙڪندو جهڪي ويهي رهيو ۽ شمس الدين رئندو، ڊوڙندو پنهنجي ڪوٺي ڏانهن هليو ويو، جنهن جو در هن هڪدم بند ڪري ڇڏيو. اها رات حويلي جي اداس ۽ تاريڪ کان تاريڪ تر رات هئي. انهيءَ رات ڏيڍي جي ڀت ڪري پئي ۽ شمس الدين انهيءَ ڀت ۽ پنهنجي ڪوٺي جي ڇت هيٺيان ڊٻجي ويو. جڏهن هن کي هڪ مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍيو ويو، ته تيشي سندس هٿ ۾ هئي. جڏهن شمس الدين کي هڪ مٽيءَ جي ڍير مان ڪڍي ٻئي مٽيءَ جي ڍير ڏانهن نيو ٿي ويو، تڏهن چوڻ وارن چيو ته سڄي رات شمس الدين ڪوٺي ۾ بند انهيءَ ڀت جو بنياد تيشيءَ سان کوٽيندو رهيو هو. هنجي لاءِ شايد اها ڏيڍي جي ڀت حويليءَ جي ڀت هئي. جنهن کي ڪيرائڻ سان شايد سڄي حويلي جو بنياد ڊهي پئي ها، پر حويلي اڄ به قائم آهي. سندس ڪنگرا ۽ ڪوٽ جهور ٿي چڪا آهن. اندر ويريون ۽ دوريون اڃا قائم آهن. ڏيڍي هاڻي هڪ گهٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ڪير ٺهرائي. شمس الدين جي ڪوٺي انهيءَ ئي ڀڳل حالت ۾ آهي، ۽ انهيءَ ڀڳل حصي ۾ شمس الدين جا ٻار ٻڪريون ٻڌندا آهن. باقي ايترو سو ضرور ٿيو آهي جو نورپور يا اوسي پاسي هاڻِ حويليون ڪونه ٺهنديون آهن، جي ٺهنديون آهن ته انهن ۾ ڏيڍيون ويريون نه هونديون آهن.
*