سنڌ جي نامياري اديب ۽ صحافي رڪ سنڌيءَ جو انٽرويو
جواب: ادا، آئون 5 آگسٽ 1961ع تي ڪنڊيارو ضلعي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ جنم ورتو. پرائمري تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي. جڏهن ته ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ ڪنڊيارو شهر جي اسڪول ۽ ڪاليج مان ڪئي. بعد ۾ آئون گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاهه ۾ بي ايس سي ۾ داخلا ورتي. پر هڪ سال بعد ڪجهه سياسي سببن ڪري 2 سالن لاءِ ڪاليج مان ريسٽيڪيٽ ڪيو ويس. جنهن کان پوءِ 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. ان کان پوءِ آئون ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهو شايد 1985ع جو سال هيو جو مون ڪراچيءَ ۾ اچي پنهنجي عزيزن سان رهائش اختيار ڪئي ۽ هڪ خانگي اداري ۾ ملازمت حاصل ڪري ورتي. ان دوران ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ اتي موجود ماڻهن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ان بعد وري اسان جي خاندان سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. اتي هڪ يونين ڪائونسل ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ورتي. اوهان کي مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته مون کي ڪراچيءَ ۾ سرڪاري ملازمت پنهنجي شاديءَ واري ڏهاڙي تي ملي. ٿيو ايئن جو ڪراچيءَ ۾ انسپيڪٽوريٽ آف مائينس ۾ بشير احمد انصاري سنڌ جو چيف انسپيڪٽر هيو. جنهن سان ان ئي کاتي ۾ موجود پنهنجن عزيزن جي معرفت عليڪ سليڪ هئي. شاديءَ واري ڏهاڙي منهنجي هڪ عزيز سڪرنڊ مان بشير انصاريءَ سان فون تي ڳالهائيندي کيس ٻڌايو ته مون اڄ شادي ڪئي آهي. جنهن تي هن (بشير انصاري صاحب) مون سان فون تي ڳالهايو ۽ شاديءَ جي مبارڪ ڏيندي چيو ته اڄ مان اوهان جي نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍان ٿو. اوهان اچي ٻن ڏينهن ۾ ڊيوٽي جي رپورٽ ڪيو. اهڙي طرح منهنجي شادي 12 مارچ 1987ع تي ٿي ۽ مون 15 مارچ 1987ع تي وڃي ڪراچيءَ ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي. جنهن بعد 16 سالن تائين ڪراچيءَ ۾ رهيس. منهنجا ٻه پٽ اتي ئي پئدا ٿيا ۽ پڙهيا. جڏهن تي حيدرآباد ۾ 1999ع جي آخر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي آهي.
سوال: اوهان جنهن شعبي ۾ آهيو، ان ۾ اچڻ جو پنهنجو شوق هيو يا ڪنهن کان متاثر ٿيو. يا ڪنهن جي سڀاءَ ۾ اچي ان شعبي کي اختيار ڪيو؟
جواب: آئون جولاءِ 1990ع ۾ روزاني عوامي آواز جي سب ايڊيٽر طور صحافت جو شعبو اختيار ڪيو. ان کان اڳ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم، مضمون لکندو رهندو هوس. جنهن ڪري صحافت جي شعبي سان واسطو قائم هيو. سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ صحافي جناب فقير محمد لاشاري عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر مقرر ٿيو. اهو اخبار جو بلڪل شروعاتي دور هيو. منهنجي فقير صاحب سان هلال پاڪستان ۾ لکڻ جي ناتي واسطيداري قائم هئي. هڪ ڏينهن لياريءَ ۾ ساڻس ملاقات ٿي ته پاڻ عوامي آواز اخبار جي آفيس ۾ وٺي هليا ۽ شام جو واندو هجڻ جو ٻڌي ان ئي ڏينهن عوامي آواز ۾ ملازمت ڏني. اهڙي طرح آئون اديب ۽ ليکڪ بعد صحافي به ٿي ويس. فقير محمد لاشاريءَ جو سڀاءَ ئي منهنجو هن شعبي ۾ اچڻ جو اڪيلو سبب هيو. جنهن بعد آئون روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وقت به روزاني سنڌ حيدرآباد سان لاڳاپيل آهيان.
سوال: هن وقت اوهان جنهن شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو، ان شعبي ۾ نه هجو ها ته ڪهڙي شعبي ۾ هجو ها؟
جواب: دوست، آئون بنيادي طور تي اديب ۽ ليکڪ آهيان. مان شروعات کان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي. باقي نوڪريون ته پيٽ پالڻ لاءِ ڪرڻيون پون ٿيون. منهنجي هن وقت به ترجيح سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ کي آهي. پر معاشي مجبورين سبب ملازمت ڪرڻي پوي ٿي. آئون صحافت جي شعبي کي به ان ڪري اختيار ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان شعبي جو واسطو به لکڻ پڙهڻ سان آهي. پنهنجي ڌرتيءَ ۽ عوام لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ هيءُ شعبو به مددگار ٿئي ٿو. جيڪڏهن هن شعبي ۾ نه هجان ها ته ٻيو ڪوبه شعبو منهنجي سنڌ بابت هلندڙ تحقيق ۾ مددگار ثابت نه ٿي سگهي ها.
سوال: توهان اڄ تائين ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، انهن جا نالا ۽ انهن ڪتابن مان توهان جو ڪهڙو ڪتاب گهڻو مشهور ٿيو؟
جواب: منهنجا 6 يا 7 ڪتاب شايع ٿيل آهن. جڏهن ته سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. منهنجي لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“، ”ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو“، ”سنڌي قوم جو مقدمو“، ”سنڌ جي سياسي صورتحال“، ”سنڌ آزادي ۽ انقلاب“، ”تاريخ جي لاٽ“، ”قاضي فيض محمد“، ”سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد“، ”اڄ جي سنڌ“ ۽ ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ڪتاب شامل آهن. منهنجو ڪتاب ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ پڙهيو ويو. هيءُ ڪتاب مختلف سياسي ڌرين طرفان پنهنجي ڪارڪنن جي تربيتي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو. هن ڪتاب جا 2 ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. ۽ گذريل 10 سالن کان مارڪيٽ ته ڇا پر خود مون وٽ به موجود ناهي. مون ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن. جن ۾ بينظير ڀٽو جو ڪتاب ”پاڪستان طوفان جي گهيري ۾“ به هڪ آهي. جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا آهن. جن ۾ ”باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“، ”سنڌي ٻولي رت رتولي“ ۽ ٻيا شامل آهن.
سوال: پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ توهان ڪهڙين شين يا ڳالهين تي گهڻو فوڪس ڪيو آهي؟
جواب: منهنجي لکڻين جو محور پنهنجو وطن ۽ ان جا ماڻهو رهيا آهن. آئون بنياد پرستيءَ ۽ فرقيواريت جي سخت خلاف رهيو آهيان. سوشلسٽ ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ آهيان. جنهن ڪري ان موضوع تي ويجهڙائي ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. پنهنجي ڌرتيءَ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ جاکوڙڻ منهنجي لکڻين جو خاص محور رهيو آهي.
سوال: شعر ۽ شاعري ۾ ڪيترو شوق آهي؟
جواب: شعر ۽ شاعريءَ سان پڙهڻ جي حد تائين لڳاءُ آهي. شروعات ۾ شاعري به ڪئي پر سنڌ جي تاريخ تي ڪم نه هجڻ برابر ڏسندي شاعريءَ کي ڇڏي تحقيق جي ڪم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. خاموشيءَ سان ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏيندو آهيان. هروڀرو جي نماءَ کان پاسو ڪندو آهيان. هروڀرو واهه واهه ڪرڻ يا پنهنجي لاءِ ڪرائڻ پسند ناهي. اصل مسئلو ڪم ڪرڻ آهي. باقي پنهنجي شان ۾ جلسا، تقريبون، شامون وغيره منعقد ڪرائڻ کان بڇان اٿم. اصل اهميت ڪم جي آهي.
سوال: ليکڪن ۽ شاعرن ۾ ڪهڙو شاعر ۽ ليکڪ کان گهڻو متاثر آهيو ۽ ڇو؟
جواب: اوهان پڇيو ته ليکڪن ۽ شاعرن ۾ ڪنهن کان متاثر ٿيو آهيان ته آئون شاهه، سچل ۽ شيخ اياز کي گهڻو پڙهيو آهي. شيخ اياز کي سنڌ جو وڏو شاعر تسليم ڪريان ٿو. ڀٽائي بلاشڪ پنهنجي دور جو وڏو شاعر هيو. پر موجوده دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر شيخ اياز آهي. جديد سنڌ جي اڏاوت ۾ شيخ اياز جو ڪردار لافاني آهي. اهڙي طرح نثر ۾ سراج الحق ميمڻ ۽ آغا سليم منهنجي لاءِ وڏا نالا آهن.
سوال: جنهن شعبي ۾ توهان آهيو، ان جو مستقبل ڇا ٿا ڏسو؟ ڇا هي شعبو هلندڙ دور ۾ اخلاقيات جي اصولن جي پورائي ڪري ٿو؟
جواب: صحافت جو اصل ڪم آهي ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ، جنهن جي هميشه ضرورت هوندي آهي. جيستائين انسان هن ڌرتيءَ تي وجود قائم رکي ٿو، تيستائين صحافت جو شعبو به ساڻس لاڳاپيل رهندو. ان ۾ وقت ۽ حالتن جي حساب سان ترقي ٿيندي. نواڻ ايندي. باقي صحافتي اخلاقيات ۽ اصول وغيره ان ۾ موجود ماڻهو بڻائيندا آهن. جهڙو معاشرو هوندو. صحافت به ان جي ئي عڪاسي ڪندي. ان ۾ حالتن جي مطابق تبديليون اينديون رهنديون. ڪابه شيءَ خراب نه هوندي آهي. اصل ۾ ان کي استعمال ڪندڙ ماڻهن تي اها ڳالهه منحصر آهي ته هو ان کي ڪيئن ٿا پنهنجي ڪارج لاءِ استعمال ڪن. جيئن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا آهي. ان جو استعمال اوهان تي آهي. انٽرنيٽ مان اوهان دنيا جهان ۾ ايندڙ تبديلين، نين ايجادن، علم ۽ سائنس بابت معلومات وٺڻ چاهيو ٿا يا ان کي اڪيلائي ۾ ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا. اهو اوهان تي منحصر آهي. اوهان ڪهڙو ٽي وي چينل ڏسڻ پسند ڪريو ٿا. ان جو ريموٽ ڪنٽرول جي صورت ۾ اختيار اوهان وٽ آهي.
سوال: توهان هڪ ليکڪ هجڻ جي ناتي پاڪستان جو مستقبل ڇا ٿا ڏسو؟ ۽ نوجوانن کي ڪهڙيون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن؟
جواب: پاڪستان اصل ۾ هتي موجود قومن جي وجود جو نالو آهي. ان جي پنهنجي ڪا به علحده حيثيت ناهي. جيڪڏهن هتي موجود قومن جو مستقبل سڻائو ٿيندو ته ان سان پاڪستان جو مستقبل به محفوظ رهندو. ان لاءِ نوجوانن کي علم ۽ هنر سان پاڻ کي هٿياربند ڪرڻو آهي. پنهنجي ذميواريون ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻيون آهن. هيءُ چٽاڀيٽيءَ جو دور آهي. هتي رعايتون طلب نه ڪيو پر پنهنجي علم ۽ لياقت سان پنهنجي اهميت مڃرايو. سڄي دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. علم ۽ سائنس جي حساب سان سرحدون بي معنى بڻجي چڪيون آهن. سنڌي نوجوان پنهنجي ٽيلنٽ ذريعي سڄي دنيا ۾ هليا وڃن. سڄي دنيا سندن ديس آهي.
سوال: ملڪ جي تعليمي ادارن لاءِ ڇا چوڻ چاهيندوءِ؟
جواب: سنڌ جي تعليمي ادارن کي حافظ پئدا نه ڪرڻ گهرجن، پر اسان کي ماهر گهرجن. خاص ڪري يونيورسٽين ۾ جديد علم، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. اسان کي ڊگرين وارا ڪلارڪ ٽائيپ بابو نه گهرجن. پر پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪا نئين تحقيق ڪندڙ سائنسدان گهرجن. هن وقت اسان جون يونيورسٽيون جاهلن جون فوجون تيار ڪري رهيون آهن. يونيورسٽين اندر پروفيسر کي پنهنجي شعبي ۾ ڪا نئين تحقيق ڪرڻ بدران پنهنجي هائوس رينٽ ۽ پگهار وڌائڻ جو وڌيڪ فڪر آهي. اهو رجحان بند ٿيڻ گهرجي.
سوال: توهان جي ڪهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟ زندگيءُ جو ڪو يادگار واقعو؟
جواب: آئون چاهيان ٿو ته معاشي مجبورين مان فارغ ٿيڻ بعد ايترو وقت ملي جو پنهنجي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ واري پروجيڪٽ کي مڪمل ڪري سگهان.
[b]ورتل: 9 آگسٽ 2010ع
[/b](سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي جرنل ۾ شايع ٿيل، شمارو آگسٽ 2010ع)