سنڌ جي سياست ۾ آيل نئون ڇال ۽ سنڌ دوستن جون ذميواريون
پ پ حڪومت جون سنڌ دشمنيون
پ پ حڪومت سنڌ جي مسئلن تي ماضي وانگر نه صرف ڪن لاٽار ڪري رهي آهي، پر پاڻ کي سنڌ دشمن قوتن وٽ سرخرو ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد جي رستا روڪ لاءِ اڳي کان اڳڀري آهي. پ پ جا سنڌ دشمن حڪمران پير ۽ وڏيرا هر وقت اهو ڍنڍورو پٽي رهيا آهن ته وٽن سنڌ جا مفاد تين وال ڪرڻ لاءِ سنڌين جو مينڊيٽ موجود آهي. سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي اهو چئي لويو پيو وڃي ته کين عوام جي ڪا به حمايت مليل نه آهي. هو صرف ننڍڙا ٽولا آهن، انهن جي سنڌ مٿان ڪا به حجت نه ٿي ٺهي. پ پ جي حڪمران ڌر ان ئي بهاني سان سنڌ جي سادن سودن ماڻهن جون وايون بتال ڪري رهي آهي. کين منجهائي ڪري حقن واري جاکوڙ کان پري ڪرڻ جا جتن پئي ڪري. پ پ جي موجوده حڪومت احتجاجن کي ڪچلڻ لاءِ ڪوبه موقعو هٿان نه وڃايو آهي. هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو پ پ اقتدار خاطر سنڌ جي قومي مفادن خلاف ٿي بيٺي آهي پر ماضيءَ ۾ به پ پ جو اهو ئي رڪارڊ رهيو آهي. شهيد ذوالفقار ڀٽو جي حڪومت هجي يا شهيد بينظير ڀٽو جون حڪومتون رهيون هجن، پ پ هميشه پنجاب جي اقتداري ڌرين وٽ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ ۽ پاڻ کي پنجاب جي مفادن جي نگهبان ظاهر ڪرڻ خاطر سنڌ جي جائز مفادن کي به تين وال ڪيو آهي. سنڌ ۾ بهاري گهرائڻ وارو معاملو هجي، يا سنڌو درياهه مٿان ڊيم اڏڻ ۽ پنجاب لاءِ ڪينال ڪڍڻ وارو سنڌ دشمن فيصلو هجي، پ پ هميشه سنڌ جي عوام کي ناقابل تلافي نقصان ڏنا آهن. ماضي جي ڀيٽ ۾ پ پ جو هن ڀيري جيڪو ڀيانڪ سنڌ دشمن چهرو سامهون آيو آهي ان هتان جي عوام کي اهو سوچڻ تي ضرور مجبور ڪيو آهي ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پ پ مان سنڌ جي ڀلائي جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مترادف ٿيندو. پ پ حڪومت جي سنڌ واري وڏيرڪي قيادت کي سنڌ ۾ قومي سياست جي وڌندڙ اثر رسوخ خاصو پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هنن کي هاڻي اها پڪ ٿيڻ شروع ٿي آهي ته مستقبل ۾ سنڌ جي سياست جي حوالي سان سندن ڪو ڪردار نه جڙندو. ان ئي بوکلاهٽ جو نتيجو آهي جو پ پ سنڌ جي گهرو وزير سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجن کي ڪچلڻ لاءِ سرڪاري فورسز کي نه صرف ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي پر ذوالفقار مرزا ميڊيا جي سامهون اچي اهو اعلان ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي ته احتجاج لاءِ جيڪو گهران نڪتو ان جو لاش سندس گهر واپس ويندو. پوءِ سنڌ ڏٺو ته سرڪاري فورسز پهريان ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي احتجاج دوران هڪ سنڌي ڪونڌر کي بيدردي سان شهيد ڪيو. بعد ۾ ڪراچي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ٻن ڪارڪنن کي پرامن مارچ دوران گولين جو بک بڻايو ويو. معاملو رڳو اتي نه رڪيو پر حڪمران ڌر ان کان به اڳتي وڌي قومي سياست جي قيادت کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو. جنهن لاءِ تازو ڪراچي ۾ جسقم جي احتجاجي ريلي دوران پارٽي جي سربراهه بشير قريشي کي هميشه لاءِ رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جسقم جي ريلي تي خوفناڪ رٿابندي سان گهات هڻي هڪ وڌيڪ سنڌي نوجوان کي شهيد ڪيو ويو. ڪراچي ۾ جسقم جي چيئرمين تي قاتلاڻي حملي بعد اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته سنڌ دشمن ڌرين هاڻي سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ باقاعدي منصوبابندي هيٺ ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪئي آهي.
سنڌ جي سياست تان غدار وڏيري جو قبضو ڇڏائڻ وارو سوال
قومي سياست ڪندڙ ڌرين سنڌ سان پنهنجين مڙني سچاين ۽ وفادارين هوندي مادر وطن جو سياسي ميدان غدار وڏيرا شاهي لاءِ خالي رکيو آهيو. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ايوان ته ڇڏيو پر مڪاني حڪومتن واري نظام کي به سندن در جي لونڊي بڻائي ڇڏيو آهي. عوامي فورم وڏيرن جي حوالي رهڻ سان قومي سياست ڪندڙن جو عوام سان سندن فوري حل طلب مسئلن لاءِ رابطو ۽ ڳانڊاپو ڪٽجي ويو آهي. جنهن ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي ملڪ جي اعلى ايوانن ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪوبه ساڃهه وند موجود نه رهيو آهي. تنهن ڪري وڏيرا، پير، مير ۽ جاگيردار پاڻ کي سنڌ جو حقيقي نمائندو قرار ڏيندي سڄي دنيا آڏو سنڌ جا هي نام نهاد سورما بڻيا ويٺا آهن. هر موقعي تي سندن لاڦ پئي لڳي ته هو ئي سنڌ جا وارث ۽ ڌڻي آهن، کين هن ديس جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جا پروانا مليل آهن. عوام به ڪا متبادل قيادت موجود نه هجڻ ڪري مجبورن ٻيهر نانگن جي ٻرن ۾ پناهه وٺڻ لاءِ مجبور آهي. ان ڪري ستم ظريفي اها آهي جو هن وقت دنيا آڏو سنڌ جي وارثي ۽ عوام جي نمائندگي اهي وڏيرا ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي عوام جا ازل کان ويري رهيا آهن. جڏهن سنڌ جا حقيقي وارث ۽ ڌڻي هر فورم ۽ ميدان کان ٻاهر هوندا ته هو دنيا آڏو اهو ڪيئن ثابت ڪندا ته هو سنڌ جا حقيق نمائندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌين جون دشمن ڌريون عالمي فورمن تي سنڌ جي نمائندگيءَ جون دعويداري بڻجي ويهي رهيون آهن. هن وقت جڏهن سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلا بچائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آهي ته سنڌ جي قومي سياست ڪندڙ ڌرين کي به سڀني فورمن ۽ ايوانن تان سنڌ جي غدار وڏيراشاهي جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. وڏيرن ۽ ميرن کان سڀ ايوان خالي ڪرائي عوام جي هڏڏوکين جي هٿن ۾ ڏنا وڃن. جنهن بعد ڪنهن به سنڌ دشمن ۽ نسل پرست کي ڪنهن به عالمي فورم تي اها دعوى ڪرڻ جي همت نه ٿيندي ته وٽس سنڌ جي عوام جو مينڊيٽ موجود آهي. ڪنهن غدار وڏيري کي اها جرئت نه ٿيندي ته هو سنڌ جا حق تين وال ڪرڻ وقت اها هام هڻي ته کيس سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ووٽ ذريعي اهو ڪڌو ڪم ڪرڻ جو پروانو ڏنو آهي. هتي اسان جو اهو قطعي مقصد ڪونهي ته رڳو پارليامينٽ ذريعي ئي سنڌ جي حق حاڪميت حاصل ڪري سگهجي ٿي پر اهو مورچو به ڪنهن سنڌ جي ويري جي هٿن ۾ نه ڇڏڻ گهرجي. ان سان اسان دنيا آڏو اها دعوى ڪري سگهون ٿا ته سنڌ جو مينڊيٽ هتان جي هڏڏوکي هٿن ۾ آهي ۽ هو ئي سنڌ جي قسمت جا فيصلا ڪرڻ جا اختيار ۽ حق رکن ٿا.
(ڇپيل سنڌ جون مختلف اخبارون 2 آگسٽ 2009ع)