احساس جي منزل
مان ڪيئن چوان ته اها ڳالهه منهنجي آهي، منهنجي ذات جي آهي. منهنجي ذهن جي آهي، منهنجي روح جي آهي.......... ڪئين چوان ته اهو منهنجو پنهنجو جسم آهي، جنهن مون کي ڦٽو ڪيو آهي، انهن تنهائين ۽ ويرانين ۾ جنهن ۾ پهچڻ شرط مونکي رڃ جو احساس ٿو ٿئي. رڄ به اها جنهن ۾ رڃ سان گڏ ڪي به ته ڪينهي.......... نه عذاب، نه احساس، ڪجهه به ڪينهي.
اڄ جڏهن مونجهه حد کان وڌي وئي آهي. تڏهن ائين ٿو چوان ته آڪاش جا تارا يا ڌرتيءَ جا گل منهنجي نصيب کان ائين رٺل آهن. جيئن انسان کان سڪون، جيئن جسم کان ضمير، يا ذهن کان حس، مان به بي حس، بي سڪون ۽ بي ضمير ٿي چوان ٿو ته مون ڏوهه ڪيو آهي، ڪنهن سان پيار ڪيو اٿم.
ائين لڳيم ٿو ته آءُ ڪنهن جبل تي بيٺو آهيان. سامهون هڪ ڪائنات آهي، جا ڦهليل آهي، انهن احساسن کان محروم ستارن وانگي جيڪي کڙيا هجن، ڪنهن ڪاري چادر مٿان، ڪنهن لفظن جي مالها بڻجڻ لاءِ، ڪنهن شاعر جي شعر جي لڙين لاءِ، ڪنهن ڏکويل جي ٿڌي ساهه ڀري مٿي نهارڻ تي تسڪين ڏيڻ لاءِ........... ۽ مان وڃائجي ويو آهيان انهي ڪائنات ۾... منهنجي ڀر ۾ ڪير اچي بيٺو آهي، مان سڃاڻان ٿو ته هو ڪير آهي. هوءَ روشن آهي. اها روشن جنهن سان مون ان وقت پيار ڪيو جڏهن هوءَ شادي ڪري پنهنجو گهر وسائي چڪي هئي. ائين به ناهي ته ڪو مان ساڻس اڳ ڪو نه مليو هوس. ڪيئي دفعا مليو هو مانس، ساڻس ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهاريا هيم. مان جڏهن به هن سان ملندو هئس ته ائين محسوس ڪندو هئس ته هوءَ روشن آهي، وڏي ماڻهوءَ جي ڌيءَ آهي، هڪ بنگلي ۾ رهندي آهي. سندس بنگلو منهنجي ننڍري بنگلي جي ڀرسان آهي ۽ ڏاڍي تيز ڇوڪري آهي بس. ايترو ئي ته کيس ڏٺو هئم ۽ پڙهيو هئم.
کيس مون ڪڏهن به سنجيدو نه ڏٺو هو. هوءَ هميشه ٽڙندي کڙڪندي رهندي هئي. مون ساڻس ڪيئي دفعا ڳالهايو هو، هوءَ ڪيترا دفعا پنهنجي ڀاءُ، پيءُ يا ڀاڄائي سان گڏ منهنجي گهر آئي هئي. يا مان کين گهمائڻ وٺي ويو هئس، ته به مونکي هوءَ روشن ئي نظر ائي هئي، جيڪا هميشه کلندي ۽ کڙڪندي رهندي هئي.
اها شام به ياد اٿم جڏهن هوءَ مون کي پنهنجي شادي جو ڪارڊ ڏيڻ آئي هئي. بي شرم به ايتري جو ڪارڊ ڏيندي چيائين:
” منهنجو گهوٽ ڏٺو اٿئي.؟
”نه“
”چڱو اچجانءِ ته مان ملائيندي مانءِ. ڏاڍو وڻندڙ ماڻهو آ.“
”توکي وڻندو آهي؟“
”وڻندو نه هجي ها ته شادي ڪيئن ڪيانس ها. چڱو ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي تون ايندين نه؟“
”ضرور.“
”ته پوءِ تون مونکي لائون ضرور ڏجانءِ“
”ڇو“
”بس ائين ئي. سوچيان ٿي ته ٻه مٿا ٽڪربا ته ڪهڙو نه مزو ٿيندو.“
مون کلي ڏنو.
”چري آهين ڇا، روشن؟“
”چرين کي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟“
” مان ڀانيا ٿي ......... چڱو مان وڃان ٿي“
هوءَ ائين مستي ڪندي هلي وئي ۽ پوءِ هن جي شادي ٿي ويئي. مان هنجي گهر ڪڏهن ڪڏهن ويندو هئس. پر سگهو ئي مون کي ٻاهر وڃڻو پيو. ورهيه لنگهي ويا. موٽيس ته روشن بنهه ياد ڪانه هئم.
اچانڪ هڪ دعوت ۾ ڀريل جسم سان وڻندڙ مهانڊو ڏٺم، سڃاڻڻ ۾ گهڻي دير ڪا نه ٿيم، ڀرسان وڃي آهستي چيم:
”چري ڇوڪري........“
”اڙي، گل صاحب! ڏيو خبر، ڪيئن آهيو؟“
سندس لهجو جيتوڻيڪ تڪلف وارو هو. هوءَ مون ڏانهن عجيب نظرن سان گهوري رهي هئي. هوءَ جلد ئي مون سان بي تڪلف ٿي وئي. سندس گهور ۾ عجيب ڇڪ هئي. مون محسوس ڪيو ته مون ڏانهن ڇڪجي رهي آهي۽ ڇڪ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت ۽ سرور آهي.
جيتوڻيڪ هينئر هوءَ البيلي روشن ڪا نه هئي. هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ گهر هلائڻ واري سيبتي زال هئي. پر تنهن هوندي به هن ۾ ايتري ڪشش ۽ جاذبيت هئي جو هوءَ بنهه مونتي ڇانئجي وئي.
هن پنهنجي مڙس رفيق سان ملاقات ڪرائي جو پراڻي وقت کي ياد ڪندي خوش پئي ٿيو.
پوءِ ته مون روشن سان ملڻ کان ڪين گهٽايو. کيس گهر يا ٻاهر جتي به ملندو هوسانس ته هوءَ يڪدم مون ڏانهن پورو ڌيان ڏيندي هئي ۽ مون مان ته اک ئي ڪا نه ڪڍندي هئي. مون کي ائين لڳندو هو ته سندس اکين جو خمار ۽ چهري تي ڳاڙهاڻ کيس بنهه ٻي روشن بنائي ٿا ڇڏين.
پوءِ هوءَ تڪڙو تڪڙو منهجي ويجهو ايندي ويئي. مان کيس گهمائڻ وٺي ويندو هيس. سندس اکيون خماريل هونديون هيون ۽ سندس چپڙا ڪنهن مهل ڦرڪڻ لڳندا هئا ته مان آهستگي سان چوندو هو مانس : ”روشن!“
”جي؟“
” ڇا پئي سوچين؟“
”ڪجهه به ته نه“
”ڪجهه به نه؟“
”نه، ڪجهه به نه“
هوءَ وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويندي هئي. ائين پيو محسوس ٿيندو هو ته هوءَ سوچي پئي. سوچ سندس پيڇو پئي ڪري.
نيٺ اها شام به اچي وئي جڏهن مان هن ڪائنات جي آئيني آڏو بيٺو هئس ۽ سج جي ٻڌتر، منهنجي خيالن جي ٻڌتر هئي. روشن منهنجي ويجهو ايندي وئي ۽ مونسان لڳي بيٺي.
مون کيس پڪاريو،
”روشن!“
”جي“
”ڇا پئي سوچين؟“
هن ڪو به جواب ڪونه ڏنو.
”ڇا پئي سوچين؟“
هن دفعي به ڪو جواب نه ٻڌم، ايترو محسوس ڪيم ته هنجو منهن منهنجي ڪلهن تي آهي ۽ هن جوساهه........ ۽ مون منهن ورائي سندس لال رتي مک کي چميو، هوءَ وڌيڪ ويجهو اچي ويئي، ۽ مون پنهنجي زندگي جي باب جو نئون ورق اٿلايو.
عجيب سوچون، عجيب ويچار، من ئي من ۾ ٽڙندڙ آتشبازي ۽ جذبات جي راند ۽ کليل وارن جي کيڏ. ڪنهن ڪنهن مهل، گلن جي مک چمڻ وقت ذهن ۾ ڪنڊن جو چڀڻ، من جو من کي پيڙڻ، مسلسل عذاب هڪ عجيب ڪيفيت، عجيب سرور ۽ عجيب زندگي ائين پي لڳم تي وقعي مان انسان آهيان. مان جڏهن کيس چوندو هئس:
”روشن تون منهنجي آهين.“
هوءَ جواب نه ڏيندي هئي.
”تون منهنجي آهين، روشن.“
”تون منهنجي آهين، روشن.“
”ها. گل! مان تنهنجي صرف تنهنجي آهيان.“
اهو ملڪيت جو احساس مونکي پري کڻي ويندو هو اسين ٻئي هن ڪائنات جا ٻه ساهوارا هئاسين. جيڪي هڪ ٻئي جي ساهه کي محسوس ڪندي جي رهيا هئاسين.
ائين به ته نه هو ته ڪو کيس رفيق کان ڪا شڪايت هئي. نه، هو ڏاڍو سٺو خاوند هو. هو ڪوشش ڪندو هو ته روشن خوش رهي، پر روشن ڪڏهن سندس سامهون نه کلي مرڪندي هئي نه کلي ڳالهائيندي هئي. ائين محسوس ٿيندو هو ته هوءَ دٻيل. ڪجهه گهٽيل ۽ ڪجهه اڃايل آهي.
مان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندو هئس:
”روشن، جي رفيق کي اسان جي هن پيار جي خبر پئجي وڃي ته.........“
هنجي منهن جو پنو لهي ويندو هو. هوءَ سوچ ۾ گم ٿي ٻي روشن بنجي ويندي هئي ۽ پوءِ اتان ئي بيهي مونکي چوندي هئي: ” اسين گناه ته نه ٿا ڪريون گل؟“
مان چوندو هو مانس: ”روشن اسين ته پيار ٿا ڪريون.“
۽ پوءِ آهستي چوندي هئي: ”گل، مونکي پيار ڪر.........“
جڏهن مان کيس پيار ڪندو هئس ته وري هوءَ روشني هوندي هئي. منهنجي روشن.
اها به ته اهڙي ئي هڪ شام هئي.
ٽڪريءَ تي هڪ ڳاڙهي شام رنگن سان ٿي راند ڪئي. ڪڏهن ٿي رنگ هاريائين. ڪڏهن ته ڪنهنجي من کي ڪٺائين........ هوءَ اچي ڀر ۾ بيٺم.
”روشن؟“
”جي“
”ڇا پئي سوچين؟“
هن دفعي هن يڪدم جواب ڏنو:
”گناهه جو احساس“
”ها گناهه جو احساس. هن ڪڪوريل شام کي ئي ڏس. گهر وڃ ۽ انهي تي سوچ، توکي محسوس ٿيندو ته اسان گناهه ڪيو آهي....... تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته مان انهي شام مثل آهيان.
”نه روشن، مون تو کي اڳ به سمجهايو آهي ته اسان پيار ٿا ڪريون!”
”اسين پيار ڪرڻ ڄاڻيندا ئي نه آهيون، گل سڀ گناهه کي جنم ڏيندڙ آهيون ۽ گناهه اسان کي جنم ڏيندو آهي.... اسان گناهه ڪيو آهي...... توکي مڃڻو پوندو ته اسان گناه ٿا ڪريون. تون اهو سوچ ته مان ٻارن جي ماءُ آهيان، جيڪي انهي پيار کي سمجهي نه ٿا سگهن ته انهن لاءِ هر نه سمجهه ۾ ايندڙ ناتو هزارين سوال کڻي اچي ٿو. اسين جيڪي کين سيکاريون ٿا تنهن ۾ گناهه جو فسلفو نه سمجهه ۾ ايندڙ فلسفو آهي. گل! نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون گناهه ئي ته هونديون آهن.“
هن جي چهري تي عجيب سوچ ۽ ڳنڀيرتا جون ليڪون هيون. مون کيس گهرو پڙهڻ چاهيو. گهرو ڏسڻ ۽ کيس ٻڌائڻ چاهيو ته اسان پيار ڪيو آهي، اسان جي پيار ڪيو آهي........... پر هوءَ هلي وئي اڳتي پري. ........ مان اهوئي خالي، اهوئي ويرانن جو مالڪ.......... ويران! هن تي خيالن جا پٿر وڇائيندڙ هڪ مزور جنهن لاءِ گناهه ۽ ثواب جو فلسفو نه سمجهه ۾ ايندڙ فلسفو آهي.
مان اڄ جهريل جسم، جهريل ذهن سان هلان پيو، سواءِ ڪنهن خيال جي، سواءِ ڪنهن احساس جي، شايد، احساس جي منزل اها ئي آهي.
*