ڪالم / مضمون

سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

هي ڪتاب ليکڪ، صحافي ۽ محقق رُڪ سنڌيءَ جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو سھيڙيل مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ آگسٽ 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهي جا دردناڪ داستان بہ موجود آهن تہ ساڳي وقت حڪمران ڌر طرفان ٻوڏ متاثرن سان امداد جي نالي تي ڪيل ٺٺوليون بہ پنهنجن مڙني ثبوتن سان گڏ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ مارچ 2009ع کان جنوري 2013ع تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ ڪالم شامل آهن. جيڪي ان دور جي جيئري جاڳندي تاريخ آهن.
  • 4.5/5.0
  • 409
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙو

پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي وارو سلسلو جاري آهي. سنڌوءَ مان سنڌ جي حصي جو زبردستي پاڻي کنيو پيو وڃي. ڪالهه سنڌ حڪومت پاڻي تي ان ڌاڙي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هو اهو ڌاڙو روڪرائڻ ۾ بي وس آهن. آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجي چيو آهي ته پنجاب ۽ وفاق آڏو احتجاج ڪيا آهن پر سنڌ حڪومت بيوس آهي ۽ پاڻي جي زبردستي چوري روڪرائي نه ٿي سگهي. هن اهو به چيو آهي ته اسلام آباد کي 85 سيڪڙو پاڻي ارسا جي منظوري سان فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي کي به ٻين صوبن جي حصي مان پاڻي ملڻ گهرجي. هن ڪالهه انڊس رور ڪميشن جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اهڙو اعتراف ۽ بيوسي جو اظهار ڪيو آهي.
سنڌ جي آبپاشي وزير جي ان بيوسي مان ظاهر ٿئي پيو ته پنجاب ارسا سان ملي ڪري سنڌ جو پاڻي ڦٻائي رهيو آهي. پنجاب ان سلسلي ۾ ڪنهن به قانون ۽ ضابطن کي خاطر ۾ آڻڻ لاءِ تيار ناهي. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، پر چشما لنڪ ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال ۽ ٻين چينلن ذريعي سنڌ جو پاڻي کنيو پيو وڃي. سنڌ سوڪهڙي جو شڪار آهي. روزانو لکين آبادگار پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. پاڻي نه ملڻ سبب هتان جا واهه ۽ ڪينال سڪي رهيا آهن. فصلن جي پوکائي نه پئي ٿئي، ايتري قدر جو بدين، ٺٽي ۽ ميرپورخاص ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي، ڍور ڍڳا اڃ مري رهيا آهن، پر پنجاب سنڌ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان معاملي تي وفاقي حڪومت به خاموش آهي، سنڌ حڪومت به فقط اعتراف ڪرڻ کان اڳتي نه ٿي وڌي. پاڻي سنڌ جي موت ۽ حياتي جو مسئلو آهي، پر ان لاءِ ڪابه اثرائتي ڪوشش ٿيندي نظر نه ٿي اچي. هن وقت جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ هڪ ئي پارٽي جي حڪومت آهي ته پوءِ اها ايڏي بيوسي ڇو آهي. ڇا ڪٿي ايئن ته ناهي ته پنجاب کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ کي قربان ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي قيمت تي سياسي مفاهمت جي نالي تي اقتدار کي دوام بخشڻ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. پاڻي سنڌ جي 5 ڪروڙ ماڻهن جي جياپي جو مسئلو آهي، جيڪو ڪنهن به سياسي مفاهمت کان مٿانهون هجڻ گهرجي. پر ان تي به جيڪڏهن سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي انتهائي افسوسناڪ ڪوشش هوندي.
هڪ طرف سنڌ جي آبپاشي وزير سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو اعتراف ڪيو آهي ته ٻئي طرف اهي به اطلاع مليا آهن ته ارسا ھلندڙ خريف سيزن ۾ پھريون ڀيرو ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ کي بنياد بڻائي اڪثريتي راءِ سان سنڌ جي پاڻي انڊينٽ ۾ 5 ھزار ڪيوسڪ ڪٽوتي ڪرڻ ۽ تڪراري چشما لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌوءَ مان 21700 ڪيوسڪ پاڻي چناب زون ۾ منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ارسا جي پاڻي ڊيٽا مطابق سنڌوءَ مان پنجاب جي تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال لاءِ پاڻي فراھمي وڌائي 21700 ڪيوسڪ ڪيو ويو آھي، جيڪو پاڻي جهلم ندي کان پنجاب جي چناب زون ۾ منتقل ڪيو ويندو. ان حوالي سان ارسا چناب درياءَ ۾ پاڻي گھٽجي وڃڻ سبب سي جي ۾ پاڻي فراھمي وڌائي وئي آھي ته جيئن چناب زون کي پاڻي فراھم ڪري سگھجي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ شرط پنجاب سي جي لنڪ ڪئنال کي پاڻي فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنھن جي سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ارسا چيئرمين مظفر شاھه اھو چئي مخالفت ڪئي ته ڪوٽڙي کان ھيٺ ويندڙ پاڻي اصل ۾ منڇر ڍنڊ ۾ نئين گاج جو آيل پاڻي آھي، اھو درياءَ جو پاڻي ناھي. پر پنجاب جو نمائندو خيبرپختونخوا ميمبر جي مدد سان سي جي ذريعي سنڌوءَ مان چناب زون ۾ پاڻي منتقل ڪرائڻ وارو فيصلو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان فيصلي سان گڏ ارسا اڪثريتي بنياد تي سنڌ جو انڊينٽ 5 ھزار ڪيوسڪ گھٽائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آھي، جنھن جي ارسا چيئرمين سنڌ جي ميمبر طور توثيق ناھي ڪئي. سنڌ جي انڊينٽ لاسز سان گڏ 2 لک 10 ھزار ڪيوسڪ مان گهٽتائي 2 لک ۽ ڪالهه وڌيڪ 5 ھزار ڪيوسڪ گھٽائي ھڪ لک 95 ھزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف دريائي وھڪرن ۾ ٻيهر گھٽتائي جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، جنھن سبب ڏينھن ٻن ۾ تربيلا ڊيم مان پاڻي کڻت شروع ڪرڻ جا امڪان آھن.ڪالهه سنڌوءَ سميت ملڪ جي چئن ئي دريائن جا وھڪرا 3 لک 54 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا آھن، جنھن مان 59000 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪري 2 لک 95 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ھيٺ ڇڏيو ويو آھي. ٻئي طرف تربيلا وٽ سنڌوءَ جو مٿيون وھڪرو ھڪ لک 97 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جنھن مان 37 ھزار ڪيوسڪ ذخيرو ڪري باقي ھڪ لک 60 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ھيٺ جاري ڪيو ويو، هن وقت تربيلا ۾ پاڻي ذخيرو 78 فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آھي. هوڏانهن نوشھره وٽ ڪابل درياءَ ۾ مٿين سطح جي ٻوڏ برقرار آھي، جتي پاڻي جا وھڪرا 69900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته منگلا وٽ جھلم درياءَ جي وھڪرن ۾ رڪارڊ لاٿ آئي آھي، جتي مٿيان وھڪرا فقط 36300 ڪيوسڪ رھجي ويا آھن، جنھن مان 21300 ڪيوسڪ ذخيرو ڪري باقي 15000 ڪيوسڪ پاڻي ھيٺ ڇڏيو ويو آھي، جڏھن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو 102 فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آھي، ڪالهه چناب درياءَ جا وھڪرا 50886 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا.
ارسا کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو چشما جهلم لنڪ ڪينال سان ڪوبه واسطو ناهي. پاڻي ٺاهه ۾ اهو ڪٿي به لکيل ناهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه جو پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو ويو ته ان لاءِ ضروري آهي ته پنجاب کي به سي جي ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هي سڀ سڌي ارهه زورائي آهي. پنجاب پاڻي واري لولي لنگڙي 91ع واري ٺاهه کي به ڪڏهن تسليم نه ڪيو آهي، پنجاب ڪنهن به معاهدي جي پاسداري نه ڪئي آهي. جنهن سبب پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. هاڻي وري تڪراري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. جيئن عدالتن جو سهارو وٺي سنڌو درياهه جي نڙي تي ننهن ڏئي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ هن تڪراري رٿا بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيا آهن. جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالف ڌرين کي به طلب ڪيو ويو آهي. هي به هڪ پنجاب جي خطرناڪ چال آهي ته هن رٿا تي عدالت ذريعي عمل ڪرايو وڃي. پر ان معاملي ۾ اها ڳالهه وساري وئي آهي ته قومن وچ ۾ تڪراري فيصلا عدالتن ۾ نه ٿيندا آهن، قومون عدالتن جي پنجن ججن جي فيصلن جون محتاج نه هونديون آهن. پر هو پنهنجي بري ڀلي جو فيصلو سياسي فورمن تي پاڻ ڪنديون آهن. ڪروڙين ماڻهن جي قسمت جا فيصلا عدالتي ڪوٺڙين ۾ ويٺل پنج ست ملازم ٽائيپ جج سڳورا ڪرڻ جو اختيار نه ٿا رکن. ان ڪري سنڌ حڪومت کي لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌائڻ گهرجي ته تڪراري ڪالاباغ ڊيم کي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن، ان ڪري اهو معاملو عدالتي اختيار کان ٻاهر آهي. ان معاملي کي جيڪڏهن عدالتي فورمن ذريعي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان کي سنڌ جا 5 ڪروڙ ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندا ۽ نه وري اهڙي فيصلي جا پابند هوندا.