ڪھاڻيون

ويريون

فھميدہ بلوچ لکي ٿي:
حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين کي ڪيترائي ڀيرا پڙهيو اٿم، اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪھاڻيون ٿوريون لکيون ويون آهن. هن جي قلم جي قوت آهي ۽ قلم اڃان سوڌو مستقبل جي آئيني ۾ سوراخ ڪري ڪاغذ ٿي هلي رهيو اٿس. سنڌ جي معاشري ۽ فرسودہ روايتن ۽ مسئلن تي ايڏي اونھائيءَ سان لکي ٿو. هر ڪو لکي ٿو پيار، پيار، پيار ۽ اسان وٽ پيار جو ايڏو ڪو مسئلو نہ آهي. اسان وٽ اهڙي کوکلي نفس پرستيءَ جي پيار جي ضرورت ناهي. ان پيار جي ضرورت آهي، جنهن ۾ انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو احساس هجي، انھن لاءِ روڄ هجي، ماتم هجي. اسان وٽ اهو پيار هجي، جنھن ۾ ڏتڙيل ڌرتيءَ جي گونگن ٻوڙن لاءِ زبان هجي، ڪن هجن ۽ جدوجھد هجي، جنھن ۾ قرباني ئي قرباني هجي. حميد جي لکڻين ۾ اهي سڀ سنيھا آهن .
  • 4.5/5.0
  • 757
  • 289
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ويريون

جنت

جنت کي مون جڏهن پهريون دفعو ڏٺو، تڏهن آءُ ڪافي ننڍو هوس. ٻاراڻي وهي، پڇا جي عادت گهڻي، سهڻي سيبتي گڏيءَ جهڙي مومل جا گهر ۾ ڏٺم ته امڙ کان پڇيم، ”امان هيءَ ڪير آهي؟“
”تون ڪونه ٿو سڃاڻينس! ادي دين محمد جي نياڻي آهي، هاڻي اچي اسان جي پاڙي ۾ ويٺا آهن. اديءَ سان مل نه !“
مان هن جي منهن ڏانهن ڏٺو. ٻه وڏيون تکيون اکيون چمڪيون پئي. سندس ڳاڙهن چپن تي مرڪ هئي. مرڪندي سندس ڳلن وٽ هلڪا کٻ پي پيا. مان آهستي سان وڌي وڃي ڀرسان بيٺس. هن مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ڀاڪر پاتو ۽ مون محسوس ڪيو ته سندس هٿن ۾ هڪ عجيب ڇهاءُ هو. نرمائي ۽ شفقت وانگر، پر عجيب سندس ڪپڙا هئا جيڪي خوشبوءَ ۾ ٻڏل هئا. مون سندس مرڪندڙ چهري ڏانهن نهاريندي آهستگي سان چيو. ”ادي، هيءُ توهان کي ڇا ٿيو آهي.“
مون ائين چوندي سندس ڳلن ۾ پيل کٻن کي هٿ لاٿو. پشم جهڙن ڳلن کي هٿ لائيندي مون کي ته ڪجهه ڪو نه ٿيو پر هوءَ ڳاڙهي ٿي وئي ۽ کلي ويٺي. کلندي سندس ڳل وڌيڪ کٻن وارا ٿي ويا. هن کلندي امان کي چيو: ”امان، توهان جو نينگر ته ڏاڍو ڏنگو آهي.“
امان کلي کڻي ماٺ ڪئي. مان هٽي ٿورو پرڀرو ٿي وڃي بيٺس. سندس وڏي چوٽيءَ لهرو کاڌو هوءَ اٿي بيٺي. هوءَ قد جي ڊگهي، بت جي سنهي ۽ شڪل جي سهڻي هئي. مان ان وقت ايڏي عمر جو نه هوندي به سندس وڻندڙ قد بت ۽ سونهن جو مڃيندڙ هوس. وڏي ٿيڻ تائين مان چوندو رهندو هوس: ”جنت جهڙو سهڻو ته ڪير ٿئي!“ سندس سونهن پنهنجي وڏي ٿيڻ تائين لازوال ڀانيم. مڇن جي ساول سان مون مئٽرڪ ڏني. انهيءَ وچ ۾ مون جنت جون ايتريون ڳالهيون ٻڌيون جو ڀانيم ته واقعي هوءَ جنت آهي جنهن جي لاءِ سوين طالبو آهن. دين محمد ڪو اسان جي مٽي مائٽي ۾ ڪو نه هو. پر ابي سان ڀائپي جهڙو رستو هيس. پاڙي ۾ ويٺو ته ويتر ويجهو ٿي ويو. ابي ۽ دين محمد جا خيال هڪجهڙا هئا ” مٽي مائٽي ڪجي ته پنهنجن ۾ ڪجي، ڌاريا مٽ مئي جا نه ٿيا، پوءِ پنهنجن ۾ کڻي ڪو لچ لوفر، چور ڌاڙيل، لولو لنگڙو يا پيرسن اپاهج ڇو نه هجي پنهنجو وري به پنهنجو آهي. ”ابو به ساڻس شامل راءِ هو. اوطاق تي هجن يا گهر، ڪو به ماڻهو سندن عقيدي کي لوڏي نه سگهيو. جنت جي عمر وڏي ٿيندي وئي، پر دين محمد کي لهر نه ڪو لوڏو. دين محمد اک تڏهن پٽي جڏهن ٻه چار طوفان لنگهي ويا ۽ سندس جاءِ جو بنياد لڏڻ لڳو.
مون جڏهن پهريون طوفان ايندي ٻڌو تڏهن ان تي يقين نه ڪيم. پر هڪ ڏينهن ٽاڪ منجهند هئي جڏهن مان اسڪول مان موٽيس پي ته شمي کٽيءَ کي گنجيءَ سان پنهنجي گهر جي در وٽ ٻاهر جهاتي پائيندي ڏٺم. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري پڪ ڪئي پوءِ هٽي ويو. شايد مون تي نظر نه پيس. هونئن به مان گهٽيءَ جي ڇيڙي تي هيس. ائين انهيءَ گهڙي هڪ مائي ڪاري برقعي سان ورکائي نڪتي. سندس وڏي چوٽيءَ لهرو کاڌو مون سڃاڻڻ جي ڪئي. جڏهن ڀرسان اچي لنگهي ته سندس سڃاتل خوشبوءَ تي مون کان بي اختيار نڪتو، ”ادي جنت!“
جنت ڪنڌ ورائي مون کي ڏٺو. ڪا گهڙي هٻڪي، پر پوءِ انهي طوفان سان گڏ هوا ٿي وئي جو سندس آندل هو. مون اکين سان ڏسڻ کانپوءِ به يقين ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ڇاڪاڻ ته جنت، جنت هئي سندس وجود سان اسان جو سڄو پاڙو هڳايل هو. جنت جو هر هڪ عقيدتمند هو. هوءَ جتان لنگهندي هئي. اتان ڪا گهڙي واءُ به لنگهڻ بند ڪري ڇڏيندو هو. سندس ڊگهو، ور کاڌل بت ۽ جسم مان نڪرندڙ عجيب خوشبوءُ پوڙهن کي به بيهاري ڇڏيندي هئي. هوءَ سانتيڪي ماحول مان گذري ويندي هئي ۽ انهي سانت کانپوءِ هڪ طوفان هوندو هو. چوٻول هوندا هئا ۽ هر وات نئين ڳالهه هوندي هئي.
شمي کٽيءَ کان ڦري ڳالهه اچي مامي گلو تي پئي. جو جڳ جو مامو پر دين محمد وارن جو پري جو مائٽ هو. گهر ۾ ايندي ويندي جهٽ پي هنيائين ۽ جنت جهٽجي وئي. جنت الاهي راضپو آهي. جڏهن مولا طرفان حڪم ٿيو ته مامون گلو واجهجي ويو ۽ هڪ ڪاليجي نينگر تي پکو پيو. جو جنت کان ننڍو هو پر جنت جو سچو عاشق هو. نظير ۽ جنت جي گهر جي ڀت هڪ هئي. نظير ڪاليج ۾ بي اي جي آخري سال ۾ پڙهندو هو. جنت کان ننڍو پر جنت کيس گهائي وڌو. هن جنت جا سڀ عيب اکين تي رکيا. سندس مستانو ۽ متوالو ٿيو گهمندو هو. جنت سان لڪ چوري ملي. کيس ڪجهه عشق جا جملا ٻڌائي، روانو ٿي ويندو هو ۽ جنت انهيءَ آڳ ۾ جلندي هئي جا کيس جنم کان ملي هئي. نظير جو عشق مشڪ هو ۽ چاچو دين محمد سجاڳ ٿي ويو.
چاچو دين محمد جهل ئي نه ڏئي. اچي ڏنائين جنت کي مار. نظير پنهنجي ماءُ پيءُ کي سڱ لاءِ موڪيلو. انهن کي به بيعزتو ڪري ڪڍيائين. چي ”اسين خانداني ماڻهو. ڇوڪري اسان جي پنهنجي خاندان ۾ ويندي.“ ائين وقت گذرندو رهيو. ڪيترائي سڱ آيا پر خاندان خاندان رهيو. جنت بندش ۾ جڪڙجي جلندي پڄرندي رهي. سندس وجود پگهرندو رهيو. هڪ ڏينهن خبر پئي ته جنت کي جن آيو آهي. امان جن کيس ڏسڻ ويون. موٽڻ تي مون انتظار مان پڇيو. ”امڙ، جنت ڪيئن آهي“
امان ته چپ هئي پر منهنجي ننڍي ڀيڻ پنهنجو وڏو چولو سنڀاليندي چيو، ”ادا جنت مئي پئي آهي. ڪنهن ڪنهن مهل جوش چڙهيس ٿو ته وڏا آواز ٿي ڪڍي. چون ٿا ته جن اٿس. ملو بشن اڄ به سندس جن ڪڍڻ آيو هو.“
ملو بشن روز جنت جي گهر وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن خبر پئي ته جنت چاڪ آهي ۽ ملو بشن روز کيس قرآن پڙهائڻ ۽ ديني تعليم ڏيڻ ويندو آهي. پوءِ ته جنت، ملي بشن جي گهر به وڃڻ لڳي. اچانڪ ملي بشن جو وڃڻ به بند ٿي ويو. چون ٿا ته ملي جي زال جا پيڪين وئي هئي، تنهن موٽي اچي مانڌاڻ وڌو هو.
مون انٽر جو امتحان ڏئي بس ڪيو هو ته ٻڌم جنت تي جن وري آيو آهي. هاڻ جن ڪنهن ڪنهن مهل اچيس ٿو. ۽ باقي وقت ۾ هوءَ تعويذ لکڻ لڳي آهي. آهستي آهستي مشهور ٿيڻ لڳو ۽ جنت، بي بي جنت ٿي وئي. سڄو ڏينهن مائين جو ميڙو متل هوندو هو ۽ جنت انهن مائين لاءِ تعويذ لکندي هئي. ڪنهن ڪنهن مهل جن اچڻ تي حالتون بي حال ٿي انهن کي جواب به ڏيندي هئي. منهنجي رزلٽ اڃا ڪانه نڪتي هئي ۽ مان اوچتو بيمار ٿي پيس. دوائن جو اثر نه ٿيو پر ڳري ڪنڊا ٿي ويس. هڪ ڏينهن امان مون کي چيو. ”هل ته توکي بي بي جنت وٽ وٺي هلان ۽ ڪو نظر جو تعويذ وٺي ڌيانءِ. الله توکي صحت ڏئي، اسان کي ته ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيو اٿئي.“
مان جڏهن جنت جي گهر پهتس ته مون اها جنت نه ڏٺي جا جنت هميشه منهنجي تصور ۾ رهي هئي. خوشبوءَ ۽ هٻڪاءُ جي ديوي، سونهن ۽ سوڀيا جو مجسمو. هوءَ هڪ هڏائون پڃرو هئي. سندس لازوال سونهن ڌوپجي چڪي هئي. هوءِ هڪ ڌوتل پوتل اڇو مجسمو هئي. سندس چهري تي ڪا به اها سهڻي مرڪ نه هئي. جيڪا سندس ڳلن ۾ کٻ وجهندي هئي. نه اهي چنبيلين جا چوٽا هئا جيڪي ور کائي ورندا هيا. سندس اڇن اجرن ڪپڙن مان ڪا به خوشبوءَ نه ٿي آئي. سندس اکيون ويران هيون.
اسان جي اندر داخل ٿيڻ تي سندس اکيون گول گول گهمڻ لڳيون. ڪا گهڙي هن مون کي تڪيو ۽ پوءِ زمين تي ليٽڻ لڳي. سندس ڀريل ور وراڪا ڏيندڙ بت، اڄ هڪ ڪاٺي مثل، ڌرتي تي اٿلڻ پٿلڻ لڳو. هن ڦٿڪندي عجيب آواز ڪڍيا، ويٺل مائيون وڌيڪ ويجهيون ٿي ويس ۽ کائنس ڪجهه پڇڻ لڳيون. هن چچريل. ڳري آواز ۾ کين نڪري وڃڻ لاءِ چيو. جڏهن سڀ مايون نڪري چڪيون ۽ مان ۽ امان نڪرڻ لڳاسين ته هن سٽ ڏئي منهجي ٻانهن جهلي ورتي. سندس ٻانهن ۾ ڪافي زور هو. مان ڊڄي ويو هوس. منهنجي اکين ۾ هراس هو. هن جي ڇڪ تي مان هيٺ ويهي رهيس. هن آهستگي سان اٿي منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ سندس اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. هوءَ سڏڪن ۾ آواز بنا خاموش ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. هن اشاري سان امان کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو، جيڪا پڻ هراسيل بيٺي هئي. جنت کي ڪجهه حال ۾ ڏسي، مطمئن ٿي پاڻي کڻڻ ويئي، جنت چڱي طرح سنيئن سڌي ٿي ويٺي. پوءِ سٽ ڏئي مون کي پنهنجي ويجهو ڪيائين ۽ مٿي جا کنڊريل وار سنواريندي چيائين: ”مٺو، ايترا ڏينهن ڪٿي هئين؟ مون وٽ لڙئين به ڪونه“
مان خاموش رهيس، شايد هراس اڃان به هيم. هن آهستگيءَ سان منهنجو هٿ وٺي پنهنجي ڳل کي لاتو ۽ چوڻ لڳي”مٺو، ڏس ته سهين مون کي هت ڇا ٿيو آهي؟“
مون اتي ڏٺو اهي پشم جهڙا ڀريل ڳل نه هيا، اتي اهي کٻ نه هئا جن کي مون ڏسي کانئس سوال ڪيو هو”ادي، هي توهان کي ڇا ٿيو آهي؟“
اڄ اتي اڀريل هڏا هيا، سڪل ڪاراٽيل چپ هيا، ويران اکيون هيون. ”مٺو ڏس ته سهين مون کي ڇا ٿيو آهي؟“
منهنجو هٿ ٿڙڪڻ لڳو. انهيءَ گهڙي سڙڻ لڳو. اتي ته باهه جا اوڙاهه هئا، شعلا هئا، ان جون ڄڀيون هيون، مون هٿ هٽائڻ چاهيو. هن زور سان هٿ پڪڙي چيو”نه مٺو ڏس اتي ڪجهه آهي، ها چئه ته اتي ڪجهه آهي“
مون آهستگي سان چيو ”ها جنت اتي باهه آهي، ساڙيندڙ باهه!“
مون زور سان هٿ ڇڏايو، منهنجو هٿ سڙي چڪو هو. مون کي ائين محسوس ٿيو ته اها باهه وڌندي پئي وڃي. اها نه رڳو جنت کي ساڙي رهي آهي پر سڄي خاندان ۽ خانداني گهر کي سڙي رهي آهي. مان باهه باهه ڪندو اتان ڀڳس. منهنجو رخ گهر ڏانهن هيو، جتي منهنجي ڀيڻ رهندي هئي.
مون زور سان در کوليو ۽ ڊڪندو اچي پنهنجي ڀيڻ کي ٻانهن کان ورتم. ”ادي، هت ته باهه نه پهتي آهي. تون ته باهه کان بچيل آهين. هت ته باهه ڪانهي پهتي!“
هوءَ وائڙن وانگر مون کي تڪڻ لڳي.
مون جنت جي گهر ڏانهن ڏٺو جتي مون کي باهه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. سمجهيم ٿي ته اها باهه اسان جي گهر کان پري ناهي ۽ اها باهه هر جنت، هر نينگر کي ساڙي ڇڏيندي جنهن جي گهر خاندانيت، وڏائي ۽ اوچائي جو علم بلند هوندو.

*