سنڌ ۽ پنجاب ۾ ويساهه جا ٽٽل ڌاڳا
وزيراعظم سنڌ ڪابينا جي خاص اجلاس بعد فرمايو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ نقصان ٿيو آهي. هن صاحب اهو به فرمايو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ضد سبب نقصان رسيو آهي. وزيراعظم جي ان بيان سنڌ جي ماڻهن کي ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ بعد اهو ڪو پهرين ڀيرو ناهي جو پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪنهن وفاقي حڪمران صدمي ۾ مبتلا سنڌ جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو هجي. پر هن کان اڳ پنجاب سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير مخدوم شهاب الدين به سنڌ جي دوري دوران اهو چوندي ڪا هٻڪ محسوس نه ڪئي ته سنڌ جا ٻوڏ تباهيءَ بابت انگ اکر صحيح ناهن. هن صاحب روزاني ڪيپمن ۾ گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين سبب ماڻهن جي موت کان انڪار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي رليف ڪيمپن ۾ ڪوبه ماڻهو گيسٽرو سبب فوت نه ٿيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ميڊيا جي غلط بياني آهي. وفاقي وزير کي خاص طور تي سنڌ جي ميڊيا تي ڪاوڙ آهي. جنهن جو اظهار هن سنڌ جي دوري دوران به ڪيو ۽ چيو ته گيسٽرو سبب ماڻهن جي موت بابت ميڊيا جون خبرون غلط آهن. اسان جي مانواري وزير کي جيڪڏهن هڪ مهيني اندر سنڌ جي ٽي وي چينلن تي معصوم ٻارن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن جا لاش نظر نه آيا آهن ته ان بي خبري تي فقط ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. مخدوم شهاب الدين کان اڳ سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير صمصام بخاريءَ به سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪرڻ بعد اهڙو بيان ڏنو آهي. هن صاحب فرمايو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ ايڏي تباهي نه مچائي آهي، جيترو معاملي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي.
وزير اعظم گيلاني، مخدوم شهاب الدين ۽ صمصام بخاري اهي لفظ سنڌ جي ڌرتيءَ تي موجودگيءَ دوران چيا آهن. هنن کي پنهنجي دورن دوران ڪيمپن ۽ ان کان ٻاهر لکين بي گهر ماڻهو نظر نه آيا. کين اهي سڏڪندڙ ٻار به نظر نه آيا جيڪي ڪيمپن ۾ يا انهن کان ٻاهر مانيءَ جي هڪ گرهه لاءِ مائرن جي هنجن ۾ ساهه جون آخري هڏڪيون کڻي رهيا آهن. هنن کي انهن ٻارن ۽ ٻڍن جا اهي لاش به نظر نه آيا، جيڪي گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين سبب پنهنجن پيارن کان وڇڙي ويا آهن. هنن کي ته پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه شهيد بينظير ڀٽو جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اهي لاش به نظر نه آيا، جن جي وارثن وٽ ڪفن دفن لاءِ به پئسا نه هئا ۽ هو لاشن کي کڻي بي رحم حڪمرانن جي آفيسن ۽ بنگلن اڳيان ڪفن جي خيرات پنڻ لاءِ ويا هئا، پر سندن پيارن کي ڪفن به نصيب نه ٿيو.
لاڙڪاڻي جي پائيلٽ اسڪول جي ڪيمپ ۾ ترسيل ڳڙهي خيرو ڀرسان ڳوٺ امام بخش جمالي جو رهواسي ٻوڏ متاثر 75 ساله حاجي فريد بروهي بيماري سبب فوت ٿي وڃي ٿو. هن جا وارث ڪفن دفن جا پئسا نه هجڻ ڪري ضلعي جي عملدار ڊي سي او وٽ وڃن ٿا پر ڊي سي او صاحب کين اهو چئي موٽائي ٿو ته هن وٽ ڪفن دفن لاءِ پئسا ناهن، مجبور ٿي متاثر ڳوٺاڻا لاش ايڌي حوالي ڪري ڇڏين ٿا. جيڪي لاش کي لاورث قرار ڏئي دفن ڪري ڇڏين ٿا. اهو هڪ واقعو ناهي پر قمبر ۾ به هڪ ٻوڏ متاثر 50 ورهين جي عورت عنايت خاتون بيماريءَ وگهي فوت ٿي وڃي ٿي، ان جي لاش کي به حڪمران دفن ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين ۽ سنڌ ڌياڻيءَ جو لاش به لاوارث قرار ڏئي دفنايو وڃي ٿو. اهڙا ڪافي واقعا رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته اهڙا ڪيترائي ٻيا واقعا ۽ دردناڪ داستان ڪئميرائن جي اک کان اوجهل رهجي ويا هوندا.
پنجاب سان تعلق رکندڙ حڪمرانن مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ سان پنهنجا پراڻا وير پاڙڻ لاءِ سندرو ساهي ورتو آهي. ٻوڏ سٽيلن لاءِ ايندڙ امداد جو وڏو حصو پنجاب جي حوالي ڪرڻ لاءِ متاثرن جي انگ ۾ هيراڦيري ڪئي پئي وڃي. نيشنل فلڊ ڪميشن پنجاب جي ڌر بڻجي سنڌ جو نقصان گهٽ ۽ پنجاب جو وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ سندرو ساهي بيٺي آهي. هڪ ئي رات ۾ پنجاب جا انگ اکر وڌايا ويا. فلڊ ڪميشن تازو سنڌ جي متاثرن جي انگ ۾ 44 هزار جي گهٽتائي ۽ پنجاب جي متاثرن جي انگ ۾ 62 لک 91 هزار جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
وفاقي فلڊ ڪميشن 30 آگسٽ تي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ متاثرن جو انگ پنجاب ۾ 19 لک 8 هزار 15، سنڌ ۾ 40 لک 15 هزار 409، خيبر پختون خواهه ۾ 15 لک 15 هزار 849، بلوچستان ۾ 10 لک 15 هزار 262 ڄاڻايو هو. ٽن ڏينهن بعد انهن انگن اکرن ۾ هيراڦيري ڪندي پنجاب جي ٻوڏ متاثرن ۾ اٽڪل 62 لک 91 هزار 985 ماڻهن جي واڌ ڪندي 82 لک ۽ سنڌ جو انگ گهٽائي 39 لک 70 هزار ڄاڻايو. جنهن وقت اهي انگ اکر تبديل ڪيا ويا ان وقت پنجاب ۾ ٻوڏ ختم ٿئي 3 هفتا ٿي چڪا هئا. جڏهن ته سنڌ ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون اڃا جاري آهن. فلڊ ڪميشن کي اهو ڪيئن الهام ٿيو ته پنجاب ۾ 62 لک ٻوڏ متاثر اوچتو ٽن ڏينهن اندر وڌي ويا آهن ۽ سنڌ ۾ کين زمين ڳهي وئي آهي. هن قسم جو نسورو ڪوڙو ناٽڪ رچائڻ پنجاب جي حڪمران طبقي کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
سنڌ حڪومت ٻوڏ بابت جيڪي شروعاتي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن، انهن موجب سنڌ ۾ دادو ۽ ٺٽي ضلعي ۾ آيل تباهيءَ کان اڳ ئي 70 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. صوبائي صلاحڪار قيصر بنگالي 7 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب مجموعي طور سنڌ کي 4 کرب 46 ارب 80 ڪروڙ جو نقصان پهتو آهي. دادو ۽ ٺٽي ضلعي کي ڇڏي ڪري باقي سنڌ ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سبب 43 شهر ۽ 7 هزار 274 ڳوٺ تباهه ٿي ويا آهن.
سنڌ جا ٽيڪنوڪريٽ ته قيصر بنگاليءَ جي ڏنل انگن اکرن سان به سهمت ناهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت اڃا صحيح نموني متاثر علائقن ۾ پهچي نه سگهي آهي. هيءُ انگ اکر ته فقط ابتدائي سروي بعد جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ٻڏي ويل وسندين تائين ته حڪومت جي اهلڪارن جي اڃا تائين پهچ ممڪن ٿي نه سگهي آهي. هنن جي رسائي ته بندن ۽ ٻين محفوظ هنڌن تي رهندڙ ماڻهن تائين به نه ٿي سگهي آهي. ٻڏي ويل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪميونيڪيشن جا ذريعا مڪمل تباهه ٿيڻ سبب ڪامورا انهن ماڻهن تائين امداد به نه پهچائي سگهيا آهن، جيڪي گهرن جي ڇتين يا ٻين محفوظ جاين تي پناهه وٺي ويٺل آهن. ان ڪري سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل انگ اکر بلڪل اڻ پورا آهن. پر وفاق ۾ ويٺل ڪامورا ته انهن کي به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي پنهنجي ئي پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت تي اعتبار ناهي ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو به مرڪز جي انگن اکرن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. ان ڪري سنڌ ۾ آيل تباهيءَ جي عالمي ادارن کان مڪمل ۽ سربستي سروي ڪرائي وڃي ته پوءِ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ هاڻي ويساهه جا ڌاڳا ٽٽي چڪا آهن.
وفاقي حڪمران پنجاب کي فائدو رسائڻ لاءِ سنڌ ۾ مرندڙن جي انگن ۾ به هيراڦيري کان مڙڻ لاءِ تيار ناهن. ٻيلي اوهان سنڌ جي جيئرن جاڳندن ماڻهن سان ته هيل تائين منافقيون ڪندا آيا آهيو پر گهٽ ۾ گهٽ مري ويلن سان ته انگن اکرن جي راند بند ڪئي وڃي. پاڻي ۾ لڙهي ويلن جا لاش، رليف ڪيمپن ۾ سڏڪي سڏڪي ساهه ڏيندڙ معصوم ٻارن، ٻڍن ۽ عورتن جا ميت اوهان کان ڪجهه به نه ٿا گهرن. نه وري توهان جي اڪابريءَ کي اٿي چئلينج ڪندا، نه وري پنهنجي بي موت مرڻ جو حساب ڪتاب گهرندا. ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ مئلن سان ڀوڳ ۽ مذاق ته بند ڪئي وڃي.
ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۾ هي پهرين ڀيرو آهي جو ٻوڏ سنڌ کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هڪ وڏي انساني الميئي مان گذري رهي آهي. تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا وهندڙ ڳوڙها ڪوبه اگهڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جون هزارين مائرون، ڀينرون، جوان ۽ ٻڍا کليل آسمان هيٺان تتل ڌرتيءَ تي بي يارو مددگار ويٺل آهن. سندن ڪوبه ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. اٽلندو اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.
ڌرتي جي ڌڻين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي لاوراث قرار ڏئي دفنايو پيو وڃي. سنڌين جي رت ۽ پگهر مان پگهارون کڻندڙ ڪامورا انهن کي دفنائڻ لاءِ به تيار نه ٿا ٿين. افغانين، سواتين، مالاڪنڊ واسين سميت جڳ جهان جي ڦورن ۽ ڀاڄوڪڙن لاءِ آڌرڀاءُ جون ٻانهون کوليندڙ حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي انسان سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. کين فقط ئي فقط انسانيت جي ناتي ڪفن ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن. پنهنجن ئي ماڻهن سان هيءَ ويڌن ڪندڙن ۽ سندن عزت نفس کي پائمال ڪندڙن کي آخر ڪيستائين هي ارهه زورايون ۽ منافقيون ڦٻي سگهن ٿيون. انهن جو جواب ايندڙ مستقبل ۾ انهن مائرن جي ڳلن تان وهندڙ لڙڪ ڏئي سگهن ٿا. جن جا ٻڄڙا ڪيمپن ۾ يا ڪيمپن کان ٻاهر 10 روپين جي او آر ايس جو پاڪيٽ نه ملڻ تي تڙپي تڙپي جان ڏئي چڪا آهن.
وفاق جا وزير ۽ ڪامورا هٿ وٺي سنڏ ۾ ٻوڏ تباهي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيئن حڪومت توڙي پرڏيهه کان ملندڙ امداد کان سنڌ کي محروم ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت جا فنڊ ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙ امداد فقط پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه ۾ خرچ ڪئي وڃي.
هن وقت تائين آمريڪا، برطانيه، گڏيل قومن، عرب ملڪن مان جيڪا امداد آئي آهي، ان جو هڪ ٿيلهو به سنڌ کي نه ڏنو ويو آهي. ان جو اعتراف سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه پاڻ پريس جي آڏو ڪري چڪو آهي. هن موجب ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي پرگهور پنهنجن فنڊن مان لهي رهي آهي. وفاق کان هڪ روپيو به نه مليو آهي. جڏهن سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو اها ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ ان ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه ٿي رهي ته مرڪز ۾ ويٺل حڪمران هن مصيبت جي گهڙي ۾ به سنڌ سان دشمني ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن.
مختلف ملڪن کان امداد جي صورت ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ سڪل خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جا ٿيلها ۽ پاڪيٽ موڪليا پيا وڃن. جن ۾ ٻارن لاءِ کير، بسڪيٽ ۽ ٻيو کاڌو شامل آهي، جڏهن ته کليل آسمان هيٺ ويٺل ماڻهن لاءِ خيما به موڪليا ويا آهن. پر سنڌ جا معصوم ٻار ڪيمپن ۾ کير نه ملڻ سبب سڏڪي سڏڪي ساهه ڏئي رهيا آهن. ٻارڙا، عورتون ۽ مرد کليل آسمان هيٺ سج جي تپش سبب بيمارين جي ور چڙهي رهيا آهن. پر ٻاهران آيل راشن ۽ تنبو سنڌ جي متاثرن لاءِ حرام قرار ڏنا ويا آهن.
هن وقت جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، ملڪ جو صدر سنڌي آهي، سنڌ جو وڏو وزير به سنڌي آهي، ان باوجود به سنڌ واسين سان مرڪز طرفان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهو سنڌ جي ماڻهن وٽ وفاق بابت ڪهڙي تاثر کي جنم ڏيندو. شايد حڪمرانن کي ايندڙ مستقبل جي ڪابه پرواهه ناهي. هنن اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان وقت بنگالي ڀائرن کي به ائين موت جي منهن ۾ بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو هو، جيئن هاڻي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ کي اڪيلو ڪيو پيو وڃي. جهڙي طرح اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي ماڻهن کي سامونڊي طوفان ۾ اڪيلو سمنڊ حوالي ڪيو ويو، ساڳي طرح اڄ سنڌ جي ماڻهن کي پنجاب جي حڪمران طبقي ٻڏڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. وفاق ۾ ويٺل ڪامورا ۽ وزير ته سنڌي ماڻهن جي لاشن جي صحيح ڳڻپ ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن، متان دنيا ان سانحي کان آگاهه ٿي سنڌ جي مدد لاءِ سڌي طرح اڳيان اچي. ٻيلي مرندڙن سان منافقي ڪن چڱن نتيجن کي جنم ڪونه ڏيندي آهي. ان جو مثال اوهان اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي بنگلاديش بنجڻ جي صورت ۾ ڏسي چڪا آهيو.