اسان انسان ڪڏهن ٿينداسين؟
جنهن سنڌ جا ماڻهو اڳ ڪنهن جيت جڻئي کي به مارڻ پاپ سمجهندا هئا، سي هاڻي ڪيئن وحشي ٿي ويا آهن، جو معصوم ٻارن کي اغوا ڪري پئسن جي لالچ ۾ مٿن بي رحماڻو تشدد ڪري سندن دانهون، ڪوڪون ۽ آزاريون نيازيون سندن والدين کي موبائيل فونن تي ٻڌرائين ٿا. جيئن لاچار ۽ بيوس والدين پنهنجي دل جي ٽڪرن کي ڇڏائڻ لاءِ وحشين لاءِ ڀنگ جي رقم جو ستت انتظام ڪري وٺن. اها باشعور ماڻهن جي سنڌ آهي، اها موهن جي دڙي جي وارثن جي ڌرتي آهي، جتان جا ماڻهو هاڻي ڏوڪڙن جي لالچ ۾ گلن جهڙن ٻارن کي به قتل ڪرڻ کان نه ٿا مڙن.
گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ معصوم ٻارن کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو ته هلندڙ هو، پر هاڻي ان ۾ هڪ ٻي وحشت ۽ بربريت جو اضافو ٿيو آهي. ڪجهه مهينن کان معصوم ٻارن کي بيدرديءَ سان مارڻ جون انتهائي خوفناڪ ۽ دل جهوريندڙ وارداتون سامهون آيون آهن. موهن جي دڙي جهڙي سڌريل تهذيب جي مالڪ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ٻئي پويان 4 معصوم ٻارڙن کي اغوا بعد انتهائي بي رحماڻي طريقي سان ڪٺو ويو آهي، سندن سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري اڇليون ويون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ڪالوني مان ٻن معصوم سوئٽن لکمير ۽ مجاهد کي پنهنجي ئي عزيزن اغوا ڪيو، جنهن بعد ٻنهي معصومن کي قتل ڪري سندن سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري اڇليون ويون. اهڙيءَ طرح ساڳي ڪالوني ۾ ذاتي دشمني تحت 8 سالن جي ٻالڪ سلمان کوکر کي اغوا ڪري سسي ڌڙ کان ڌار ڪري لاش باچڪي ۾ وجهي گند جي ڍير تي اڇليو ويو. ساڳي ڪالوني ۾ وري پئسن جي لالچ ۾ اچي جوابدارن ڪالهه 4 ورهين جي عمار جتوئي کي زندهه مٽيءَ ۾ دفن ڪري قتل ڪري ڇڏيو. معصوم ٻارن کي جنهن بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. انهن واقعن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. انهن جيءُ جهوريندڙ وارداتن تي موهن جي دڙي جي تهذيب جا خلاق به تڙپي پيا هوندا. ايئن ته جڳ جهان ۾ وحشت ۽ بربريت جي علامت بڻيل طالبان به نه ڪندا آهن، جيئن سنڌ جي مهذب سڏائيندڙ ماڻهن ڪيو آهي. ايئن پيو محسوس ٿئي ته سنڌ جا ماڻهو وري دور جاهليت ڏانهن موٽي رهيا آهن. هو مذھبپڻي جا سڀ معيار مٽي ۾ دفن ڪري، ماڻهپي ۽ مريادا کي ٻه طلاقون ڏئي قبل مسيح واري جهنگلي ۽ وحشي ماڻهن جي صفن ۾ شامل ٿي رهيا آهن.
ڇا سنڌ جا ماڻهو موهن جي دڙي واري تهذيب ۽ ثقافت کي پٺي ڏئي پنهنجي هن سڃاڻپ سان دنيا آڏو اچڻ چاهين ٿا. ڇا سنڌي ماڻهو پنهنجن ٻچن کي ڏوڪڙن خاطر اغوا ڪري، بيدرديءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪري سندن رت ۾ لت پت ٿيل لاش کڻي پنهنجي شعور جو هوڪو ڏيندا. ٻيلي هيءَ سنڌ ته ڀٽائي ۽ سچل واري سنڌ ڪانهي، هن سنڌ لاءِ ته شيخ اياز بيت ڪونه سٽيا هيا، هن سنڌ لاءِ هوشو ۽ هيمون ته پنهنجي جان جو نذرانو ڪونه ڏنو هو. هن دردندگيءَ ۽ ڪٺور پڻي ۾ اسان پنهنجا ڪارا ڪيل منهن دنيا کي ڪيئن ڏيکارينداسين. دنيا مهذب پڻي ۽ انسان دوستي طرف سفر ڪري رهي آهي پر اسان سنڌ جا ماڻهو ان کي پٺي ڏئي، ماڻهپي جا سڀ دڳ ۽ واٽون وڃائي ويٺا آهيون. اسان انسان ڪڏهن ٿينداسين، ان تي سڀني کي سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي.
(ايڊيٽوريل، ڇپيل روزاني سنڌ، حيدرآباد، 15 مارچ 2012ع)