ست پٽيتي
”اڙي خون، اڙي گلوءَ ماءُ، اڙي الله ڪو سولي ڪرئي، الله توسان ۽ تنهنجي ڇورن سان پڄندو، الله ڪندو ته.“ ۽ ائين جوڻس اندر گهڙي آئي هٿ ۾ ڏوئي هيس ۽ الر ڪري آيس، ”بس بس، وڌيڪ چيئي ته رت سان ڀري ڪڍندي سانءِ. منهنجي اولاد کي تون ڇا، ڪو به ماءُ جو ڄائو ناهي، جو ڪجهه چوي ته سهين. رت نه پي ڇڏيان. هليو آهي اولاد کي پٽڻ، اڙي تنهنجو ڇا ٿئي؟ مان گهران کڻي آئي هين. ائين نه!“
”پر به ڀاڳان هيءُ جو ڇورن روز روز پاڙي اوڙي باهه ٻاري ڏني آهي. اڄ ته مان هيون مان، ڪالهه ڇاڱي جي بند دوڪان ۾ ٻريل ڇيڻان اڇلي آيا. ذري گهٽ بچي ويو جو ڇيڻن دونهون ڪيو ۽ ڀاڳيو پهچي ويو. تنهن ڏينهن نيڪ محمد جي پٽ کي مٿي ۾ ٻرگهل وجهي ڇڏيائون. ڪنهن ڏينهن ٻڌ ته ڦاڙ وڌا اٿئون، ڪنهن ڏينهن ٻڌ ته ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي نه ڇڏي اٿن ڀيڻ نه ماءُ. ڇورن کي اسڪول ۾ ويهاريم ته ماستر کي ڇتو ڪري ڇڏيائون، هو هٿ ٻڏي جان ڇڏائي ويو. اڙي! تو به هڪ نه ٻه، سڄيون ساريون پنج آفتون ڄڻي وڌيون آهن.“
”گلڻ جا پيءُ تون پنج ٿو چوين مان پورا ست پٽ ڄڻيندي مانءِ مان اڃا تو وٽ نه آئي هيم جو پڦي زينل، الله جنت بخشيس، مرڻ گهڙيءَ تائين چوندي هيم ته ڀاڳل ڏس ته قدرت ڇا ٿي ڪري، اصل ست پٽيتي ٿينديءَ، ست پٽيتي. هينئر به آهي ڪا تنهنجي مائيٽياڻي جا هيترا پٽ ڄڻي ڏيکاري!.
رب ڏنو مٿي کي وٺي ويهي رهيو. هڪ مٿي وارو ڌڪ ستن پٽن جي ڌمڪي، اصل همراهه جهڪي پيو.
ڀلي رب ڏني ڇا به گهريو هجي پر رب پنهنجي ڏني مان کيس ست ئي پٽ ڏنا ۽ ائين پڦي زينل جنهن عمر ساري نماز ته ڇا پر شايد ڪو نيڪ ڪم ڪيو هوندو. اهڙي پهتل بي بي ٿي گذري، جنهن جي چوڻي رپئي مان ارڙهن آنا درست نڪتي.
ڀاڳل ست پٽ ڄڻي ائين ٿي سمجهيو ته سندس جهڙو ڀاڳوند ۽ ڀليرو ڌرتي تي ڪونهي. سندس گهر ٻه ڏيرياڻيون هيس. هڪ کي ته قدرت اولاد ڪو نه ڏنو ۽ ٻيءَ کي نياڻي هئي. ڀاڳل لاءِ ته ست پٽ ڀلان ڀلي جو ڇيهه ٿي ويو هو. سندس پير پٽ تي ڪو نه هو. جيتوڻيڪ ڇورن اوڙي پاڙي توڙي گهر ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو. ڪو گهر جو ڀاتي نه هو جنهن کي نرڙ يا بت تي ڪو نشانه ڇڏيو هئائون! رب ڏني کي ايتري همٿ نه هئي جو ڇورن کي چئي سگهي. جي چيائين ته جوڻس اصل رڻ ٿي ٻاري ڏنس. رب ڏنو ايڏو ته بيزار هو جو ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير سان گهر ايندو هو ۽ صبح جو سوير نڪري ويندو هو. پر جي ڇورن جي ويل کان بچي ويندو هو ته ڇورن جا ستايل، ڪم تي يا شام جو علو مواليءَ جي اوتاري تي اچي نڪرندا هيس. هيءُ يا ته اکيون ڳاڙهيون ڪري تڪيندو هون يا سلفي جا ٻه، ٽي وزم زور سان هڻي چوندو هون ”لڳي دم مٽي غم“.
نيٺ اوڙي پاڙي وارن ٻڌي ڪري سڄي ٽولي کي هڪ هڪ ڪري ڏاڍي مار ڪڍي، ڀاڳل جي لاءِ ته ويل هو اصل رجهي پئي. هن به رڻ ٻاري ڏنو، نه ڇڏيائين ڪو گهر جنهن ۾ وڃي گارين جا دس نه چاڙهي آئي هجي. ڳالهه نه بيٺي ڇورن ٻيڻو ويل ٻاري ڏنو. نيٺ ڳالهه پوليس تائين وئي ۽ پوليس هڙني ڇورن کي ٻڌي ويئي، الله ڀلو ڪري رب ڏني جو ڀاءُ سليمان جو، جيڪو اڳي ته رب ڏني سان گڏ ڪمائيندو هو پر ڪنهن جج صاحب جي مهربانيءَ سان هاڻ بيلف وڃي ٿيو هو. تنهن وڃي هڻي هنڌ ڪيو ۽ ڇورن کي ڇڏائي آيو. تيستائين ته ڀاڳل ڇڙيل ڇتن سان ڇتي ٿيو پئي آڳر ۾ گهمي ۽ اوڙي پاڙي کي گارين جو ڌوڙيو لايو ويٺي هئي. سليمان جيئن ستن جي ولر سان اندر گهڙيو تيئن هوءَ هڪ هڪ کي چنبڙي وئي مٺين جو وسڪارو لائي ڏنائين. پر ڀلا ڇورا شيطان جا چيلا سو اهڙي پيار مان ڇا ڄاڻن. وڃي پنهنجي بدمعاشي ۽ حرڪت بازي جي ڪرت کي لڳا. سليمان ٿڪل ٿڪل رنڌڻي ۾ منجي ريڙهي وڃي زال جي ڀر ۾ ويٺو کائنس ننڍڙي عائشه کي وٺي مٺيون ڏيڻ لڳو. کيس انهيءَ مهل نياڻي تي ڏاڍو پيار آيو. هونئن به کيس ۽ جوڻس کي يقين هو ته عائشه سندن لاءِ ڀاڳوان ثابت ٿي آهي. ڇو جو جيئن ئي عائشه ڄائي کيس بيلفي ملي هئي جنهن ۾ هو باقي ٻن ڀائرن کان وڌيڪ ڪمائيندو هيو. سليمان ننڍڙي عائشه سان ڳالهيون ڪندي بي اختيار چئي ويٺو. الله ڪنهن کي اهڙو نالائق نامراد اولاد نه ڏئي.“
ڀاڳل اصل ڪا رڌڻي جي ٻاهران هئي. ابا بس پوءِ وٺ ڪارا ڪٻري کي.
”ها، ها اصل نامراد آهي ائين نه! ڇڏائي آيو آهين تنهن ڪري ٿو پٽين يا پٽيلو اولاد ڪونهي، تنهن ڪري ٿو سڙين. مان به چوندس ته:”الله به ڪنهن کي پٽيلي اولاد کان محروم نه ڪري. اونهن، جوڻهين ڄڻي به نياڻي ڏني اٿئي نه ٻيو ڇا.“
سليمان هونئن به وڏي ڀاڄائي کي ڏاڍي عزت ڏيندو هو. چپ چاپ عائشه کي مٺي ڏئي تکو ٻاهر نڪري ويو. در وٽ ئي ڀلو ڪاسائي مليس ڏاڍو گهٻرايل هو.
”سليمان ڀاڻين رب ڏني جي حالت ڏاڍي خراب ٿي ويئي اٿئي. سڀ موالي ڀڄي ويا آهن. مان به ويو هوس پنهنجي ڇوري کي ڳولڻ، هنئر ئي موالڪي ڌنڌي تي هريو آهي، سو ڏٺم ته هو گش لڳو پيو هو. ڀانيان ٿو..........“
سليمان وڌيڪ نه ٻڌو وٺي ڀڳو. پر ڀلو ڪاسائي جيڪي ڀانيو سو سچ نڪتو ۽ رب ڏنو وڃي پنهنجي رب کي پرتو هو. ڀاڳل تي ڄڻ جيل ڪري پيو. روئندي روئندي جڏهن بي حال ٿيندي هئي ته ڪو چوندو هيس. ”اڙي امان رب جي شئي هئي وڃي رب کي پرتي هاڻي تون پنهنجي ٻچن جو خيال ڪر. الله بخشي بچائي ڏئي، ست پٽيتي آهين.“
سندس روئڻ بند ٿي ويندو هو. ائين ڪو ٻيو چوندو هيس، ”امان! رڳو پنهنجي روزگار سان لڳن ته تنهنجا سڀ ڏک دور ٿي ويندا شال ڌڻي سڀ کي پٽيتو ڪري ستن پٽن هوندي به تون ٿي غمگين ٿين؟“ پاڻ سندس ڪر مٿي ٿي ويندو هو. بي اختيار سندس نگاهه ميرن گدلن پٽن ڏي کڄي ويندي هئي، جيڪي اڱڻ ۾ پيا ليٿڙيون پائيندا هئا پر کيس ڌوتل پوتل فرشتن مثل نظر ايندا هئا. پر چوندا آهن ته شيطان فرشتو هو پر پوءِ جڏهن شيطان ٿيو ته سڀني کائنس ئي پناهه گهري سو هنن شيطانن کان سڀ پناهه گهرندا هئا. جيتوڻيڪ سليمان ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ڏيندو ڪندو هئن پر ڇورا هئا کريل تن نه رڳو پيءُ پڻايو پر ماءُ لاءِ به هڪ وڏو عذاب هيا. جيئن جيئن وڏا ٿيندا ويا تيئن تيئن جوا، داداگيري ۽ ڳنڍ ڪپڻ سندن معمول ٿيندا ويا. سليمان کي خبر هئي پر هو اصل هنن سان مٿو ماري نه ڪندو هيو. پري پري هجڻ ڪري ڇورا هن کان ڪن به هڻندا هيا ۽ سندس ويجهو نه ويندا هئا. ٻه ٽي ڄڻا ماءُ کي ڪڏهن بدمعاش گيري جو پيسو ڏيندا هئا ته ٻه ڄڻا ماءُ کان اهو ته ٺهيو پر ٻيو به ڦريو ويندا هئا پر سندن ماءُ وڏا ڏيل ڏسيو، ڇنڊيل ڦوڪيل شڪلين کي ڏسيو پئي ٺرندي هئي. وڏي ڇوري علوءَ کي تڪي چوندي هئي: ”ملوڪ آهي ملوڪ مان جهڙي تهڙي ته نه کنئي نه!“
سندس اشارو گهڻو ڪري عائشه ڏي هوندو هيو. عائشه شڪل جي ايڏي سهڻي ته نه هئي پر هڪڙي ڪشش سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اٿي ويٺي ۾ اهڙي هئي جو جيڪو ساڻس ڳالهائيندو هو ته دل هرکندي هئي ته اڃا جيڪر ساڻس ڳالهائي. ڪڻڪ رنگو گول ڀريل منهن، سنهڙا چپڙا، چمڪندڙ جڙيل ڏند، مرڪندي ته ڄڻ سمجهبو ته سپ جو منهن کليو آهي.
وڏي ڳالهه ته عائشا هٿن جي به سڄي هئي. سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ، ماني پچائڻ گهڻو تڻو عائشه ڪندي هئي. ان سان گڏ ڀرت ٽوپي ۾ به ڀڙ هئي. پر اهي سڀ ڳالهيون ڀاڳل لاءِ ڪا به حيثيت نه رکنديون هيون. هوءَ پنهنجي پٽن جي عشق ۾ غلطان هئي ۽ ستن پٽن ڄڻڻ تي ايترو ته نازان هئي جو ڪڏهن ڪا گهرجائو مائي يا فقيرياڻي در تي اچيو سين هڻندي هئي: ”او ست پٽيتي الله ڀلو ڪندءِ. الله انهن ۾ به گنج وجهندءِ“ ته هوءَ ٽانءِ ۾ ڀرجي ويندي هئي. ڏاڍي لوڏ سان اٿي کين خيرات ڏيندي هئي. سندس هلڻ ۾ اهو فخر هوندو هو جو گهر جو هر فرد محسوس ڪندو هيو پر چپ رهندو هو.
سندس فخر ته انهي ڏينهن ئي ٽٽي پيو هو جنهن ڏينهن سندس ٻئي نمبر نينگر کيس پيسن تان اچي ڪٽيو هو. گار گند ته عادت هين پر انهي ڏينهن اهو حجاب ٽٽي پين، ڇوري اصل هڻي مائي ڀاڳي جا هڏ گڏ ڀڃي رکيا. سڄي رات ڪنجهندي رهي. عائشا لپري ٺاهي ٽڪور ڪيس تڏهن وڃي آرام آيس. صبح جو وي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، اها ئي گهور پئي وڃين. پر هيڏانهن به بند ڀڳو هو سو ٻئي ٽئين ڏينهن ڀاڳل پئي ڪٽبي هئي. ڪڏهن پنڙن ڦرڻ تان، ڪڏهن چوڙين ڦرڻ تان، ڪڏهن ڏوڪڙن تان، بس ٻئي ٽئي ڏينهن ڦهڪو پيو پوندو هيو. پر ڪڏهن سندس هٿ اولاد تي نه وريو ۽ ائين ڪٽبي هئي ۽ عائشه جنهن ڏينهن رات سندس خدمت پئي ڪئي مورڳون ڪنهن ڇوري پڇيس به نه. ڀاڳل ڪنجهندي ڪڏهن ڪڏهن ايترو پڇندي هئي، ”امان ڇورا آيا؟“ ”ها چاچي ٽي ته آيا آهن.“
يا پڇنديس ”امان ماني ڳٿئون“
”ها چاچي ڏني اٿمان!“
بيماري کيس اصل پهچائي ڇڏيو هيو پر انهيءَ حالت ۾ به هوءَ ڪي ڪلاڪ سوچيندي رهند هئي. ڇت جي پٽين ڏي نهاري ٿڌا ساهه ڀريندي هئي يا عائشا ڏي نهاري سندس مٿي تي پاٻوهه ڀريو هٿڙو گهمائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هيس. زبان سان ڪڏهن ڪو نه چيائين پر عائشا سندس اکين ۾ ڏک جو اهو انبوهه ۽ ميڙاڪو متل ڏسندي هئي جو انهي کي اڱريون وجهي سيرون ڪڍندي هئي. عائشا سندس ڏک ڄاتو ٿي. عائشا جو پيءُ ماءٌ ڀاڳل کي پڇڻ ايندا هيا ته هوءَ منهن کڻي لڪائيندي هئي. اوڙو پاڙو پڇڻ ايندو هيو ته سندس نظرون تڪڙو تڪڙو ڪجهه ڳولينديون هيون. عائشا ڄاتو ٿي ته هوءَ فرشتن کي ڳولي ٿي، پنهجن ٻچن لاءِ اوجهائي ٿي، ڀر واري ڪمري ۾ گوڙ ڪندا هيا ته سندس ڪن کڙا ٿي ويندا هيا، پر هو ڪڏهن لڙي ڏانهس سندس ڪمري ۾ نه آيا. وٽس هاڻي رهيو به ڇا هو ڪڏهن ڀاڳل سوچيندي هئي. ”اهي ٽريا ڀلا آهن!“ پر ماءُ جي دل! سندس دل اهو ضرور گهرندي هئي ته مرڻ کان اڳ کين ڏسان ضرور ۽ ڪا مٺي ڏيان. وري سندس دل چوندي هئي ته اهڙن نالائقن کان بس ڀلي.
اها رات به عجيب هئي جڏهن عائشا کيس کير پياري زور به ڏنا ۽ گهڏندي سندس پاسي کان آهلي پئي. هوءَ سندس مٿي تي پيار سان هٿ گهمائي رهي هئي. ائين چرڙاٽ سان آهستي در کليو، هن جو هٿ بيهي ويو. هن سڃاتو ته سندس وڏو پٽ علو هو. سندس دل ٺڪاءُ ڇڏڻ لڳي. کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته پاڻ ڀليل هئي. نيٺ ته وڏو پٽ آهي، کيس ڏسڻ آيو آهي. شايد بخشرائڻ آيو آهي. ائين علو اچي سندس پاسي ۾ بيٺو منجهائنس شراب جي سخت ڌپ اچي رهي هئي. چپ ڪيو پئي هئي. ڪا گهڙي خاموشي رهي ۽ جيئن ئي هن جي هٿ کي ڇڪ آئي هن اکيون کڻي کوليون. هن لالٽين جي جهيڻي روشني تي ڏٺو ته سندس علو جا هٿ عائشا کي تڪي توري رهيا هيا ۽ ائين عائشا جاڳي ڪنڌ مٿي کنيو، هو دانهن ڪرڻ واري هئي يڪدم علوءَ سندس وات تي هٿ رکي کيس سٽ ڏني ۽ ٻيءَ گهڙيءَ عائشا سندس ڪنڌ تي هئي. ”گهڻا ڏانهن مون کان ٿي ڀڳين ۽ اچيو هتي لڪين پر نيٺ اڄ هٿ ڪيو اٿمانءِ هاڻ نه ڇڏيندوسانءِ. وڏي هلي آهي پاڪباز!“
هو جيئن ئي اڳتي هليو ته سندس قدم ٿڙيا پر هو ڪمري جي چائنٺ ٽپي نه سگهيو. ڀاڳل جي هٿن ۾ ڏاڍي طاقت هئي، هوءَ ٽانڊن کڻڻ واري چمٽي سان سندس مٿي کي ائين ڪٽي رهي هئي ڄڻ ڪپڙا ٿي وڍيائين. سندس تڪڙن ڌڪن ڪري علو ڪنڌ ورائي نه سگهيو ۽ عائشا کي ڦٽو ڪري. جيئن ئي ڪنڌ ورايائين تيئن منهن وارا ٻيا ڌڪ وهائي ڪڍيائينس. رت هو جو ٺينڍيون ڪيو پي وهيو ۽ علو اتي ئي جهڪي ويهي رهيو. ڀاڳل ايستائين بس نه ڪئي، جيستائين عائشا ٽپ ڏئي اچي کيس نه جهليو. عائشا کيس گهلي اچي ليٽايو، هوءَ عائشا جي ڀاڪر ۾ روئي رهي هئي. ”اڙي رب ڪندو ته ڇورا.....“
عائشا سندس وات تي هٿ ڏيئي کيس جهلڻ واري هئي ته اولاد کي نه پٽي پر سندس هٿ اتي بيهي ويو. ڀاڳل جو وات اتي ئي بند ٿي ويو هو. هميشه لاءِ. عائشه هنج ۾ منهن وجهي روئڻ لڳي.
*