امن لاءِ دهشتگردن کي انعام ڏيندڙ حڪمران ۽ ماتم ڪندڙ ڪُڙي پنجابڻ
ڪالهه جڏهن سوات جي خوبصورت واديءَ کي امن جي آسري تي دهشتگردن کي انعام طور ڏنو پئي ويو ته انسانيت جي خيرخواهن جا ڏيل ڏڪي ويا. سندن دل جي ڌڙڪن بند ٿيندي محسوس ٿي. سوات امن معاهدي تي دهل ۽ شرنايون وڄائي سوڀ جا نعرا هڻندڙ اڄ ماتم ۾ مبتلا گهرن ۾ وڃي ڪهڙي طرح انهن سون ورنين ونين سان ڏک ونڊي سگهندا، جن جا ڪونڌر مڙس انهن ئي انسانيت جي ويرين وڃايا آهن. هو انهن جهور پوڙهين مائرن جي مٿي تي ڪيئن هٿ رکي سگهندا، جن جا نوجوان پٽ انهن ئي موت جي سوداگرن رت ۾ وهنجاريا آهن، جن سان حڪمران امن جي خوبصورت نالي تي ٺاهه ڪرڻ بعد هنڀوڇيون ۽ کڳيون هڻي رهيا هئا.
سوات امن معاهدو اصل ۾ حڪمرانن جي ڪا به فتح ناهي، جنهن تي سرحد صوبي ۽ وفاقي گاديءَ ۾ ويٺل شادمانا ڪري رهيا آهن ۽ عوامي نيشل پارٽيءَ کان وٺي ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام جون ڳالهيون ڪندڙ پارٽيون ۽ ڌريون پنهنجي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي رهيون آهن. ڪالهه جيڪو ٽولو عوام دشمن قرار ڏنو ويو هو ۽ سندس مٿان پابندي هڻي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن کي سندن نالو کڻڻ کان روڪيو ويو هو، اهو رات وچ ۾ ڪيئن کير جهڙو پوتر ٿي ويو. جو کين سرڪاري پروٽوڪول سان سوات جي واديءَ ۾ داخل ڪري سندن مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ويو. کين رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ملڪ جي آئين ۽ قانون کي پاسيرو رکي، کين متبادل انتظاميه رکڻ جو آشيرواد ڏنو ويو. ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو يعني خاموش اڪثريت دٻيل لفظن ۾ ان معاهدي کي فتح بدران شڪست سان ڀيٽڻ لڳي. امن جي نالي ۾ دهشتگردن کي انعام ڏيڻ جي هڪ ڪوشش سمجهڻ لڳي، پر انگريز دور وانگر انعام ۾ جاگيرون ڏيڻ جا جتن ڪرڻ کان پوءِ به حڪمران پنهنجا مقصد حاصل ڪري نه سگهيا. صوفي محمد سوات جي جاگير عطا ٿيڻ بعد راولپنڊي، اسلام آباد ۽ لاهور کي تحفظ مهيا ڪري نه سگهيو.اٽلندو طالبان کي پنهنجي ڪاررواين جو دائرو وڌائڻ جو موقعو ميسر ٿي ويو. دهشتگرديءَ جون وارداتون ماٺيون ٿيڻ بدران سوات جون سرحدون ٽپي لاهور کي ساڙڻ ۽ ٻارڻ لڳيون. ته پوءِ ڇا سڀاڻي پنجاب ۾ حڪومت طرفان امن جي قيام ۾ ناڪاميءَ تي امن لاءِ لاهور به دهشتگردن کي انعام ۾ جاگير طور عطا ڪيو ويندو.
سوات ۾ دهشتگردن سان امن معاهدي تي ملڪ جي سياڻن ماڻهن جي راءِ اها آهي ته ان سان فوجي آپريشن دوران ڇڙوڇڙ ٿيل دهشتگردن کي ٻيهر هڪ محفوظ پناه گاه ملي ويندي. کين منظم ۽ هٿياربند ٿي ٻيهر حملي آور ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو. ان سان حڪومت طرفان ڪيل آپريشن جا نتيجا ضايع ٿي ويندا. سوات امن معاهدي کي ڪافي هفتا گذري چڪا آهن، پر حڪومت عوام کي جيڪي امن جا خواب ڏيکاريا هئا، انهن جي ساڀيان پري پري تائين نظر نه ٿي اچي. اٽلندو دهشتگردن سوات کي محفوظ مرڪز بڻائي اتان ٻين پرامن علائقن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي. ملڪ جا سياڻا ماڻهو ته اهو به چون ٿا ته حڪومت نه صرف امن جي دشمنن کي منظم طريقي سان بدامني ڦهلائڻ لاءِ سوات تحفي ۾ ڏنو آهي، پر گذريل ٻن ٽن سالن کان هلندڙ آپريشن ۾ جيڪي دهشتگرد سوگها ڪيا ويا هئا، انهن کي به امن واري لالچ ۾ آزاد ڪيو پيو وڃي. جنهن جا نتيجا اهي ئي نڪرندا ته هو ٻيهر ملڪ کي باه جون اماڙيون بڇائيندا، عوام جو جيئڻ جنجال ڪندا. ملڪ جي ساڃهه وندن کي اها خبر نه ٿي پوي ته حڪومت ملڪي ناڻي جا اربين کربين روپيا خرچ ڪري، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان مارائي جيڪي دهشتگرد پڪڙيا هئا. انهن کي آزاد ڪرڻ سان ڪهڙا مقصد ماڻڻ گهري ٿي. جيڪڏهن ايئن ئي ڪرڻو هو ته شروعات ۾ ئي دهشتگردن آڏو آڻ مڃي کين انعام اڪرام ڏئي، جند آجي ڪرائي ڇڏي ها. هيڏي ڌماچوڪڙي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
اسان جا حڪمران خبر ناهي ته ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن کين امن جو ايترو ئي اونو آهي ته پوءِ هو سرچاءَ جو اهو عمل ٻين علائقن ۽ اتان جي عوام سان شروع ڇو نه ٿا ڪن. هڪ طرف دهشتگردن ڏانهن ته امن لاءِ هٿ وڌايو وڃي ٿو، پر ٻئي طرف پنهنجا حق گهرندڙ معصوم ماڻهو ماريا ٿا وڃن. سندن گهر ۽ وسنديون اجاڙيون ٿيون وڃن. پنهنجا ڦريل حق گهرندڙ ماڻهو شايد ان ڪري اهميت لائق ناهن جو وٽن دهشتگردن وانگر راڪيٽ ۽ بم گولا ناهن. هنن وٽ حق گهرڻ لاءِ فقط زبان ۽ قلم آهي. سوين ماڻهن جي قاتلن کي ته معاف ڪري، کين محبت مان ڀاڪر وجهي تخت تي ويهاريو وڃي ٿو، پر بلوچ عوام کي پنهنجي علائقي جا قانوني، آئيني ۽ فطري حق ڏيڻ، ساڻن ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪرڻ کي ڪبيرو گناه سمجهيو وڃي ٿو. بلوچن جا ايجنسين طرفان گم ڪيل سوين نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون واپس نه ٿا ڪرايا وڃن. بي گناه باندي بڻايل بلوچن لاءِ طالبان وانگر جيلن جي در نه ٿا کلن. ٻيو ته ڇڏيو پر اسان جو صدر صاحب بلوچن کي ان نام نهاد معافي لائق به نه ٿو سمجهي، جيڪا رعايت بلوچ پاڻ لاءِ وٺڻ توهين سمجهن ٿا. ڏوه حڪمران ڪن ٿا، ماڻهو ايجنسيون مارين ۽ گم ڪن ٿيون، پر پوءِ به امن لاءِ بلوچن سان حڪمرانن جو رويو اهڙو آهي، جنهن جو تصور ڪندي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. بلوچ طالبان وانگر ڪابه رعايت نه ٿا گهرن، کين ڪابه معافي نه گهرجي، پر هو فقط پرامن جدوجهد ذريعي پنهنجا حق گهرن ٿا. شايد هو طالبان وانگر ڪا خاص مخلوق ناهن، جو حڪمران سندن مطالبي کي مان ڏين.
حڪمرانن جنهن خطرناڪ روايت جو بنياد وڌو آهي. اها ڪٿي دنگ ڪندي. خدا خير ڪري، جيڪڏهن سوات واري امن معاهدي کي بنياد بڻائي سڀاڻي سنڌ ۾ تيزيءَ سان داخل ٿيندڙ طالبان جا ٽولا ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت شڪارپور ۾ به دهشتگرديءَ ذريعي حڪومتي رٽ کي مٽيءَ ۾ ملائي سرڪار تي امن ٺاه لاءِ دٻاءُ وجهي ويهي رهن ۽ امن لاءِ سنڌ جا شهر به سوات وانگر جاگير طور گهري ويهن ته پوءِ سنڌ جي ناريءَ کي به لاهور جي ڪڙي پنجابڻ وانگر پنهنجن پيارن تي فقط پار ڪڍي روئڻ جو ئي موقعو ملي سگهندو.
(ڇپيل، روزاني سنڌ حيدرآباد، 2 اپريل، 2009ع)