ڪالم / مضمون

سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

هي ڪتاب ليکڪ، صحافي ۽ محقق رُڪ سنڌيءَ جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو سھيڙيل مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ آگسٽ 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهي جا دردناڪ داستان بہ موجود آهن تہ ساڳي وقت حڪمران ڌر طرفان ٻوڏ متاثرن سان امداد جي نالي تي ڪيل ٺٺوليون بہ پنهنجن مڙني ثبوتن سان گڏ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ مارچ 2009ع کان جنوري 2013ع تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ ڪالم شامل آهن. جيڪي ان دور جي جيئري جاڳندي تاريخ آهن.
  • 4.5/5.0
  • 409
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

سنڌوءَ جي سير مان نئين سنڌ جو جنم

گنجي ٽڪر جي ڪيمپ ۾ ڀاڳڀري ڊاڪٽرياڻيءَ يا ڪنهن دائيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ هڪ ننڍڙي جيو کي جنم ڏئي ٿي. پيڙائن ۾ ورتل ماءُ پنهنجي ننڍڙيءَ جو نالو 2 هفتا اڳ کيس پنهنجي گهر مان بي گهر ڪندڙ سنڌونديءَ جي نالي پويان درياهه خاتون رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن وقت سندس سوچن جو محور ۽ مرڪز سنڌوندي ئي تي آهي. جنهن کيس غوثپور جي گهر مان ڪڍي حيدرآباد جي گنجي ٽڪر تي اچي رهڻ تي مجبور ڪيو آهي. پوءِ به هن کي پنهنجي درياءَ سان عشق آهي، ان ڪري ئي هوءَ پنهنجي پهريٺي ڌيءُ جو نالو به ساڻس منسوب ڪري ٿي. ڀاڳڀريءَ جو اهو فلسفو اهي نام نهاد ”قومي“ دانشور ۽ مفڪر ڪڏهن به سمجهي نه سگهندا، جن هن ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي يا وري سنڌوءَ جو پاڻي سندن ٿڄ ۾ شامل ناهي. ڀاڳڀريءَ وانگر سنڌو درياهه سان عشق اهي ماڻهو ڪري نه ٿا سگهن، جن جو تن سنڌوءَ جي مٽيءَ مان ڳوهيل ناهي. هو ڌرتيءَ جا پٽ ناهن، ان ڪري ئي سندن وٽ ديس سان محبت جو ماپو مائي ڀاڳڀريءَ وارو موجود ناهي. انهن ئي ماڻهن لاءِ سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز چيو آهي:
جي تو اڃان نه ڄاتو. آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو تنهنجي مٽي اڻاسي!!
نام نهاد قومي دانشور ۽ مفڪر ته سنڌوءَ جي نانءَ ۽ نشان مٽجي وڃڻ جو يقين ڪري ويٺا هئا، هنن کي ته پڪ ٿي وئي هئي ته هاڻي سنڌو وهڻو ناهي. سنڌو جي نالي تي هي ديس سنڌ باقي ڪجهه ڏهاڪن جو مهمان آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ان ديس جو بنياد سنڌو ئي نه رهندو ته پوءِ سنڌ ڪيئن جيئري رهي سگهندي. پر درياهه ۽ انهن جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڌرتيون ڪنهن جي خواهشن جون غلام نه هونديون آهن. درياهه ديسن جي وجود جي ضمانت هوندا آهن. اتان جي ماڻهن جي سڃاڻپ هوندا آهن، سنڌ ديس ته وجود ئي درياهه سنڌ جي پيٽ مان ورتو آهي. سنڌو درياهه هن ڌرتيءَ جو خالق آهي. اهو ڪيئن ٿو پنهنجي تخليق کي ميسارجڻ ڏئي. اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ويٺل آقائن ته منهنجي ديس کي سڪائي ساڙي ڀسم ڪرڻ جا سڀ بندوبست مڪمل ڪري ڇڏيا هئا. زبردستي ڪينال، ڊيم ۽ ٻيا پاڻي بند ڪرڻ جا سڀ حربا استعمال ڪيا ويا. سنڌ واسين جي هڪ به نه ٻڌي وئي. سنڌوءَ ۾ پاڻي بند ڪري سمنڊ کي سنڌ جي سرزمين ڳڙڪائڻ جا پروانا عطا ڪيا ويا. پر هو فطرت جي اصولن کان اڻ واقف هيا. هنن درياه جي مستي ۽ موج نه ڏٺي هئي. ان ڪري ئي هنن سنڌو درياهه کي زنجيرن ۾ قيد ڪرڻ جون بيسود ڪوششون ڪيون. سنڌ کي سڪائي برپٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ جو مانڊاڻ مچايو. پر سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن شاعر وانگر اهو يقين هو ته:
ڪيسين سوڪهڙو رهندو، سنڌو نيٺ ته وهڻو آ
جو سور مليو، سو سهڻو آ، سنڌو نيٺ ته وهڻو آ.
سال 2010ع جي آگسٽ مهيني ۾ سنڌو سڀ بند ۽ لوڙها لتاڙيندو پنهنجي تخليق کي بچائڻ لاءِ گڊو بئراج وٽان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. سنڌوءَ جون لهرون 50 سالن کان سڪي ٺوٺ ٿي ويل ڌرتي کي محبوب جي ڳلن وانگر چمن ٿيون. رڻ گجي ٿو، راڙو ٿئي ٿو. سڀ ڪجهه اٿلي پٿلي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته مهراڻ جون موجون پنهنجو فطري دڳ تلاش ڪن ٿيون، وڏيرڪن مصنوعي بندن کي ملياميٽ ڪري ڇڏين ٿيون. هڪ مهيني جي اندر درياهه لڳ ڀڳ سڄي سنڌ اٿلائي رکي ٿو. اتر کان لاڙ تائين، ڪشمور کان ڪاڇي تائين درياهه سنڌ جي سڪل زمين کي ٻيهر سرسبز ۽ آباد ڪرڻ جو وچن نڀاهي ٿو.
درياهه سنڌ کي تباهه ڪرڻ نه پر سرسبز ۽ آباد ڪرڻ لاءِ ڌوڪي اچي ٿو پر اسان جي حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ ۾ تباهي ۽ بربادي اچي وڃي ٿي. هزارين ڳوٺ ۽ شهر صفحه هستيءَ تان مٽجي وڃن ٿا. لکين ديس واسي بي گهر ٿي وڃن ٿا. معصوم ٻار، ٻڍا، عورتون درياهه جي سيرن ۾ لڙهندي نظر اچن ٿيون. انهن ماڻهن کي درياهه نقصان ڏيڻ ته ڪونه آيو هو، پر هو بي گناهه ۽ معصوم ماڻهو حڪمرانن جي ڪوتاهين، ڪرپشن ۽ ڪٺورپڻي سبب هڪ قيامت کي منهن ڏين ٿا. ڀاڳڀري وچ سيرن مان لڙهندي، ڪو ترهو هٿ اچڻ تي ريل گاڏين ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي، گنجي ٽڪر جي ڪيمپ تي پهچي ٿي. ڀاڳڀريءَ کي خبر آهي ته کيس سنڌو درياهه نه لوڙهيو آهي، پر انهن وڏيرن، وزيرن ۽ ڪامورن غوطا کارايا آهن، جن گذريل پنجاهه سالن کان سنڌو جا بند مضبوط ڪرڻ لاءِ آيل ڪروڙين رپيا پنهنجن ڀڀن ۾ ڀريا آهن. سنڌ جي عوام جي پگهر جي پئسي کي سندن حفاظت لاءِ خرچ ڪرڻ بدران، مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦريو آهي. ڀاڳڀريءَ جي ڳوٺ ۾ ٻڏي مري ويل عورتن، معصوم ٻارڙن ۽ جوانن جا ته اڃا لاش به نه مليا آهن. سندس ڀاءُ جي ڪنوار به هن ٻوڏ ۾ لڙهي وئي آهي. جنهن اڃان 5 هفتا پهريان لانئون لڌيون هيون. ان نئين نويلي ڪنوار جو نالو ته هوءَ ڪنهن کي ڪانه ٿي ٻڌائي. پر ڀر ۾ ويٺل سندس ڀاءُ به پنهنجي وني ٻڏي وڃڻ تي درياهه تي ڪاوڙيل ڪونه آهي. جيڪڏهن سندس اکين ۾ موجود ڪاوڙ سنڌوءَ تي هجي ها ته هو ڀٽ ڌڻيءَ وانگر چئي ڏئي ها ته:
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي!!
پر هن کي خبر آهي ته سنڌ جي سهڻي، مومل، مارئي، سسئي ۽ بختاور کي سنڌوءَ ڪونه ٻوڙيو آهي. پر سنڌ جي ڌياڻين ۽ پٽن کي حڪمرانن جي نااهلي، لاپرواهي ۽ بدعنوانين ٻوڙيو آهي. سنڌوءَ جي بندن کي پاڻي نه پر انهن وزيرن ۽ ڪامورن جي روين ٽوڙيو آهي، جن گذريل اڌ صديءَ کان بندن جي نالي تي آيل اربين روپيا پنهنجي ڀڀن ۾ وڌا آهن. عورتن، مردن، پوڙهن ۽ معصوم ٻارڙن جي لڙهي وڃڻ جا ذميوار اهي ماڻهو آهن، جيڪي هن وقت واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي عوام کي ٻيهر سندن همدرد ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪي اڄ عوام جا هڏڏوکي بڻجي کين ڪوڙيون تسليون ڏئي رهيا آهن، سي ئي اصل ۾ معصوم ماڻهن جا قاتل آهن. بند ڀڄندڙ به اوترائي ڏوهاري آهن جيترا ماضي ۾ انهن جي مرمت نه ڪرائيندڙ مجرم آهن. سندن پيجارن ۽ بنگلن تي معصوم ماڻهن جي رت جون ڦڙنگيون لڳل آهن.
ان ڪري ڀاڳڀريءَ جو ڀاءُ جيڪڏهن شاهه لطيف جي مٿين شعر کي موجوده حالتن ۾ ڪجهه هن طرح ترميم ڪري پڙهي ته مٿس ڪابه ميار نه آهي:
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن
حڪمران توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!
سنڌ جا جيڪي بدخواهه سمجهن ٿا ته هاڻي هيءَ قوم ٻيهر اٿي نه سگهندي. عزت سان جيئي نه سگهندي، حالتن جو مقابلو ڪري نه سگهندي، انهن لاءِ موهن جي دڙي جو مثال موجود آهي ته:
موهن جي دڙي جيان دٻجي اوچا رهنداسين.
ڪيمپن ۾ جنم وٺندڙ ٻالڪ اسان جو ايمان ان ڳالهه ۾ وڌيڪ پختو ڪن ٿا ته سنڌوءَ جي سير مان نئين سنڌ جنم وٺندي. ڏکيون حالتون هن قوم کي نئون حوصلو بخشينديون. جيئڻ جا نوان دڳ ڏسينديون. ڇاڪاڻ ته قومون ههڙن هاڃن ۽ تباهين مان ئي ڪر مروڙي اٿي پونديون آهن ۽ نئين صحتمند زندگيءَ جو آغاز ڪنديون آهن. زلزلا، طوفان، سامونڊي چاڙهه ۽ تباهه ڪن ٻوڏون ستل قومن کي ڇرڪ ڏئي جاڳي پوڻ تي مجبور ڪري وجهنديون آهن. هيءَ وڏي ٻوڏ به اڌ صديءَ کان ننڊ پيل سنڌي سماج کي جنجهوڙي جاڳائيندي. کين نئين ۽ بهتر مستقبل جي اڏاوت جو حوصلو عطا ڪندي.
ڀاڳڀريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ درياهه خاتون نئين سنڌ جي جنم جي اميد کڻي آئي آهي. هن اسان لاءِ نياپو آندو آهي ته اسان ماضيءَ جي ڪمزورين، ڪوتاهين ۽ لاپرواهين کي سنڌوءَ جي ٻوڏ ۾ لوڙهي ڇڏيون. اسان نئين حوصلي ۽ همت سان نئين سنڌ جي اڏاوت لاءِ اٿي کڙا ٿيون، سڀ رڪاوٽون ٽوڙي پنهنجا شهر پنهنجي وارثيءَ هيٺ آڻيون، پنهنجا واهڻ نئين سر اڏيون. ڇاڪاڻ ته هاڻي اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي پر حاصل ڪرڻ لاءِ سڄو جڳ جهان موجود آهي. اچو ته سڀ لاڳاپا لاهي، سياسي اختلاف، برادري تڪرار ۽ گروهي مفاد سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻيءَ ۾ اڇلائي متحد ۽ متحرڪ ٿي نئين ۽ بهتر سنڌ جي اڏاوت ڪريون.

(ڇپيل: روزاني عوامي آواز ڪراچي ۽ روزاني سنڌ حيدرآباد، 5 سيپٽمبر 2010ع)