ڪيمپ ڪٿا ... ڏاڏا منهنجي لاءِ ماني کڻي اچجان
نئين ڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ قائم ٿيل ڪيمپ ۾ متاثرن لاءِ ڪجهه خيما ته لڳل آهن پر انهن ۾ رهندڙ مخلوق لاءِ ماني ۽ پاڻي جو ڪو به انتظام ٿيل ناهي. ٻارڙا بک وگهي روئي روئي پنهنجن مائرن جي هنجن ۾ سمهي پون ٿا. ننڍ دوران سندن سڏڪا بيوس بڻيل مائرن جو هينئانءُ چيري وجهن ٿا. سيتا جي امڙ به ان بيوسي ۾ مبتلا آهي. ڪنهن ڪنهن وقت سندس جيئڻ تان ارواح ئي کڄي وڃي ٿو. پر معصوم ٻارڙن جا مرجهايل چهرا ۽ سڏڪا کيس خودڪشي ڪرڻ کان روڪي وٺن ٿا. ”ڇا منهنجي مري وڃڻ کانپوءِ هنن کي ماني نصيب ٿيندي.“ اهو سوچي هوءَ روئي ويهي ٿي.
جمعي جي شام جو برسات متاثرين جي منهن تي ان وقت سرهائي اچي وڃي ٿي ۽ کين جيئڻ جو اتساهه ملي ٿو، جڏهن ڪجهه ڪامورا ڪيمپ ۾ اچن ٿا. هو ڀڀ ڀريل ٿلهو متارو صاحب مانيءَ جي اوسيڙي ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿيل متاثرن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته اڄ رات سڀني کي کاڌو خوراڪ مهيا ڪئي ويندي. هن تقرير ۾ ته گهڻو ڪجهه چيو ۽ ساڻس گڏ آيل ڪاٽن جي اڇن ڪپڙن ۾ صاحب لوڪ تاڙيون به وڄائيندا رهيا پر 2 ڏينهن کان پيٽ بکايل ماڻهو سندس فقط 2 لفظ سمجهي سگهيا ته کين اڄ رات ماني ملندي. معصوم ٻارڙا صاحب لوڪن جي گاڏين جي چوڌاري چڪر لڳائيندا رهيا پر پجارو گاڏي سميت ڪرولا ڪارن جي شيشن مان چنڊ وانگر گول ماني کين نظر نه آئي. گاڏيون دونهون ڇڏيندي غائب ٿي ويون.
کيتو ڪولهي جي ٽنگن ۾ ايترو ست نه رهيو هو جو هو رڙهي پنهنجي خيمي تائين واپس اچي سگهي پر ننڍڙي سيتا سندس ڪمزور ڪلهي تي ڪنڌ رکي چئي ويٺي تي ”ڏاڏا منهنجي لاءِ ماني کڻي اچجان.“ هو پنهنجي جگر جي ٽڪري جي التجا گاڏڙ انگل اڳيان سڀ ٿڪ وساري ويٺو. سندس ڪمزور ٽنگن ۾ ايتري ته اڻ مئي طاقت اچي وئي جو هو 0 7 سالن جي ٻڍڙو هوندي لٺ جي سهاري تي اٿي بيٺو ۽ ڪيمپ جي ان طرف وڌڻ لڳو جتي ڪجهه دير بعد ماني ملڻ جو آسرو هو.
خيمن مان ٻاهر آيل ماڻهو هڪ ٻئي سان سس پس ڪري رهيا هئا ته ”ملڪ جو بادشاهه (وزيراعظم) اچڻ وارو آهي. جيڪو متاثرن ۾ ماني ورهائيندو.“ بادشاهه سلامت جي اوسيئڙي ۾ سڄي رات گذري وڃي ٿي. بک سبب پاهه ٿيل ٻارڙا ان آسري تي سڏڪي سڏڪي سمهي پون ٿا ته سندن وڏا ڪجهه دير بعد ماني آڻيندا.
باک ڦٽي مهل بادشاهه سلامت جي اچڻ وارا افواهه دم ٽوڙڻ لڳا. ڪيمپ جي در تي ويٺل متاثرن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿيندو ڏسي انتظاميا نيٺ امداد کڻي آيل گاڏين جا در کولي ڇڏيا. 2 ڏينهن کان بکايل جلد امداد وٺڻ لاءِ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ انتظامي بد انتظامي جي ورچڙهي ويا. ڪيمپ جي در وٽ ان وقت ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري!“ وارو منظر هو. پيرسن کيتو ڪولهي ماڻهن جي ڀيڙ ۾ وڃائجي ويو، هو ڌرتي جي دز ۾ ملي ڌوڙ ٿي ويو. پنهنجن جي ئي پيرن کيس لتاڙي چيڀاٽي ڇڏيو. بک سڀني جا هوش خطا ڪري ڇڏيا هئا. سڀني جو درد ساڳيو هو.
سيتا سج جي پهرين ڪني نڪرڻ بعد جڏهن اک کولي ٿي ته سندس ڏاڏا جو چٿيل ۽ چيڀاٽيل لاش ڪيمپ جي در وٽ پيل آهي. سندس ننڍڙو ذهن اهو فيصلو ڪري نه ٿو سگهي ته هن جو ڏاڏو ننڊ ۾ ستل آهي يا کيس ابدي ننڍ ۾ سمهاريو ويو آهي. پر سيتا سندس هٿن ۽ بوڇڻ جي پلوءَ ۾ ماني ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
(ڇپيل: روزاني سنڌ، حيدرآباد، 15 آگسٽ 2011ع)