ڀُري پيو ڀنڀور ..!
شاني پاڻ کي گهڻو اڳوڻن خيالن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر الائجي ڇو کيس محسوس ٿيو ته اهو سڀ بيسود آهي. آخر ماضي کي ياد ڪري به ڪيترو ڪبو. هن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ سمجهائين ته خيال سڀ هٽي ويندا. پر سورن سٿيل خيال ائين ڪٿي ٿا ڇڏين. چاڪ چڪي اٿيا، ناسور رسڻ لڳا ۽ هن جي بي نور اکين مان بي اختيار پاڻي وهڻ لڳو. اڳيان سڀ خيال موٽي آيا جن مان هن جند ڇڏائڻ ٿي چاهي.
هن جي بي نور اکين جي آڏو ڪنهن جي تصوير تري آئي. موڪرو منهن وڏيون اکيون. چپن تي هلڪي مرڪ، هوءَ ان جي موهه ۾ موهجي وئي. الائجي ڇو اچانڪ کيس محسوس ٿيو ته اها تصوير چرپر ڪرڻ لڳي آهي. هر اها تصوير جبلن ۽ ٽڪرن جي ننڍين چوٽين تي آهي، ڪنهن مهل ڪنهن سرسبز ترائي ۾ آهي، ڪنهن مهل گهر جي آڳر ۾ آهي. پر هر ڪنهن هنڌ ساڻس ڪير آهي ئي آهي. شانيءَ انهيءَ کي سڃاتو...... هو پاڻ ئي هئي. جواني جي رتل حسن ۾ ورتل هڪ وڻندڙ ٽڙندڙ جسم، شاني پاڻ کي حسين سان ڏسي، خوش ٿيندي ٿيندي غمگين ٿي وئي. هوءَ واپس پنهنجي ماحول ڏانهن موٽي آئي. پنهنجي موجوده حالت کي ياد ڪندي، هوءِ روئي ويٺي، روئندي روئندي کيس حسين جون مٺيون ڳالهيون ياد پيون، وري هوءَ پنهنجي انڌي دنيا ۾ گم ٿي وئي.
شانيءَ کي اهو وقت ياد آيو جڏهن حسين سندس هو ۽ هوءَ حسين جي هئي. ڇا ننڍپڻ ڇا جواني، هنن هميشه گڏ گهاري ڄاتو هو. شاني، سرسبز ماٿري جي هڪ نينگر هئي. حسين انهي ئي واديءَ ۾ ڦهليل ڪوئلي جي کاڻ جو مزور هو. کاڻ جي ڪاراڻ جي حسين تي ڪو به اثر ڪو نه هو. هنجي صاف شفاف دل تي هميشه شانيءَ جو عڪس چٽيل هو.
شاني کي اچانڪ اهو وقت ياد پيو جڏهن هن کي پنهنجو گهر ٺاهي گهڻا ڏينهن به ڪو نه ٿيا هئا. ڀلا ٻن ورهين جون راتيون به ڪي راتيون ٿينديون آهن. ان وقت اڃا شادي جي خوشي، خوشي ئي هئي. شانيءَ جو پيار، اڃان پيار ئي هو. حسين جي جذبات جي اڀام اڃان اڀامندڙ هئي. مطلب ته چوطرف رنگ هئا. بهار هو ڇا ڪجهه نه هو. اچانڪ هڪ ڌڪ سان هڪ ڌڌڪاءُ جي آواز ۾ اهي سڀ ڳالهيون گم ٿي ويون. نه رڳو شاني جي دنيا ۾ ويراني ڇائنجي وئي پر انهي سان گڏ سندس دنيا انڌي پڻ ٿي پئي.
کيس چڱي پر ياد هو ته انهيءَ ڏينهن هوءَ حسين سان گڏ هڪ ٽڪري تي ويٺي هئي، هن حسين لاءِ ماني آندي هئي. هو خوش خوش ٿيو ماني کائي رهيو هو. پهاڙي علائقي جي وڻندڙ منجهند ۾ چوگرد پسگردائي ۾ ساوڪ دل کي فرحت پي ڏني. شاني البيلي ٿيو، هيڏي هوڏي ٺينگ ٽپا پي ڏنا. جيئن هوءَ جسم کي لچڪائيندي ڦٿڪائيندي، گهمي پئي، تئين سندس نظر ٿورو هيٺ ڀرو ترائي ۾ هڪ منظر تي پئي. هوءَ هٽڪي بيهي رهي. کيس الائجي ڇو اهو نظارو ڏسي لڱن ۾ سياٽ پوڻ لڳا. هوءَ انهيءَ ڳالهه کي چڱي پر سمجهي ٿي سگهي پر ته به هن جي دل کي الائجي ڇا ٿيڻ لڳو. هيٺ ڪتن جوهڪ وڏو ميڙ هو. ڪتن جي ميڙ جي وچ ۾ هڪ ڪاري رنگ جي ڪتي ماٺ ڪيو بيٺي هئي. چوڌاري ڪتن جي ميڙ کيس هراسي ڇڏيو هو. رکي رکي ميڙ مان تکا آواز ٿي آيا، نه ته هو سڀ تيز ۽ تکين نظرن سان ڪتيءَ کي تڪي رهيا هئا. انهي سان گڏ هو گهيري کي تنگ پڻ ڪندا ٿي ويا. شانيءَ کي ائين پي لڳو. ڄڻ ته ڪتيءَ جون سهميل نظرون چوگرد ڦريون پئي ۽ فرار جي راهه ٿي ڳوليائون پر چوڌاري ڪافي وڏو ميڙ هو، جن جي تکن سهڪن ۽ ڪوڪراٽن نه رڳو ڪتيءَ کي وڌيڪ هيسائي ڇڏيو هو ۽ هوءَ هڪ هنڌ خاموش بيٺي هئي. تيستائين هوءَ انهيءَ ۾ گم هئي، جسين حسين پاڻ اچي سندس ڪلهي تي هٿ نه رکيو.
”ڇاٿي ڏسين شاني“ڪا مهل لاڪر اتي بيٺي آهين.“
”تون!........ تو ماني کائي بس به ڪئي......؟“
”ها سويل....... توکي پي تڪيم، ڏٺم ٿي ته نيٺ ايندين پر تون، اتي بيهي وئين......... مان به ته ڏسان ته آهي ڇا.....؟
شاني شڪجي وئي ۽ يڪدم حسين کي ڇڪي پري وٺي وئي جيئن هو ڪجهه به نه ڏسي. الائجي ڇو اهو نظارو شاني جي دل تي اهڙو ته چٽجي ويو جو حسين جي ياد ايندي ئي اهو نظارو پڻ سندس اکين آڏو ڦري ويندو هو.
شاني حسين کي اڃا پري ڇڪي وئي ئي ڪا نه ته پريان هيٺ ترائي مان حسين کي ڪير سڏڻ لڳو.
”ڏس ته سهي الائجي ڪير سڏي پيو، ڀانيان ٿي ڪم جو وقت ٿي ويو آهي.“
”ها، وقت ته ٿي ويو آهي، شايد هن ٽڪري واري کاڻ کي ٿا بارود ڏين“
”تون به هل کڻي شايد هننن بارود وڇائي نه ڇڏيو آهي. هلو ڀلا هلو، لهو......... مان به هلان ٿي......... چڱو........... گهر سويل اچجان متان ڪچهرين ۾ ويهي رهين..“
”ها، ها، تون ڀلي هل...“
شاني حسين جو آواز ڪجهه پرڀرو ٻڌو، پاڻ تکي تکي ٽڪري جي ڇيڙي تي پهتي ۽ ٺهيل پيچري تان لهي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳي. هوءَ اڃان پيچري تي پهتي ئي مس ته کيس هڪ ڌڌڪاءُ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ کائنس هڪ دانهن نڪري وئي.
”منهنجو حسين.....!“
هن ٽڪري پيرن هيٺان کسڪندي محسوس ڪئي، پر پوءِ جيئن تيئن گهلجندي. سلهجندي، ڌڪا کائيندي انهي پيچري تائين پهتي. جنهن تان حسين لهي هيٺ ويو هو. هيٺ اوندهه انڌڪار هو. هوءَ انهيءَ انڌڪار ۾ ٽپ ڏئي لهي پئي. کيس خبر ڪا نه ٿي پئي. هوءَ ٿيڙ کائيندي اڳتي وڌي، اچانڪ سندس پير ڪنهن نرم شيءَ تي پيو. هوءَ يڪدم هيٺ جهڪي، هڪ انساني هٿ هو. هن کان دانهن نڪري ويئي. سندس پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. هن لٿڙندي اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو.......... شاني کي اهو سڀ ڪجهه چٽي طرح ياد هو. کيس اهو سڀ ڪجهه ياد هو ته انهيءَ ڏينهن کان سندس دنيا ويران هئي.
اڄوڪي رات به انهن راتين مان هڪ هئي، جيڪي هن ڦٿڪي گذاريون هيون. روئي گذاريون هيون. جاڳي گذاريون هيون. اکين کي ڇنڀيندي خال ۾ ڪجهه ڳوليندي گذاريون هيون، پر هن دانهن کان سواءِ ڪنهن جي ياد ۾ پاڻ وڃائي گذاري ڇڏيون. هاڻ ته پاڙي اوڙي واريا ٻيا مزور جيڪي کيس ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيندا هئا تن به وساري ڇڏيو هو. اڄ شام لاڪر کيس ماني به ڏيڻ ڪير ڪو نه آيو کيس بک ته ڪانه هئي پر ته به الائجي ڇو هير هئڻ ڪري کيس ننڊ نه ٿي آئي. پاسا اٿلائيندي پٿلائيندي هن کي گهٽ محسوس ٿي. لاچار اٿي ويهي رهي. نيٺ آرام نه آيس. لٺ ٽيڪيندي ٺڙڪا ڪندي، آڳر ۾ نڪري آئي. اتي ڪجهه بيهڻ کانپوءِ خيال آيس ته ڇو نه وک پنڌ تي، مائي زينا جو گهر آهي. اتان ٽڪر وٺي اچان. نيٺ سندس قدم وڌيا ۽ هوءَ در کولي صفا ٻاهر رستي تي آئي ۽ پنهنجي اندازي تي وکون وڌائڻ لڳي. ”ڀانيان ٿي ته دير ته ڪافي ٿي آهي، الائجي، در کولين الائي نه، سمهي نه پيا هجن.“اهي وسوسا پچائيندي وڌايائين. ”ڀانيان ٿي گهر اچي ويو، ڳالهائڻ جو آواز پيو اچي.“
شانيءَ جيئن خوش خوش ٿي قدم تکا پي کنيا تيئن محسوس ڪندي وئي ته منزل ته اڃا دور آهي. آواز ساڻس هلندا رهيا. هلڪا، سس پس جهڙا آواز، چند، مردن جو ڳالهائڻ، هوءَ ڪجهه دير بيهي رهي کيس ڪجهه ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو. آواز هٽڪي بلڪل سندس قريب اچي چڪا هئا. بوٽن ۽ پٿرن ملي ڏاڍو کڙڪو ٿي ڪيو. سندن سس پس، شاني کي ڏڪائي وڌو. اچانڪ ويجهو ئي ڪٿان شاني کي چند ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. شاني سڄي ڇرڪجي وئي. سندس بي نور اکين آڏو هڪ نظارو ڦرڻ لڳو. ڪتن جو هڪ ميڙ، تن ۾ هڪ سهميل ڪتي، هينئر هوءَ سڄي هراسجي وئي. جڏهن سندس چوڌاري گڏ ٿيل ميڙ مان کلڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ جا آواز اچڻ لڳا.“ انڌي آ ته ڇا ٿيو ٺاهوڪي آهي....“ سندس بت ست ڇڏڻ لڳو. دماغ ڦرڻ لڳو، سڄو جسم نستو محسوس ڪيائين. هن چوڌاري اوندهه ۾ اکين جي چڌن کي ڦيرايو، هن جون اکيون ٻوٽجڻ لڳيون. کيس ائين لڳو ته واقعي هوءَ ڪتي آهي، چوڌاري ڪتن جو هڪ ميڙ آهي. اچانڪ ڪنهن سندس هٿ سوگهو جهليو. هن کي يڪدم ڪجهه ياد آيو ۽ هن هڪ وڏو ساهه کڻي رڙ ڪرڻ چاهي، پر ڄڀ تارون سان لڳل محسوس ڪيائين. سڪل ڄڀ کي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اچانڪ ٻئي هٿ سندس وات بند ڪري ڇڏيو، هن ڦٿڪڻ چاهيو، نستي بدن ٿورو سندس ساٿ ڏنو، پر سوگهن مضبوط هٿن ۾ بي بس ٿي ويتر نستو ۽ بي ساهو ٿي وئي ۽ پوءِ جي کيس خبر نه رهي ته ڇاٿيو.
سندس بي حسي ۽ بيوسي جي انتها اها هئي جو هن ڪجهه به محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هن پنهنجي جسم سان گڏ دماغ کي ۽ دل کي پڻ ڪجهه به محسوس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هو هڪ بي جان بت هو ايستائين جيستائين سندس پٺي ۾ نوڪيليون پٿريون لڳيون. هن پاڻ کي هيٺ پٿرين تي ڪپڙن کان بي نياز ولهه ۾ پيل محسوس ڪيو. هن جي بي حسي دور ٿيندي ٿي وئي. هن هاڻي ڪجهه نه ڪجهه محسوس پي ڪيو. ٿڏ، نوڪيليون پٿريون، اوگهڙ ۽ انهي سان گڏ ڦر ۽ لٽ جو احساس، اهي سڀ ڳالهيون سندس ذهن تي چٽبيون ٿي ويون. احساس وڌيو ٿي ويو. هوءَ ڦٿڪڻ لڳي، نيٺ دک درد جي پيڙا وچان کانئس دانهن نڪري ويئي ۽ پوءِ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. هن جو روئڻ تيز ٿيندو ٿي ويو. هن شايد سمجهيو ٿي ته دک درد جو احساس ائين گهٽجي ويندو. پر هن محسوس ڪيو ته هن کي سڀڪجهه محسوس ٿي رهيو آهي. سڀ ڪجهه، جيڪي ڪجهه هن سان ٿيو آهي. سڀ ڪجهه هوءَ محسوس ڪري رهي آهي، هن انهي احساس کان جند ڇڏائڻ لاءِ گهڻو ئي ڪنڌ کي ڌوڻيو، ٽنگن کي سٽيو، ڀت کي اٿلايو، پٿلايو، نيٺ هڪ ڏاڍي دانهن ڪئي. جنهن دانهن سان گڏ هوءَ ساڻي ٿي اتي پئجي وئي.
کيس اچانڪ ائين لڳو ته ڪي ماڻهو اچي رهيا آهن، سندن ڳالهائڻ ويجهو پوندو پي ويو. پٿرن تي هلڻ جي کڙ کڙ صرف ٻڌڻ ۾ پي آئي. آواز شايد هن غار منجهان ٿي آيو....” اچو، تکا اچو............“ هوءَ صفا ڏڪي وئي. الائي ڇو يڪدم سندس ذهن ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ اتي ساڻو ٿي ويو. هوءَ اتي ساڻي ٿيو پئجي رهي. هن چاهيو ته جلدي اٿي ڪپڙا پائي پر سندس لڱ ٿڌ ۾ ساڻآ ٿي چڪا هئا. بدن چرپر کان معذور هو، اچانڪ ڪنهن رڙ ڪئي. ” اجهو هتي آهي........ پر بيهو..... توهان سڀ ٻاهر بيهو.......... ڪجهه ترسو“ هن جي ٿڌي جسم آخري لوڏو کاڌو ۽ وڌيڪ ساڻو ٿي ويو. اچانڪ هن ڪجهه محسوس ڪيو. ڪنهن جي بوٽن جو آواز هو ۽ پوءِ بوٽن جا آواز وٽس اچي رڪجي ويا. ڪنهن هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ مٿس ڪو اوڇڻ وڌو ۽ پوءِ اچانڪ هن پنهجي، بت ۾ ڪجهه گرمي محسوس ڪئي، سندس ٻانهن ڪنهن جي هٿ ۾ هئي. يڪدم هن کي ڪجهه محسوس ٿيڻ لڳو. هوءَ سڄي ڇرڪجي وئي ۽ ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهي، بي اختيار هن هڪ رڙ ڪئي، ”وري نه وري نه! ........ نه.........! نه......! نه.......!!!“
هوءَ رڙيون ڪندي رهي ۽ روئندي پڻ رهي. هن پوءِ زمين تي کڻي منهن رکيو ۽ اتي لڙڪ هاريندي رهي ۽ پوءِ آهستي آهستي هن جا سڏڪا ڍرا ٿيندا ويا، هن شايد محسوس ڪيو هو ته هاڻ ڀنڀور ڀري پيو آهي.
*