جهيڻي
منهنجي پگهريل، سرخ ڪنن واري منهن تي ڪي ٿڌا، ڪي روشني وارا مختلف پاڇا پي پيا، مان ريحانه جي هر انهيءَ جذبي سان نفرت ڪري رهيو هوس. ريحانه جنهن سان زندگيءَ ۾ شايد مون ئي پيار ڪيو. ريحانه منهنجو پهريون پيار هئي. مان سندس پهريون پيار هوس. مان، جنهن سندس هر بيرخي کي ادا سمجهي زندگيءَ جون ڪيئي بهارون، ڪيئي گرميون ۽ ڪيئي سرديون لتاڙيندو هليو ويو هوس. اڄ – اڄ – منهنجون اکيون رت ڇڏڻ لڳيون. هوءَ مان ڪجهه سوچي نه ٿي سگهيس. مون سوچڻ چاهيو ۽ سوچ ۾ ريحانه مون کي ڏوهدار لڳي. بدصورت ڀيانڪ لڳي. سندس من موهيندڙ منهن ڪاراٽجي ويو هو. مونکي سندس هر وڻندڙ چرپر. اڻ سهائيندڙ پئي لڳي. مون آهستگيءَ سان ڪجهه ڏسڻ چاهيو. سامهون ڦهليل ڏامر جو رستو. ان رستي تي ڪٿي تارن وانگر ڦهليل چمڪندڙ پٿريون. مون ان آسمان تي ريحانه ڏٺي ۽ موٽر ٻه لوڏا کاڌا، آهستي ٿي، وري وڌي، رڪجي وري وک کنيائين ۽ پوءِ ائين سرد ٿي وئي ڄڻ سندس هن رستي سان ڪا سڃاڻپ نه هئي. مون سيلف هنيو ۽ هڻندي هڻندي نگاهه بورڊ تي پيئي. پيٽرول جي ٽانڪي وارو ڪانٽو ستل هو. کيس ستل ڏسي منهنجي ساهي کنيل ذهن ۾ ڪاوڙ، چڙ. تيزي الائجي ڇا جا طوفان اٿيا ۽ مون اسٽيرنگ تي مڪ هنئي. آواز ٿيو، ڌڪ لڳو، مان وڃـي ٻئي من ٿيس ۽ افسوس ۽ پڇتاءَ جي جذبن جو پاسو ورتم. چپڙي ڪري در کولي لهي بيٺس. چوڌاري اونداهي جو راڄ هو. مان شهر کان تمام گهڻو پري ڪنهن اهڙي هنڌ هوس، جتي مون اڪيلي کي رات گذارڻي هئي.
ان مهل مون کي پاڻ تي رحم آيو. مان ويڳاڻن وانگر اوندهه ۾ نظرن جو ڄار اڇلايو، مون پري کان نظر ايندڙ ڳاڙهي بتي کي جهٽي ورتو. اها ڪا معمولي اسٽيشن هئي. مون گاڏي لاڪ ڪيئي ۽ وک وڌايم، پر اچانڪ منهنجي اکين ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا پهتا مون سجاڳيءَ سان ان طرف نهاريو، ٽرڪ کڙ کڙ ڪندي هلي وئي، نه بيٺي ۽ پوءِ ٻه ٽرڪون ٻيون آوازن جا انبار اڇلائينديون مون کي ڪجهه نه سمجهي، وڌي ويون.
مان ڪا گهڙي موٽر وٽ بيهي، پوءِ اسٽيسن ڏانهن رخ ڪيم، پر منهنجي بوٽن جي آواز سان گڏ ڪي آواز اچڻ لڳا. ڳالهائڻ جو آواز اوندهه انڌڪار کي چيريندو منهنجي من ۾ روشني ڦهلائيندو ويو. مان هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ اوندهه ۾ ڀريل اونداهه جا ٻه مجسما اوري آيا. هڪ سڌو سنواٽو ڀيل مڙه هو ۽ ٻي ننڍي قد جي ڀيلياڻي هئي، جنهن جي هنج تي هڪ ٻار هو. مون هنن ڏانهن نهاريو ۽ هنن مون ڏانهن. ڪا گهڙي هو مونکي ڏسندا رهيا ۽ مان ڪجهه جاچيندو رهيس. پوءِ يڪدم موٽر ڏي وڌيس، هو وڌندا آيا.
”سائين موٽر خراب ٿي آهيس“
”هون“.
مون وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائي گاڏي جي ڊڪي کولي پيٽرول جو دٻو ڪڍيو ۽ ڪار جي اندرين روشنيءَ تي پرس مان ڏهين ڏهين جا نوٽ ڪڍيم. هو ڏاڍي تيز نظرن سان ٻٽونءَ ۾ پيل نوٽن جي ٿهي کي ڏسي رهيو هو. سندس اکين ۾ هلڪي چمڪ ڏسي منهنجي جسم ۾ ٿڌي لهر گهمي وئي. پر پوءِ پٺيان بيٺل زال ڏي ۽ ٻار ڏي نهاريم. ڪجهه ڏڍ آيم. پاڻ کي اڪيلو نه سمجهڻ لڳس.
”توهين ڪير آهيو“
”سائين اسين ڀيل آهيون، پورهيو، ڪيون ٿا، دادو کان آياسين ٿي، ٽڪس نه هو، بابوءَ هن ٽيشن تي لاهي ڇڏيو هاڻي اڳيان ڪنهن وستيءَ وڃون ٿا.“
”چڱو هاڻ ٻڌ، اندازي تي ڪجهه ميل پري پيٽرول پمپ آهي. تون هتان وڃ جي ڪا ٽرڪ ملي وڃي ته بهتر، نه ته پنڌ سٽ، خرچي گهڻي ملندوءِ پرواهه نه ڪر ۽ ها، مان توهان سڀني کي اڳين وستيءَ تائين پڻ پهچائيندس.“
مون ڏٺو ته پهريائين هن کي ڪا ڳالهه چڱي نه لڳي هئي، پر پوئين ڳالهه کيس کڙو ڪري وڌو هو ۽ هو سڌو ٿي بيٺو سندس هڪ هٿ ۾ دٻو ۽ پئسا هئا، هو رستي ڏي وڌيو ۽ موٽي آيو. سندس زال ٻار کي جهليو ڏانهس نهاري رهي هئي، هن آهستگيءَ سان ڪجهه ڀڻڪيو ۽ ٻار کي ٿڦڙي هنئي: مان چيجي وٺي اچان هو- هانه – هانه.“
هو اڳتي وڃي بيهي رهيو. سامهون هڪ ٽرڪ اچي رهي هئي. ٽرڪ واري سندس هٿ ۾ دٻو ڏسي کيس مستري سمجهيو ۽ ٽرڪ جهلي مون وڌي ٽرڪ واري کي ٻه روپيا ڏنا ۽ ٽرڪ واري ڏاڍيان چيو: ”پرواهه نه ڪري واجا، اڀي ۾ ٿو واپس ڪرانس.“
ٽرڪ جي کڙ کڙ تي ننڍڙو هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ۽ روئڻ لڳو ۽ ڏٺم ته سندس ماءُ اتي جو اتي ڇاتي ڪڍي سندس منهن ۾ ڏني. اوندهه جي راڄ ۾ مان ٻه پاڇا پاڻ ۾ گم ڏسي رهيو هوس. پيار، مک، ممتا، محبت، مون وڌي موٽر جو در کولو ۽ اسٽيرنگ تي ويهي رهيس. موٽر جي اندرين روشنيءَ ڪجه اوندهه کي چيريو ۽ ڏٺم ته اهو پاڇو پاڻ ۾ پاڻ سمائي رڙهي آيو. جهي روشني تي مون ڏانهنس دريءَ مان ڏٺو. ڪجهه عجيب ڪجهه وڻندڙ ڪجهه نواڻ ڪجهه مٺاڻ، مون ڪنڌ ڌوڻي اسٽيرنگ کي ڦيرايو. اهو ڦري وري هڪ هنڌ بيهي رهيو. مون موٽر جو در کوليو ۽ هوءَ چپ چاپ پٺئين سيٽ تي ويهي رهي. ڪنڌ ورائي نهاريم هن جهڪي روشني ۾ سندس جهڪو رنگ ڪجهه وڻيم. هوءَ ٻار ڏانهن، ڇاتي ڏانهن ۽ انهي سرور ۾ گم هئي. جنهن سان سندس ابدي ناتو هو. مون جهڪي روشني ۾ سندس چهرو پڙهيو. سندس جهڪي سانوري منهن تي جهڪيون ڏينڀوڙيون چمڪي رهيون هيون. مٽيءَ جي انيڪ تهن سندن وارن کي منجهائي ڄار ٺاهي ڇڏيو هو. سندس مرڪندڙ پيشاني، مرڪندڙ اکين، مرڪندڙ چپن ۽ مرڪندڙ جسم ۾ اونها گهاءَ سمايل هئا. مان ڪا گهڙي برف مثل ڄميو رهيس ۽ پوءَ ڄڀ کي آلو ڪيم. گرم ٻاڦ وارن اکرن سان چيم: ” تنهنجو نالو ڇا آهي.؟“
هن مون ڏي نهاريو ۽ مرڪي وراڻيائين: ”جهيڻي“
”جهيڻي بس“
”ها، جهيڻي بس“
هوءَ مرڪندي رهي ۽ مان پگهر ۾ ٻڏل ڪجهه سوچيندو رهيس. جهيڻي ڪيڏي نه وڻندڙ آهي. چلڪندڙ مک ۽ جسم واري سانوري جهڪي، سانوري جيهڻي، مون نهاريو ته نگاهه وڌيڪ تيزيءَ سان جهيِڻي ۾ پيهجي ويئي. جهيڻي شرمائي چمڪندڙ ڇاتي لڪائي ۽ ٻار کي ڪڏائڻ لڳي.
”هي موٽر ڏس، سائين جي موٽر، توکي موٽر کپي، سائين کي چئه ته اها موٽر توئي ڏي، تون وڏو سائين ٿيندين. ها ها“
هوءِ کڙڪندي کلندي رهي. سندس هر مرڪ، هر ادا مون ۾ پيهجي ويئي، مون ريحانه جو لباس لاهي ڦٽو ڪيو. ريحانه جنهن ڪنهن ڇوڪري سان پيار ڪيو هو. هن پيار ڪري پنهنجو خلوص وڃائي ڇڏيو هو. اسڪول ۾ پڙهندي جي سندس پيار ٿيو هو ته وڏي هوندي مون سان ڇو پيار جو ناٽڪ رچايائين.“ ”فريبي، ڍونگي“ مون جهيڻي ڏانهن ڏٺو ۽ مون کي خيال آيو ته مان جهيڻي کي حاصل ڪندس، جهيڻي منهنجي بڻبي، جيهڻي کي خيال آيو ته مان جهيڻي کي چوندس ته - ۽ مون جهيڻي جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو هوءَ نهاري کلڻ لڳي ۽ مون سندس هٿ چميو هن ويجهو اچي پيار مان چيو، ” سائين“
مان پيار ۾ ڀرجي ويس، ڏانهس نهاريم هن ٻار هنج ۾ ڏنو مٽي ۽ پگهر ۾ چيڙهالو ٻار ڏاڍو وڻيم. مان ٻارن جو عاشق، مون ٻار کي مٺيون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ريحانه سان نفرت ٿيڻ لڳم، جيڪا صرف ڪوڙي پيار جو ڄار اڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهي هئي.
مون جهيڻي ڏي ڏٺو، هوءَ مون ڏي پيار سان ڏسي رهي هئي. مون کي ڀروسو ٿيڻ لڳو. اچانڪ جيهڻي چيو. ”سائين، توکي هيءُ وڻي ٿو.“
”ها جهيڻي“
”ڀلا مان.“
”تون به جهيڻي“ هوءَ شرمائجي ويئي ۽ پوءِ ٽپ ڏئي سيٽ تي آڏو اچي ويٺي. بي اختيار ٻار وٺي هن کي مٺيون ڏيڻ لڳي. سندس جسم جو هڳاءَ مون کي جهورڻ لڳو.
”مٺو، سائين کي تون به وڻين ٿو. مان به وڻان ٿي. هاڻي اسان کي موٽر ۾ وٺي هلندو پري پري.“
هو ڳنڀير ٿي وئي، هن ٻار کي پٺينءَ سيٽ تي سمهاري مون ڏانهن نهاريو. سندس نگاهه ڪجهه عجيب ۽ وڻندڙ هئي. سندس نگاهه ۾ اها هلڪي مرڪ يا اڇاترو پيار نه هو. سندس نظر پيار ۾ ڀريل ۽ سوچ ۾ ٻڏل هئي. مون هٿ وڌائي سندس ڳل تي چمڪندڙ ڏينڀوڙي کي ڇهيو. هن هٿ وٺي چميو. مون سرور ۾ ٻڏل آواز ڪڍيو.“ جهيڻي واقعي تون مون سان هلندينءَ! تون منهنجي ٿي ويندينءَ!“
”هاسائين، جي تون بڻائيندين.“
هوءَ منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي پئجي رهي. سندس اکين کي پيار ڪيم، سندس اکين ۾ جهيڻا ديپ ٻري اٿيا. ڏينڀوڙين کي ڏنگيم ته زهر امرت ٿي پيو. سندس هر رخ من موهيندڙ ۽ سندس هر ادا، دل کسيندڙ هئي. مون وري ڀڻڪيو. ”جهيڻي! منهنجي جهيڻي!“
”مان تنهنجي ٿي وينديس سائين، مان ماڻڪ کي ڇڏي ڏينديس. تون مون کي کڻي هل سائين.“
منهنجي دماغ هر اسڪيم سوچي ورتي. مون ماڻڪ کان جند ڇڏائڻ جو ترڪيبون سوچي ورتيون. مون جهيڻي جي وارن جون چيڙهاليون چڳون سنواريندي، سڀ مسئلا سلجهائي ورتا. مون آهستي آهستي جهيڻي کي سيٽ تي ڇڏيو ۽ پٺتي نهاريو. سامهون افق تي روشني، نئون صبح هو، منهنجو نئون صبح، مون ڀٽڪيل جو پهريون سهارو، پهريون ڪرڻو، صبح ويجهو ايندو ويو ۽ روشني نزديڪ اچي وئي ان سان گڏ زندگي سان ڀرپور آواز ۽ زندگي منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺي. ماڻڪ پيٽرول وٺي آيو هو ۽ ٽرڪ مان لٿو. ماڻڪ جي وڏي ڪهاڻي کي ڇڏي. مان هرڪا ڪهاڻي جهيڻي ۾ ڳوليندو رهيس. پر جهيڻي اچانڪ ٽپ ڏيئي پنهنجي ٻار کي کنيو. ”مٺو، بابا اچي ويو، مٺو، بابا اچي ويو“ ۽ وڌي ماڻڪ وٽ وڃي بيٺي. مون ڏٺو ته ماڻڪ ڪجهه بي رخائي ڏيکاري ۽ منهنجي خوشامد ڪرڻ ۾ لڳو رهيو.
”بابو صاحب، پيٽرول آڻڻ چرچي جهڙو ڪم نه هو، پيٽرول پمپ پنج ميل پري هو. پمپ وارا پيٽرول نه پيا ڏين. پر ماڻڪ، جي آڏو.“
هو چوندو رهيو مان جهيڻي کي تڪيندو رهيس. جا وري مون وٽ اچي وئي هئي، هوءَ مرڪي رهي هئي. هوءَ مون سان لڳي بيهي رهي، پرمون محسوس ڪيو ته جهيڻي ڪجهه جهيڻي هئي. سندس هر ڪنهن ڳالهه ۾ هٽڪ هئي. مون پنهنجي شڪ تي مرڪي ڏنو. هڪ محبوبه ڪيئن پنهجي پريمي سان پنهنجي مڙس جي سامهون ملي سگهي ٿي. اچانڪ منهنجي اکين آڏو ريحانه اچي وئي. پر هوءَ ته شاديءَ کان اڳ پيار ڪري چڪي هئي. هن جو پيار ابتدائي پيار هو. جنهن هن کي سڀ ڪجهه بخشيو. مون ڪنڌ ڌوڻيو، هڪ غريب ڪوجهي ڪاري، پر معصوم منهنجي ڪري پنهنجو گهر ٻار ڇڏي رهي آهي. پنهنجي ٺهيل ٺڪيل زندگي کي ڇڏي رهي آهي. هوءَ ڪنهن جي زندگي بگاڙڻ وڃي رهي آهي. هوءَ ته منهنجي زندگي بڻائيندي. منهنجي گهر جي اڱڻ جو وڻندڙ رخ هوندي. ان رخ جا سوين رخ هوندا. مان موهت ٿيندو ويس ۽ مستيءَ ۾ جڏهن موٽر کي سٺ تي پهچايم تڏهن ڪنهن جو نازڪ هٿ پنهنجي هٿ تي محسوس ڪيم، ”سائين، آهستي“
جهيڻي جو آواز ڪيڏو نه وڻندڙ هو. مان سندس آواز ۾ تڙڳندو ترندو ڪنهن دنيا ۾ پهچڻ لاءِ واجهائيندو رهيس. اچانڪ ماڻڪ جو سرٻاٽ جهڙو آواز ٻڌم، جو ٻئي پٺيان ويٺل هئا.
”سائين توکي گهڻو ڏنو.؟ “
”ڪجهه به نه!“
”ائين ڪيئن هوندو، تو سائين کي ناراض ڪيو ڇا“
سندس آواز ۾ گونج هئي ۽ مون پنهنجي موٽر لڏندي محسوس ڪئي.
”تون پرواهه نه ڪر، سائين پنهنجو آهي. سمجهيئه“
منهنجي دماغ وٽان هڪ لهر نڪتي جا هيٺ پٺيءَ جي ڪنڊي وٽ ٺڪاءَ ڏيئي ڦاٽي پئي ۽ منهنجا پير پيڙا وچان مٿي کڄي ويا ۽ تيز آواز ٿيو. موٽر هڪ هنڌ بيهي ويئي.“
”سائين ڇا ٿيو. سائين، او سائين!“
جهيڻي جوهر اکر مو بڙڇي جو ڦر محسوس ڪيو ۽ جڏهن سندس وڌيل هٿ مون تائين پهتو ته مان اونهي پاتار ۾ پهچي چڪو هوس. مون دانهن ڪري ڪجهه چوڻ چاهيو پر آواز سرٻاٽ جهڙو نڪتو. ”جهيڻي، توهان ٻئي لهي وڃو. مان چوان ٿو لهي وڃو.“
مان اسٽيرنگ تي جهڪي پئجي رهيس.
مون سامهون نهاريو. اونداهه ۾ اهي ٻه پاڇا، اوندهه جو خمير، اونداهه ۾ گم ٿي رهيا هئا.
مان پاڻ اوندهه جو هڪ حصو بڻجي، اونداهين جا اڻکٽ فاصلا لتاڙي، اونداهين جي پاتار ۾ پيهجي ويو هوس. سهارو کپي وري هڪ سهارو.
مون جهيڻي کي ڏٺو، جنهن سان جنهن گهڙي پيار ڪيم ان گهڙي پاڻ ڏنگيم. مون پري کان ريحانه کي ڏٺو. وار ڇڙيل روح رتوڇاڻ. دانهون ڪندي آئي، معصوميت جا آلاپ الزامن جا انبار، مان بيهي نه سگهيس. مان بنهه بيهي نه سگهيس. مون پاڻ کي ڏوهاري سمجهيو. مون اها تصوير ڀڃي ڀورا ڪئي، جنهن ۾ ريحانه ۽ سندس ننڍپڻ جو ساٿي انور لهندڙ سج آڏو واريءَ جا گهر ٺاهي رهيا هئا. مون سڄو اوندهه جو سٽاءُ ڊهندو محسوس ڪيو ۽ ان سان گڏ مون پاڻ کي ڊٺل ڊٺل محسوس ڪيو. احساس کان خالي مان ريحانه جي گود ۾ ڪري پيس. ائين جيئن هڪ ٻار خطا کان پوءِ روئندو روئندو ماءُ جي گود ۾ هليو ويندو آهي. ريحانه جا هٿ منهنجي اڻڀن اجڙيل وارن کي زندگيءَ جون لوليون ڏيندا رهيا. ايستائين جيستائين مون وٽ پنهنجا جذبا، پنهنجو روح ڪنبندو موٽي نه آيو.