ذوالفقار آباد رٿا ۽ سنڌي ماڻهن تي ڪيل چٿرون
اڳوڻي آمر پرويز مشرف جڏهن پنهنجي آمريت واري دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ مهم هلائي هئي ۽ سنڌي ماڻهن ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ته هن به چڙ ۾ سنڌي ماڻهن کي ساڳيو لقب ڏنو هو ته سنڌي ماڻهو جاهل آهن، هو قابل ناهن، جو کين ملڪ سنڀالڻ جون واڳون ڏئي سگهجن. اڄ جڏهن تاج حيدر صاحب ساڳي آمر مشرف واري ٻولي ڳالهائي آهي ۽ سنڌي ماڻهن کي دقيانوسي سوچ رکندڙ قرار ڏنو آهي ته يقينن اڳوڻي آمر مشرف کي روحاني ۽ دلي سڪون نصيب ٿيو هوندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙي جي هدايتن تي تاج حيدر طرفان ذوالفقار آباد رٿا تي ڏنل بريفنگ جو جيڪو حشر ٿيو آهي، ان کان به خدا جي خلق واقف آهي. بريفنگ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي پ پ ايم پي ايز ذوالفقار آباد شهر جي رٿا تي شديد تحفظات جو اظهار ڪندي ان کي اڻ سڌي طرح رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي ڊسپلين سبب هنن وڏي واڪي ته ان رٿا کي رد ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو پر بريفنگ ۾ سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن جي ايوان مان 20 کان به گهٽ ايم پي ايز ذوالفقار آباد رٿا بابت پ پ جو موقف ٻڌڻ لاءِ آيا. سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيل هن اجلاس ۾ ٺٽي جي شيرازي ڀائرن، ملڪاڻين، سسئي پليجو کان ويندي جن ٻن تعلقن ۾ اهو نئون شهر اڏجي رهيو آهي، انهن جي چونڊيل نمائندن به شرڪت نه ڪئي. فنڪشنل مسلم ليگ جو هڪ به نمائندو ان اجلاس ۾ نه آيو. سنڌ اسيمبلي جي هن بريفنگ اجلاس ۾ مسلم ليگ (ق) جو ڪو به نمائندو شريڪ نه ٿيو پر ارباب گروپ سان تعلق رکندڙ صرف چيتن مل شريڪ ٿيو. متحده قومي موومينٽ مان اڪيلي هير سوهو آئي، جنهن اچڻ سان چيو ته اسان کي هن وقت تائين هن رٿا تي ذري برابر به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.
سنڌ اسيمبلي جي معزز ميمبرن ۽ وزيرن کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ جيڪو اجلاس سڏايو ويو هو، ان ۾ ذوالفقار آباد اٿارٽي جي ڪنهن به عملدار شرڪت نه ڪئي. هڪ اهڙي ماڻهو کان بريفنگ ڏياري وئي، جيڪو پاڻ ماهر نه هيو. هن رٿا جي ٽيڪنيڪل پاسن تي ڪابه روشني نه وڌي. اجلاس ۾ شريڪ ٺٽي ضلعي جي اڪيلي چونڊيل نمائندي صادق ميمڻ سخت اعتراض واريندي چيو ته، هن گڏجاڻيءَ سميت ذوالفقار آباد رٿا جي حوالي سان جيڪي به سرگرميون ٿي رهيون آهن، ان ۾ اسان چونڊيل نمائندن کي ذري برابر به اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي. روز احتجاجي مظاهرا، ريليون نڪري رهيون آهن، سنڌ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته ان رٿا سان هو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. ان موقعي تي ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو ته، جڏهن بدين مان تيل نڪتو هو ته اسان کي چيو ويو تيل گئس نڪرڻ بعد بدين ضلعي جا ماڻهو مالا مال ٿي ويندا ۽ کير جون نديون وهنديون. پر حالت اها آهي جو بدين جا ماڻهو اڄ به درخواستون هٿن ۾ کڻي نوڪريءَ لاءِ در در ڌڪا کائيندا وتن ٿا. ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي ان موقف سان سنڌ جا ماڻهو سئو سيڪڙو متفق آهن ته سنڌ جي ترقي جي نالي تي شروع ڪيل رٿائون سنڌ جي تباهي جو سبب بڻجي رهيون آهن. ڇا سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تباهي جي بنياد تي ترقي قبول ڪندا. يقينن ان ڳالهه کان پ پ قيادت به واقف هوندي.
سنڌي اسيمبلي جي ميبرن ذوالفقار آباد رٿا تي تحفظات جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته هي منصوبو سياست جي ور چڙهي چڪي آهي ۽ ماڻهن ۾ تمام گهڻا خدشا آهن، سنڌي ماڻهو سمجهن ٿا ته ان نئين شهر جي اڏاوت سان هو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. سنڌي ماڻهن جي اقليت ۾ اچڻ بابت سوال تي پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جيڪو موقف اختيار ڪيو، اهو انتهائي ٻاراڻو ۽ کل جوڳو هو. هن صاحب فرمايو ته جيڪي ماڻهو ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت خلاف واويلا ڪري رهيا آهن ته هن رٿا سان مقامي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ته کين هن ڳالهه کان باخبر رهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهو وڏي انگ ۾ ٻار پيدا ڪري رهيا آهن. تاج حيدر جي فارمولي موجب سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ٻيا ڪم ڪار ڇڏي هاڻي ٻار پيدا ڪرڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. واهه جو موقف آهي، ذوالفقار آباد رٿا کي جسٽيفاءَ ڪرڻ جو. تاج حيدر جي هن عجيب منطق تي سنڌي ماڻهو منهن مٿو پٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته هنن بدقسمتي سان ان پارٽي کي پنهنجو مينڊيٽ ڏنو آهي، جيڪا کين سکڻي عزت ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي.
ذوالفقار آباد رٿا ٺٽي ضلعي جي چئن تعلقن جاتي، کارو ڇاڻ، گهوڙا ٻاري ۽ شاهبندر جي 13 لک ايڪڙن تي جوڙي ويندي. حڪومت جي دعوى آهي ته ان 13 لک ايڪڙ زمين مان 10 لک ايڪڙ زمين هن وقت سمنڊ ۾ آهي ۽ اها زمين سمنڊ ۾ ڪانڪريٽ جي 230 ڪلوميٽر ڊگهي ڀت (Dyke) اڏي ري ڪليم ڪئي ويندي. فوري طور تي هي پراجيڪٽ شاهبندر تعلقي جي 60 هزار ايڪڙ زمين تي شروع ڪيو ويندو، ان 60 هزار ايڪڙ زمين مان صرف 20-22 هزار ايڪڙ زمين خانگي آهي جيڪا خريد ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪيٽي بندر تي به شروعاتي طور هڪ ننڍڙو بندرگاهه جوڙيو ويندو جنهن سان ذوالفقار رٿا لاءِ مٽيريل جي پهچ ۾ ڪافي آساني پيدا ٿيندي. سنڌ حڪومت جي هن بريفنگ ۾ انهن ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي چونڊيل نمائندن شرڪت نه ڪئي، جن جي علائقي ۾ هي رٿا جوڙي پئي وڃي. جنهن مان ثابت ٿيو ته بدين ۽ ٺٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ اتان جو عوام هن رٿا خلاف آهي. جڏهن ته ٺٽي مان چونڊيل صوبائي وزير صادق ميمڻ اجلاس ۾ شرڪت ته ڪئي پر بريفنگ مان مطمئن نه ٿيڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو. جنهن کي پرچائي ٻيهر اجلاس ۾ آندو ويو. صادق ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان کي ئي خبر ناهي ته ذوالفقارآباد رٿا ڇا آهي؟ هي پهريون ڀيرو آهي ته اسان کي بريفنگ ڏني وئي آهي پر اڃا ڪيتريون اهڙيون شيون آهن جن کي واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي. رٿا تي ڳالهائيندي بدين مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ۽ مير بابو ٽالپر به شديد خدشا ظاهر ڪيا ۽ چيو ته جيڪڏهن سمنڊ کي ٺٽي وٽان ڀت ڏني ٿي وڃي ته پوءِ سمنڊ بدين واري پاسي ڏانهن چڙهت ڪندو ان ڪري اُها ڊگهي ڀت علي بندر تائين آندي وڃي. مير بابو ٽالپر چيو ته رٿا شروع ڪرڻ کان اڳ ماحوليات تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان رپورٽ ڪرائي وڃي جڏهن ته رٿا وارو هنڌ انڊين بارڊر سان گڏ آهي جنهن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. ٺٽي سان تعلق رکندڙ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي هير اسماعيل سوهو به رٿا تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، مقامي ماڻهو ته ويچارا سادا آهن انهن کي پنهنجي مستقبل جي خبر ناهي ته انهن سان ڇا ٿيندو، ان ڪري آئون هن بريفنگ مان مطمئن ناهيان.
سنڌ حڪومت جي بريفنگ ڪالهه ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ جا ماڻهو ۽ انهن جا چونڊيل نمائندا هن رٿا کي سنڌ دشمن سمجهندي رد ڪن ٿا. موجود ايم پي ايز جو چوڻ هو ته ذوالفقار آباد ۾ ڌاري آبادڪاري واري ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ان ڪري اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جيئن دبئي ۾ آهي ته اُتي روزگار لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ووٽ جو حق ۽ ڊوميسائيل نه هجي. ايم پي ايز جي اهڙن خدشن ۽ اعتراضن تي تاج حيدر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا. تاج حيدر جي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري آڏو بند ٻڌڻ واري مطالبي تي ڪاوڙجي پوڻ ٻڌائي ٿو ته هن رٿا ذريعي ٻين صوبن جا ماڻهو آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويندا، جنهن سان سنڌي ماڻهو پنهنجا اختيار وڃائي ويهندا. ان ڪري پ پ جي حڪومت کي ملڪ جي ترقي جي نالي تي سنڌ جي تباهي جا بنياد نه وجهڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، جيڪڏهن خدا نه ڪري ان کي ڪو نقصان رسي ٿو ته ان جا اثر سڄي ملڪ تي پوندا.