ڪھاڻيون

ويريون

فھميدہ بلوچ لکي ٿي:
حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين کي ڪيترائي ڀيرا پڙهيو اٿم، اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪھاڻيون ٿوريون لکيون ويون آهن. هن جي قلم جي قوت آهي ۽ قلم اڃان سوڌو مستقبل جي آئيني ۾ سوراخ ڪري ڪاغذ ٿي هلي رهيو اٿس. سنڌ جي معاشري ۽ فرسودہ روايتن ۽ مسئلن تي ايڏي اونھائيءَ سان لکي ٿو. هر ڪو لکي ٿو پيار، پيار، پيار ۽ اسان وٽ پيار جو ايڏو ڪو مسئلو نہ آهي. اسان وٽ اهڙي کوکلي نفس پرستيءَ جي پيار جي ضرورت ناهي. ان پيار جي ضرورت آهي، جنهن ۾ انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو احساس هجي، انھن لاءِ روڄ هجي، ماتم هجي. اسان وٽ اهو پيار هجي، جنھن ۾ ڏتڙيل ڌرتيءَ جي گونگن ٻوڙن لاءِ زبان هجي، ڪن هجن ۽ جدوجھد هجي، جنھن ۾ قرباني ئي قرباني هجي. حميد جي لکڻين ۾ اهي سڀ سنيھا آهن .
  • 4.5/5.0
  • 757
  • 289
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ويريون

هڪ هرڻيءَ جي ڳالهه

هيءُ ڪنهن خاص هرڻيءَ جي ڳالهه ڪانهي. هيءَ سڀني هرڻين جي آهي. جن جون سهڻيون من موهيندڙ اکيون مشهور آهن. حقيقت ۾ هيءَ ڳالهه سڀني اکين جي آهي، جيڪي ڳالهائي ڄاڻنديون آهن ۽ هيءَ آهي به ته هڪ ڳالهه.
اچو ته توهان کي هرڻي جي ڳالهه، اکين جي ڳالهه، ڳالهه ڳالهه ۾ ٻڌائي ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڳالهه مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن ٿيا جون مان اباڻي زمين تي زمينداري ڪرڻ ويو هوس. منهنجو ننڍڙو ڏهن ورهين جو پٽ به ساڻ هيم. ڇاڪاڻ ته هي به سندس اباڻي ملڪيت هئي ۽ کيس ئي سنڀالڻي آهي. پوءِ ڀلا کيس، پاڻ کان، زمين کان ڇو الڳ رکان؟ زمين تي پهتس ته هارين جي گهرن جي ٻاهران ئي ديري تي هنڌ کٽولا وڇايل هئا ۽ ڏاڍو بالم ٿي وڃي ڪرت کي لڳس.
ٿوري ويرم کان پوءِ ڏٺم ته مون وارو نينگر گم هو. پڇا ڪيم ته چيائون. “ سائين! علو ڪمدار کيس گهرن ڏي وٺي ويو آهي.“ دل ۾ خوش ٿيس. چيم ته هاري به سندس ۽ انهن جا ننگ به سندس، کيس ئي سنڀالڻا آهن. ڪا مهل ٿي ته ڏسان ته هڪ ننڍڙي ٻچٽ هرڻي نچندي اچي ۽ هو انهيءَ سان کيڏندو اچي.
” اڙي بابا، هي هرڻي ڪنهن جي گهلي آيو آهين.“
”بابا، چاچا ڪمدار وٺِي ڏني آهي. غلامون هاري جي پٽ جي آهي. بابا، هو وري ڏئي نه پيو ۽ روئي پيو، چاچا ڪمدار دڙڪا ڏئي هرڻي کڻي آيو.“
الائجي ڇو مونکي ڇرڪ پئجي ويو. اٿي بيهي رهيس. ”پر پٽ، هي پرائي آهي، غلامون جي پٽ جي آهي توهان کي نه وٺي اچڻي هئي.“
مون سندس اکين کي ڀرجندي ڏٺو، سندس اکيون التجا سان ڀريل هيون. مون ڪمدار ڏي ڏٺو.
”سائين ڪهڙي ڳالهه آهي، هي راڄ سڄو تنهنجو آهي، سڄي تنهنجي ملڪ آهي، هرڻي ڪهڙي شيءِ آهي. غلامون جا مائٽ جبل ڏي رهندا آهن. حڪم ڪيو ٻيون هرڻيون کوڙ.“
غلامو اڳتي وڌي آيو، ”بادشاهه، ننڍڙي حاڪم تان هڪ ڇا، سئو هرڻيون قربان. منهنجي پٽ اها پالي آهي، تڌهن کيٽو ڪيو اٿائين، کيس ٻي گهرائي ڏيندس. هرڻي ننڍڙي حاڪم جي ملڪيت آهي. منهنجا سائين.“
مان ويهي رهيس. ڪمدار، غلامو، علڻ، جانڻ ولو گلو ۽ رحيم واري واري تي ڳالهائيندا رهيا. هو ڇا ڳالهائيندا رهيا سو مان سمجهي نه سگهيس. منهنجو اکيون پنهنجي نينگر تي کتل هيون، جيڪو هرڻي سان کيڏي رهيو هو. منهنجي لاءِ ته وقت پٺڀرو هليو ويو هو ۽ ان نينگر جي جاءِ تي مان انهيءَ ئي هرڻي سان کيڏي رهيو هيس. رڳو زمان و مڪان جو فرق هو. هاڻ منهنجي سامهون ڌنڌ ۾ ويڙهيل ڪارا ٽڪر هئا. انهن جبلن جي هنج ۾ لس ئي لس ميدان ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، انهن گهرن کان پرڀرو سرڪاري بنگلا هئا. ڪجھه ڪوارٽر ها ۽ مان هيس. هڪ مون وانگر ننڍڙي هرڻي جنهن جو نالو ڪونجڙي هو. مون سان ساڻ هئي. مون به پئي ساڻنس ٺينگ ڏنا. مون سندس ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي سندس اکين کي چميو. مون کي سندس اکيون اهڙيون وڻنديون هيون، جو جڏهن بابا جي آڏو انهن اکين جي ساراهه ڪندو هئس، ته بابا کلي منهنجي ماءُ کي چوند هو ”پٽهين ته ڪو شاعر ٿيندو!“
هرڻي ڇانگ ڏئي ۽ سندس اکين ۾ مستي نه ڀرجي، اڻ ٿيڻي آهي. انهي مهل سندس اکيون سندس انگ انگ جي مستيءَ کي ظاهر ڪنديون هيون. مان انهي مستي ۾ ئي گم هيس ته بلاول ڊوڙندو آيو ۽ هرڻي کي رسي کان وٺي ڪاهڻ لڳو. ”هي هرڻي منهنجي آهي، هاڻ توکي نه ڏيندس. سڄو ڏينهن ٿو ڊوڙائينس. منهنجي هرڻي ٿڪجي پئي آهي.“
مون وت آهر وڌي کائنس هرڻيءَ جي رسي ڦرڻ جي ڪئي، پر مان آفيسري ٻار، ڪاٿي هو جابلو نينگر هڪ ئي ٺيلهو ڏنائين مان پري وڃي پيس.
مون روئي اچي بابا کي دانهن ڏني. ڀلا ڪاٿي بابو منهنجو ضلع جو وڏو آفيسر، ڪاٿي هڪ پٽيوالو ۽ ان جو پٽ. ان مهل هرڻيءَ اچي بنگلي تي ٺڪاءُ ڪيو. بلاول جو ڪوارٽر پري نه هو، سندس رڙيون سڃي رات پئي ٻڌڻ ۾ آيون، بابا منهنجي هرڻي، بابا منهنجي ڪونجڙي!“
هيءَ ته ڳالهه ئي نه هئي جو پٽيوالو همٿ ڪري پنهنجي آفيسر کي چوي. بلاول ٻئي ڏينهن تپجي پيو. مان وٽس هرڻي کڻي ويس. چيو مانس ته گڏجي کيڏون جيئن اڳي کيڏندا هياسين، پر هو چوي، ”ڪونجڙي منهنجي آهي رڳو منهنجي آهي.“
سرڪاري ضد ۾ هرڻي منهنجي هئي ۽ مان هرڻي سان وڃي کيڏڻ لڳس. شام جو اهوئي ميدان، اهي جبل ۽ ڪونجڙي هئي. ائين ڏٺم ته بلاول ڊوڙندو آيو.“هاڻي هيءَ هرڻي منهنجي آهي، بيگم صاحبه چيو آهي ته ڀلي وڃي تون کڻ. منهنجي امان مونکي بيگم صاحبه کان هرڻي وٺي ڏني آهي.“
مون سامهون نظر ڪئي، بنگلي جي ٻاهرئين ٿلهي تي منهنجي امان بيٺي هئي ۽ اشاري سان مون کي سڏي رهي هئي. مون کي ياد آيو ته بابا به ٻاهر گشت ۾ ويل آهي. پاسو کڻڻ وارو به ڪونهي ۽ هرڻي به کسجي ويندي. ڏاڍي خار مان هرڻي ڪاهيندو بنگلي ڏانهن آيس. اتي پهتس ته امان پيار سان سمجهايو ۽ مان هرڻي ڏي ڏسندو رهيس. جا آرام سان ٿلهي وٽ ويهي رهي هئي.
الائجي ڇو ايڏي بي عزتي ڀانيم جو جلد هڪ فيصلو ڪري ورتم. مونکي ان مهل نه ته هرڻيءَ جون ڇانگون ياد آيون، نه من موهڻيون اکيون. بس چپ چاپ ٿلهي تي چڙهي ويس ۽ اک هڪ چڱي ڳري پٿر تي هيم، اک ڇنڀ ۾ پٿر کڻي هرڻي مٿان اڇلايم. جيستائين امان پهچي، بلاول ڊوڙي يا هرڻي سجاڳ ٿئي. هرڻيءَ جو مٿو بنهه ڏاري وڌم، منهنجي اکين آڏو هرڻي جون اهي اکيون ياد آهن. جن ۾ اهڙيون التجائون صدين جون صدائون هيون. جو ائين سمجهيم ته سڄي وادي گونجي اٿي آهي. ان سان گڏ بلاول جون دانهون اڀ ڏاري رهيون هيون. مون بلاول ۾ به اهي ئي صدائون پسيون الائجي ڇو سندس اکيون مون کي هرڻيءَ جي اکين کان مختلف نه لڳيون.
اڄ جڏهن منهنجو پٽ اهڙي هڪ هرڻي کڻي آيو ته سچ پچ ته ڏڪي اٿيس. ۽ جيئن ڇرڪ ڀريم ته ڏسان پٽ مونکي ڪجهه چئي رهيو آهي.
”بابا، هو آهي غلامونءَ جو پٽ!“ ڏٺم ته هڪ نينگر ڪنڌ هيٺ ڪيو، ٻني تان وڃي رهيو آهي. ڇانگ ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي ڪهاڙي هٿ ۾ اٿس، جا ٻوڙن تي هڻندو نڪتو پئي ويو.
مون غلامونءَ کي چيو ته کيس سڏ ڪري. غلامونءَ جي سڏ تي هن لوڻو ورايو ۽ ڪجهه وقت اتي بيٺو رهيو ۽ پوءِ سري ويجهو آيو. سندس اکيون روئڻ ڪري ڳاڙهيون هيون.
”پٽ اوري آ تو کي هرڻي کپي“
يڪدم مون واري پٽ دانهن ڪئي ”بابا مان هرڻي ڪو نه ڏيندس!“ مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ جا جوت جاڳي ٿئي، ات مايوسي جا پاڇولا اچي ويا هيا.
”نه سائين هرڻي ننڍڙي حاڪم جي آهي. اڙي هل ڇورا! وڃي ٻڪرين کي ڏس، هل“ غلامونءَ چهڙ ڏنس.
مون يڪدم کيس روڪيو. ”پٽ، بيهه اسان هرڻي کڻون ٿا. پر ائين نه. اچي هيءُ وٺ. تون ٻي هرڻي وٺجانءِ.“ ڏانهنس پنجاهه جو نوٽ وڌايم. ڏٺم ته سندس اکيون ڀرجي آيون هيون. هن نوٽ وٺي هرڻيءَ ڏانهن ڏٺو جا پرڀرو وڻ سان ٻڌي بيٺي هئي. اوچتو سندس اکين ۾ مون هڪ عجيب چڻنگ ڏٺي. هن مون ڏانهن ڏٺو، هن جو اکيون ڳالهائي رهيون هيون اهڙي ڳالهه، جنهن ۾ نه التجا هئي، نه صدا هئي. ڄڀي هئي، جنهن ڀڙڪو کاڌو هو ۽ الر ڪري هرڻيءَ ڏانهن وڌيو. مان ته پنڊ پهڻ ٿي ويو هوس. هن جي ڊوڙ، تکائي ۽ جلدائي حيرت ۾ وجهندڙ هئي.
هن هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪهاڙيءَ سان هرڻيءَ جي منڍي لاهي وڌي. وڄ هئي جنهن وراڪو ڏنو هو. مون ڏانهنس ڏٺو، هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ سندس اکين هڪ دفعو وري ڳالهايو. مان ڇا ٻڌايانوَ ته هن جي اکين ڇا ڳالهايو. شايد وقت اهڙو اچي جو توهان سان ائين ئي ڪي اکيون ڳالهائين ۽ سمجهو ته هو ڇا ٿيون چون. هن نوٽ ڦاڙيو، دڙها هنيا ۽ واڪا ڪندو ڊوڙند نڪري ويو. مون ڏٺو ته چوٻول پئجي ويو. مان وڌي هرڻيءَ تائين ويس. اهي اکيون اهي ئي التجائون، اهي ئي صدائون.
هرڻيون شايد هرڻيون آهن. سڀ ساڳيون، من موهڻيون اکيون، اهي ئي اکين ۾ التجائون ۽ صدين جون صدائون پر ماڻهو! منهنجي آڏو بلاول جون اکيون، پوءِ غلاموءَ جي پٽ جون اکيون ڦري آيون. ڪيڏيون نه مختلف هيون!
”ڪيڏو نه زمان و مڪان جون فرق آهي!“ مون سوچيو.
مون پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو جو هرڻيءَ مٿان رڙيون ڪري روئي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ته هو بلاول بڻجي ويو آهي.

*