ڪھاڻيون

ويريون

فھميدہ بلوچ لکي ٿي:
حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين کي ڪيترائي ڀيرا پڙهيو اٿم، اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪھاڻيون ٿوريون لکيون ويون آهن. هن جي قلم جي قوت آهي ۽ قلم اڃان سوڌو مستقبل جي آئيني ۾ سوراخ ڪري ڪاغذ ٿي هلي رهيو اٿس. سنڌ جي معاشري ۽ فرسودہ روايتن ۽ مسئلن تي ايڏي اونھائيءَ سان لکي ٿو. هر ڪو لکي ٿو پيار، پيار، پيار ۽ اسان وٽ پيار جو ايڏو ڪو مسئلو نہ آهي. اسان وٽ اهڙي کوکلي نفس پرستيءَ جي پيار جي ضرورت ناهي. ان پيار جي ضرورت آهي، جنهن ۾ انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو احساس هجي، انھن لاءِ روڄ هجي، ماتم هجي. اسان وٽ اهو پيار هجي، جنھن ۾ ڏتڙيل ڌرتيءَ جي گونگن ٻوڙن لاءِ زبان هجي، ڪن هجن ۽ جدوجھد هجي، جنھن ۾ قرباني ئي قرباني هجي. حميد جي لکڻين ۾ اهي سڀ سنيھا آهن .
  • 4.5/5.0
  • 761
  • 290
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ويريون

روشن اوندهه

انهيءَ رات وڏڦڙو پي وسيو، مان به ڀڄي ڀت ٿي علي خان جي اوطاق تي پهتس. علي خان جي همراهن اچي اسان کان گهوڙا ورتا. علي خان جو ٻڌو، بس مينهن ۾ پوتڙو مٿي تي، حويلي مان نڪري آيو.
”ابا عليم، ڀلي آيا، جي آيا، خير؟“
”ها چاچا مڙئي خير، هئي تنهنجي مهماني کائڻي، سو نه ڏٺي سون مهل، نه وقت، اجهو ڦهڪو اچي ڪيو اٿئون“
علي خان ڀلي آيا جي آيا چوندو وڃي انتظام ۾ لڳو. مان به آلا ڪپڙا مٽائي، تازو نوبنو ٿي کٽ تي چڙهي ويٺس، انهي انتظار ۾ ته وڏيرو علي خان اچي ته حالي احوالي ٿيون.
وڏيرو علي خان جيتوڻيڪ تر جو ڪو تمام وڏو زميندار ڪو نه هو پر سندس هاڪ ۽ رعب ملڪان ملڪ ٻڌبو هو. ٻانهن کڻڻ ۽ موٽائڻ ۾ هن جو مَٽُ نه هو. ٻانهن وئي ناهي ۽ ڀاڳيا اچي علي خان جو در وٺندا. بس پوءِ هو منٽ ڪري وٺندو هو. ٻانهن کڻائڻي هجي ته علي کي اشارو ڏيو. پوءِ ويٺا رنگ ڏسو. علي خان پاڻ به ڏاڍو شوقين هو. سندس سونهين وارو بنگلو ڀريو پيو هوندو. ٻه پراڻيون ڪڍندو هو ته ٻه نيون آڻيندو هو.
سندس رهائي ۽ اثر رسوخ جو اهو عالم هو جو تپيدار کان ڊپٽي ڪمشنر تائين، سپاهي کان وٺي ايس پي تائين. سندس سلامي هوندا هئا. هو سڀني سان پير به وڏا ڀريندو هو. سندس فراخ دلي ۽ مهمان نوازي هوندي هئي اڳيئي مشهور، سو ڪو به سندس در تان مايوس نه ويندو هو.
علي خان جيتوڻيڪ هو پراڻي زماني جو ماڻهو، پر وقت جو لحاظ کائنس جيڪر ڪير سکي. هو وقت جو سلامي هو. ماڊرن دور ۾ هو ماڊرن رنگ ۾ رنڱيل هوندو هو. سندس اوطاق به ڪافي ماڊرن ۽ سهڻي هئي.
علي خان کي اسين چاچو ڪري سڏيندا هئاسين. هن جا اسان جي وڏن سان ڏاڍا گهاٽا ۽ پختا ناتا هئا.
اسان جي زمينداري ڪافي وڏي هئي، پر اثر رسوخ ۾ اسين علي خان جا محتاج هوندا هئاسين. علي خان بابي سائين جو پڳ مٽ يار هو. منهنجي زمين سنڀالڻ کانپوءِ ته اصل منهنجو سنگتي ٿي پيو. سندس گهڻين رنگين ڪچهرين ۾ مان ضرور شريڪ ٿيندو هوس. بس ائين ڪڏ کڻندو هو. ڌو علي خان جي اوطاق تي. بس پوءِ علي خان ويچارو ڏاڍو بندوبست ڪندو هو. مان به هئس ڇڙو ڇانڊ، علي خان شوقين ماڻهو، بس پوءِ راتيون لنگهي وينديون هيون، هوش نه رهندو هو.
علي خان جي گهر سان اسان جو وڏو رستو هو، علي خان جي وڏي زال مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي. مان علي خان جي ڳوٺ ويندو هوس ته هو مونکي گهرائيندي هئي. علي خان کي ڪل نڪاح ٻڌيون ٽي زالون هيون. اولاد ٽنهي زالن مان ٻه ٻه نياڻيون هيس، پٽ جو اولاد ڪونه ٿيس. سندس چار نياڻيون سامايل هيون. جن جي شادي بقول علي خان انهيءَ ڪري نه ٿي سگهي هئي. جو علي خان کي اهي چار نياڻيون ڏاڍيون پياريون هيون. هو چوندو هو ته انهن جي جيڪڏهن شادي ڪرائيندس ته مان انڌو ٿي پوندس. سندس ٻه وڏيون ڌيون ته هاڻِي کائي چڙهيون هيون. سندس شڪلين مان ائين لڳندو هو ڄڻ سندس رت به سڙي ويو آهي. پر حقيقت ۾ علي خان کي پنهنجي عيش ۽ ڪڌن ڪمن کان فرصت ڪا نه هئي جو ان طرف توجه ڏئي. علي خان جي دلچسپي هئي. ٻانهن ۽ سا به نو ورني ٻانهن.
ٻانهن جي ڳالهه تي مون کي ياد آيو ته علي خان سان اڄ انهي ٻانهن جي باري ۾ ڳالهائبو، جنهن مهيني کن کان وٺي منهنجو ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. انهي رات به دراصل مان نوري سان ديري جي ڇن ۾ ملڻ ويو هوس. هوڏانهن مينهن ۽ طوفان هيڏانهن نوريءَ جو گسائڻ بس اصل تڙپي اٿيس. انهي مهل گهوڙي تي چڙهي سڌو علي خان وٽ آيس.
نوريءَ کي کڻڻ ڪو سٿرو ڪو نه هو، ڇاڪاڻ جو هوءَ گنبي ڌاڙيل جي ڌيءُ هئي. اهو به چڱو ٿيو جو گنبو ان وقت جيل ۾ هو ۽ منهنجا نوريءَ تي وڃي هٿ کتا. نوري قابو هئي. پر سندس نازن نخرن تڙپائي ڇڏيو هو. سندس سونهن لاءِ مان ڇا چوان، شايد زندگي ڀر اهڙي نينگري مونکي نه ملي ها. ڇا ته سندس بت جي بيهڪ ان تي سنهڙي ڳچي ڀريل منهن، جنهن ۾ ٻوانجهڙيون وڏيون ڪاريون اکيون. کليل ٿلهڙا چپ، جاڙا ڀرون. بس هر طرح سان هوءَ هڪ مڪمل سونهن جو سو پچو تصور هئي.
مان نوري جي خيال ۾ گم هئس ته چاچي ٺڪاءُ ڪيو. چاچي جي پياري نوڪر جاڙي ٽيبل تي پي بوتلون رکيون.
سوڍائون کوليائين پي ته مون جهليومانس.
”چاچا اڄ نه“
”ڇو خير؟“
”خير آ پر طبيعت نه ٿي چوي“
”طبيعت ڇو نه ٿي چوي. اڙي جاڙا پيٽ گلاس ۾، مان سڀ سمجهان ٿو، تنهنجو حال احوال وٺان ٿو. مونکي سڀ خبر پئي آهي ته اڄڪلهه تو ڪهڙي رولڙي ۾آهين.“
مون آهستي ڦڪي مرڪ مرڪي ۽ گلاس ۾ هٿ وڌم. ”پر ترس يار، چاچهين پي چيو ته مون ڏي موڪلينس. تون گهران ٿي اچ پوءِ شغل ٿا ڪريون. ها اچي جاڙا هيءُ تون پيءُ“
مان ٽپ ڏئي اٿيس. مون چاچي جي نوڪر جاڙي ڏانهن نهاريو، جو ڏاڍي ڌيرج ۽ پختائي سان سفيد جن پي رهيو هو. الائجي ڇو مون کي ان مهل جاڙي جي منهن ۾ ڏاڍي مڻيا ۽ سونهن نظر آئي، مون ڏانهن کلي چيو:
”اڙي جاڙا ڏاڍي رعب ۾ آهين“
”بس سائين، ڀوتار جون مهربانيون آهن“
مان گهچڪ گهچڪ ڪندو، گپ ۾ ٿاڦوڙا هڻندو حويليءَ ۾ پهتس. مان اڃان حويلي جي ڏيڍي ٽپي اندر ٿيس ته سامهون چاچي جي وڏي نياڻي سٻاجهي منهن پئجي ويم. نالو ته افروز هئس، پر جيئن ننڍي هوندي کان سٻاجهي سڏيندا هئس. تيئين سڏيندا اچنس. هوءَ هڏ ڪاٺ ۾ پڪي ۽ ڪافي وڏي عمر جي هئي. سندس منهن جا هڏا ٻاهر نڪتل، رنگ سانورو، منهن تي مرڪ بنهه ڪانه ۽ اکين ۾ اداسي، بس جيئرو ساهه هو ٻيو ڪجهه به نه.
مون مرڪي کانئس طبيعت پڇي. چاچيءَ جو پڇيم. هن ڳالهائڻ چاهيو پر ڳالهائي نه سگهي. گلو ڀرجي آيس، مان تڪڙو وڌي ويجهو ٿيس.
سٻاجهي، سٻاجهي ڇو، امان ڳالهايو اٿئي، چري روئبو آهي. چري آهين ڪا!“
۽ هوءَ اوڇنگار ڏئي منهنجي ڪلهي تي ڪري پئي.
”ادا، ادا“
”چئه نه، ڪنهن ماريو اٿئي، بس بابا، ايڏو روئبو آهي، ڏاهي ڏيءُ آهين نه.“
مون سندس ڳوڙها اگهيا ٿي، پر ڏٺم ته اکين جي ڍنڍ ۾ ڪنول تريو تريو ٿي آيا. مان به ڪجهه ڏکوئجي ويس. کيس وٺي وراندي ۾ آيس. سامهون چاچي جي ٻيو نمبر ڌيءَ سٻاجهي جي سڳي ڀيڻ ريشان بيٺي هئي. هوءِ مرڪي وڌي. ريشان تون ته ڏاهي آهين چڱو، ڀيڻين کي پرچاءِ ڳالهه به نه ٿي ٻڌائي، وڙهيون آهيو ڇا؟
”ريشان ڪا گهڙي ماٺ هئي. پوءِ چيائين“
”نه نه اسين ڇو وڙهون، سٻاجهي، ادي، بس ڪر رو نه. مون کي ڏس مان به تنهنجي ڀيڻ آهيان. مان به ڪو نه ٿي رئان سٻاجهي.،“
مان ڪجهه حيران ريشان کي ڏسي رهيو هوس. جنهن جي وڻندڙ ٻهڪندڙ چهري تي پختائي، کڙائي ۽ زندهه رهڻ جي امنگ هئي. هن سٻاجهي کي ڳراٽڙيون پي پاتيون.
مان ٻنهي کي پيار سان آهستي ڌڪ هنيا. ”چريون ڏاهيون، ڇوڪريون.“
مان رنڌڻي ۾ ويس، چاچي جي وڏي زال ريشان ۽ سٻاجهي جي سڳي ماءُ ويٺي هئي. ساڻس گڏ چاچي علي خان جي ننڍي زال گلان مهاڻي به ويٺي هئي، جا لالٽين جي روشني ۾ ڏاڍو وڻي پئي. عمر ۾ ريشان کان به ننڍي پئي لڳي. مان ويس ٻنهي کيڪاريو ۽ پوءِ ننڍي مائي ته اٿي وئي. چاچيءَ پهرين ڪڍي دٻ ته تون هئڙو، تون هئڙو، توکي چاچهن کاري ٻهر ڪري ڇڏيو آهي. مون ماٺ ڪري ويٺي تنبيهون ٻڌيون. پوءِ ته اچي پئي پنهنجن روئڻن ۾:
”عليم، تون ئي سمجهائينس، اهي عيش هاڻي سندس اڇي ڏاڙهي تي ڪو نه ٿا پونس. سندس اولاد وهي اڪاري هليو آ. آهي کيس ڪو مرم حياءُ ته نياڻيون اٿاريان. وڏيءَ لاءِ ڊاڪٽر چيو آهي ته کيس سلهه آهي. سندس ترت علاج نه ٿيو ته هوءِ مري ويندي.“
منهنجي اکين آڏو ڪنول تري آيا.
”ننڍي بس تو کي ڇا چوان. ڇا ٻڌايان، مان به ته ماءُ آهيان عليم، اولاد مون کان کسبو پاڻ ڇو ٿو انڌو ٿئي. هيءُ بار مون کان کنيو نه ٿو ٿئي ابا. يا ته مون کي زهر ڏئي ماري يا ڇڏين ته ڇوريون.........“
لالٽين جي جهڪي ڳاڙهي روشني تي چاچيءَ جا ميندي رتا ڳاڙها وار چمڪيا پي. سندس اڇي منهن تي نڪ جي ڦلي جرڪا پي ڏنا. هوءِ رکي رکي وڏا ساهه کڻي رهي هئي.
”ابا جيئڻ آ ڪو، هوڏانهن ٻڌ ته اڄ فلاڻي رن کنيائين، اڄ فلاڻي ٻانهن ورايائين، ۽ ڀاڳين کي ڏيڻ بجاءِ پاڻ وٽ ويهاريائين. اڙي تون سوچ ته سهين تنهنجو هيڏو جوان اولاد ڇا سوچيندو. ڇا ڪندو. اڙي اولاد جو حياءُ نه ٿيو پويئي ته اسان جن اڇن مٿن جو ته خيال ڪر.“
پوءِ هوءِ آهستي چوڻ لڳي.
”ابا آهي ڪو جو توکي سجهي ته مان وڏي نه ننڍي اٿاريان. نه ته اها به ائين جلي سڙي ويندي. هان ابا!“
مان ڪي گهڙيون چپ ۾ رهيس. مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڪير سڏڪا ڀري پيو روئي. مون ٻاهر نهاريو، ات ڪير به نه هو. پوءِ ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو مانس.
”چاچي تون ڳڻتي نه ڪر، الله چڱي ڪندو. مان ڪوشش ڪندس ته سٻاجهي لاءِ به سڱ ملي، ريشان لاءِ ته جام.“
پوڙهي ٻهڪي پئي. اصل گهور پئي وڃي. مان اٿيس ته ريشان پليٽ ۾ ڀڳل حلوو کڻي آئي.
”کائو..“
سندس اکين ۾ عجيب چمڪ هئي ۽ چهرو ٻهڪيو پي. ڏاڍي ٺهي ۽ وڻي پي. الائجي ڇو مون کيس نوري سمجهيو. ساڳيون وڏيون اکيون. ڊگهو نڪ، ٿلهڙا چپ، ڊگهي ڳچي ۽ روشن کليل منهن مان سندس چهري جي اونهائين ۾ گم ٿي ويس. مان چئي نه ٿو سگهان ته هن کائڻ لاءِ جا آڇ ڪئي هئي ان ۾ ڇا هو ۽ مان ڇو ايڏو ٻڏي ويس. ريشان شرمائجي مٿي تي کڻي رئو وڌو.
”کائو نه!“
هن وري چيو ۽ مون حلوو کڻي وات تي رکيو. ڏٺم ته چاچي رنڌڻي ۾ نه هئي مون وٽ سوچ موٽي آئي: ” ائين ته نه جو هن مون کي ريشان لاءِ اشارو ڏيڻ لاءِ گهرايو هو.“ مون ريشان ڏي ڏٺو، سندس اڇا ڏند چپڙن مان مرڪي رهيا ها.
”ريشان ۽ مان!“
مان ريشان ڏانهن ٿورو جهڪيس ته ڏٺم ته هن اکين ۾ ايتري ته خود سپردگي هئي، جو مان سوچي نه سگهيس ته ڇا ڪريان. سندس چپ ڦڙڪي رهيا هئا، مون کي ائين لڳو ته هوءَ پياسي به نه آهي، هوءَ ته پاڻ ڀريل ڪڪري آهي جا ڪنهن پوٺي مٿان وسڻ ٿي چاهي. مون کيس گهوري نهاريو هوءَ مون کينوريءَ کان گهڻو مختلف لڳي. مان تکو تکو ٻاهر نڪري آيس. مون چاچيءَ کان موڪلايو به نه. مان ڏيڍي وٽ پهتس مس ته مون رڌڻي مان پليٽ ڇڄڻ جو آواز ٻڌو.
مان ڏيڍي ٽپي جيسين اوطاق ۾ آيس تيسين عجيب ويچارن ۾ هئس. اچڻ سان مون پاڻ مرادو سوڍا کولي ۽ يڪساهي ڏوڪي ڇڏيم. مون ڏٺو ته چاچو علي خان مون کي گهوري رهيو هو. هو ڪجهه سنجيدو ۽ اڳين چاچي کان مختلف پي لڳو. مان ماٺ ڪري ويهي رهيس. ماحول ڏاڍو خاموش ۽ ٻسو ٻسو پي لڳو. اچانڪ بوتل ۽ سوڍائن جي کولڻ جو کڙڪو ٿيو.
”هان وٺ عليم!“
”ڪجهه ڳالهاءِ ته سهين“
علي خان ماحول جي سنجيدگي کي تيلي ڏيڻ چاهيو.
”ڀلا نوريءَ جي ئي ڳالهه ڪري.........“
مان نوريءَ جي نالي تي ڪجهه دلچسپي ڏيکاري، پر پوءِ به چار ڦڪيون ڳالهيون ڪري ماٺ ۾ ڪنڌ لاڙي پئجي رهيس. علي خان ڪي سمجهيو ۽ ڪي نه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ڦڪا ٽهڪ ڏئي، اٿي کڙو ٿيو. جاڙو کيس ڏيڍي تائين ڇڏڻ ويس.
مان نشي ۾ هوندي سمهي نه سگهيس. خيالن ۾ سٻاجهي ريشان ۽ نوريءَ کي عجيب خوابن جي عجيب ماحول ۾ پسيم، مان من جي پيڙا ڀوڳي رهيو هوس ۽ مون پاڻ ڇڏائڻ لاءِ هنڌ تان ٽپ ڏنو.
منهنجي سامهون علي خان بيٺو هو. سندس هٿ ۾ بندوق ۽ پيٽي ڪارتوس جي هئي، جا هوءَ ڳچي ۾ وجهي رهيو هو. مون جهڪو ٿيل لالٽين کنيون ۽ علي خان مون ڏي نهاريو. سندس اکين ۾ عجيب وحشت ۽ ديوانگي هئي.
”چاچا خير!“
هو ڪي گهڙيون بندوق کي هٿ تي توريندو رهيو.
”ها خير آ، ٻانهن ورائڻي آهي.“
سندس آواز ڳرو ۽ گونج وارو هو. علي خان کي ته اهي معرڪا ۽ مهمون در ڪرڻيون هونديون هيون سو مون کلي چيومانس:
”ته پوءِ چئه نه ته شوق جي شيل شڪار تي ٿو وڃان ايڏو ڪاوڙيل ۽ ڊپائتو پيو لڳين؟ ڀانئجي ٿو ته چورن ڪنهن وڏي گهر کي کاٽ هنيو آ. ڪا ڳري ٻانهن ٿي ڏسجي، ڪيئن؟“ مون ٽهڪ ڏنو.
علي خان اڳتي وڌي ويو. ڪنڌ ورائي مون تي هڪ نگاهه وڌائين. سندس انهيءَ نگاهه ۾ علي خان جي پوري قوت ۽ طاقت هئي.
مان ماٺ ڪري کٽ تي ويٺس. الائجي ڇو مون کي خيال ٿيو ته اڄ مان به هنن سان وڃان ها ۽ جيڪر ڏسان ها ته علي خان ٻانهن ڪيئن ٿو ورائي. مون ٽپ ڏئي بوٽ پاتو ۽ ٽارچ هٿ ۾ کنيم. لوئي ڳچي ۾ ويڙهيم. هيءُ فيصلو ڪجهه عجيب ۽ وڻندڙ لڳم. ڊڪي آيس. ڏٺم ته سامهون اوندهه ۾ پنج سوار گم ٿي رهيا هئا. مان سٽ پائي ڪڙهه مان گهوڙو آندو ۽ ڪچي دڳ تي کڻي ڇڏيم.
ٽيڙو اڃا اڀا هئا. چوڌاري چيڪي مٽي، گاهه ۽ وڻن جو ٿڌڙو هٻڪار هو. هلڪو ٿڌڪار وڻيو پي. مون لوئي کولي ٻٽ کڻي ٻڌي گهوڙي کي اڙي هنيم.
مون علي خان وارن کي اڀري ديهه وٽان هيٺ ڀڏي ۾ لهندي ڏٺو. ڀڏي ۾ ڪافي گهاٽو جهنگ هو.
هو ڪافي تيز وڃي رهيا هئا ۽ مان ڌپي تي هلندو رهيس.
الائجي ڇو مان آرام ۽ فرحت محسوس ڪري رهيو هوس. مون کي ائين لڳو ته چوڌاري هڪ اوندهه آهي، جنهن ۾ زندگي جي تلاش جاري آهي. مان به زندگي ڳولڻ ٿو وڃان. مان به پيار جي ڪنهن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهيان. ٻي ڪڙي ڳولي زنجير بنائڻ جو سعيو ٿو ڪيان. اها زنجير جا انهيءَ زندگي کي پابند ڪري. مان ائين ڀانئڻ لڳس تي مان نوريءَ جي ڳولا ۾ آهيان ۽ کيس کڻڻ پيو وڃان. اها نوري جنهن جو نڪ ڊگهو، چپ ٿلهڙا، کليل روشن وڏيون ٻوانجهڙيون اکيون هيون. مون خيال ئي خيال ۾ کيس ڳولي ورتو، کيس پيار ڪيو ۽ ڀاڪر ۾ ڀري گهوڙي تي چاڙهيو، مون ڀڻڪيو: ”نوري منهنجي نوري!“ هوائن جي سر سر منهجي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪيو. ”عليم، مٺا عليم!“ ۽ مون گهوڙي کي اڙي هنئين. ائين ڄڻ مان نوريءَ کي کنيو، پناهه لاءِ ڍوري واري جهنگ ۾ وڃان پيو. مان ڏاڍي امنگن ۽ چاهت جي چاهه سان نوري کنيو جهنگ اڪاري رهيو هوس.
اچانڪ مون ڀرسان ئي، چند وکن تي آواز ٻڌا.
”نه ويندين، چوانءِ ٿو نه بيهه، چوانءِ ٿو.!“
آواز سڃاتل هو ۽ پوءِ بندوق جي ٺڪائن جو ڌوڌٽ هو. اڀ ڏاريندڙ ان سان گڏ هڪ هڪ درد ڀريل چيخ ٻڌم“
مون کي ائين لڳو ته منهنجي نوري گهوڙي تان رڙ ڪري، زخمي ٿي، ڪري پئي آهي. مون هيٺ نهاريو، منهنجو تصور ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏئي رهو هو. منهنجي نوري منهنجي آڏو مرندي، مان سوچي به نه ٿي سگهيس. مان منهنجو گهوڙو هڪ هنڌ ڄمي وياسين. خيالن مونکي عجيب ماحول بخشو.
”ٻانهون ائين کڄنديون آهين“
”ٻانهون ائين ڪاريون ٿينديون آهن“
”سندن ڪنوارن جذبن جو رت ائين جهنگ جي ٻوٽن کي پيارو ويندو آهي“
” پيار جو قتل ڏاڍو سولو ۽ ڏانوَ وٽان آهي.“
” جي ٻانهن زنده سلامت وري ته به ڇا. سندس هر عضوو جلايو وڃي.“
”ٻانهن – پيار - جيئرو ساهه.“
”نوري - مان – ٻانهن – جهنگ –گوليون!“
”هئي، عذاب، زندگي جو زندگي سان عجيب مذاق آهي.“
”انسان وحشي آهي. مان وحشي آهيان. پر مان انسان به ته ناهيان“
مون گهوڙي کي اڙي هنئين ۽ عجيب جنوني ڪيفيت ۾ رڙ ڪئي:
”علي خان- اڙي علي خان، اهڙو ظالم نه ٿي، علي خان!“
جواب آيو: ”ڪهڙو؟ اتي بيهه!،
”مون ٽارچ ٻاري، منهنجي سامهون علي خان ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. هو سڄو پگهر ۾ وهتل هو. سندس وڏيون مڇون هيٺ لڙڪيل هيون. سندس چار ساٿي بندوقون اڀيون ڪيو بيٺا هيا.
”عليم خان، اتي بيهه! هڪ همراهه ڪجهه سڃاڻي چيو.
پر مان آهستي آهستي وڌندو رهيس ۽ سندن آڏو وڃي بيٺس. مون ٽارچ جي روشني سامهون اڇلي، جيڪا وڻن جون چوٽيون روشن ڪندي هيٺ پاڙن ۾ پهتي. سامهون ڪارا ور ڦهليل هئا ۽ گورو گورو روشن منهن. ڀرسان ئي ڪجهه جوان اونڌو پيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ منهجي ٽارچ جي روشني انهن پاڙن جي پاتار ۾ پهچي ويئي آهي. مان گهوڙي تان ٽپ ڏئي لٿس ۽ تکو تکو لاش ڏانهن وڌيس، مون اڃان چار وکون مس کنيون ته پٺيان سيفٽي ڪيچ جو آواز ٻڌم، ائين لڳم ته مان ڪنهن بندوق جي سڌ ۾ آهيان. قدم ڪجهه ڳرا محسوس ڪيم. باقي چار وکون ميل ٿي لڳم، پر پوءِ من ۾ اڌما، تن ۾ باهه، نظريا ڦريل، ماحول تکو ۽ ڪڙو، وک پاڻمرادو تيز ٿي ويم. مان لاشن جي مٿان پهچي چڪو هوس. مون ٽارچ لاشن جي مٿان هنئي. مان ڪجهه سڃاڻن جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته پٺيان آواز ٻڌم:
”سنڀالجانءِ عليم خان، ڪمدار جانڻ هو.“
نه – جانڻ- نه – علي خان جو ڳرو ۽ ڳنڀير آواز آيو. اچانڪ مون جسم ۾ چوچڙيون محسوس ڪيون. منهنجي اکين مان گرمائش پوءِ پاڻي نڪرڻ لڳو هٿ ڏڪڻ لڳم، منهنجي سامهون، روشن جاڙن ڀرن، ٻوانجهڙين وڏين اکين، ڊگهي نڪ ۽ ٿلهڙن چپن وارو منهن هو. مون کان بي اختيار نڪتو:
”اڙي هيءُ ته – هيءَ ته - هيءَ ته ريشان آهي. منهنجي ريشان، منهنجي نوري، منهنجي!“
هوءَ ريشان هئي، علي خان جي ڌيءَ ۽ منهنجي خيالن جي راڻي نوري، ڄڻ ته هن ۾ سمائجي وئي هئي. منهنجي ذهن کيس ريشان مڃڻ کان انڪار ڪيو. مون کي لڳو ڄڻ نوري پنهنجا وار کولي، تصور جي رعناين سان پر، هيٺ زمين تي وڇائجي وئي آهي. زمين سندس جسم ۽ حسن آهي. سندس ٿلهڙن چپن تي ڦهليل رت جون لارون سندس امنگون ۽ جذبا آهن. ريشان، نوري بڻجي مون ۾ سمائجي وئي.
ٽارچ ڏڪندڙ هٿن ۾ گهڻو وقت روشن رهي نه سگهي. ڪرندڙ ٽارچ جي جهڪي روشنيءَ ۾ مون مڙد سڃاتو، اهو چاچي جو نوڪر جاڙو هو.
منهنجي چوڌاري اها ازلي اوندهه هئي. جنهن مان مون جنم ورتو. جنهن ۾ اڄ ريشان دفن هئي. اوندهه، روشن اوندهه، جنهن ۾ مان علي خان جو جهڪيل ۽ جهيرون پيل منهن ڏسي رهيو هوس. وڏي ڳالهه ته مان پنهنجي نوري کي ڏسي رهيو هوس ۽ مون محسوس ڪيو ته مان پاڻ کي ڏسي رهيو آهيان. هن روشن تاريڪين جو روشن پر اونداهو پاسو.